سر ڪاموڏ
“ڪاموڏ” ڪامودا جو بگڙيل روپ آهي. جنھن جومطلب آهي “ڪام يا پريم وهيڻي”، “ڪامودا” ...(هيء) سمپورڻ راڳڻي آهي. ۽ ٻن پھرن جو ڳائبي آهي. هن سرت ۾ وصل جي ميٺاڄ جي وائي آهي.”
ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جو پڻ ساڳيو ئي خيال آهي.
“ڪاموڏ سنسڪرت لفظ ڪامودا جي بگڙيل بناوت آهي.جنھن جي معنيٰ آهي ڪام وهيڻي. هندستاني گوين مطابق ڪاموڏ هڪ راڳڻي جو جو نالو آهي.”
جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آهي ته:
“سنڌ ۾ نوري ڄام تماچي جي ڪھاڻي بابت جيڪي ڪافيون ڳايون وينديون هيون. يا اڄا بہ ڳائجن ٿيون تن کي “سنڌي سر ڪاريل”، (جيڪو شاھ سائين جي سر ڪارايل کان الڳ آهي) ۾ شمار ڪيو ويندو هو. .. شاھ جي راڳ تي تحقيق ڪندي معلوم ٿيو تہ سر ڪاموڏڪجهہ فرق سان هندستان جي راڳ “ڪدارا” سان ملي جلي ٿو.”
ڪاموڏ راڳڻيءَ جي تصوير بابت ڊاڪٽر عبالجبار جوڻيجو صاحب لکي ٿو:
“راڳ مالا ۾ ڪاموڏ جي شڪل يعني تصوير هيئن ڏنل آهي: ڪامود هڪ سندر ڪامڻي آهي، جنھن جو بدن سون ورنو آهي. کيس اڇو ڪنجرو ۽ ڳاڙهي ساڙهي پھريل آهي. وڻن جي جهڳٽي ۾ پئي گهمي ۽ خوبصورت آواز ۾ بره جو نغمو ڳائي رهي آهي.”
جڏهن تہ ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب لکي ٿو تہ ڪاموڏ هڪ ديوي آهي جيڪا کير جو سمنڊ ولوڙڻ مھل ٻاهر نڪري آئي هئي. شوق صاحب “ڪاموڏ” بابت Puranic Encyclopedia جي حوالي سان هڪ ڳالھ درج ڪئي آهي، تہ ديون ۽ آسورن جي جنگ ۾ جڏهن آسور “ويھند” تپسيا شروع ڪئي تہ ديو ڊڄي وڃي مھا وشنو کي ٻاڏائڻ لڳا، جنھن کين آٿٿ ڏئي موٽايو ۽ پاڻ هڪ خوبصورت عورت جو روپ وٺي ويھند جي ڳولھا ۾ نڪري ويو. ٻنھي جي ملاقات هڪ باغ ۾ ٿي، جتي ويھند کيس شاديءَ جي آڇ ڪئي، جيڪا هن هڪ شرط تي قبولي تہ هو جڏهن شو ديوتا کي ست ڪروڙ ڪاموڏ جي گلن جي ڀيٽا ڏيندو ۽ کيس پڻ ڪاموڏ جي گلن جو هار پارائيندو تہ هوءَ ساڻس وهانءُ رچائيندي. ڪاموڏ جي گلن جي ڳولھا دوران ويھند جي ملاقات شوڪر نالي بنواسي رشي سان ٿي، جنھن کيس ٻڌايو تہ “ڪاموڏ نہ گل آهي ۽ نہ وري ڪو وڻ آهي. پر اهو هڪ ديوي جو نالو آهي جيڪا کير جو سمنڊ ولوڙڻ مھل ٻاهر نڪري پئي هئي. اها هاڻي گنگا دوارا ۾ رهندي آهي. جڏهن خوشيءَ وچان کلندي آهي تہ نج اڇا گل سندس چپن تان ڪري وڃي گنگا ۾ پوندا آهن. هوءَ جڏهن ڏکياري هوندي آهي تہ انھن گلن جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي.”
سر ڪاموڏ تي اهو نالو ڪيئن بہ پيو هجي پر نوري ڄام تماچي جي رومانوي قصي جو محور نوريءَ جوحسن (جيڪو سندس نياز ۽ نوڙت سان منسوب آهي) ۽ تماچيءَ جو عشق آهي. نوريءَ جو حسن شاھ صاحب هن طرح بيان ڪيو آهي.
