لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر رپ

رپ جي نالي سان ڪابہ راڳڻي ناهي. “رپ” جي لفظي معنيٰ آهي، وڏو، ڳرو يا زورائتو. سر رپ ۾ شاھ صاحب؛ وڇوڙي، جدائي، فراق، انتظار، درد، پيار، عشق، پيڙا، سڪ ۽ محبت جو ذڪر ڪيو آهي.
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب سر رپ لاءِ لکي ٿو:
“ “رپ” لفظ جي معنيٰ آهي ڳري آفت. هن سر ۾ فراق يا ڦوڙائي جو ذڪر آيل آهي. عاشق جي لاءِ هڪ ساعت جي جدائي بہ ڪاريھر جي ڏنگ مثل آهي. مطلب تہ وڇوڙو عاشق لاءِ وڏو مامرو آهي. انھيءَ لحاظ کان ئي هن سر تي اهو نالو رکيو ويو آهي.”
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سر رپ بابت لکي ٿو:
“رپ جي معنيٰ آهي، سخت، ڳرو، زوردار يا سخت زمين. هي سر معنوي لحاظ کان بہ ڳرو، زورائتو ۽ سخت زمين وارو آهي. ڇاڪاڻ تہ هن ۾ گوندر ۽ غم، سوز ۽ درد جو سمان سٽيل آهي... شاھ جي ڪلام ۾ رپ وڏو راڳ ڪري ڳايو ويندو هو. شاھ جي هڪ راڳيءَ سيدغلام شاھ کان جڏهن رپ راڳ ڳارايو ويو تہ معلوم ٿيو تہ رپ راڳ ڪلياڻ سان لاڳو آهي. ”
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب “رپ” بابت محترم معمور يوسفاڻي جي حوالي سان لکي ٿو:
“ڪلياڻ راجا کي “رپ” نالي هڪ نھايت سھڻي ڌيءِ هئي. جنھن جي سونھن جي واکاڻ ٻڌي “بروئو”،ٿس پرپٺ ئي عاشق ٿي پيو ۽ هر وقت سندس حسن جي تعريف ڪرڻ ۽ شان ۾ گيت ڳائڻ هن جو معمول بڻجي پيو.”
جڏهن تہ “لطيف سرڪار جو سر رپ” جي نالي سان پنھنجي هڪ مضمون ۾ حافظ محمد بخش خاصخيلي لکي ٿو: “حضرت لطيف اهڃاڻي طور(علامت) طور، جيئن سر بروو جوڙيو، تيئن بروي تي عاشق حسن جي راڻي “رپ” کي بہ نہ وساريو ۽ سر بروي کانپوءِ جدا “سر رپ” جوڙيائين.”
بروي ۽ رپ جو عشقيہ قصو سگهڙ عام طور بيان ڪن ٿا. پر مشھور آهي تہ بروو رپ تي اڻڏٺي عاشق ٿيو هو. جيئن ڊاڪٽر سڌائي صاحب پڻ چيو آهي. يعني قصي ۾ بروو عاشق ۽ رپ معشوقه آهي. پر شاھ جي رسالي جي سر رپ ۾ وڇوڙي جا ورلاپ ۽ درد جون دانھون هڪ عورت ڪري ٿي جنھن مان ثابت آهي تہ هتي عاشق عورت آهي.
رسالي جي هن سر کي بلاجواز ڪنھن قصي سان نہ ملائڻ گهرجي. سر رپ اصل ۾ درد جو داستان، وڇوڙي جو ورلاپ، عشق جو نصاب، جدائي جي دانھن ۽ سڪ جو سمونڊ آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب درد، سڪ، سور، گوندر، عشق ۽ پيار جو اهڙو لاڳاپو ظاهر ڪيو آهي جو اهي سڀئي آفاقي اشارا هڪٻئي سان جُڙيل ۽ جَڙيل محسوس ٿين ٿا. هي سر عام عورت جي جذبن جو عڪاس آهي، جنھن کي ڪنھن بہ اڻٺھڪندڙ خاص قصي، ڪھاڻي سان واڳڻ نہ گهرجي.

گُوندَرَ ڪَيو غَرَقُ، ماءُ! مُنھِنجو ڄِندُڙو؛
ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳـرَ پَنڌڙَو.
(رپ)1:1
“رپ ۾ درد جو بيان شاھ صاحب مڪمل طور ٽن لفظن “گوندر ڪيو غرق” ۾ ڪري ڇڏيو آهي. ان کان وڌيڪ درد جو داستان ڪيئن بيان ڪبو! پر هي درد جو بيان! جيڪو غم جي فلسفي ۽ وڇوڙي جي ورلاپن تي آڌاريل آهي، تنھن کي شاھ صاحب جي خوبصورت زبان ۽ انداز بيان جي آرسيءَ ۾ پسڻ کپي.”
پرينءَ جي ڏنل درد کي هٿ پير ناهن، پر پوءَ بہ دل سور کان ستائيجي دانھون ٿي ڪري، دردن دل ۾ واٽون ٺاهي ورتيون آهن. مون وانگر پرين کان پري ڪو اڪيلو گهاري نٿو سگهي.

