سنڌيء ۾ جماليات تي ٿيل تحقيق ۽ لکيل مضمونن / مقالن جو اڀياس
سنڌي زبان ۾ جماليات، خاص طور ڀٽائي جي شاعري ۾ جماليات تي تمام گهٽ تحقيق ٿي آهي. نتيجي طور جماليات بابت اڃا تائين ڪو ذڪر جوڳو ڪتاب ناهي اچي سگهيو. ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي “شاه جي جمالياتي شاعري جو تحقيقي جائزو” جي سري هيٺ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي سرپرستيءَ ۾ تحقيق ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي آهي. پر سندس ٿيسزز 1992ع ۾ اچڻ باوجود اڃا تائين اڻڇپيل آهي. انکان علاوہ شاه عبداللطيف ڀٽائي جي جمالياتي شاعري تي ڪجهہ ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڪي ٽڙيل پکڙيل مضمون آهن. جن مان ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران سال 2002ع ۾ “سر رپ_ھڪ مطالعو” جي سري ھيٺ شايع ڪرايل مضمونن ۽ مقالن جي ڪتاب ۾ “ شاھ صاحب جي ڪلام ۾ حسن و جمال” جي عنوان سان 9 مقالا شامل ڪيا ويا آهن. بوڪ رويو جي سنڌيءَ واري هن ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي جي تحقيق ۽ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران “سر رپ_ھڪ مطالعو” جي سري ھيٺ شايعه ڪرايل ۾ موجود مقالن ۽ مضمونن جو تنقيدي جائزو ڏنو ويندو. سڀ کان پھريان ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻيءَ جي ٿيسزز “شاه جي جمالياتي شاعري جو تحقيقي جائزو” تي بحث ڪجي ٿو.
تحقيق جو موضوع: شاه جي جمالياتي شاعري جو تحقيقي جائزو
محقق: ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي
رهبر: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ادارو: سنڌ يونيورسٽي
سال: 1992ع
ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي “شاه جي جمالياتي شاعري جو تحقيقي جائزو” جي سري هيٺ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي سرپرستيءَ ۾ تحقيق ڪئي آهي. سندس تحقيقي پورهئي تي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران 1992ع ۾ کيس پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي وئي. سندس ٿيسزز جو هڪ اڻڇپيل نسخو سنڌالاجي جي لائبريري ۾ موجود آهي.
ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي جي ٿيسزز چئن ڀاڱن تي ٻڌل آهي. پھرين ڀاڱي ۾ شاه جي سوانح عمري ڏني وئي آهي، جنھن ۾ حسب نسب، ولادت، ننڍپڻ، تربيت، تعليم، جواني، سير سفر، ڀٽ وسائڻ، شادي، دوست، همعصر، پيري ۽ وفات شامل آهي. ٻي ڀاڱي ۾ ٻہ باب ڏنل آهن. پھرين باب ۾ شاعريءَ جي شروعات، جذبن جي دنيا ۽ عشق جي چپيٽ (شاه صاحب کي) شامل آهن، جڏهن تہ ٻي باب ۾ شاه صاحب ڪھڙو ڪلام ڪڏهن چيو جي سري هيٺ شاه صاحب جي شاعري کي چئن دورن ۾ ورهايو ويو آهي. ٿيسزز جو ٽيون ڀاڱو چئن بابن تي مشتمل آهي. پھرين باب ۾ حسن جي حقيقت، حسن ڇا آهي؟ جسماني حسن ۽ عورتن جا سينگار بحث هيٺ آندا ويا آهن. ٻي باب ۾ “رس” جي فلاسافي تي لکيو ويو آهي. ۽ رس جا ڏه قسم ڏسيا ويا آهن. باب ٽيون ويھن صفحن تي ٻڌل آهي، جنھن ۾ “النڪار” تي تحقيق ڪئي وئي آهي. فن ۽ جماليات جي سري هيٺ لکيل چوٿون باب ٻارهن صفحن تي ٻڌل آهي. جنھن کانپوءَ ٿيسزز جو چوٿون ۽ آخري ڀاڱو (تحقيق جو مرڪزي ڀاڱو) پيش ڪيو ويو آهي. جنھن ۾ چار باب لکي پنجين باب ۾ تحقيق جو نتيجو ڏنو ويو آهي. ٿيسزز جي چوٿين بابن جو سٽاءُ هن طرح آهي.
باب پھريون: شاه جو عشق
1. شخصي عشق
2. شاه جي شاعري ۾ شخصي عشقيہ داستان
الف: سھڻي
ب: سسئي
ج: ليلا
د: مومل
ھہ: مارئي
و: نوري
ز: سورٺ
(شخصي داستانن جي ترتيت، الف، ب، ج، ۽ د تائين تہ ٿورو گهڻو مڃي سگهجي ٿي حالانڪہ درست اها بہ ناهي، پر ھہ، و ۽ ز جي ترتيب تہ ماڳهين عجيب لڳي ٿي، حالانڪہ مروج ترتيب، الف، ب، ث، ج، ح، د...آهي، جيڪا گهڻو ڪري عربي الف_ب جي ترتيب جي پيروي ۾ ورتي ويندي آهي.)
تحقيق جي چوٿين ڀاڱي جي ٻي باب ۾ “پسڻ ۽ پيار جي حقيقت” کي بيان ڪيو ويو آهي. ٽئين باب ۾ اکين جو عمل ۽ عشق ڏنو ويو آهي. جڏهن تہ چوٿين باب جي ترتيب هن طرح آهي.
1. عاشق جي قربانيءَ جو انداز
الف: ڪلھن جو ذڪر
ب: ڌڙ ۽ سر جو ذڪر
ج: منھن، پيشاني ۽ اکين جو ذڪر
د: ٻاهن، هٿن، ڪراين ۽ آڱرين جو ذڪر
ھہ: دل جو ذڪر
و: گوشت جو ذڪر
ز: کل، هڏ ۽ جسم جو ذڪر
ج: ڪرنگهي پاسرين، جيرن ۽ بڪين جو ذڪر
ط : ڏندن ۽ ڏاڙهي جو ذڪر
ي: ڳل جو ذڪر
ڪ: سنڌن جو ذڪر
ل: زبان جو ذڪر
م: ڪڇ جو ذڪر
ن: ڪن ۽ وات جو ذڪر
س: سيني جو ذڪر
ع: چيلھہ جو ذڪر
ف: ڳچي جو ذڪر
ص: رڳن جو ذڪر
ق: پيرن جو ذڪر
ر: پيٽ جو ذڪر
ش: پنبڻين جو ذڪر
ت: نتيجو
2. سپرينءَ جي سونھن
الف: پيشاني جو ذڪر
ب: جسم جي رنگت
ج: نڪ جي تعريف
د: چھري جي خوبصورتي جو ذڪر
ھہ: اکين جو احوال
و: ترن ۽ خال خط جو ذڪر
ز: هٿن ۽ پيرن جو ذڪر
ج: وارن جو ذڪر
ط : سپرين جي لوڏ
ي: ڳچي جي سينگارجو ذڪر
ڪ: ڀرون جو ذڪر
(مٿئين سٽاءَ ۾ پڻ ساڳي بي ترتيبي رکي وئي آهي، جيڪاپھرين ڀاڱن ۾ موجود آهي، جنھن جو ذڪر اڳ ئي ڪري چڪا آهيون.)
ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي جي هن ٿيسزز “شاه جي جمالياتي شاعري جو تحقيقي جائزو” جي پنجين باب ۾ تحقيق جا نتيجا پيش ڪيا ويا آهن. هيءَ ٿيسزز لڳ ڀڳ ساڍن چئن سو صفحن تي ٻڌل آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي سرپرستيءَ ۾ ڪيل ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي صاحبہ جي تحقيق ۾ جماليات کي صرف سبجيڪٽو انداز سان بيان ڪيو ويو آهي. ان ڳالھہ ۾ ڪو بہ شڪ ناهي تہ “سبجيڪٽوِ بيوٽي” (حسن صرف شين ۾ موجود آهي) جماليات جو اهم پھلو آهي، پر اهو صرف هڪ پھلو آهي. جڏهن تہ سونھن جو ٻيو اهم پھلو “آبجيڪٽو بيوٽي” يا معروضي سونھن آهي. يعني سونھن ڏسندڙ جي اک ۾ پڻ موجود هوندي آهي. موضوعي جماليات ۽ معروضي جماليات کانسواءِ هڪ ٽيون نظريو پڻ آهي، جنھن ۾ موضوعي ۽ معروضي سونھن جي سنگم تي بحث ڪيو ويو آهي. يعني هڪ ئي وقت حسن معروضي پڻ آهي ۽ موضوعي پڻ آهي. جڏهن تہ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ صاحب جي نگراني ۾منھنجي ٿيسزز “ شاه جي شاعري ۾ جماليات جو تصور” ۾ معروضي ۽ موضوعي حسن، سونھن جي داخلي ۽ خارجي تصور ۽ ان جي امتزاج سان گڏ، سونھن جي مختلف قسمن فطري سونھن، وجداني سونھن، ادبي سونھن، درد جي سونھن ۽ سونھن جي فيلسوفياڻي ۽ نفسياتي اثرپذيري تي طويل بحث ۽ گهربل تحقيق شامل ڪئي وئي آهي. پر ڊاڪٽر صاحبہ جي تحقيق ۾ گهڻو ڪري سونھن کي صرف انساني عضون تائين ئي محدود رکيو ويو آهي. جڏهن تہ درد جي جماليات، فطري جماليات، وجداني جماليات، فلسفياڻي جماليات ۽ نفسياتي جماليات پڻ جماليات جون تمام گهڻيون اهم جھتون ۽ لاڙا آهن. ڇا ڪاڻ تہ هڪ ئي وقت جماليات؛ فلسفي توڙي نفسيات جو اهم موضوع آهي. منھنجي تحقيق ۾ نفسياتي جماليات کي ڇڏي ( جيڪا هن ٿيسزز جو حصو ناهي) جماليات جي ٻين رخن تي عرق ريزي سان ڪم ڪيوويو آهي. ۽ شايد ئي ڪو جماليات جو اهڙو پھلو هجي جنھن تي هن ٿيسزز ۾ بحث ناهي ڪيو ويو. ٻي پاسي ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي جماليات کي صرف هڪ مخصوص پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي.
ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي جي اڻڇپيل ٿيسزز کان سواء ڪجهہ سنڌي رسالن ۽ ڪتابن ۾ جماليات؛ خاص طور “شاھ صاحب جي جماليات” تي ڪي هيڪڙ ٻيڪڙ مضمون ملن ٿا. جن ۾ ڪتاب “سررپ_هڪ مطالعو” اهم آهي. جنھن ۾ موجود مضمونن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو هتي پيش ڪجي ٿو.
ڪتاب “سررپ_هڪ مطالعو” ۾ شامل مضمونن/مقالن جا عنوان ۽ محقق هي آهن.
• پرين پٽائين گج جيئن: امداد حسيني
• شاھ جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جو تصور: ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
• شاھہ صاحب وٽ حسن و جمال: اڪبر لغاري
• شاھہ لطيف جي شاعري ۾ تخليق ۽ حسن ڪاري: خاڪي جويو
• لطيف وٽ سونھن جو تصور: انعام شيخ
• شاھہ جي شاعري ۾ حسن ۽ جمال جو تصور: ڊاڪٽر تھمينہ مفتي
• شاھہ جي شاعري ۾ حسن ۽ جمال: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
• شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو جمالياتي تصور: حافظ عبدالرحيم جمالي
• شاھہ جو ڪلام سونھن جو سرچشمو: احسان دانش
هنن مقالن کانسواءِ ڪتاب “سر رپ _ هڪ مطالعو ” ۾ ڊاڪٽر فھميدہ حسين صاحبہ جي صدارتي تقرير پڻ شامل آهي. جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحبہ جماليات بابت اهم ۽ بنيادي معلومات ڏني آهي. هونئن تہ سندس تقرير ۾ سر رپ جو مطالعو پڻ شامل آهي، پر هتي صرف جماليات بابت ڊاڪٽر صاحبہ جي افڪارن، تحرير ۽ تقرير جو ڇيد پيش ڪيو ويندو. ڊاڪٽر فھميدہ حسين، “شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جي تلاش” جي سري هيٺ لکيل پنھنجي تحرير ۾ لکي ٿي.
“ جمالياتي حسن ٻن قسمن جو هوندو آهي، هڪڙو حسن صوري يا ظاهري ۽ ٻيو حسن معنوي آهي ”
اڳتي ڊاڪٽر صاحبہ لکي ٿي تہ ان ڳالھہ تي بحث جي گهڻي گنجائش نڪري ٿي.
ڏٺو وڃي تہ صوري ۽ معنوي حسن مان مراد معروضي ۽ موضوعي حسن ورتو ويندوآهي. جيڪو جماليات جو تمام وڏو بحث آهي ۽ قديم يونان کان ويندي جماليات جي جديد ماهرن تائين يا اڃا تائين ان بحث جو نبيرو ناهي ٿي سگهيو تہ حسن موضوعي Subjective آهي يا معروضي Objective؟ جماليات جا سڀئي ماهر پنھنجا پنھنجا خيال ڏين ٿا. پر اهي ماهر سونھن جي ڪنھن هڪ وصف تي متفق ناهن. بحرحال جماليات جي موضوع کي کولڻ ۽ ان ڇيد ڪرڻ لاءِ ڪجهہ اهڙيون وصفون ڏنيون ويون آهن، جن تي جماليات جا ڄاڻو اتفاق ڪن ٿا. جيئن معروضي يا ظاهري سونھن جي حوالي سان اها ڳالھہ طئي آهي تہ سونھن Objective ۾ موجود هوندي آهي، پر ان جو ادراڪ ڪرڻ لاءِ انسان جي اندر ۾ جمالياتي احساس Aesthetic sense هجڻ ضروري آهي، ۽ اهو جمالياتي احساس موضوعي هوندو آهي. جمالياتي احساس انسانن (خاص طور فنون لطيفہ سان شغف رکندڙ انسانن) ۾ اعليٰ ترين درجي تي موجود هوندو آهي، پر ڪجهہ ٻين ساهوارن جھڙوڪ جانورن، پکين ۽ ڪجهہ ٻوٽن ( شرم ٻوٽي، سورج مکي وغيرہ ) ۾ هيٺين درجي جو جمالياتي ادراڪ هوندو آهي. هيولاڪ ايلس موجب “ چڙيا گهر ۾ مختلف جانورن تي ڪيل تجربن مان خبر پئي آهي تہ ڪجهہ ڪتن کانسواءِ ڪو بہ اهڙو جانور نہ هو جنھن کي سريلا ساز نہ وڻندا هجن ۽ بيسرن سازن تي ڪاوڙ نہ ايندي هجي، وائيلن جي آواز تي شينھن پرسڪون پئي نظر آيو جڏهن تہ پڪولي جي آواز تي ڏمريل پئي نظريو.” يا ڊارون موجب، “ ڪجهہ پکي پنھنجا آکيرا رنگين پنن، ڪپڙي جي ٽڪرن ۽ وڻندڙ پٿرن سان ٺاهيندا آهن، جيڪي انسانن جي گهرن ۾ استعمال ٿيندا آهن”، ولڊيورانٽ لکي ٿو، “ مرغ فردوس پنھنجي شريڪ حيات لاءِ خاص آکيرو اُڻندو آهي، جيڪو ڪکن پنن جي جهڳٽي ۾ لڪيل هوندو آهي، هو آکيري جي تري ۾ نرم گاھہ ۽ پاسن کان سفيد پٿريون، رنگين پر ۽ ٻيون خوبصورت شيون لڳائيندو آهي_۽ دروازي کي پڻ سينگاريندو آهي_مرغ فردوس لاءِ بوش چوي ٿو، صرف هڪ ڀيرو هي محل( مرغ فردوس جو آکيرو) ڏسڻ کانپوءِ يقين اچي وڃي ٿو تہ سونھن ۽ جمال مان لطف اندوز ٿيڻ هن پکي جي فطرت ۾ شامل آهي.”
يعني ڪجهہ جانور ۽ پکي موسيقي، خوشبو ۽ رنگ پسند ڪندا آهن جنھن جو اظھار هو پنھنجي پنھنجي انداز سان ڪن ٿا. جديد سائنس پڻ اهڙي جمالياتي ادراڪ کي قبول ڪري ٿي.
پنھنجي مختصر بحث ۾ ڊاڪٽر فھميدہ حسين صاحبہ حسن جي _معروضي ۽ موضوعي صفتن کي بيان ڪيو آهي. جماليات کي جديد دور ۾ تمام گهڻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن درد جو جمال، وجداني جمال، احساساتي جمال، جسماني جمال، روحاني جمال، جنسي جمال، رومانوي جمال، فطري جمال وغيرہ وغيرہ. جماليات جي انھن قسمن ۾ نہ صرف بنيادي طور بحث هيٺ آندل ظاهري يا معنوي جمال موجود آهي بلڪہ انھي ظاهري ۽ معنوي جمال کان هٽي ڪري پنھنجا احساس اجاڳر ڪرڻ ۽ ادراڪ ۽ اثر پئدا ڪرڻ جي سگهہ پڻ موجود آهي.
ڊاڪٽر صاحبہ پاڻ اڳتي هلي شاھہ جي شاعري مان جن جماليات جي قسمن کي واضح ڪيو آهي ۽ حوالي طور سر کنڀات ۽ سر مومل راڻي جو ذڪر ڪيو آهي، انھن ۾ فطري جمال ۽ جسماني جمال شامل آهي. ڊاڪٽر صاحبہ لکي ٿي .
“ سر کنڀات ۾ محبوب جي سراپا جو تصور ئي انوکو آهي...پرين جي جمال جي جلوي اڳيان سورج جون شاخون جهڪيون ٿيو وڃن ۽ چنڊ ڪومائجي ٿو وڃي.”
شاعر هميشہ تجريد ۽ تشبيھہ ۾ پنھنجي اندر جي ڳالھہ اوريندو آهي ۽ ڀٽائي تہ بيشڪ اهڙو عظيم شاعر آهي، جنھن جي تجريد ۽ تشبيھہ نگاري حيران ڪندڙ آهي. جنھن جي شاعري جي تشبيھہ نگاري حيران ڪندڙ ۽ عظيم هوندي اهو پنھنجي محبوب کي ڪھڙين تشبيھن سان پيش ڪندو، ڊاڪٽر صاحبہ پنھنجي انداز سان ان موضوع کي وائکو ڪيو آهي. جيڪو سر کنڀات، سر مومل راڻي ۽ سر سارنگ تي ٻڌل آهي . ڊاڪٽر صاحبہ لکي ٿي.
“ شاھہ صاحب تمام ( مڙني ) Abstract شين جو حسن بہ پرکي ٿو وٺي، جيڪو عام ماڻھو کي ڏسڻ ۾ ئي ڪونہ ايندو. هو ڏکن کي سکن جي سونھن ٿو سڏي،”
اڳتي هلي ڊاڪٽر صاحبہ “ڏک سکن جي سونھن، گهوريا سک ڏکن تان ” واري سٽ ڪوٽ ڪئي آهي.
اصل ۾ درد جو جمال هاڻ ائبسٽرئيڪٽ/تجريدي ناهي رهيو، بلڪہ احساساتي سطحن تي تجربيت، سونھن، عشق، ۽ سڪ جي هم آهنگ ناتي جي جذئيات درد جي جمال کي عالم آشڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڀٽائي جڏهن “ سورن ڀڳس هڏ، سي پڻ سيڪي سورسين ” واري سٽ يا “هجيو هوت پنھوء سين مون جيئن ملاقات” وارو بيت چوي ٿو تہ درد جي جمال جي تجريديت ڀورا ڀورا ٿي وڃي ٿي ۽ شعر جو جمالياتي تير، يا وجداني اثر ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ جي دل ۾ کپي وڃي ٿو. پر ان سموري عمل ۾ جمالياتي ادراڪ ۽ احساس ضروري آهي.
