سر سريراڳ
سر سريراڳ جو پنھنجو حسن آهي،
منجھان پيئي مَڪُڙِيءَ، ڪا جا پاڻِيءَ بُوند؛
سيئِي ڏِٺم رُوند، وَکَـرُ جِن وِڃائِيو.
(سريراڳ) 1:10
هن بيت ۾ ٽريجڊي جي جمال جو ڪيڏو نہ عظيم مثال موجود آهي. ٻيڙيءَ ۾ پاڻي اچڻ سان سامونڊين جو وکر وڃائيو آهي انھن جي افسوسناڪ صورتحال کي ڀٽائي بادشاه فنڪاراڻي اظهار سبب المئي کي جمال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ تہ “لطيف وٽ غم، هڪ فلسفي، هڪ فڪر ۽ هڪ جذبي جي صورت سان موجود آهي.”
ٻيڙِي پُراڻِي، وَکُـرَ پاءِ مَ وِتَرو؛
تَري ۾ تُنَ پيا، پاسَنِئُون پاڻِي؛
هِيءِ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙھُ ڪالھوڻي ڏِينھن کي.
(سريراڳ)3:4
ويٺو تُنَ تُنِينسِ، مَکِ ڏيھاڻِي مَڪُڙِي؛
سَنباهي، سَيَّدُ چئي، مٿي نينڊوُءِ نِينسِ؛
وَٽائي وَڏاندَرا، لاڄُو لَڳائِينسِ؛
آخرِ اُهِرائِينسِ، تہ جوکو ٿِئي نہ جھاز کي.
(سريراڳ)3:6
سر سريراڳ تشبيھي ۽ تمثيلي سر پڻ آهي. هن سر ۾ “ڀٽائي صاحب انساني فطرت ۽ نيچر کي ترندڙ ٻيڙيءَ سان تشبيھہ ڏني آهي ۽ نصيحت ڪري ٿو تہ سلوڪ جي سفر جي سانباهي کان اڳ ضروري آهي تہ فطرت جي آسپاس جي خيالن، خطرن، دنياوي محبت ۽ مشغولين جي جيڪا ڪٽ مٿي چڙهي وئي آهي، ان کي ڌوئي صاف ڪري عقل ۽ فڪر جا سڙه ساڄا ڪري نقل ۽ روايت جا نوان لاڄا ٻڌي اڳتي وڌي.”
سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ؛
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛
جي ماسو جُڙيئِي مالَ، تہ پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.
(سريراڳ)2:3
هن بيت ۾ شاه صاحب فرمائي ٿو تہ سمنڊ جي سيوا ڪر جتي پاڻيءَ جي اوت ۽ جوت آهي. پاڻيءَ جي وهڪرن ۽ سير ۾ ڪيئي ماڻڪ، موتي، لال ۽ ٻيا قيمتي پٿر پيا وهن، جي اتان ڪجهہ ملي پيئي تہ تنھنجا وارا نيارا آهن. ۽ توکي ٻي مشقت ڪرڻ جي ضرورت ئي نہ پوندي. ظاهر آهي جڏهن ڪنھن کي قيمتي پٿرن جو پرو پئجي ويو تہ پوءِ هو ڪيئن نہ پُر ٿيندو. شاه صاحب جي شاعري هڪئي وقت هڪ پاسي فني سونھن سان ڀريل آهي تہ ٻي پاسي ان جي فڪري معنويت جو جمال ڪر کنيو بيٺو آهي. سندس هڪ ئي بيت ايترو تہ گهڻ پاسائون ۽ مختلف اشاراڏيندڙ آهي جو هر دفعي اهو ساڳيو بيت ڪا ٻي معنيٰ ڏئي ٿو ۽ پڙهندڙائين محسوس ڪري ٿو تہ اهو بيت شايد هو پھريون ڀيرو پڙهي رهيو آهي يا هي بيت پڙهيو تہ بار بار آهي پر ان جي اصل معنيٰ هاڻي سامھون آئي آهي. پر حقيقت اها آهي تہ شاه صاحب شاعري چوڻ وقت جنھن وجدان کان ڪم ورتو آهي اهو ايڏو تہ عظيم آهي جو ان ۾ هڪئي وقت مختلف ۽ منفرد ڏسائن جي سمائجي وڃڻ جي گنجائش آهي.