ڪينجهر ۾ باھ ٻري هيڏي وير ڪياءِ
نہ ڪو ورن وڄ جو، نہ ڪو شمس شعاع
لٿو پاند مھاءِ، مئي چڙهندي مڪڙيءَ.
(ڪاموڏ)1:36*
“لطيف وٽ نوريءَ جي اخلاقي حسن سان گڏ ان جو جيڪو شخصي حسن(جسماني سونھن) آهي، ان جو مثال دنيا جي ادب ۾مشڪل آهي، لطيف وٽ ان جو تصور نرالو آهي، نہ نوري گهور سان ٿي گهائي، نئي وري سندس تارن ۾ تبرون آهن... نہ چارو چنڊ جو نہ وري سج جو سرو آهي، ۽ نہ وري جهڙ آهي جو ڪاکنوڻ هجي. پوءِ اها روشني ڪٿان آئي، جنھن سڄي ڪينجهر کي روشن ڪري ڇڏيو. اهو نوريءَ جي حسن جو جلوو۽ ان جو پرتوو ۽ پاڇو هو. اها ان ونيءَ جي حسن جي ونڪ هئي، جنھن جي جلوا نمائي ۽ جلوہ آرائيءَکان سڄي ڪينجهر ٻھڪي اٿي.”
تھڙو ڪِنجهرَ ڪِينَ ٻِيو، جھڙي سُونھن سَندِياسِ؛
مَڏَ، مِياڻِـيُون، مَڪڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ؛
مورِڇَلَ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِيءَ تي هَڻي.
(ڪاموڏ)1:15
شاھ صاحب چوي پيو تہ نوري ڪينجهر ۾ ائين لڳندي هئي ڄڻ تہ اتي ڪا باھ لڳي هجي، سندس حسن جو شعاع ستارن ۽ سج وانگر هوندو هو، هو وڌيڪ چوي پيو تہ نوري جھڙي حسين ناري ڪينجهر ۾ ٻي ڪا ڪانہ هئي. يعني نوري تمام گهڻي خوبصورت هئي، جنھن ڪري ئي ڄام تماچي مٿس موهجي پيو مھاڻن کان نوري جو سڱ وٺي شادي رچايائين.
جھڙي طرح نوريءَ جي تصوير ڪشي شاھ صاحب ڪئي آهي ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ راڳڻي “ڪامودا” پڻ ائين ئي حسين آهي ۽ درست معنيٰ ۾ ان راڳڻيءَ ۾ ئي نوريءَ جي حسن کي پيش ڪري سگهجي ٿو.
شاھ صاحب فرمائي ٿو تہ نوري عام مھاڻين وانگر نہ هئي، هوءَ شڪل شبيھ ۽ ارڪاڻن ۾ مھاڻي لڳندي ئي ڪانہ هئي؛ ڄام تماچيءَ سان وهانءُ ڪرڻ کانپوءِ هو راڻين ۾ ايئن لڳندي هئي جيئن سرندي ۾ سڳو هوندو آهي. تڏهن ئي تہ سمي کيس سڃاڻي ورتو هو ۽ کيس پنھنجي پٽ راڻي بڻايو هئائينس.
هَٿين پيرين آرِکَڻين، مُنھن نہ مھاڻِي؛
جِئَن سَڳو وِچِ سُرِندَڙي، تِئن راڻِيُنِ ۾ راڻِي؛
اَصُلُ هُئي اُنَ کي، اَهۡلَ ڄاماڻِي؛
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانھن ۾.
(ڪاموڏ)1:14
شاھ صاحب نوري جي لاءِ چوي ٿو تہ هوءَ نڪو مڇي ماريندي هئي، نہ وڍيندي هئي ۽ نہ ئي وڪڻندي هئي. هن کي اهائي پر پسند هئي جيڪا سمي کي سوهندي هئي.
نہ وَڍي، نہ وِڪِڻي، نہ ماري نہ ڌاري؛
کارو وِڌائِين کُوہ ۾، نِرِتُون نھاري؛
سائِي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.
(ڪاموڏ)1:9
نہ وَڍي نہ وِڪِڻي، نہ کَڻي ۾ کاري؛
اُهِجَ، سُهِجَ ساهِمِيُون، ڌُرِيان نہ ڌاري؛
سائي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.