پنھنجي تقرير ۾ ڊاڪٽر صاحبہ جماليات Aesthetics جي بنيادي تصور بابت ڪجهہ مغربي ڏاهن جا تصور پيش ڪيا آهن، بادلئير کي جماليات جو مبلغ ڄاڻايو آهي، ۽ ادب براءِ ادب يا فن براءِ فن واري سلوگن تي پڻ طائرانہ نظر وڌي وئي آهي. هوء لکي ٿي.
“ بادليئر (Baudelaire) تہ پنھنجن ساٿين سان وڏي تحريڪ هلائي جنھن جو نتيجو فن براءِ فن (Art for arts sake ) واري نعري جي صورت ۾ نڪتو. ”
هتي هڪ ڳالھہ واضع ڪجي ٿي تہ بادليئر اصل ۾ جمالياتي نہ بلڪہ غير جمالياتي ۽ زندگي کي اڻوڻندڙ ڪري پيش ڪندڙ ليکڪ طور مشھور هو. فن براءِ فن وارو لاڙو يا نظريو ادب جي ٻاهرين جوڙجڪ جي حسن ( ادبي جماليات ) جو حامي هو، جڏهن تہ بادليئر جي جمالياتي افڪار بابت “ڪيٿ ملر” پنھجي مضمون، “سونھن بابت مغربي تصور” ۾ لکي ٿي،
“Beauty is boring; it is ugliness that fascinates us and does all the deep symbolic work (sin, death, desire) in western culture.”
لڳ ڀڳ ساڳي ڳالھہ “ماريو پرنوئلا” پڻ پنھنجي ڪتاب ۾ لکي آهي، هو چوي ٿي، “خاص طور بادلئير ڪجهہ ساٿين سان گڏ نشي، فساد، جنس فروشي، مصنوعي فيشن، مصروف شھري زندگي وغيرہ جھڙن غير جمالياتي سرگرمين کي پنھجي لکڻين ۾ جاء ڏئي غير جمالياتي نڪتہ نظر جي پٺڀرائي ڪئي ۽ هٿي وٺرائي.” جنھن کي ادب جو جمالياتي رخ سڏڻ مناسب ناهي.
“Infact in his (Baudlier’s) prose work the important phenomena of modernity such as, fashion, the city, material life, drugs, prostitution, and conflict and exoticism find a sharp and profound treatment.”
شيخ اياز پڻ پنھنجي ڪتاب، “سر لھيڙا ڳڀيا” ۾ لکي ٿو،
“بودليئر(1821ع کان 1897ع تائين) پال ورلين ( 1833ع کان 1896ع تائين) آرٿر رامبو يا رين بو (1851ع کان 1891ع تائين) جيتو ڻيڪ فرانس جا عظيم ترين شاعر آهن پر اهي فرانس جي تخريبي دور جي پيدائش هئا. هو اول درجي جا اوباش ۽ رند مشرب هئا. ۽ پنھنجي سماج جي نہ رڳو رتيءَ ڀر پرواه نہ ڪندا هئا پر ان سان نفرت بہ ڪندا هئا.”
فرانس سميت ٻين اولانھن ملڪن ۾ ڊاڊائزم، سمبالزم، سرريئلزم، ايسٿڪٽسزم ۽ ڪجهہ ٻيون ادبي تحريڪون لڳ ڀڳ ساڳي يا ٿورڙي وقت جي ڦير ڦار سان ايڏو تہ اچانڪ سامھون آيون جو انھن جيترو مڃتا ماڻي اوترائي مونجهارا بہ پيدا ڪيا. خاص طور “ادب براءِ ادب” ۽ ادب براءِ زندگي” جھڙا بحث سامھون آيا. جيڪي گهڻي وقت تائين بحث هيٺ رهي اديبن کي ٻن ڌڙن ۾ ورهائيندا رهيا. اڃا تائين ڪجهہ اديب ٻن ڌڙن ۾ ورهايل آهن. شيخ اياز “ادب براءِ ادب” ۽ ادب براءِ زندگي” جي بحث کي نبيريندي يوناني شاعر ڪازان زاڪس جو نظم “مون بادام جي درخت کان پڇيو، خدا ڇا آهي؟، بادام جي درخت ۾ گل ڦٽي پيا.” ڏنو آهي. شيخ اياز ان نظرياتي بحث کي بيجا بحث سڏيو آهي. ڇاڪاڻ تہ ادب ۽ زندگي هڪٻئي سان گڏ آهن.
پرين پٽائين گج جيئن: امداد حسيني
امداد حسيني صاحب جو لکيل مضمون “ پرين پٽائين گج جيئن ” اصل ۾ جماليات سان لاڳاپيل ناهي، سواءِ ڪجهہ بيتن ۽ لفظن جي. امداد حسيني صاحب هن سموري مضمون ۾ پنھنجي ذاتي تجربي هيٺ آيل هڪ ملاقات جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا ملاقات سندس شاگردي واري دور ۾ انگريزي جي استاد واسطي صاحب سان سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿئي ٿي، جيڪو کيس ڀٽائي جو بيت ٻڌائي ٿو.
جھڙا گل گلاب جا تھڙا مٿن ويس
چوٽا تيل چنبيليا ها ها هو هميش
پسيو سونھن سيد چوي، نينھن اچن نيش
لالڻ جي لبيس، آتڻن اکر نہ اڄھي
امداد حسيني صاحب هن بيت جو ڇيد پيش ڪيو آهي ۽ بيت ۾ موجود وقفن (Pauses ) جو ذڪر ۽ ساراھہ ڪئي آهي. جڏهن تہ بيت جي معنويت، ان ۾ موجود فطري جماليات، جسماني جماليات ۽ وجداني جماليات کي ڇھيو بہ ناهي. هُن صرف بيت جي ادبي يا فني جماليات جو ذڪر ڪيو آهي_ ان کي پڻ واضع ناهي ڪيو. سڄو مضمون پڙهڻ کانپوءِ هڪ ڳالھہ چٽي ٿئي ٿي تہ امداد حسيني صاحب پاڻ کي حيرت ۾ ئي رکيو آهي. سونھن حيرت ۾ آڻي ٿي اهو سچ آهي، پر حيرت ۾ اچڻ کانپوءِ انسان خاص طور ليکڪ جيڪا سونھن جي واکاڻ ۽ تشريح ڪندو آهي، اها پڻ حيران ڪندڙ هوندي آهي. ڪروچي موجب “ ڪامياب اديب اهو آهي جيڪو پنھنجي وجدان کي پڙهندڙ تائين منتقل ڪري سگهي.” هتي صورتحال مختلف آهي . مٿين بيت جي وجداني اثر هيٺ امداد حسيني صاحب تہ حيران آهي، هن تي وجداني جماليات جو اثر آهي. شعر جو حسن سندس احساساتي سطحن کي Vibrate تہ ڪيو آهي، پر هو پنھنجي ان وجداني تجربي يا وائبريشن کي بيان ناهي ڪري سگهيو. ڇاڪاڻ تہ سموري مضمون ۾ هو پاڻ تہ حيران نظر اچي ٿو، پر اها حيراني هو پڙهندڙ تائين منتقل نٿو ڪري. ڏٺو وڃي تہ ڀٽائي بادشاھہ هن بيت جي پھرين ٻن سٽن ۾ ظاهري سونھن جو نقشو چٽيو آهي.
جھڙا گل گلاب جا، تھڙا مٿن ويس
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها هو هميش
هنن ٻن سٽن ۾ ڀٽائي پنھنجي تجربي هيٺ آيل منظر/عڪس بيان ڪيو آهي، منظر جي اهڙي منظر نگاري ڀٽائي کانسواءِ ڪوبہ نٿو ڪري سگهي. هنن سٽن ۾ سونھن پنھنجي اعليٰ ترين سرحد تي بيٺل آهي. ان سڄي منظر/عڪس کي بيان ڪرڻ کانپوءِ ڀٽائي چوي ٿو.
پسيو سونھن سيد چوي، نيھن اچن نيش
سونھن جو درشن ڪرڻ کانپوءِ نيھن يا عشق کي نيش اچڻ جو جيڪو ذڪر ڀٽائي بادشاھہ ڪيو آهي. اهو انتھائي عظيم آهي، “ نيش اچڻ ” هڪ اصطلاح آهي جيڪو خاص طور اتر سنڌ ۾ مينھن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جڏهن مينھن پنھنجي خاص رفتار سان وسندي وسندي اچانڪ انتھائي تيز صورت اختيار ڪري وڃي، وري ٿورو هوريان ٿي، ٻيھر تيز ترين رفتار سان وسڻ لڳي تہ چئبو آهي، “ مينھن کي نيش ٿا اچن ” اهو اصطلاح ڪنھن بہ شي ۾ جنون جي حد تائين اوچتي واڌاري لاءِ پڻ ڪتب آندو وڃي ٿو. ڀٽائي جڏهن چوي ٿو تہ
“ پسيو سونھن سيد چوي، نيھن اچن نيش ”
تہ ان مان عشق، سڪ ۽ پيار جي جنون جي حد تائين وڌي اچڻ واري جيڪا تصوير جڙي ٿي، اها حيران ڪن آهي ۽ ان حيرت جي مشاهدي کانپوءِ لطيف سرڪار چوي ٿو ته.
لالڻ جي لبيس، آتڻ اکر نہ اجهي
يعني سونھن جي ان سموري مشاهدي ۽ تجربي کانپوءِ ان جو وجداني اثر ايترو تہ گهرو ٿيو آهي، جو بيان ڪرڻ لاءِ ڪو اکر بہ نٿو ملي/ اڪلي ڄڻ تہ لفظ نڙي ۾ اٽڪي بيھن ٿا.
ڀٽائي بادشاھہ جي ساڳي ئي بيت جي عڪسي سونھن ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪيڏي نہ دلفريب انداز سان بيان ڪئي آهي! ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو، “ گلاب جي گلن جھڙا نازڪ ويس، چوٽن ۾ چنبيليءَ جي خوشبوءِ، پرينءَ جي روپ، رنگين لباس ۾ سرهاڻ سان واسيل وارن سڀ ڪم ڇڏائي ڇڏيا آهن آتڻ ئي نٿو اُڄهي، ڪتڻ جي ڪاڻ ئي ڪانھي.” ٻي پاسي شايد امداد حسيني صاحب ان بيت جي وجداني جماليات جي سحر ۾ ايترو غرق ٿي ويو آهي جو هو ان تجربي، سونھن۽ عڪسي جماليات کي بيان ئي ناهي ڪري سگهيو.
شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جو تصور : ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب جو لکيل مقالو “شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جو تصور” موضوع جي حساب سان هڪ اهم مقالو آهي، پر ڊاڪٽر صاحب ڏهن صفحن جي مختصر مقالي ۾ انتھائي دقيق بحث ڇيڙيندو_ انھن کي بنان ڪنھن نتيجي تي پھچائڻ جي ڇڏيندو ويو آهي. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب جيڪي بحث ڇيڙيا آهن انھن کي هن طرح سان بيان ڪجي ٿو.
1: ڪاڪ محل تي آيل جوڳي، جن حسن جو مشاهدو ڪيو.
2: حسن ڇا آهي؟
ڪاڪ تي آيل جوڳين کان ڀٽائي صاحب جا پار پڇي ٿو.
آءُ لانگو ٽيا لال، ڪنھن پر ڏٺئي گجريون
آب آرتو اکين، لڙڪ وهائين لال
ڏٺئي جو جمال، سامي ڪنھن نہ سليئين ؟
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍرصاحب هن بيت جو پس منظر نٿو ٻڌائي، بلڪہ صرف ايترو چوي ٿو تہ “ ڪاڪ تي ويل جوڳين ڀٽائي سان ڪجهہ بہ نہ سليو.” ان بيت کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب هي بيت ڏئي ٿو.
مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس
نہ ڪا عام نہ خاص، جي ويا سي وڍيا
ڊاڪٽر صاحب مٿي وثوق سان لکي آيو آهي تہ “ ڪاڪ تي ويل جوڳين ڀٽائي سان ڪجهہ بہ نہ سليو.” ڊاڪٽر صاحب کي وثوق سان ائين نہ لکڻ کپندو هو تہ جوڳين يا سامين ڀٽائي سان ڪجهہ بہ نہ سليو. ممڪن آهي تہ هي بيت ڀٽائي صاحب سامين طرفان چيو هجي ۽ سامين شاھ صاحب سان پنھنجي اندر جو احوال هن طرح ڪيو هجي تہ “ مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس ” ڇاڪاڻ تہ اها ڀٽائي بادشاھہ جي شاعري جي خوبي آهي تہ هو سوال ڪري ذهن ۾ ڄاڻ لاءِ اڃ پيدا ڪري ٿو. ساڳيو طريقو سقراط جو بہ هوندو هو. هو پھريان سوال ڪندو هو ۽ سوالن مان سوال پيدا ڪندي آخر ۾ هو پنھنجي ڏاهپ جا عظيم موتي ورهائيندو هو. ائين ئي ڀٽائي بہ پھريان سوال ڪري پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي ذهن ۾ علم لاءِ اضطراب پيدا ڪري ٿو ۽ آخر ۾ پاڻ ئي جواب ڏئي اڃايل ذهنن کي سيراب ٿو ڪري .
مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾
اڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائيين
هي سوال يا حقيقت بيان ڪري ڀٽائي پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي حيرت ۾ وجهي ٿو ۽ سوال ٿو ڪري،
پيو جو پاتار، سوڪئين پسڻ کان پالھو رهي ؟
سوال ڪرڻ کانپوءِ ڀٽائي مسڪرائي پنھنجي عظيم ڏاهپ سان جواب پڻ پاڻ ڏئي ٿو .
ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ
هنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ
هوء ثابوتي ساڻ، تہ پسڻان پالھو رهين
ڀٽائي صاحب جڏهن سامي کان پڇي ٿو “ ڏٺئه جو جمال، سامي ڪنھن نہ سلئيين ” ان مان اها مراد وٺڻ تہ سامي ڀٽائي سان ڪاڪ محل تي ڏٺل مومل جي سونھن جو احوال نٿا ڪن_غير مناسب ۽ غير منطقي ٿو لڳي ڇاڪاڻ تہ سوال ڪرڻ کانپوءِ ڀٽائي پاڻ جواب ٿو ڏئي .
مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس
نہ ڪا عام نہ خاص، جي ويا سي وڍيا
ڇا هي جواب ڪنھن سامي جو ڏنل نٿو لڳي؟ ڀٽائي تہ عظيم مشاهدو ڪيو آهي، هن جيڪي فطري توڙي ظاهري ۽ جسماني سونھن جا درشن ڪيا آهن، انتھائي نرالا ۽ معروف آهن. پر شخصي مشاهدي کان ويندي ڀٽائي تمام گهڻن اهڙن ماڻھن سان ملاقاتون ڪيون آهن، جن اهي ماڳ ڏٺا هئا، جيڪي ڀٽائي نہ ڏسي سگهيو هو، ۽ جديد فلسفي موجب ضروري ناهي تہ اوهان صرف پنھنجي تجربي ۾ آيل ماڳ، مڪان، قصا ۽ ڳالھيون بيان ڪيو، پر ٻئي ڪنھن جي تجربي کي پنھنجو تجربو سمجهي بيان ڪرڻ اصل ڪاريگري آهي ۽ ڀٽائي شاھہ ڪاريگر آهي، جنھن پنھنجي شاعري ۾ سوين مشاهدا قلمبند ڪيا آهن.
هن مختصر مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب تمام گهڻا بحث ۽ بيان ڇيڙي ويو آهي، جيئن شروع ۾ هو سامين ۽ ڪاڪ محل ۾ مومل جو ذڪر ڪيو ڪريٿو، اڳتي هلي هو حسن جي تشريح ۽ وصف بيان ڪري ٿو، جنھن کانپوءِ حسن جا مقام ڏسي ٿو ۽ آخر ۾ مصوري ۽ موسيقي طرف هليو وڃي ٿو. گهرن ۽ عميق موضوعن جو هلڪو ۽ منجهائيندڙ ٽچ پڙهندڙ کي تھان اڃو ڪري ڇڏي ٿو.
حسن جي تشريح واري حصي ۾ ڊاڪٽر صاحب حسن جي درجه بندي هن طرح ڪئي آهي. هو پھرين نمبر تي انسان جو ظاهري حسن، ٻي نمبر تي فطرت جو حسن، ٽئين نمبر تي فنون لطيفہ، ۽ چوٿين نمبر تي اخلاقيات کي رکي ٿو. حسن جي اهڙي درجي بندي بلڪل غير منطقي آهي. ڇاڪاڻ تہ ڊاڪٽر صاحب انسان جي سونھن کي فطري سونھن کان ڌار ڪري ٿو. حالانڪہ انسان فطرت جو ئي حصو آهي، ۽ سندس سونھن فطرت جي سونھن آهي، البتہ مصنوعي سونھن ۽ ٺاھہ جوڙ هڪ ڌار موضوع آهي. جنھن طرف ڊاڪٽر صاحب جو خيال ناهي ويو. هيگل انسان پاران خلقيل سونھن کي خدا جي خلڪيل سونھن ( فطرت ) کان وڌيڪ سمجهي ٿو. کائنس جڏهن پڇيو ويو تہ هو انسان جي پيدا ڪيل سونھن کي خدا جي پيدا ڪيل سونھن کان افضل ڪيئن ٿو سمجهي تہ هن جواب ڏنو تہ هڪ حسين باغيچي کان ( جنھن کي ڪنھن مالھي ترتيب ڏنو هجي ) ڪو جهنگ ڪيئن ٿو خوبصورت ٿي سگهي. هيگل جو خيال هو تہ انسان فطرت کان رهجي ويل حسن ان ۾ ڀري ٿو اهڙي طرح هن جو خلقيل حسن افضل آهي.پر آخر ۾ هيگل انسان پاران پئدا ڪيل سونھن ۽ خدا جي خلقيل سونھن وارو بحث هنن لفظن سان سميٽي ٿو. “جيئن تہ انسان خدا جو خلقيل آهي، سو جيڪو انسان خلقي ٿو اهو اصل ۾ خدا جي تخليق آهي.”
“God reveals himself in man, and there fore the best of man’s works are the best of God’s.”
ڊاڪٽر صاحب پنھنجي بحث ۾ ڪو بہ اهڙو نقطو بيان ناهي ڪيو، جنھن کي منطقي _عقلي يا علمي بنيادن تي قبول ڪري سگهجي. سندس سمورو مقالو خيال آرائي تي ٻڌل آهي يا گهڻو تڪڙ ۾ لکيل آهي، جنھن جي هر سٽ کي وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي.
شاھہ صاحب وٽ حسن و جمال : اڪبر لغاري
اڪبر لغاري صاحب جو لکيل مقالو “شاھہ صاحب وٽ حسن و جمال”، ڪتاب “ سر رپ_ هڪ مطالعو” جي نون صفحن تي ٻڌل آهي. پڙهڻ کانپوء محسوس ٿئي ٿو تہ هن مقالي ۾ لغاري صاحب جي ٻولي، ترتيب ۽ موضوع تي تمام پختي گرفت آهي. مقالي جي پھرين ئي پئراگراف ۾ هو جماليات جو مڪمل تاڃي پيٽو بيان ڪري وڃي ٿو، هو لکي ٿو،
“ حسن ڇا آهي؟ ڪنھن صورت يا مظھر کي خوبصورت ڪيئن چئي سگهجي ٿو؟ ڇا حسن جا ڪي عالمي معيار مقرر ڪري سگهجن ٿا؟ حسن داخلي آهي يا خارجي؟ حسن جو تعلق انسان جي جذبي سان آهي، عقل سان يا روح سان؟ حسن ان جي افاديت جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي يا نه؟ وغيرہ وغيرہ”
هي ٽڪرو لکڻ کانپوء هو چوي ٿو تہ ان سموري بحث کان پاسو ڪندي هو اصل موضوع طرف اچي ٿو، جنھن جي شروع ۾ لغاري صاحب ارسطو جو قول ڏئي ٿو.
“توازن، تناسب ۽ هڪ مربوط ڪل ۾ جزن جي فطري ترتيب جو نالو حسن آهي.”
