لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر مارئي

سر مارئي تي پڻ اهو نالو مضمون جي مناسبت سان رکيو ويو آهي. ڇاڪاڻ تہ سر مارئي جي نالي سان ڪابہ هندستاني راڳڻي موجود ناهي. هن سر ۾ مارئي مٽيءَ سان بيپناه محبت ڪندڙ ناري ڏيکاري آهي، جنھن جي اڳيان محلن جون موجون، عيش عشرت، سھنج سولايون، غلم غاليچا، عطر عنبير، بخمل بافتا، ست رشيون ۽ پلنگ پاند ڪا معنيٰ نٿا رکن. مارئي جو حسن سندس مارن جي ڪکن ڪانن، ڀونگين، چونرن، پيئرن، پلر، لاک رتاين لوين ۽ کٿين سان ئي آهي. شاھ صاحب مارئي کي اهڙي تہ ثابت قدم سورمي ڪري پيش ڪيو آهي. جن هن پنھنجن جي غريبي حال کي ڌارين جي ڌن ۽ دولت تي فوقيت ڏني آهي.
ناليوارو محقق محمد حسين ڪاشف پنھنجي هڪ مقالي “ڀلي ڄائي مارئي” ۾ لکي ٿو.
“ مارئي جيتوڻيڪ ٿر ڄائي ٿاريلي هئي؛ ڀٽن ڀر ڄائي پکن ۽ پنھوارن ۾ وڌي وڏي ٿي. (پر) سندس انگ انگ ۾ قدرت جو حسن ۽ سونھن سمايل هئي‏؛ جنھن جي هاڪ پائر کائر، موهر ۽ ملير ۾ هئي. هر ٿاريلي جي وات اها وائي هئي تہ پالڻي پنھنوار جي گهر ڪا اپسرا لھي آئي آهي. انھيءَ سونھن، سوڀيا ۽ حسن جي هاڪ عمر سومري جو چت چريو ڪري وڌو۽ ڏاڍائيءَ جي ڏور هٿ ۾ کڻي ماروئڙن کي مھڻي هاب ڪرڻ لاءِ زور ۽ ظلم تي لھي آيو.”
يعني مارئي تمام خوبصورت ۽ من موهڻي ناري هئي. ۽ عمر سومرو سندس سونھن جي هاڪ ۽ خوبصورتي جي تعريف ٻڌي مٿس مفتون ٿيو ۽ بادشاهي جي طاقت جي زور تي کيس کنڀي کڻي وڃي ٿو.
شاھ صاحب مارئي جي حسن جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي آهي. مارئي جي قصي پڙهڻ کانپوءِ جڏهن مارئي جي سونھن جو پتو پوي ٿو تہ محسوس ٿئي ٿو تہ شاھ صاحب پنھنجي بيان ۾ حق بجانب آهي.
“... لطيف جڏهن مارئي جي حسن ۽ سونھن جو اظھارڪري ٿو تہ؛ (کيس) ڪائنات جي انھن عنصرن جي حسن جي انھيءَ هڳاءَ سان لاڳو ڪري بيان ڪري ٿو، جن جي جوت ۽ جرڪ، روشني ۽ روءِ پنھنجو مخصوص ماڻ رکي ٿي، جن آڏو هر روشني جي روش جهڪي ۽ جهميل رهي ٿي. جن ڏي انساني اک جي نھارڻ جي نہ همت آهي ۽ نہ حشمت! پر جڏهن انھن جي آڳنڌ ۾ اهءُ ٿئي ٿو تہ ايئن محسوس ٿو ٿئي تہ ڄڻ نرمل نور جون اوڙڪون اچي ويون آهن. جن جي سھائي ۾ سرور ۽ نور ۾ نرملتا آهي.”

اڀريو آس ڪري ساڻيھ مٿان سڄ
پکي منجه پدمڻي، ڏي وراڪا وڄ
جھڙي صورت سڄ، تھڙي مورت مارئي.