(ڪاموڏ)1:10
نوري جو وکر سندس نوڙت هئي، هن جنھن انداز سان تماچيءَ کي پاٻوڙو پيش ڪيو اهو انداز بادشاھ کي ايترو وڻيو جو سڀني بادشاهزادين جي سامھون هو نوريءَ کي پاڻ سان گاڏيءَ ۾ گڏ وٺي هليو ويو.
پاٻوڙو پيشِ ڪَيو، نَئون نُورِيءَ نيئِي؛
حاضُرُ هُيُون هَڪِيُون، سَمِيُون سڀيئِي؛
نَوازي نيئِي، گاڏِيءَ چاڙهِي گَندِرِي.
(ڪاموڏ)1:11
مھاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نہ گِيرَبُ نہ گاءُ؛
نيڻَنِ سِين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ؛
سَمو سَڀِنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سين.
(ڪاموڏ)1:12
نورِيءَ جي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجهلُ هوءِ؛
سَمو سِرُ سَڀِنِ ۾، مي مُورِڇِيو سوءِ؛
اَچيو اُڀِـيَن پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.
(ڪاموڏ)1:13
“هڪ غريب گندري جڏهن سمي سردار جي راڻي بڻجي وڃي ٿي تڏهن بہ سندس طبيعت ۾ ڪو گيرب ۽ گاءُ ڪونہ آيو. بلڪہ اڳي کان بہ وڌيڪ حلم ۽ هيٺاهين سان هلڻ لڳي. پنھنجي اصليت کي جو نہ وساريائين. هوءَ پاڻ کي عيبدار ۽ خطاوار سمجهندي رهي. مٿس دولت ۽ حشمت جو نشو ڪونہ چڙهيو. هيءَ غريب گندري سمي ڄام جي انيڪ احسانن جا ڳڻ هر وقت ڳائيندي رهي. حاڪم جي من تي حڪمراني ڪرڻ جي باوجود انھيءَ احساس هيٺ سدائين ڪنبندي رهي تہ ڪٿي هو مون مسڪين جا عيب قطاري، مونکان منھن نہ موڙي ڇڏي.” پر ڄام تماچيءَ کي سندس نوڙت ايڏي تہ وڻندي هئي جو هو انھن سمين ۽ سومرين کي ڪجهہ ڪو نہ سمجهندو هو جيڪي ناز ۽ سينگار سان اوچا ڳاٽ ڪري اينديون هيون.
کوءِ سَمِيُون! ٻَنِ سُومِريُون! جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ؛
وَرُ سي ڪِنجهرَ ڄائِيُون، جِن تَماچِيءَ جِي تاتِ؛
راڻِيُن مُلان راتِ، ماڻِڪُ مي پِرائِيو.
(ڪاموڏ)1:16
سر ڪاموڏ ۾ شاھ صاحب حسن ۽ جمال سان وابسطہ ٻين بہ ڪيترين ئي شين جو ذڪرڪيو آهي، جن ۾ هيرا، جواهر، موتي، ماڻڪ، سون، لعل، فيروزا، عطر عنبير ۽ خستوري وغيرہ شامل آهن. شاھ صاحب نوري ڄام تماچيءَ جي قصي کي ايترو تہ خوبصورتي سان بيان ڪيو آهي جو ڄڻ تہ ڪينجهر جو ماحول ئي مٽجي ويو آهي.
هِيري هَٿُ وِڌائِين، ويھي ساٽِينِ وِچَ ۾.
نَوازَشِ نُوريءَ جي، آهي تَماچِيءَ تائِين.
گَندَگِيءَ گوشو ڪَيو، عَطُرَ اوتَ اوتِيائِين.
اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائين.
پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو هَنڌُ ڪونہ مَٽِيائِين.
قِيمَت ڪَمِيڻَن سين، جَهِڙِيءَ وَٽَ وَٽِيائِين.
موتِي مڇِيءَ هَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِئن ڪَڍِيائِين.
ماڻِڪَ مِياڻِنِ ۾، ڇِلُرَنِ جِئن ڇَٽِيائِين.
ڏيئِي سونُ سُوال ۾، رُپي راندِ ڪَيائِين.
پاڻِـيَٺَ آڻي پاڻَ سين، لَعلُون سَڀِ لُٽِيائِين.