لغاري صاحب انتھائي دانشمنداڻي انداز سان موضوع کي اڳتي کڻي وڌي ٿو، جنھن جي شروعات ۾ هو حسن جي افادي سگهہ تي بحث ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ ڀلي ڪا شيءَ خوبصورت نہ هجي پر جي اهاماڻھو کي فائدو رسائي ٿي تہ اها هن جي لاءِ خوبصورت آهي. هو حوالي طور ڀٽائيء جو هي بيت ڏئي ٿو،
پريان جي پار جو، ڪانگل نہ ڪوڙو
اچي وڃي وچ ۾، مٿي در دئو ڙو
جو اندر جو اوسيئڙو، سو لاٿائين لطيف چئي.
لغاري صاحب ڀٽائي سرڪار جي هن بيت جي حوالي سان سونھن جي افادي سگهہ واضع ڪندي لکي ٿو،
“عام طور تي ڪانءَ کي بد صورت ۽ ڪوجهو پکي سمجهيو ويندو آهي، ليڪن اهو ڪانءٌ جڏهن سڄڻ جا سنيھا کڻي اچي ٿو، تہ اهو خوبصورت بنجيو پوي ٿو.”
مقالي ۾ سونھن ۽ افاديت جي لاڳاپي تي بحث ڪرڻ کانپوء لغاري صاحب آرزو ۽ سونھن جي واسطي کي بحث هيٺ آڻي ٿو. جنھن بحث ۾ هو چوي ٿو تہ توڙي جي ڪجهہ هنڌن تي ڪا سھڻي شي خواهش کي جنم ناهي ڏيندي پر پوء بہ اها شي جمالياتي ذوق جي تسڪين ڪري ٿي. لغاري صاحب جو بيان ڪيل هي نقطو جماليات جي ماهرن وٽ تمام گهڻو بحث هيٺ رهيو آهي. شاپنھار موجب جيڪڏهن حسين شي ڏسڻ کانپوءِ جيڪڏهن اوهان ان کي ڪتب آڻڻ جي خواهش ڪريو ٿا تہ معنٰي اوهان ان شي جي جمالياتي حيثيت کي تباھہ ڪيو ٿا. ٻي پاسي ڪروشي پڻ لڳ ڀڳ ساڳي ڳالھہ ڪئي آهي.
“ A Painting might prove useful, as an investment perhaps, but this usefulness would be quite tangential to its aesthetic value.”
يعني ڪتب آڻڻ جي آرزو سونھن کان سندس اصل جمالياتي مقام ڦري وٺي ٿي.
مقالي ۾ لغاري صاحب اڳتي هلي درد جي جمال تي بحث ڪيو آهي، توڙي جو هن ڪٿي بہ “ درد جو جمال” اصطلاح طور ڪتب ناهي آندو پر پوءِ بہ سندس بيان تمام سگهارو آهي ۽ ان مان درد جو جمال واضع ٿئي ٿو، هو لکي ٿو،
“ جيڪڏهن ايئن چئجي تہ حسن ۽ درد هڪ ئي وڻ جون شاخون آهن تہ وڌاءٌ نہ ٿنيدو.”
حوالي طور لغاري صاحب ڀٽائي بادشاھہ جو هي بيت ڏئي ٿو،
بيکاري کي بر ۾، ويو ڪيف چڙهي
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي
ڪا جا انگ اڙي جيئن ڇٽا ڦٽ ڇُڙي پيا
مقالي جي آخر ۾ اڪبر لغاري صاحب وجدان تي بحث ڪندي لکي ٿو،
“ وجدان انسان جي سڀني ڪيفيتن کا اعلٰي، ارفع ۽ لطيف آهي، ان تحت انسان حسن جو بھترين خالق بہ ٿيو پوي تہ حسن پرست ۽ حسن شناس پڻ.”
هن جملي ۾ لغاري صاحب تمام گهڻي فڪر انگيز ڳالھہ ڪري ويو آهي، ڇو تہ وجدان وسيلي حسن پرست يا حسن شناس ٿيڻ تہ عام ڳالھہ آهي پر حسن جي خالق ٿيڻ واري ڳالھہ غير معمولي ڏاهپ تي ٻڌل آهي. ڪروشي موجب فنڪار جو فنڪار ٿيڻ ئي هڪ وجدان آهي. انسان جڏهن اچانڪ ذهن ۾ آيل فنپاري کي تخليق ڪري ٿو تہ اهو فنپارو غيرمعمولي ثابت ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو وجدان جي تخليق آهي. ماهرن موجب ڪنھن شي جو اچانڪ ذهن ۾ اچڻ اصل ۾ وجدان ئي هوندو آهي.
مجموعي طور اڪبر لغاري صاحب جو مقالو اهم ۽ ڄاڻ ڏيندڙ آهي.
شاھہ لطيف جي شاعري ۽ تخليق ۾ حسن ڪاري: خاڪي جويو
“ سر رپ _ هڪ مطالعو ” ڪتاب ۾ ڏنل خاڪي جوئي صاحب جو مضمون “ شاھہ لطيف جي شاعري ۽ تخليق ۾ حسن ڪاري ” بنيادي طور جماليات تي لکيل ئي ناهي، خاڪي جوئي صاحب هن مضمون ۾ سماجي مسئلا ۽ سماجي حالتون بحث هيٺ آنديون آهن ۽ شيلي جو هڪ فقرو ڪوٽ ڪري ان تي طويل بحث ڪيو آهي، هو چوي ٿو تہ “شيلي موجب عشق، حسن ۽ مسرت لاءِ نہ تغير آهي ۽ نہ موت، رڳو انسان بدلجندا رهن ٿا.” خاڪي جويو صاحب غير واسطيدار هوندي شيلي جي جڳ مشھور قول جي خلاف دليل ڏيندو رهيو آهي، هو لکي ٿو،
“ ... اڄ اسان شيلي کان گهڻو اڳتي نہ نڪري آيا آهيون،... اڄ اسان جي ان حقيقت تائين رسائي ٿي چڪي آهي تہ تحرڪ ۽ ترقي کانسواءِ ڪابہ حقيقت نہ دائمي آهي ۽ ئي غير فاني آهي.”
شيلي جو قول پڙهڻ کانپوءِ اهو نڪتہ نظر ظاهر نٿو ٿئي، جيڪو جوئي صاحب ان مان ورتو آهي. شيلي موجب عشق، حسن ۽ خوشي کي بقا آهي. هن مان مراد آهي تہ بحيثيت جذبي جي عشق ۽ خوشي زندہ رهن ٿا، يا هر دور ۾ مختلف روپ ڌاري سونھن پڻ زندہ رهڻي آهي. اها سونھن سقراط کان اڳ واري دور ۾ بہ هئي، اڄ بہ آهي ۽ سڀاڻي بہ هوندي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ جاگرافيائي حدن ۽ وقت جي گهرجن پٽاندر سونھن جا معيار تبديل ٿيندا رهن ٿا. پر سونھن بحرحال موجود آهي. هونئن بہ اڄ پوسٽ ماڊرنزم جو دور آهي. جنھن جي پھرين ترجيح ئي اها آهي تہ هر قوم، ملڪ ۽ خطي جو پنھنجو سچ آهي، پنھنجي سونھن آهي، توهان ان جو سچ ۽ سونھن جو معيار رد ڪري ئي نٿا سگهو. سو جويو صاحب نہ ڄاڻ تہ ڪھڙن بنيادن تي شيلي جي قول کي رد ڪري ٿو ۽ دعويٰ ڪري ٿو تہ اسان شيلي جي دور کان گهڻو اڳتي نڪري آيا آهيون. حالانڪہ هي دور تہ ڪنھن جي بہ نڪتہ نظر کي رد نٿو ڪري، سواءِ مڪانيت جي بنيادن جي اسان شيلي جي ملڪ کان پري ٿارهون، سندس ملڪ جي پنھنجي ثقافت، تھذيب ۽ سچ آهي. اسان جو پنھنجو سچ، حسن ۽ سونھن آهي. اسان پنھنجي خطي جي ماڻھو سان تہ اهو بحث ڇيڙي سگهون ٿا . پر هڪ اهڙي ماڻھو سان اهو تڪرار بلڪل نٿو سونھين جيڪو اسان جي خطي کان ڪوهين ڏور رهي ٿو . ڀٽائي اسان جي مٽي جو عظيم شاعر آهي، اسان سندس شاعري مان انھن جذبن جي چونڊ ڪيون جيڪي اسان جي گهرجن، احساسن ۽ جذبن جي تشفي ڪن ٿا. پر ان چونڊ ۾ ڪنھن ٻئي ملڪ جي عظيم شاعر کي لويون، اهو نا مناسب آهي. اهو بہ ان صورت ۾ جنھن ۾ اسان سندس فڪري سطحن کان واقف بہ ناهيون، سواءِ ڪجهہ اقوالن ۽ افقارن جي.
مجموعي طور تي خاڪي جوئي صاحب جو هي مضمون جماليات جي موضوع تي لکيو ئي ناهي ويو. پر سندس ڪجهہ بيان جماليات تي مناسب روشني وجهن ٿا جيئن هو لکي ٿو، “ انسان جي فنڪارانہ حسن_ڪاري يا جمالياتي جوڙ نہ صرف حسن جو معروضي اظھار هوندي آهي، پر حسن جي اندروني اظھار جي بہ خوب کان خوبتر جستجو ۽ تڙپ هوندي آهي. اهوئي سبب آهي جو حسن ۽ سونھن جي وجود ۽ ان جي اثر پذيري کان اڄ تائين ڪوبہ انڪار نہ ڪري سگهيو آهي ۽ پراڻي زماني کان وٺي اڄ تائين حسن کي هڪ مافوق الفطرت شيءِ سمجهيو ويو آهي.” سندس هن بيان ۾ اڄ تائين سونھن کي مافوق الفطرت سڏڻ واري ڳالھہ تمام گهڻي متضاد آهي، ڇاڪاڻ تہ سونھن_بحيثت فلسفي جي ان ڳالھہ کي رد ڪري ٿي.
هن مضمون ۾ بيتن جي چونڊ تمام سٺي ڪئي وئي آهي. پر انھن جي Application زيادہ وقتائتي نٿي لڳي جيئن هي بيت ڏسو.
