سر گهاتو
“مورڙو سڀني ڀائرن ۾ ڪمزور ۽ عيب وارو آهي. پر وقت اچڻ تي اجگر سان ٽڪر کائيندي نٿو گسي. اهو سنڌ جي هڪ عام ويساھ وسوڙيل ماڻھو جو بہ ڪردار آهي. جيڪو صبر سان هر ڳالھ سھي ٿو. ڪڏهن تہ محسوس ئي نٿو ڪري تہ ڪير سڄڻ ۽ ڪير دشمن آهي. بلڪل ائين ئي مورڙو سڀني کان پٺتي هو ۽ جڏهن اٿيو تہ هڻي دشمن کي ڪيرائي وڌائين.”
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب سر گهاتو بابت لکي ٿو:
“گهاتو سنسڪرت جو لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس “مڇي مار”. هن سر ۾ مڇي ماريندڙن جو ذڪر ٿو اچي، جنھن ڪري مٿس اهو نالو رڇيو ويو آهي.”
غلام محمد شاهواڻي صاحب سر گهاتو بابت لکي ٿو:
“هن نالي سان ڪابہ هندستاني راڳڻي ڪانھي. هن سر تي مضمون موافق نالو رکيو ويو آهي. “گهاتو” لفظ جي معنيٰ آهي ماري يا شڪاري. هن سر ۾ مڇ مارڻ جو ذڪر ڪيل آهي تنھن ڪري اهو نالو پيو اٿس.”
محترم بدر ابڙو صاحب مورڙي بابت پنھنجي ڪتاب، “سنڌ جو شاھ” ۾ لکي ٿو:
“شاھ لطيف جي سر گهاتوءَ ۾ مورڙو مکيہ ڪردار آهي جنھن ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ مانگر مڇ سان ويڙھ ڪئي ۽ ان ڪي ماريائين. مورڙئي جو نالو ‘‘مور’’ ھو. کيس ڇھ ڀائر ۽ غالبن ٻہ ڀينرون ھيون. ڇھ ڀائر ھڪ ماءُ مان هئا ۽ مور ٻي ماءُ مان. سندن پيءُ جو نالو اوباھيو ھو.”
هن سر ۾ جماليات بابت سڌو سنئون ڪو بہ ويچار موجود ناهي، سواءِ انجي جو چئي سگهجي ٿو تہ شاھ صاحب جي سموري شاعري هڪ جمالياتي جھان آهي، جنھن ۾ لفظن ۽ فڪر جي خوبصورتي جو حسين سنگم، سنگت ۽ ميلاپ آهي. ۽ سونھن نالو ئي سنگم ۽ تناسب جو آهي.
ماڪَ ڀِڄايَنِ مولھيا، مٿان راتِ پئِي؛
اولِيون اُجَهڻَ لَڳِيون، وِيا وَنجهہ وَهِي؛
ڪَلاچِيان ڪھي، ڪَڏَهِن ڪونہ آئِيو.
(گهاتو)1:2
ڪو جو قَـهَرُ ڪلاچ ۾، گِهڙي سو نِئي؛
خَبَرَ ڪونہ ڏِئي، رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِيا؟.
(گهاتو)1:3
ڪلاچيءَ جو ڪن ايڏو تہ هيبتناڪ ۽ دهشتناڪ آهي جو ڪو بہ ايڏانھن وڃڻ جي همت نہ ٿو ساري جي ڪو اهڙي جرئت ڪري ايڏانھن وڃي بہ ٿو تہ پوءِ واپس نٿو موٽي. “ڪَلاچِيان ڪھي، ڪَڏَهِن ڪونہ آئِيو”، يا “ڪو جو قَـهَرُ ڪلاچ ۾، گِهڙي سو نِئي” يعني جيڪو ڪلاچ جي ڪن ۾ ڪاهي پيو پوءِ تہ بس، (خَبَرَ ڪونہ ڏِئي، رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِيا) ڪنھن کي پتو ئي نٿو پوي تہ رَڇ ڪنھن روڪيا. هتي شاھ صاحب ٽريجڊي جي ڳالھ ڪري ٿو، جيڪو درد جي جمال جو وڏو موضوع آهي. گهاتو گهر نٿا ورن، سندن پوين کي الڪي اچي ورايو آهي. اندر جي اوڊ کوڊ، امڪان ۽ ڳڻتي کين ويڙهي وئي آهي.
