لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر معذوري

“معذور” معنيٰ ڪمزور، نحيف، نٻل يا اڀرو. سر “معذوري” ۾ شاه صاحب پنھونءَ جي اجهل عشق ۽ سڪ؛ ۽ سسئي جي هيڻي حال جو ذڪر ڪيو آهي.
سر معذوري بابت غلام محمد شاهواڻي صاحب لکي ٿو.
“معذور لفظ جي معنيٰ آهي، “ضعيف يا لاچار يا عذر واري.” جيئن تہ هن سر ۾ سسئي جي ڪمزوري ۽ هيڻائي جو ذڪر ٿيل آهي. تنھن ڪري مٿس سر معذوري نالو رکيو ويو آهي.”
بحيثيت زنانو ٻار سسئي ويچاري ڄمندي ئي سورن جي ور چڙهي وڃي ٿي.
“نائون مل کيس ڌارئي سان سڱ ٿيڻ جي خوف کان درياه جي حوالي ڪري ٿو ڇڏي. محمد کتي کيس بي ذات جي ماڻھو سان شادي ۾ رنڊڪ وڌي. شادي بعد کيس ڏيرن ڏولاوا ڏنا. ۽ آخر پنھون کي ووريندي، هاڙهي ڏونگر م ايل پنھوار جي زيادتي کيس غار ۾ ٽپي، انت آڻڻ تي مجبور ڪيو.”
سر معذوري سسئي جي درد جو سر آهي. شاه صاحب هن سر ۾ هڪ پاسي سسئي جي جبل جهاڳڻ جو منظر بيان ڪيو آهي. ٻي پاسي سندس سڪ، سور ۽ عشق جو ذ ڪر ڪيو آهي. درد جيڪو شاه صاحب وٽ جمال جي درجي تي پھتل آهي. ان جو ذڪر ڪندي سسئي جي واتان چوائي ٿو.

خُوبِي مَنجه خِفَتَ، اي! دوستَ! دِقَتَ، آھي عَبۡدُاللَّطِيفُ کي.
مَدَحَ مون کان نہ ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ؛
ھِجي ڪريان ھيجَ سين، مُطالِعُ مَحَبَتَ؛
حُزنُ ھوتَ پُنھونءَ جو، رُڳيا ئِي راحَتَ؛
پِرِيان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرحَتَ.
(معذوري) 1:وائي
هن وائي جون مرڪزي سٽون “مَدَحَ مون کان نہ ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ” ۽ “حُزنُ ھوتَ پُنھونءَ جو، رُڳيا ئِي راحَتَ” آهن، جن ۾ شاه صاحب فرمائي ٿو تہ کائنس محبوب طرفان ڏنل درد جي ثنا نہ ٿي پڄي بس ايتري تہ سندس ڏنل درد سڄو ئي سڪون آهي. درد کي ڪرب بدران سڪون سمجهڻ درد جو جمال آهي. جيڪو هڪ انتھائي دقيق فيلسوفياڻو نڪتو آهي. شاه صاحب جو درد ڏانھن رويو ارسطو جي “ٽرئجڊي” وانگر آهي.
“Tragedy not only works but works well. Tragedy begins with a poet’s knowledge, delivers universal statements, and offers the virtuous adult further moral education…Tragedy is the mimesis of a serious and complete action of some magnitude; in language embellished in various ways in its different parts; in dramatic, not narrative form; achieving, through pity and fear, the catharsis of such passions.”

ھَلندي ھوتَ پُنھونءَ ڏي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِـيُون؛
پَھَڻُ تنِين پَٽُ ٿِئي، جي لئه لالَنِ لُوٺِيُون؛
سَڀُ سَھيلِيُون سِڪَ کي، چُنجهون ۽ چُوٺِيُون؛
ٻانڀَڻِ! ٿِيُ ٻُوٽِـيُون، تہ ڪُتا کِـيَنِئِي ڪيچَ جا.
(معذوري)1:1

هڪ پاسي حوصلي جو پختگي/ اٽلپڻو (پَھَڻُ تنِين پَٽُ ٿِئي، جي لئه لالَنِ لُوٺِيُون ) ۽ ٻي پاسي ايثار جو عظيم اظھار (ٻانڀَڻِ! ٿِيُ ٻُوٽِـيُون، تہ ڪُتا کِـيَنِئِي ڪيچَ جا) ٽرئجڊي جو عڪس آهي. ۽ اهڙو اجهل spontaneous اظھار ٽرئجڊي مان جمال ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
سر معذوري جو ٻيو پھلو اهو آهي تہ هن سر ۾ شاه صاحب ظاهري ٺاه جوڙ کي مقصد ۽ منزل جي دڳ جي رڪاوٽ سمجهي ٿو.

وَصۡلُ تنھن وِڃائِيو، سِينڌِ سُرمي سِيئَن؛
سا لُوٽِي لِيلان جِيئن، مَڻِيو جنھن مِٽُ ڪَيو.
(معذوري)2:5

جيڪي سينڌ سرمي، ٺاه جوڙ ۽ ليلا وانگر مڻئي تي موهجن ٿيون انھن کي پرين نٿو ملي. ڇاڪاڻ تہ شاه صاحب ان نقطہ نگاه جو آهي تہ جيڪڏهن جانب جو جمال ماڻڻو آهي تہ ان لاءِ ضروري آهي تہ ماڻھو مري جئي، (پنھنجي انا ۽ ظاهري ٺاه جوڙ کي ڇڏي) ۽ پوءِ ئي محبوب جي سونھن جو جلوو پسڻ ممڪن آهي.
مَرِي، جِيُ؛ تہ ماڻـئِين، جانِبَ جو جَمالُ؛
ٿِئين ھُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِھائِي پارِئين.
(معذوري)4:1