پسي جا جهہ جمال جي جنين پيتي پڪ
اپر آڳاهيون ٿيو، سور انھي کي سڪ
هڏ نہ ڀڳين هڪ، سندا سائر سير ۾
يا
ڪي جو وڃي ڪالھہ (ڪال)، اکيون پسي آيون
لالون ڪيون لطيف چئي، جانب جي جمال
ٿيا نيڻ نھال، جنين دلبر ديکيو
اهڙو عظيم جمالياتي بيت ڏيڻ کان پوءِ خاڪي جويو لکي ٿو.
“.... اهو بہ اعتراف ڪرڻو پوندو تہ حسن ۽ سونھن جي ڳولھا ۾ انسان اڃا تائين رڳو ڀٽڪندو ئي رهيو آهي.”
ڀٽائي سونھن جي جلوي جو ديدار ڪندڙ اکين جي آسودگي جي ڳالھہ ٿو ڪري، تہ جويو صاحب چوي ٿو تہ انسان سونھن جي ڳولھا ۾ ڀٽڪي ٿو پيو؟
جوئي صاحب جو پورو مضمون ڪوبہ علمي ۽ منطقي نتيجو ڏيڻ کان قاصر آهي.
لطيف وٽ سونھن جو تصور : انعام شيخ
انعام شيخ صاحب جو مقالو“ لطيف وٽ سونھن جو تصور” صرف ڇھن صفحن تي ٻڌل آهي، پر هن مختصر مقالي ۾ انعام شيخ صاحب انتھائي مدلل انداز ۾ نہ صرف سونھن جي تاريخي حيثت بيان ڪئي آهي، بلڪہ ڀٽائي جي شاعري مان پڻ انتھائي مھارت سان “ حسن جي واکاڻ ” جا ڍڪ ڀريا آهن. سندس تحرير جو انداز انتھائي نفيس ۽ جارحاڻو آهي. هو مسلسل تسلسل سان پنھنجي عنوان سان انصاف ڪندو آيو آهي. سونھن ۽ جمال جي موضوع تي حسين انداز سان کنيل سندس قلم انتھائي متاثر ڪندڙ آهي. هو شروع ۾ اناطول فرانس جو مشھور قول دهرائي ٿو، “اسين ڪڏهن بہ مڪمل طرح سان اهو ڄاڻي نہ سگهندا سين تہ شيون خوبصورت ڇو لڳنديون آهن.” هن قول ڏيڻ کانپوءِ انعام شيخ صاحب مدلل انداز سان سونھن جا معيار، ماڻ ۽ حالتون فڪري توڙي فني طور سمجهائي ٿو. هو سونھن جي خارجي ۽ داخلي بحث کي نبيرڻ وقت، داخليت پسندن جو پاسو وٺي ٿو ۽ سونھن جو لاڳاپو نج احساسن ۽ جذبن سان جوڙي ٿو. هن بحث ۾ هو هيگل توڙي ڪانٽ جي نڪتہ نظر کي رد ڪري ٿو. جيڪا ڳالھہ قبول ڪرڻ جوڳي ناهي. ڇاڪاڻ تہ خاص طور هيگل سونھن جي اصل جوهر کي ڪو رانديڪو يا مڪينزم نٿو سمجهي. هو سونھن کي انسان جي ڪردار سان برميچي ٿو. جنھن سان سونھن جي جوهر نکري نروار ٿيڻ سان گڏ، سونھن جو عميق سنسار ظاهر ٿيڻ جا امڪان پڌرا ڪري ٿو.
جن بنيادن تي انعام شيخ هيگل ۽ ڪانٽ لاءِ لکي ٿو.
“... ڪانٽ ۽ هيگل اهڙا ڏاها آهن جن جي ڪلاسيڪي ۽ عقلي دليلن سونھن کان ان جي نزاڪت ۽ نفاست ڦري کيس مخصوص قالبن ۾ قيد ڪري ڇڏيو.”
انھن بنيادن کي تہ ڪانٽ ۽ هيگل ٻئي مفڪر رد ڪن ٿا، ڪانٽ چوي ٿو،
“Beauty is matter of faith ,not reason ”
جڏهن تہ هيگل چوي ٿو،
“The poet is more ultimate figure than the philosopher art stands higher than the all human activities.”
انعام شيخ صاحب جي دعويٰ تہ ڪانٽ ۽ هيگل سونھن کي انسان جي احساساتي ۽ جذباتي سطح کان هٽايو آهي، مٿين فڪرن ۽ بيانن سبب بي بنياد لڳي ٿي. ڇاڪاڻ تہ ڪانٽ توڙي هيگل اهڙا ڏاها آهن، جن جي جمالياتي افڪار مان اڄ تائين جا جمالياتي ماهر متاثر آهن.
ڀٽائي سرڪار جي شاعري مان جماليات يا سونھن جي چونڊ شيخ صاحب تمام بھترين ڪئي آهي. هو ڀٽائي جي جمالياتي احساسن کي نہ صرف مڃي ٿو، پر ان جمالياتي احساس کي بيان پڻ ڪري ٿو.
ڏٺو وڃي تہ ڀٽائي جي ڪردارن جي جمالياتي احساس جي اپروچ ايڏي تہ ڳوڙهي، گهري ۽ دقيق آهي، جو هر ماڻھو ان جي گھرائي کي نٿو پھچي سگهي. پر جڏهن انعام شيخ صاحب پنھنجي مطالعي جي آڌار، منطقي انداز سان ڀٽائي جي ڪردارن جي نفسيات ۽ انھن جو جمالياتي رجحان بيان ڪري ٿو تہ تہ اهو انتھائي وڻندڙ ۽ سليس لڳي ٿو، هو لکي ٿو،
“ سسئي کان وٺي سھڻي تائين سندس سڀ ڪردار باوقار ۽ لازوال سونھن جا طالبو نظر اچن ٿا.... سھڻي لاءِ ڪاري رات ڪشش جو باعث بڻجي ٿي، مارئي لاءِ ملير جنت جو درجو حاصل ڪري وٺي ٿو، سسئي لاءِ جبل ۽ لڪ منزلن طرف راهون بڻجي وڃن ٿا ۽ لاهوتين لاءِ سر نيندڙ سفر فرحت ۽ آرام جو باعث بڻجي ٿو. سونھن ۽ سوڀيا ڏانھن لطيف جي ان رويي جي وڌيڪ ڪھڙي تعريف ڪجي. جو شيون پنھنجا تاثر مٽائي ڇڏين ٿيون.”
مجموعي طور انعام شيخ صاحب جو مقالو ڄاڻ ڏيندڙ ۽ فڪر انگيز آهي، سندس مقالي ۾ ڀٽائي بادشاھہ جي ڪردارن جي جمالياتي احساس جو مناسب ڇيد ڪيو ويو آهي.
شاھہ جي شاعري ۾ حسن ۽ جمال وارو تصور : ڊاڪٽر تھمينہ مفتي
ڪتاب “ سر رپ _ هڪ مطالعو ” ۾ موجود ڊاڪٽر تھمينہ مفتي صاحبہ جو مقالو شاھہ جي شاعري ۾ حسن ۽ جمال وارو تصور ڪجهہ حوالن کان اهم مقالو آهي. جن ۾ جمال سان گڏ جلال ( Sublime ) جو بيان، جماليات جي مختلف رخن، وطن پرستي،صنم پرستي، عشق ۽ ايثار جو جذبو شامل آهن. ان کان علاوہ هن مقالي ۾ظاهري يا جسماني سونھن تي پڻ بحث ڪيو ويو آهي ۽ حوالي طور ڀٽائي جا بيت ڏنا ويا آهن.
هن مقالي لکڻ وقت ڊاڪٽر نصير احمد ناصر جي ڪتاب
“تاريخ جماليات_قرآن حڪيم ڪي روشني ۾” کان گهڻي مدد ورتي وئي آهي. جنھن جا ڪجهہ هنڌن تي حوالا پڻ ڏنا ويا آهن. ڊاڪٽر نصير احمد ناصر جماليات بابت لکيل پنھنجي ڪتابن خاص طور “اسرار حسن”، “فلسفہ حسن و عشق”، “تاريخ جماليات_ قرآن حڪيم ڪي روشني ۾”، ۽ تاريخ جماليات ۾ جماليات جي فڪري جهتن خاص طور “ جلال ” ۽ “ سونھن جي هيڪڙائي” تي گهڻو بحث ڪيو آهي، ۽ هو ان بحث ۾ ڪجهہ شيون غير ضروري طور پڻ ڏئي ويو آهي ۽ ڪي ضروري شيون رهائي ويو آهي، جنھن تي بڪ رويو جي اردو واري ڀاڱي ۾ بحث ڪري آيا آهيون.
جڏهن تہ ڊاڪٽر صاحبہ جو لکيل هي مقالو توڙي جو گهڻو طويل ناهي، پر ان ۾ عنوانن جي بي ترتيبي۽تسلسل جو ور ور ٽٽڻ پڙهندڙ کي ٿڪائي وجهي ٿي.