“مورڙئي مانگر مڇ واري ڳالھ مان اها ڳالھ ضرور ظاھر ٿئي ٿي تہ اوباھيو ۽ سندس ڪٽنب دلوراءِ جي مھربانيءَ سان سون مياڻيءَ کان ڪراچيءَ تايئن وڏو شاهوڪار خاندان ٿيو. هو شڪاري بہ هئا، سياڻا بہ ۽ محنتي به، ويتر جو راجا مھربان ٿين تہ سندن الميو بہ “وڏو الميو” ٿي عام خلق جي زبان تي آيو.”
مورڙي جا ڀائر جڏهن سمنڊ ۾ ڪاهي پيا ۽ وري نہ وريا تہ اهو يقيناََ وڏو الميو هو.
اُڀِي اوسِڙان اُسَ ۾، جهليو ڪُنَّ ڪِنارَ؛
گهاتُو گهرِ نہ آئِيا، وَڏِي لَڳِـيَنِ وارَ؛
هُيَسِ جنِين هارَ، سي موڙي چَڙِهيا مَڪُڙا.
(گهاتو) 1:7
هنن جي نہ ورڻ ڪري پويان سندن ويڙهي ۾ جھڙو تہ سڃ ٿي وئي هئي ۽ شاھ صاحب ان صورتحال کي هيئن بيان ڪيو آهي.
تَرِيُون پَسان نہ تارِ ۾، جهڳا جاءِ نہ ڪَنِ؛
مادَرِ! ملاحَنِ، ماڳِ نہ ڍويا مَڪُڙا.
(گهاتو) 1:5
شاھ صاحب چوي پيو تہ مڇ مارڻ لاءِ گهري پاڻيءَ ۾ ڪاهڻو پوندو. جيڪو يقيناََ جوکي جو ڪم هو.
جِئَن جهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِئَن نہ مَرَنِ مَڇَّ؛
سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱِـيُون رَڇَّ؛
هِي ڇارُون ۽ ڇَڇَّ، اڃا اوڙاهُ آڳاهُون ٿِيو.
(گهاتو)1:12
نيٺ مورڙي رٿون رٿي مڇ کي ماري مٽ ڪيو ۽ سندس پيٽ مان ڇھن ئي ڀائرن جا لاش ڪڍي دفنايا. مورڙي جي ڀائرن جون قبرون لياري ايڪسپري وي جي فلاءِ اور هيٺان گل بائي اسٽاپ وٽ آهن. ۽ مورڙي جي قبر ايئر بيس مسرور جي حدن ۾ هڪ ٽڪري تي آهي. بدر ابڙي صاحب پنھنجي ڪتاب سنڌ جي شاھ ۾ لکيو آهي تہ، “ مورڙي جي قبر وٽ هڪ ڪڇونءَ جو کوپو آهي جيڪو هڪ ننڍي ڪشتي جيترو آهي.” مان ذاتي طور ڪيترائي ڀيرا سندس قبر تي حاضري ڀري پنھنجي هيرو کي سلام ڪري آيو آهيان. پر اتي ڪڇونءَ جي کوپي جو ڪو نانءُ نشان ناهي. سندس قبر جي اڪيلائي ۽ ويراني ڏسي سر گهاتو جو هيءُ بيت هميشہ ذهن ۾ اچي ويندو آهي.
جِتي گهورِيو گهاتوئِين، تِتي وارِيءَ بُٺَّ؛
سَھسين ساٽي مُٺَّ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.
(گهاتو)1:8
مجموعي طور هن سر ۾ شاھ صاحب جي فني جمال سان گڏ درد جي جمال جون جهلوڪون آهن. مورڙي جي همت کي جدوجھد جو جمال ڪوٺي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ تہ اهو سندس جدوجھد جو ئي نتيجو هو جو هن خطرناڪ مڇ کي ماري نہ صرف ڀائرن جو پاند ڪيو بلڪہ ملاحن تان هڪ خوف ۽ ڏهڪاءَ کي ختم ڪيو.