فيروزا فَقِيرَنِ تان، گهوري سَڀِ گهورِيائِين.
اُتي عَبۡدُاللَّطِيفُ چئِي، اُڇِلي اَمُلَ ڏِنائِين.
(وائي)
توڙي جو هن سر ۾ شاھ صاحب تشبيھون اهي ئي ڪتب آنديون آهن، جيڪي مھاڻن جي ماحول مطابق آهن. جيئن: “ماڻِڪَ مِياڻِنِ ۾، ڇِلُرَنِ جِئن ڇَٽِيائِين”، “موتِي مڇِيءَ هَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِئن ڪَڍِيائِين.” وغيرہ. يعني ماحول سڄو ڪينجهر ۽ مھاڻن جو ئي آهي. شاھ صاحب ڪينجهر تي ڄام تماچيءَ جي اچڻ کي ايڏو تہ حسين انداز ۾ پيش ڪيو آهي جو پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي ڪينجهر ڪاڪ وانگر ٿي لڳي. شاھ صاحب ڪينجهر جي فطري حسن کي ڪيڏي نہ حسين انداز سان تعبير ۽ تعمير ڪيو آهي. هو ڪينجهر کي اهڙي انداز سان خستوري ٿو سڏي جو سڄو ماحول معطر بڻجي اڀري اچي ٿو.
هيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراهَ؛
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءَ؛
لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِنجُهرُ هِندورو ٿِئي.
(ڪاموڏ)2:2
“you may be familiar with sea-poetry, river-poetry, rain-poetry and might have readvariuos aspects of water-symbole. But here in few stanzas latif has broght out the inner significance and beauty of lake poetry.”
هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪنڌِيءَ ڪَوۡنرَ تَرَنِّ؛
وَرِئي واهُوندَنِّ، ڪِنجُهرُ کَـٿُورِي ٿِئي.
(ڪاموڏ)2:4
هن سر ۾ شاھ صاحب نہ صرف تماچيءَ جو نوريءَ سان عشق ڏيکاريو آهي بلڪہ نوريءَ کي پڻ تماچيءَ تي مفتون ڏيکاريو آهي. نوري تماچيءَ کي اکين جو ٺار پئي سمجهي ۽ سڏي.
سِرُ سَلابَتَ سُپِرِين، مَرَڪَڻَ! تُون مَ مَريجِ؛
آهِيين ٺارُ اَکِـيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ؛
تَماچِي تڳيجِ، ڪو ڏِينھن ڪِنجُهرَ ڪَنڌِيـين.
(ڪاموڏ)2:1
نُورِيءَ جي نَوازِيو، ٿِيو تَماچِي تي؛
گاڏِيءَ چاڙهيءَ گَندِرِي، ماڙِهُو ڪَيو مي؛
ڪِنجُهرِ چُوندا ڪي، تہ سَچُ سَڀائِي ڳالَھڙِي.
(ڪاموڏ)2:6
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب نوريءَ جي لاءِ لکي ٿو:
“نوريءَ ۾ جيتري سونھن آهي، اوتري ئي نهٺائي... نوري بي مثال آهي. نہ اٿس ليلا ۽ مومل وارو هٺ ۽ غرور، نہ اٿس سسئي ۽ مارئي واري غفلت، ۽ نہ وري سھڻي ۽ سورٺ وانگر بي وس آهي.”
مجموعي طور سر ڪاموڏ ۾ نوريءَ جي جسماني جمال سان گڏ، ڪينجهر جو فطري حسن، راڻين جو مصنوعي سينگار۽ سونھن ۽ شاھ صاحب جي پيشڪش جو حسين انداز شامل آهي. يعني شاھ صاحب هن سر ۾ هڪ پاسي نوريءَ جي سونھن جي ڳالھ ڪئي آهي تہ ٻي پاسي ڪينجهر جي فطري حسن جي منظر ڪشي ڪئي آهي. هڪ پاسي تماچيءَ جي راڻين جي مصنوعي سينگار ۽ ٺاه جوڙ جو ذڪر ڪيو آهي تہ ٻي پاسي اهي سڀئي حسن جا انداز ۽ نمونا ايڏي تہ حسين طرح سان پيش ڪيا آهن جو اهي فني جمال جو عڪس ٿا لڳن. سر ڪاموڏ جمالياتي انگن ۽ اندازن جو ميڙ آهي.