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچن؛
ھَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪَيو ڪَيچينِ؛
جي ھَٿان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تنِين جي ھَنجَ ۾.
(معذوري)6:6
“هن ڏکي جي مرڻ تي ڏونگرن مان بہ اوڇنگارون پيون اچن. ڪيچين سسئي سان ڳجهو جهيڙو منڊي کيس ڪٽار هنئين آهي. جي پرينء هٿان فنا ٿا ٿين، تن جي هنج ۾ ئي پرين اچيو پوي.”
ھو کانُ کَٿُورِيءَ ھِيرئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ؛
آرياڻِيءَ اَچِي ڪري، ڪا گهڙِي مُون وَٽِ جَٽِ؛
کَٿُوري کَشِبُوءِ سين، ھارِيائُون ھَٽِ ھَٽِ؛
(معذوري)6:وائي
عشق ۾ اڪثر ماڻھو خود ڪلامي ڪري ٿو. ۽ هي سٽون سسئي جي خود ڪلامي جون عڪاس آهن. شاه صاحب جو اهو ڪمال آهي تہ هو جنھن بہ قصي جي ڳالھہ ڪري ٿو، تشبيھون پڻ ان ئي خطي ۽ ماڻھن ۾ عام مروج ماحول مان کڻي پيش ڪري ٿو. سر ڪاموڏ ۾ بدبوءِ جي ذڪر ۾ مڇين ۽ ککين جو ذڪر ڪري ٿو. ڇو تہ نوري مھاڻي هئي، پر جڏهن سسئي جي ڳالھہ ڪري ٿو تہ “مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ” چوي ٿو. ڇاڪاڻ تہ هوءَ ڌوٻياڻي هئي. سسئي خود ڪلامي ۾ چوي ٿي تہ منجهس صابڻ جي بوءِ آهي. ۽ پنھون “کٿوريءَ” جو هيراڪ آهي. جدائي جي درد ۾ پنھنجا عيب ۽ گهٽتايون ياد ڪري هوءَ پاڻ کي آٿٿ ڏئي ٿي. (اهاڪيفيت انسان جي نفسياتي ڀڃ ڊاھہ جو نتيجو آهي).
عشق ۽ پاڻ ارپڻ جي جذبي سان سسئي جيڪو پنڌ ڪيو آهي، هوءَ ان جو منطقي نتيجو پنھون جي وصال ۾ڳولي ٿي. ۽ پنڌ جون مشڪلاتون ڪانہ ٿي ساري بلڪہ هن جي خواهش آهي تہ شل مرڻ کان اڳ پنھون سان ملي پوي. توڙي جو کيس احساس ضرور آهي تہ هن پنھون لاءِ پنڌ ڪندي ڪيئي سج اڀاريا ۽ لاٿا آهن.

آئُون نہ گَڏِي پِرينءَ کي، سَھَسين سِڄَ ويا؛
ھَلَڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان!
(معذوري)7:1

آئُون نہ گَڏِي پِرينءَ کي، پويون ٿِيو پَساهُ؛
سِڪان ٿِي سَڪِراتَ ۾، رويو پُڇان راہُ؛
شالَ مَ وَڃيمِ ساہُ، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي.
(معذوري)7:2
شاه صاحب سسئي جي پنڌ ڪرڻ کي ڪيڏي نہ خوبصورت انداز سان بيان ڪيو آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ تہ هو سسئي اسان جي سامھون وڻن تان ولاڙيندي پئي وڃي. هوءَ مورن جي ٻچن وانگر ٽاري ٽاري کان ٽپندي پئي وڃي.

وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، ڏِيو پَٽولي لانگَ؛
ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگَ، سَسُئِيءَ مورَ ٻَچَنِ جِئن.
(معذوري)7:6

پر شاه صاحب سسئي جي پنڌ کي ڏسي چوي پيو تہ هوءَ جيڪا رڃن مان ڪونجن جي ڪوڪن، يا سارنگي ساز وانگر رڙيون ڪندي پئي وڃي، اها لاشڪ عورت نہ بلڪہ سراپا عشق آهي.
“سسئي جيڪا پنهل پٺيان رڻن رڃن ۾ رريون ڪندي پئي وڃي پر لطيف چوي ٿو تہ رڃن مان جيڪي رڙيون اچي رهيون آهن. اهي لڳن تہ پيون تہ ڄڻ ڪا عورت پيئي دانھون ڪري پر عورت ناهي! اهو عشق جو آواز آهي. اهو عشق پيو رڙيون ۽ دانھون ڪري.”
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَر ڪووَلَ جي ڪُوڪَ؛
وَلَولو ۽ وُوڪَ، اِيَ تان آہِ عِشقَ جِي.
(معذوري)7:8

رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرڪي ڪُونجَ؛
نَعرو منجه نِڪُونجَ، اِيَ تان آہَ عِشقَ جي.
(معذوري)7:9
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِي سازُ؛
اِيُ عِشقَ جو آوازُ، ماڙھو رَکَنِ مُنڌَ تي.
(معذوري)7:10
مجموعي طور سر معذوري سسئي جي عشق، جاکوڙ ۽ سورن جو سر آهي. هن سر ۾ درد جي جمال کي “حُزنُ ھوتَ پُنھونءَ جو، رُڳيا ئِي راحَتَ” جھڙن لفظن سان تعبير ۽ تعمير ڪيو ويو آهي. شاه صاحب سسئي جي پنڌن، سڏن ۽ پيچرن جي ايڏي تہ خوبصورت پيشڪش ڪئي آهي جو ڀائنجي ائين پيو اجها اسان جي سامھون سسئي جبل جهاڳيندي ۽ وڻن مان ولاڙيندي پئي وڃي.