”…definitions of the word ’intuition’ the ’ direct and immediate apprehension by knowing a subject of itself, of its conscious states, of other minds, of an external world, of universals, of values or of rational troths’ and ’the immediate apprehension of an object by the mind without the intervention of any reasoning process“.
۽ شاه صاحب جي شاعري ۾ اهڙو ئي وجدان آهي، جنھن ۾ شين کي انھن جي آفاقي سچائي سان شعوري سطح تي بيان ڪيو ويو آهي پر ان بيان ۾ شعور کي ذري برابر بہ ڪتب ناهي آندو ويو. ۽ اهائي وجدان جي خوبي آهي تہ هو عقل جي ڳالھہ تہ ڪري ٿو پر عقلي بنيادن تي نه؛ شعور جي ڳالھہ تہ ڪري ٿو پر اها ڳالھہ شعوري بنيادن تي هٿ وٺي ناهي بيھاري ويندي.
اِيَ گَتِ غَوّاصَنِ، جِئن سَمنڊُ سوجهيائُون؛
پيھي مَنجه پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون؛
آڻي ڏنائُون، هيرو لال هَٿنِ سين.
(سريراڳ)2:7
جُه صَرافَنِ لَڏِيو، تہ تُون پڻ لَڏِجِ، سونَ!
قَدُرُ لھندُءِ ڪونَ، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏُونءَ سين.
(سريراڳ)4:7
ڪيڏو عجيب پر موهيندڙ اظھار آهي. جي صراف لڏي ويا آهن تہ تون بہ لڏي وڃ، ڇاڪاڻ تہ هاڻ تنھنجو قدر ڪو نہ ٿيندو. ۽ اهوئي وجداني جمال آهي تہ جيڏاهن تصور ئي نہ وڃي اوڏانھن جي ڳالھہ اهڙي تہ تکي ۽ مٺي نموني سان چئي وڃي جو صرف حيرت ئي پلئي پئي.
“…beauty alone must remain either in the irrational cause without a cause of the eye, or transcendental cause without a cause of God.”
(حوصلو حيرت ۾ ڪري ڪين درڪ، جو حسن سندو حق سو ڪُور پروڙي ڪينڪي.)
اَگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي!
پَلَيءِ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران!
(سريراڳ)4:8
ماڻِڪُ، مُنڌَ هَٿان، پيـتِيءَ ۾ پُرزا ٿيو!
سَڄو تان، سَيَّدُ چئي، لھي لَکُ سَوا؛
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمان پَري ٿيو.
(سريراڳ) 4:10
سر سريراڳ جا هي بيت فني سونھن سان گڏ جمالياتي وجدان جي زمري ۾ اچن ٿا، شعر جي جمالياتي وجدان جي لاءَ مشھور آهي تہ شعر جو وجداني جمال ان جي معنويت تي پھچڻ کان اڳ ئي ٻڌندڙ تي پنھنجو اثر ڇڏي ٿو. توڙي جو هنن بيتن ۾ ڀرپور معنويت ۽ فڪر موجود آهي پر هنن بيتن جو وجداني اثر انھن جي شعريت، معنويت ۽ فڪر تي سوچڻ کان اڳ ئي ٻڌندڙ تي ظاهر ٿئي ٿو. اهوئي اثر ۽ انداز شاه صاحب کي منفرد ۽ معروف بڻائي ٿو.
“ لطيف جو اهو شاعرانہ انداز ۽ پيشڪش ادب، تاريخ، ۽ ثقافت جو روح آهي. جيڪو کين تمام اتاهين مقام تي وٺي وڃي ٿو. جتي لطيف جو احساس شعور، جمالياتي وجدان ۽ القاء جي ڪيفيت ايڏي مٿاهين تي نظر اچي ٿي. جنھن جي ڪا ڪٿ نہ ٿي ڪري سگهجي.”