گُوندَرَ ھَٿَ نہ پيـرَ، وِرِهُ مَنجهينِ وَھَڻو؛
ڪُڙهِ ۾ قطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيـرَ؛
مُون جِئَن گهاري ڪيـرَ، ھيڪِلي رِءِ سَڄَڻين؟
(رپ)1:3

اُٺي جِئَن مورَنِ، اوڀَرَ وَلَھارَنِ ۾؛
سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُه ڦوڙائو سَڄَڻين.
(رپ)1:4
شاھ صاحب تلقين ٿو ڪري تہ عشق، وڇوڙي ۽ سڪ جو درد ستائي بہ ٿو تہ ڳجه ۾ روئڻ گهرجي. سڌو سنئون روئي پرينءَ کي پڌرو نہ ڪرڻ گهرجي.

ڳُرَ ۾، ڳُجهو روءُ، پَڌَر وِجه مَ پَرِينءَ ري؛
سُورَنِ سُڀَرُ ھوءُ، ھِنئَڙا! ڪُمَ ڪَنَنِ جِئَن.
(رپ)1:6
جدائي سبب درد منھنجي اکين ۾ ترسي پيو آهي. اکين ۾ سدائين بادل ڀريا ٿا رهن. پرينءَ جي سڪ اڄ تہ ايڏو ستايو آهي جو ڄڻ تہ ڳوڙهن سان گڏ محبوب پيو منھنجي اکين مان ٽمي.
ڪَڪَرَ مَنجه ڪَپارَ، جهڙُ نيڻَنئُون نہ لھي؛
اَڄُ مُنھنجي چِتَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ؛
آءُ سَڄڻ! لَـھُ سارَ، وِرِھَ ويڙھِي آھِيان.
(رپ)1:9
شاھ صاحب ڪڏهن ڪڏهن ايڏيون تہ ڇرڪائيندڙ تشبيھون ڪتب آڻي ٿو جو پڙهندڙ حيران ٿيو وڃي. “ويرو تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي ھَڏَ جِئَن.” جيئن ڀڳل هڏ ڏکندو رهندو آهي، محبوب جو درد ائين پيو محسوس ٿئي. شاھ صاحب درد کي ڪيڏو نہ ويجهڙو وڃي تعبير ڪيو آهي. جو پرهندڙ توڙي ٻڌندڙ ان درد ۽ سور جو اثر محسوس ٿو ڪري.

چيتارِيان چُڻِڪَنِ، وِسارِيان نہ وِسِري؛
ويرو تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي ھَڏَ جِئَن.
(رپ)1:14

گَونِي ۽ گُونِي، پِرِين پَٽائين گَجَ جِئن؛
جي مَنَ مـجُوني، سي ڪِئَن وَڃَنِ وِسِرِي؟
(رپ)2:3
“معنيٰ منھنجو پرين صورت ۾، مورت ۾، رنگ روپ ۽ رونق ۾ پٽ ريشم جھڙو گداز آهي. منھنجي دل اند/من ۾ جيڪو شوخ چنچل ۽ بيپرواه رهيو پيو آهي. اهو مونکان ڪيئن وسري سگهندو؟”
جِئَن سي کُوھِيءَ نارَ، وَھَنِ واريءَ گاڏُئان؛
ھِنئَڙو پِرِيان ڌارَ، نِبيرِيانسِ نہ نِـبِـري.؟
(رپ)2:5
شاھ جتي سونھن جي ڳالھ ڪئي آهي اتي عشق کي پڻ ناگزير ڄاڻايو آهي. ۽ عشق جي مرحلن ۽ سڪ جي نازڪ بياني ۾ هو انتھائي انوکن لفظن جي چونڊ ڪري ٿو. هو جتي سڪ جي سمونڊ کي سرڪيءَ ۾ پيئڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، اتي عورت جي جذبن ۽ جسماني گهرجن کي پڻ انتھائي نفيس انداز سان بيان ڪري ٿو. شاھ صاحب رومانوي جمال ۾ عورت جي اندر جي احساسن جو کليو اظھار ڪري ٿو. هو سھڻي جي ميھار لاءِ تڙپ ڏسي، “اديون سڀ اندام چڙن منھنجا چوريا” بہ چوي ٿو تہ سياري جي يخ ٿڌي رات ۾ ڪنھن عورت جي من ۾ پرينءَ لاءِ متل ماتام۽ آنڌ مانڌ کي پڻ خوبصورت اظھار ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ تہ شاھ صاحب سندس من جي محبت سان گڏسندس تن جي تڙپ کان بہ واقف آهي. اهوئي رومانوي جمال جو معراج آهي.