شاھ صاحب ٻين جي نظر سان تہ مارئي جي سونھن وڄ جي وراڪن ۽ سج جي جلون سان تعبير ڪئي آهي. پر شاھ صاحب اهو پڻ ٻڌائي ٿو تہ مارئي پنھنجي پاڻ کي صرف تڏهن ٿي خوبصورت سمجهي جڏهن هوء پنھنجي ماروئڙن وٽ رهيل آهي، جتي سندس ست سلامت آهي. يعني مارئي جي سونھن ملير سان نسبت رکي ٿي ۽ ماروئڙن سان مشروط آهي.

پَٽولا پَنوَهارِيُون، مُورِ نہ مَٿي ڪَنِّ؛
جهُ لاکَ رَتائُون لوئِــيُون، تہ سالُنِئان سُونھن؛
اُنَّ ايلاچَنِئُون اَڳرِي، بَخِمَلَ بافتَنِّ؛
سَکَـرَ ڀانئِيان سُومِرا! کَٿِي کان کُنهِبَنِّ؛
جا ڏِنِيَمِ ڏاڏاڻَنِّ، سا لاهِيندي لَڄَ مَران.
(مارئي) 3:1

آرَمَ هَڏِ مَ اوڍِيان، پَٽولا، پَٽَ چِيرَ؛
ٻانڌُوڻا ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ؛
مارُوءَ سين شَلَ ماڻِيان، کَٿِــيُون جھڙيون کِيرَ!
اَندَرِ اُڃَ اُڪِيرَ، مُون کي پِرينءَ پنوَهارَ جِي.
(مارئي)3:2

مارئي جي لاءِ قيمتي لباس؛ پٽولا پٽ چير ۽ سُرهاڻيون؛ عطر عنبير ڪا حيثيت نٿا رکن، هوءَ ڏاڏاڻين جي کٿيءَ کي کير جھڙي اجري ڀائين ٿي. ڇاڪاڻ تہ هوءَ پنھنجو وجود ڪنھن اڻ اڻيل ڏور ذريعي پنھوارن سان جُڙيل ۽ جڙيل سمجهي ٿي. هن جي اندر ۾ ماروئڙن لاءِ اٿاه محبت ۽ اڪير آهي. هوءَ پنھنجي ٻانھن ۾ پاتل انھن ڪوڙن ٻانھوٽن کي ڪروڙن جو ٿي ڀائين، جيڪي کيس پنھنجي گهر ڀاتين پاريا هئا. هوءَ ڪنھن ڌارئي جي ڌن کي ٽڪي جو بہ نٿي سمجهي.

ڪَرايُنِ ڪَڙورِ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِّ؛
سو مَرَڪُ مارُوئَڙنِّ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
(مارئي)3:6
مارئي چوي ٿي تہ “اها سندس مارن جي ريت ئي ناهي تہ هو سون تي سيڻ جو سودو ڪن. ۽ آءُ انھن پکن جي پريت کي ماڙين سان مٽائي ان ريت جي ڀڃڪڙي هرگز نہ ڪنديس.”

اِيَّ نہ مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛
پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نہ مَٽِيان.
(مارئي)3:8
مارئي حسين آهي، پر سندس حسن مارن جي ڇانو ۾ رهڻ سان مشروط آهي. هوءَ جڏهن عمر جي قيد ۾ اچي ٿي تہ پاڻ کي ڪوجهو ٿي سمجهي، ۽ حيا جي ديوي مارئي برملا عمر کي چئي ڏئي ٿي تہ:
سُونھن وِڃايَمِ سومرا! ميرو مُنھن ٿِيومِ؛
وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِ حُسنَ ري.
(مارئي)5:2

جھڙي آيَسِ جِيئن، جي تھڙي وَڃان تِن ڏي؛
تہ لالائِيءَ جا، لَطِيفُ چئي، ڪَرَ مُندُنِ اُٺا مِينھن؛
ماڙِيءَ لَـڳُمِ مھڻو، سڀَ ڄَماندَرَ سِيئَن؛
ٿِــيَسِ ڪاڻِياري ڪانڌَ جِي، هِتي اَچي هِيئَن؛
ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِيئن، مَنھن مارُوئَڙَنِ جي؟
(مارئي)6:1