نَڪو سُک نَکَـٽين، نہ ويساندِ نَـئين؛
جيڪا اَچيئِي سامھين، ڀانئَيِن سا سَنئين!
مُوڙِي ڪوہ مَئين؟ جِئن سَڄيُون راتِيُون سمھين!
(سريراڳ)6:5
“ نہ تارن کي سک آهي، نہ لھرن کي ڪو آرام آهي. جيڪي منھن سامھون بنان ڪشالي ملئي، تنھن کي سنھنجي (نعمت) ڪيو سمجهين. تون ناڻو (روحاني ڌن) ڪيئن ٿو ڳڻين، جڏهن سڄيون راتيون سمھيو ٿو رهين.”
سر سريراڳ ملاحن، مھراڻ ۽ سمنڊ جي سيوا جو سر آهي. هن سر ۾ شاه صاحب ملاحن جي زندگي سندن ئي انداز ۽ لهجي ۾ بيان ڪئي آهي، يعني جيڪا ٻولي ملاح ڳالھائين ٿا شاه صاحب پڻ ساڳي لئي ۽ لهجي سان سندن زندگي جو احوال چٽيو آهي. هن سر ۾ فطري جمال، درد جي جمال ۽ وجداني جمال جو وڻندڙ اظھار آهي. سر سريراڳ جيتوڻيڪ جستجو جو سر آهي. (ڪُوڙُ ڪَمايُءِ ڪَچُ، اُٿي اورِ اَللهَ سين... اِنَ پَرِ اُٿِي اَچُ، تہ سَودو ٿِـئيئِي سَفَرو.) پر شاه صاحب جي شاعري هڪ ئي وقت جستجو ۽ جاکوڙ جو دڳ بہ ڏسي ٿي تہ فطري، وجداني ۽ جسماني جمال جا جلوا پڻ پسائي ٿي. شاه صاحب هن سر ۾ هڪ پاسي “لُڙَ، لھريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نہ آبَ جو” چوي ٿو تہ ٻي پاسي “ آڏو چِڪَڻُ چاڙُ، مُنھنجِي موجَ نہ سھي مَڪُڙِي” جھڙو نماڻو اظھار ڪري ٿو. هو پاتال ۾ لڪل قيمتي پٿرن جو ڳالھائو بہ آهي تہ حالتن جو تجزيو ڪندڙ ڏاهو پڻ آهي. (اَگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي!) “ سندس فڪري اڏام يا اهي ڌارائوم پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن آڏو اچن ٿيون تہ سندن عقل دنگ رهجي وڃي ٿو تہ هيءَ ڪيفيت ڪھڙي؟ ان جو احساس ڪھڙو، ان جو ماڻ ڪيئن مقرر ڪجي؟ ان جي توجيھہ ڪيئن ڪجي؟ ان جي رمز ڪيئن پروڙجي؟ غور ڪبو تہ لطيف وٽ شعوري پرواز وجداني عروج ۽ ذوق جمال جي وڏي وسعت آهي.” جنھن وسيلي هو فطرت جي سونھن ۽ حسن جي موجزن ندين کي ڇلڪائي ٿو ڇڏي ۽ سندس شاعري ۾ جمال جو جھان هڪ پرڪيف ماحول پيدا ڪندي نظر اچي ٿو. جماليات تہ نالو ئي فني سونھن ۽ فطري جمال جي فيلسوفياڻي اڀياس جو آهي.
”Aesthetics is the name of the philosophical study of art and natural beauty.“
مجموعي طور سر سريراڳ فطري، وجداني، نسبتي، فني ۽ درد جي جماليات جو سر آهي. هن سر ۾ شاه صاحب ملاحن جي زندگين جو نقشو تمام چٽيءَ طرح چٽيو آهي. جنھن کي پڙهندي ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ تہ پڙهندڙ پاڻ هڪ ٻيڙاتو ٿي ويو آهي جيڪو سمنڊ پيو سوجهي.