اُتَرُ ڏِني اوتَ، نہ مُون سَوَڙِ، نہ گَبـَرو؛
چارَئي چُنِـيءَ پوتَ، مُون ريڙھِيندي راتِ گَئِي.
(رپ)2:8

“چنيءَ جي چئني پاڌن/ڇيڙن کي ريڙهڻ واري ڳالھ عام هوندي بہ خاص آهي، اهو عمل جيڪو ذاتي آهي اهو عام اڳيان لطيف ڪيئن آندو آهي، اهائي حيرتناڪ واردات مٿئين بيت ۾ آهي، عام ڳالھ عام اڳيان آڻڻ ئي خاص ڳالھ آهي. باقي “سوڙ ۽ گبرو” جي غير موجدگيءَ جو ذڪر مختلف انداز سان ورور ڪرڻ بہ حيرت کان ٻاهر ناهي:
سَٻَرُ سِيُّ پِيو، نہ مُون سَوَڙِ، نہ گَبـَرو؛
نہ مُون ڪانڌُ، نہ قُوتُ ڪي، جوڀَنُ وَھِي وِيو؛
تنِـين حالُ ڪِھو، نِڌَرَ جنِـين نـِجهرا؟
(رپ)2:6

اُتَرُ اوتُون ڏي، نہ مُون سَوَڙِ نہ گَبـَرو؛
سِيُّ سارِينديُون سي، جنِين نِڌَرَ نـِجهرا؟
(رپ)2:7
ڦوھ جوانيءَ ۾ تنھائي، نوجوان ڇوڪري اظھار لاءِ/پرينءَ کي پيغام ڏيڻ لاءِ پنھنجي ئي اندر جي چونڊ ۽ انتخاب ٿي ڪري...سوڙيون، رليون، ڪمبل، سڀئي اوڇڻ بيڪار آهن. سيء کي جهلي ۽ روڪي نٿا سگهن، سيءَ کي شڪست رڳو پرينءَ جي بدن جي گرمي ڏيئي سگهي ٿي... پرينءَ جي جسم جي ڪوساڻ ۽ گرمائش کانسواءِ “سنجهي سيءَ مرڻ” ۽ “ڪروڙين ڪپاهن/گرم اوڍاڻين ۾ بہ ٺار ٺرڻ” جھڙا عظيم اظھار ۽ بيباڪ جذبا ۽ وري “پرڀات جو اچڻ” ۽ “ور کي وهاڻيءَ/پوئين رات جو ورڻ” واري التجا ۽ تلقين ڪرڻ تہ روئاري وجهي ٿي.”
نھِائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين!
سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نہ نِڪري.
(رپ)2:11
شاھ صاحب نھائين کان نينھن سکڻ جي تلقين تہ ڪري ٿو پر پاڻ ئي چوي پيو تہ لوڪ ستي اکين کي نھائين وانگر ڍڪجي تہ پيو پر پرينءَ جي سار ۾ تن ۽ من ور ور اجهامي ۽ ٻري پيو. لاريب! ڀٽائي وٽ عشق جو جمال انتھائي انوکو آهي.
نيڻَ نھائِين جان، سُتي لوڪَ ڍَڪِيان؛
اُجهامِيو ٻَران، توکي سارِيو سُپِرِين!
(رپ)2:12
مجموعي طور سر رپ ۾ شاھ صاحب؛ سڪ، سور، درد، عشق، وڇوڙي، جدائي ۽ رومانوي جمال جا جلوا پسايا آهن. اها حقيقت آهي تہ عشق جو درد سان تمام گهرو لاڳاپو هوندو آهي. اهو لاڳاپو اڃا وڌيڪ گهرو بڻجي پوي ٿو جڏهن وچ ۾ جدائي جي آفت اچي ڪڙڪي ٿي. شايد سر رپ جو نالو رپ اجگر جيڏي جدائي جي ڪري ئي پيوهجي. هن سر ۾ شاھ صاحب درد، عشق، محبت، جدائي ۽ سڪ کي هڪٻئي جي انتھائي ويجهو آڻي بيھاريو آهي. هن سر ۾ جتي درد جو جمال آهي اتي سڪ، وڇوڙي، پيار، پيڙا ۽ رومانس جي سونھن پڻ آهي.