مَٿِنِ ٽُٻَڪَ ٽُٻَڪَڙا، چِڪَندڙا اَچَنِ؛
کُڙِيُون کيہَ ڀَڪُلِيُون، پَگهرُ سِرِ پيرَنِ؛
اِي وَڙَ ويڙِيچَنِ، مُون لوڏان ئي لَـکِيا.
(مارئي)7:7
هن بيت جي تشريح ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب پنھنجي ڪتاب شاھ لطيف جي شاعري ۾ لکي ٿو، “پورهيت طبقي جو جيئرو جاڳندو مثال. چرندڙ پرندڙ عڪس، مٿي تي ٽٻڻا، کڙين تي دز لڳل، پگهر مٿي کان جو وهڻ شروع ٿئي تہ وڃي پير وٺي. اهي شاھ لطيف جا وطني آهن، جن کي هو محبوب ٿو سڏي ۽ پري کان انھن جي لوڏ ڏسي ئي سڃاڻي ٿو وٺي.”
ساڳي ڏس ۾ سر مارئي جو هي بيت بہ اهم آهي.
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِساريان ڪينَ وَرَنِّ؛
’لَـيۡسَ ڪَمِثۡلِہٖ شَيۡءٌ‘، پَسَڻُ ناهِ پِريَنِّ؛
پَکا پَنوَهارنِّ، نيئِي اَڏِيا ناهِ ۾.
(مارئي)8:3

مارئي جڏهن ڀنيءَ ويلا جو مينھن جي لاءِ ڀيڄ ڀيڄ جا ڀڻڪا نہ ٿي ٻڌي تہ هن جو هنيانءُ لھي ٿو وڃي.
ڀِـنِيءَ جي ڀُوڻَنِّ، ڀيڄَ ڀُـڻِڪو نہ سُڻانِ؛
سِنجَڻَ وارِيون سُتِيُون، وڃِي ويڙهِ وَرَنِّ؛
پِيا سيٽَ سَڙَنِّ، تَرَهي ٻِنھي ڪنڌِيين.
(مارئي)8:8
عمر جي قيد ۾ مارئي هر وقت مارن جي سار ۾ رهي ٿي، هوءَ جسماني طرح تہ عمر جي محلات ۾آهي، پر هن جو روح ملير ۾ موجود ماروئڙن سان آهي. هوءَ هر وقت ان سوچ ۾ رهي ٿي تہ هن وقت مارو هن طرح هوندا. جڏهن مينھن جي مند اچي ٿي جيڪا ملير جي خوشحالي جي موسم آهي تہ مارئي کي مارن جي ياد وڌيڪ ستائي ٿي.
جهڙِ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيھا، چِلُڙَ چِڪَ؛
اَندَرُ ٿو اُڃَ مري، ساهُ اُنِين جي سِڪَ؛
پِيھون شالَ پھيون ڀري، تِئان ڏيئي تِڪَ؛
وَرُ پِريان سين پِڪَ، ٻِيا ڀاڻَ ڀَرِيائي گهورِيا!
(مارئي)9:9

سي ساهيڙِيُون ساريِنِ تو، سِيلُ جنِين جو سَچُّ؛
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُّ، سِيھو ڀانئِجِ سونَ کي.
(مارئي)10:4
هن سر ۾ شاھ صاحب هڪ عجيب ذهني ڪيفيت بيان ڪئي آهي. هو قيد ۾ گذاريل ڏينھن کي سکيا/سکر ڏينھن ٿو سڏي. ڇاڪاڻ تہ انھن قيد جي ڏينھن ۾ مارئي کي مارن جي بي انتھا سڪ جو احساس ٿئي ٿو ۽ هوءَ پنھنجن جي پيار جي اصلي حيثيت پرکي وٺي ٿي. ان سڪ جي احساس سبب هو انھن ڏينھن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي.