ڏٺو وڃي تہ هي مقالو بنيادي ڄاڻ پڻ فراهم ڪندڙپڻ آهي. جيئن جلال بابت اڳين مقالن مان ڪنھن ۾ ذڪر نہ هو يا اسلامي نڪتہ نگاھہ سان سونھن جو بيان پڻ صرف هن مقالي ۾ ڏن لآهي. جيڪو اڳين مقالن ۾ نہ هو. پر ان جي باوجود موضوعن جي بي ترتيبي ۽ گهڻائي مقالي کي ڪي قدر منجهيل ۽ اوکو بڻائي ڇڏيو آهي. جيئن مقالي جي شروعات ۾ تخيلاتي سونھن جي ڳالھہ ڪئي وئي آهي، جنھن کانپوءِ سونھن جي فلسفي تي قلم کنيو ويو آهي. وري قرآن حڪيم جي نظرئي وحدت جمال بابت ڪجهہ سٽون لکيون ويون آهن، جنھن کانپوءِ سونھن کي زندگي جو شعبو ڪوٺيو وي آهي. مقالي ۾ هڪ دفعو ٻيھر مذهبي جماليات طرف رجوع ڪيو ويو آهي ۽ حوالي طور قرآن شريف جي آيت ڏني وئي آهي. (جيڪا بنان حوالي جي ڊاڪٽر نصير احمد ناصر جي ڪتاب تان کنئي وئي آهي). ان کانپوءِ ڊاڪٽر ناصر جي ڪتاب “جماليات_قرآن حڪيم ڪي روشني ۾” جي آڌار جمال ۽ جلال تي بحث ڪيو ويو آهي ۽ پوءِ بام گارٽن جي جمالياتي افڪار کي ( ڊاڪٽر نصير احمد ناصر جي پيروي ۾) اسلام سان هم آهنگ ڏيکاريو ويو آهي. ۽ پوءِ “ڪل” ۽ “جز” جو دقيق بحث ڇيڙيو ويو آهي. ان بحث کي ڪنھن منطقي نتيجي تي پڄائڻ کانسواءِ ئي ڊاڪٽر صاحبہ عشق جو ذڪر ڪندي قرباني ۽ ايثار جي ڳالھہ ڪئي آهي. موضوعن جي اهڙي بي ترتيبي هن مقالي کي مونجهائيندڙ
بڻائي ڇڏيو آهي. هن مقالي جي ٻين ٽڙيل پکڙيل موضوعن ۾ داخليت، خارجيت، الميو، فطرت، مجاز ۽ شاعراڻي سونھن شامل آهن.
مجموعي طور هي مقالو مختلف فلسفن ۽ سونھن بابت مختلف ويچارن کي ڀٽائي جي شاعري تي اپلاءِ ڪرڻ تي ٻڌل آهي. پر اها اپليڪيشن نا مناسب، غير موزون ۽ غير واسطيدار صورتحال هيٺ ڏني وئي آهي، جنھن سان مقالي مان جمالياتي حض خارج ٿي ويو آهي ۽ صرف ٿڪائيندڙ ۽ بور ڪندڙ عنصر رهجي ويو آهي. حالانڪہ هن مقالي ۾ ڀٽائي جي بيتن جي چونڊ تمام سٺي ڪئي وئي آهي پر انھن جو اطلاق غلط هنڌن تي ڪيو ويو آهي. جيئن المئي ۽ شاھہ جي دور جي حالتن جو ذڪر ڪرڻ کانپوءِ هي بيت ڏنو ويو آهي،
پاڻهئي جل جلاله، پاڻهئي جان جمال
پاڻهئي صورت پرين جي، پاڻهئي حسن ڪمال
پاڻهئي پير مريد ٿئي، پاڻهئي پاڻ خيال
سو سڀوئي حال منجھان ئي معلوم ٿئي.
يا ٻي هنڌ ڊاڪٽر صاحبہ لکي ٿي،
“ شاھہ صاحب جون سٽون احساس جو سمنڊ آهن ۽ (شاھہ) حسن و جمال تائين پھچڻ لاءِ عشق کي ضروري سمجهي ٿو. جڏهن اهو من ۾ گهر ڪندو تہ حسن و جمال جون منزلون طئي ٿينديون وينديون. سمورو رسالو ان سان واسيل آهي. سر رپ ۾ فرمائي ٿو،
نھائين کا نينھن، سک منھنجا سپرين
سڙي سارو ڏينھن، ٻاهر ٻاڦ نہ نڪري.”
مٿئين بيت ۽ بيان ۾ ورلي ڪا هم آهنگي نظر اچي ٿي. ڇاڪاڻ تہ بيان ۽ بيت هڪ ٻئي کان ٽٽل لڳن ٿا. ۽ خاص طور بيان پنھجي اندر ۾ ڪو خاص ابلاغ کان ڏيڻ کان عاري آهي. ڀٽائي جي هن بيت ۾ موجود جمالياتي ڇڪ کان انڪار ڪونھي پر هن بيت ۾ جماليات ٻي درجي تي بيٺل آهي ڇاڪاڻ تہ هن بيت جو اصل موضوع عشق آهي. عشق حسن سان ئي ٿيندو آهي پر هتي صورتحال سونھن جي اظھار کان قاصر آهي. اهڙن مونجهارن سبب ڊاڪٽر صاحبہ جو هي مقالو ڪو خاص تاثر پيدا ڪرڻ کان رهجي ويو آهي.
شاھہ جي شاعري ۾ حسن۽ جمال: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي صاحب جو لکيل مقالو شاھہ جي شاعري ۾ حسن۽ جمال هڪ اهم مقالو آهي. هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب پنھنجي مطالعي جو نچوڙ پيش ڪيو آهي. سونھن بابت مختلف ڏيھي پرڏيھي عالمن جا رايا ڏيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو،
“ حسن جي سڃاڻ ۽ پرک هرڪو نٿو ڪري سگهي، حسن ڪيميا آهي جنھن جي ڇھاءَ سان لوھہ بہ سون بڻجي پوي ٿو.”
ڊاڪٽر سڌائي صاحب هن مقالي ۾ سونھن جي سورنھن سينگارن جي ڳالھہ ڪئي آهي. هندي شاعر ملڪ محمد جائسي(وفات 1639ع) پاران عورت جي سورنھن سينگارن جو ذ ڪر ڊاڪٽر صاحب هن طرح ڪري ٿو_ مٿي جي وارن، آڱرين، اکين ۽ ڳچيءَ جو ڊگهو هجڻ_ڏند، پستان، پيشانيءَ ۽ دن جو ننڍو هجڻ_نڪ، چيلھہ ۽ چپن جو سنھو هجڻ_ ڳل، ٻنڊڻ، ڪرايون ۽ رانن جو ڀريل هجڻ_ سورنھن سينگارن ۾ شامل آهن. اهي سورنھن سينگار يا سونھن جون سورنھن وصفون تمام گهٽ ڪتابن ۾ ملن ٿيون.
ڊاڪٽر سڌايو صاحب ڀٽائي جي حوالي سان مارئي جي سونھن هن بيت مان بيان ڪري ٿو.
پکي منجهہ پدمڻي، جيئن ڏي ورا ڪا وڄ
جھڙي صورت سڄ، تھڙي مورت مارئي
ڊاڪٽر صاحب سونھن ۽ حسن بابت ڀٽائي بادشاھہ جي بيتن جي پڻ تمام بھترين چونڊ ڪئي آهي، جيئن
ساهڙ مون جيئن سرتيون، جي ڏسو سڀيئي
سمھو ڪين سک ٿي، ور پاسو ڏيئي
منھان اڳي ئي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي
يا
جي هيان هوت پنھون سين، مون جيئن ملاقات
ٻانھن وجهي وات، ريھون ڪيو رڃن ۾
يا
ڏيھاڙي ڏمر ڪري، مٿي محبت مون
نہ ڪي اچين تون، پريم ! ڪوھہ نہ پلئين
انھن بيتن جي ڇانو ۾ ڊاڪٽر صاحب پنھنجي مقالي کي انتھائي خوبصورت ۽ با ترتيب بڻايو آهي. سندس بيتن جي چونڊ بہ گهڻو ڪري هڪ ئي سر مان آهي. جنھن سان هڪ تہ خيالن ۽ موضوع ۾ ترتيب رهي ٿي، ٻيو ان سان هڪ ئي موضوع تمام سٺي نموني سلجهي پوي ٿو ۽ پنھنجي ڀرپور ابلاغ سان پڙهندڙ تائين منتقل ٿئي ٿو.
هن مقالي ۾ ڊاڪٽر سڌائي صاحب نہ صرف ڀٽائي جي ڪردارن جي حسن شناسي تي بحث ڪيو آهي، بلڪہ انھن جي روين ۽ ائپروچ تي پڻ مناسب بحث ڪيو ڪيو آهي. هو لکي ٿو،
“ حسن جي ترغيب، ڪشش ۽ عشق جو اڀار انساني خواهشن تي مدار رکن ٿا... لطيف سائين جا سڀ ڪردار گهڻو ڪري پنھنجي خوشي جي دائرن کي وسيع ۽ ويڪرو بڻائيندا نظر اچن ٿا.”
مجموعي طور ڊاڪٽر صاحب جو لکيل مقالو “ شاھہ جي شاعري ۾ حسن ۽ جمال ” خيالن جي ترتيب، بيتن جي مناسب چونڊ ۽ احساساتي سطحن تي ڪيل دانشمنداڻي تجزئي سبب هڪ ڀرپور مقالو آهي. جنھن ۾ ڀٽائي بادشاھہ جي شاعري مان سونھن جا گوهر ڇلڪندي محسوس ٿين ٿا. هن مقالي ۾ هڪ پاسي جسماني سونھن جو سليقي سان ذڪر ڪيو ويو آهي تہ ٻي پاسي روحاني سونھن کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي ۽ سونھن جي قديم وصف “ هم آهنگي ۽ تناسب جو نالو حسن آهي،” وانگر هي مقالو پڻ هڪ جانبدار تحرير آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ جمالياتي تصور: حافظ عبدالرحيم جمالي
ڪتاب سر رپ _ هڪ مطالعو ۾ شامل حافظ عبدالرحيم جمالي صاحب جو مضمون “ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ جمالياتي تصور ” حسن جي سونھن جي تشريح، اثر ۽ ڪشش کا شروع ٿي، سونھن جي بيشبھا خزاني ڀٽائي بادشاھہ جي شاعراڻي جماليات تائين پورو ٿئي ٿو. جنھن ۾ امراءُ قيس، حسان بن ثابت رضہ ۽ قرآن ڪريم جي جمالياتي تصور ۽ فڪرن جو ذڪر پڻ ڪيل آهي. هونئن تہ هي مضمون اهم ۽ ڄاڻ ڏيندڙ آهي، پر تحقيق جي فني گهرجن پٽاندڙ ناهي لکيو ويو . ڇاڪاڻ تہ مضمون ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٻين عالمن جا خيال بنان ڪنھن حوالي يا انورٽيڊ ڪامن جي ڏنل آهن، جنھن سان خاص طور تحقيق سان وابسطہ ماڻھن ۾شڪ ۽ ڳڻتي پيدا ٿئي ٿي. حافظ صاحب مضمون ۾ گهڻن هنڌن تي ٻين عالمن جا خيال ۽ تصور پنھنجي کاتي ۾ ڳڻائي ويو آهي، جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪتاب مقدمه لطيف ۾ سندس خيال،
“ ڪنھن بہ شاعر جي بزرگي ايتري قدر قبول ڪئي ويندي آهي جيتري قدر منجهس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت هوندي آهي ۽ اهو ڏسڻو هوندو آهي تہ ان شاعر ۾ مشاهدي ماڻڻ جا جذبا ۽ امنگ ڪيتري قدر آهن.”
حافظ صاحب مٿيون فقرو بغير ڪنھن حوالي يا ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جو ذڪر ڪرڻ جي پنھنجي کاتي ۾ ڳڻائي ويو آهي. جيڪو عام پڙهندڙ تہ هضم ڪري سگهي ٿو، پر تحقيق سان وابستہ ماڻھو ان شي کي سخت ناپسند ڪندو. ڇاڪاڻ تہ بنان ڪنھن حوالي جي ڪنھن ٻي جو صرف خيال پنھنجن لفظن ۾ ڏيڻ “ ادبي سرقي ” جي دائري ۾ اچي ٿو، پر هتي نہ صرف خيال پر لفظ پڻ ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جا آهن.
مٿين تنقيد کي هڪ پاسي تي رکي جيڪڏهن حافظ جمالي صاحب جو مضمون پڙهجي ٿو تہ ان ۾ هڪ خاص قسم جي رواني، سلاست ۽ لفظن جي بھتر چونڊ ملي ٿي جيڪا ڪهنہ مشق اديب ۾ ٿي سگهي ٿي. جمال ۽ سونھن جي حوالي سان شاھہ جي رسالي جي سرن ۾ لطيف حسن بياني جو بيان حافظ صاحب هنن لفظن ۾ ڪري ٿو.
“ سر سارنگ ۾ قدرتي حسن جو جلوو بيتن ۾ بيان ڪيو اٿس، سر سھڻي ۾ درياھ جو دل ڏاريندڙ منظر، مومل راڻي جي داستان ۾ تارن جو تڪڻ، سر کنڀات ۾ چنڊ جي چانڊاڻ ۽ چمڪ، سر ڪاموڏ ۾ ڪينجهر جي ڪناري نوري جي نماڻائي ۽ تماچي جي طلب ۽ لھرن جو لڏڻ ( ڏسجي ٿو).”
حافظ صاحب هن فقري ۾ لطيف جي فطري جمال جي بيان جي واکاڻ ۽ تصويرڪشي ڪئي آهي. جڏهن تہ هو مقالي ۾ ڀٽائي جي روحاني جمال، مجازي جمال، ڳولھا جي حسن، شاعراڻي جمال ۽ خود ڀٽائي جي شخصي جمال جو ذڪر ڪري ٿو. ڀٽائي بادشاھہ جي شخصي جمال بابت جمالي صاحب لکي ٿو.
“ هن ( ڀٽائي) جي شخصيت لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هو وجيھہ و جميل شخص هو، تہ جيڪو ماڻھو پاڻ سھڻو هوندو آهي تہ فطري طور ان جون جبلي تقاضائون، سوچون ۽ لوچون پڻ حسين هونديون آهن، ان لحاظ کان شاھہ جو ڪلام حسن و خوبي جو امتزاج آهي.”
مجموعي طور حافظ عبدالرحيم جمالي صاحب جو لکيل مضمون “شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ جمالياتي تصور” هڪ سليس ۽ جلدسمجهہ ۾ ايندڙ مضمون آهي، جنھن ۾ عام رواجي تشبيھون ۽ تلهميون ڪتب آنديون ويون آهن. جڏهن تہ لفظن جي چونڊ پڻ آسان ڪئي وئي آهي. هن مضمون ۾ ڪي خاص فڪري نقطا ناهن ڏنا ويا، نڪو وري ڪي فلسفياڻا بحث ڇيڙيا ويا آهن. بنيادي طور هي مضمون ڀٽائي باشاھہ سان انتھائي عقيدت واري انداز ۾ لکيل آهي.
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن
تن جو سرافن اڻتوريو ئي اگهايو (شاھہ)
شاھہ جو ڪلام سونھن جو سرچشمو : احسان دانش
احسان دانش صاحب جو لکيل مضمون شاھہ جو ڪلام سونھن جو سرچشمو 14 صفحن تي ٻڌل آهي. جنھن ۾ هن سونھن جا ٽي قسم طبعي، جسماني ۽ اخلاقي سونھن بحث هيٺ آندا آهن . هن مضمون جي شروعات ۾ طبعي، جسماني توڙي اخلاقي ۽ روحاني سونھن جي فلسفي جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي. جنھن کان پوءِ شاھہ جي شاعري مان اهڙا بيت ڏئي وضاحتون ڪيون ويون آهن ۽ موضوع کي بيان ڪيو آهي.
هتي هڪ ڳالھہ جوذڪر ضروري آهي تہ احسان دانش صاحب پنھنجي تحرير ۾ فيصلاڪن فقرا پيش ڪندو رهيو آهي. جيڪا تحقيق جي شاگرد جي حيثيت سان نہ قبول ڪرڻ جھڙي ڳالھہ آهي. ڇاڪاڻ تہ تحقيق ۾ هميشہ گنجائش پيدا ڪئي ويندي آهي، يا گنجائش رکي ويندي آهي تہ جيئن ڪو ٻيو محقق ان ۾ ڪا شي جوڙي سگهي. احسان دانش لکي ٿو.
“ محققن جي راءِ موجب حسن جمال يا سونھن جا ٽي قسم ٿين ٿا.
(1). طبعي سونھن
(2). جسماني سونھن
(3) اخلاقي يا روحاني سونھن.”
ڪھڙن محققن سونھن جا ٽي قسم ڏسيا آهن؟ يا ڪھڙن بنيادن تي سونھن ۽ جمال جا ٽي قسم ٿين ٿا. محقق کي ٻڌائڻ کپي تہ جيڪا سونھن انھن ٽنھي قسمن ۾ نٿي اچي اها ڪھڙي قسم جي سونھن هوندي؟ سونھن هوندي بہ يا نہ ؟ جيئن درد جو جمال، وجداني جمال، احساساتي جمال، جنسي يامجازي جمال، رومانوي جمال وغيرہ وغيرہ کي ڪٿي بيھاريو يا رکيو ويندو يا سونھن جي انھن قسمن جون وضاحتون پنھنجي ڪھڙي حيثيت سان مڃرائي سگهجن ٿيون.
البتہ احسان دانش صاحب سونھن جون جيڪي وصفون هن مقالي ۾ بيان ڪيون آهن، انھن سان ٺهڪندڙ ڀٽائي جي بيتن جي مناسب چونڊ پيش ڪئي وئي آهي. جيئن هو ڀٽائي جي طبعي يا فطري سونھن بابت هي بيت ڏئي ٿو،
اتران ٿي آيون، ڪري هڪل هوءِ
ڀري تل تاريون، جوڙي هليون جوءِ
پسيو جا پٽن ۾، خٿوري خوشبوءِ
اچي روبروءِ، اٺيون روضي تان رسول جي.
شاھہ جي ڪلام مان جسماني سونھن بابت هي بيت ڏنل آهن،
چنڊ تنھنجي ذات، پاڙيان تان نہ پرينءَ سين
تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو
يا
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر
سورج شاخون جهڪيون، ڪماڻو قمر
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
ڀٽائي جي شاعري مان روحاني ۽ اخلاقي حوالن سان ڏنل بيتن ۾ هي بيت شامل آهن.
ڪالھہ گڏيوسين ڪاپڙي، جھڙو ماه منير
فيض فراق فقير، جوڳي جاڳائي ويو.
يا
قدم ڪاپڙين جا لڳا ۾ لاهوت
جنين سين ياقوت، آءُ نہ جيئدي ان ري
مجموعي طور تي احسان دانش صاحب جو مضمون تحقيقي گهرجون پوريو نٿو ڪري. هي مضمون تخليقي، جذباتي ۽ سطحي نوعيت جي ڳالھين ۽ عام رواجي قدرن جي نشاندهي ڪري ٿو. جنھن سان هڪ پڙهيل لکيل ذهن جي ٻولي۽ علم جي جمالياتي احساس جي تشفي نٿي ٿئي.
نتيجو
سنڌي ۾ جماليات جي موضوع تي لکيل مضمونن / مقالن جو ڇيد ڪرڻ کانپوءِ اهو نتيجو نڪري ٿو تہ سواءِ ڪجهہ مقالن جي (جن ۾ جماليات جي موضوع بابت مختصر سھي پر بنيادي ڄاڻ ڏني وئي آهي) ٻيا مقالا ڪو خاص فڪري رجحان پيدا نٿا ڪن. هونئن تہ جماليات خاص طور ڀٽائي سرڪار جي شاعري ۾ جماليات تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي، پر جيڪو ڪجهہ لکيو ويو آهي، ان مان اڌ کان وڌيڪ under-standardآهي، ۽ تحقيق جي فن پٽاندڙ ناهي. شاھہ جي جمالياتي شاعري کي جماليات جي جديد وصفن سان برميچي انھن جو بيتن تي اطلاق تمام گهڻي ضروري آهي. جنھن لاءِ صرف جماليات جي فلسفي جي بحيثيت فلسفي، بحيثيت ادبي رجحان، بحيثيت سماجي شعور ۽ بحيثيت جهتي علم جي مڪمل ادراڪ ضروري آهي. ملڪي سطح تي ڊاڪٽر نصير احمد ناصر جماليات تي چڱو ڪم ڪيو آهي جڏهن تہ ڀارت ۾ خاص طور تي هند مغل جماليات، مرزا غالب جي جماليات، امير خسرو جي جماليات ۽ هندو ازم جي پنھنجي هندستاني جماليات تي وڏو ڪم ٿي چڪو آهي. جرمن، فرينچ ۽ انگريزي ۾ پڻ لڳ ڀڳ هر وڏي فلسفي، شاعر ۽ اديب جي جمالياتي افڪار احساس ۽ رجحان تي ڀرپور تحقيق ٿي چڪي آهي ۽ ٿي رهي آهي، ۽ سنڌي ۾ اهڙي تحقيق جي سخت ضرورت آهي.