سَکَرِ سيئي ڏِينھن، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾؛
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِيُنِ مِينھن؛
واجهاڻِـيَس وِصالَ کي، ٿِـيَس تھوارُون تِيئَن؛
نِيَرُ مُنھنجي نِينھن، اُجاري اَڇو ڪَيو.
(مارئي)11:3
مارئي جي لاءِ کٿيرو ئي خوب آهي. هو عطر عنبير جي وهنتل ڪنھن بہ شخص کي هرگز قبول نٿي ڪري. توڙي جو ڏسڻ ۾ سندس منڱيندو ميرو آهي. پر هن جي لاءِ اهوئي سڀڪجهہ آهي.
ڪانڌُ نہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو، کَٿيروئِي خُوبُ؛
ميروئِي محبُوبُ، اَسان مارُو مَنَ ۾.
(ابيات متفرقہ)4
مارئي جي لاءِ اهيئي سرتيون سرهيون آهن. جيڪي پنھنجي حق يا ور سان گڏ آهن.“سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، حاضُرُ پاسي حَقَّ”، هن کي عمر جا ڏنل ڳھہ ڳٺا لوھ ٿا ڀاسن. “ڳِچِيءَ ڳانا لوہ جا، زيريُون ۽ زنجيِرَ”، هوءَ ڏاڏاڻي ڏيھہ جي مٽيءَ سان ايترو تہ پيار ڪري ٿي جو عمر کي چوي ٿي؛ “جيڪڏهن آءُ تنھنجي قيد ۾ مري وڃان تہ مونکي ملير جي ولين جو واس ڏجانءِ، “ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھہ جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ” ۽ جيڪا لوئي آءُ اتان اوڍي آئي هئيس اها ئي ڪفن ڪري ڏجانءِ ۽ ملير جي ٿڌي مٽيءَ ۾ دفن ڪجانءِ. “ٿَڌِي وَسائِجانءِ ٿَرَنِ جي، مِٽي مُئِيءَ مَٿاهُ”. جيڪڏهن منھنجو مڙھ ملير پھتو تہ آءُ مري ڪري بہ جھڙو تہ جي پونديس. “ميا ئي جياس جي وڃي مڙھ ملير ڏانھن.” شاھ صاحب جو سر مارئي پڙهندي مولانا رومي جي مثنوي جو پھريون بيت هڪدم ذهن تي اچي وڃي ٿو. جنھن جو مطلب آهي تہ بانسري جي سُر کي ڇا ٿا ٻڌو، هوءَ تہ اصل ۾ دانھن ڪري بانس کان پنھنجي جدائي جو احوال ڏئي رهي آهي.
بشنو ازني چون حڪايت مي ڪند
از جدائي ها شڪايت مي ڪند.
ڏٺو وڃي تہ سر مارئي بہ اصل ۾ مارئي جي پنھنجي مارن کان ڌار ٿيڻ جي درد جي دانھن آهي.
مجموعي طور سر مارئي وطن جي محبت جو سر آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب وطن جي محبت جي لازوال ڪردار مارئي کي انتھائي پر وقار ڪري پيش ڪيو آهي. مارئي جي لاءِ سونھن صرف پنھنجي مارن سان گڏ رهڻ ۾ آهي. هوءَ جڏهن قيد ٿئي ٿي تہ چوي ٿي “سونھن وڃايم سومرا” يعني سندس سونھن سندس عزت ۽ لڄ سان مشروط آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب جتي مارئي جي سونھن جو تمثيلي انداز سان ذڪر ڪيو آهي اتي ٿر جي ٿاڪن جو فطري حسن پڻ چٽيو آهي. هن سر ۾ جماليات جا ٻہ رخ اهم آهن. هڪ مارئي جي لڄ ۽ ستر جي سونھن، ٻيو ملير جو فطري حسن. شاھ صاحب مارئي جي سونھن ۽ حسن کي اهڙي ريت بيان ڪيو آهي جو حسن جو پيڪرمارئي پنھنجي وقار ۽ لڄ سبب اڃا وڌيڪ حسين ٿي پئي آهي. مٿان وري مينھن وسڻ کانپوءَ ٿر جي حسن جو احوال پڻ معنيٰ خيز آهي. پر جيئن تہ مارئي قيد ۾ آهي ان ڪري هوءَ صرف ٿر جي يادن کي ساري انھن جو ذڪر ڪري ٿي.