لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

درد جي جماليت ۽ ڀٽائيءَ وٽ ان جو تصور

مَدَحَ مون کان نہ ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ
حُزنُ ھوتَ پُنھونءَ جو، رُڳيا ئِي راحَتَ (شاھ)
هڪ پاسي جماليات مسرتن جا انبار آڻي ڏئي ٿي تہ ٻي پاسي درد جا درياءَ بہ انسان کي سونھن ۽ جمال جي ڪري جهاڳڻا پون ٿا. سونھن بنيادي طور پنھنجو اثر ظاهر ڪندڙ عنصر آهي. اهو اثر ڪڏهن خوشي، چين، سڪون، اطمينان ۽ راحتن جي عظيم جھان ۾ وٺي وڃي ٿو تہ ڪڏهن غم، ڏک، درد، اذيت ۽ پيڙا جي وادين ۾ گهمائي ٿو. درد پنھنجي پر ۾ خوشيءَ کان وڌيڪ جٽادار ۽ گهرو اثر ڇڏيندڙ آفاقي اشارو(universal-temporal) آهي. جتي درد انساني حواسن تي اثر انداز ٿئي ٿو اتي ان جي اثر هيٺ ڪو هاڪاري نتيجو پڻ متوقع هوندو آهي، ڇاڪاڻ تہ درد جو جمال ۽ سونھن؛ خوشي جي جمال جو ضد هوندي ان کي معني بخشڻ جي سگهہ رکي ٿو، ڇو تہ شين جو اصل قدر انھن جي تضادن سبب ئي ٿيندو آهي.
“Anxiety proposed here as an aesthetic notion immediately touches on the place of negative pleasure that is of displeasure in aesthetic considerations. The idea of displeasure in the context of aesthetics appears to stem from the concept of aesthetic pleasure as its natural opposite also divulges its problematic experience.”
چون ٿا تہ شاعري جي شروعات ئي ڏک ۽ درد جي ڪري ٿي هئي. مشھور آهي تہ حضرت آدم عليہ اسلام کي جڏهن جنت مان بي دخل ڪيو ويو هو تہ هن ڏک ۽ درد مان جن لفظن سان پنھنجي اندر جي احساسن،جذبن ۽ درد کي بيان ڪيو هو، اهو ئي شاعري جو پھريون نمونوآهي.
ڪجهہ ڏاهن تہ سونھن جو پئمانو ئي اهو رکيو آهي تہ جيڪا شيءِ غم يا خوشي ڏئي سا حسين آهي.
“جو چيز جمالياتي سوز و سُرور دي وہ حسين هي.”
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پنھنجي هڪ مضمون 'سونھائي سورن ڪي هيڪاندي هوت سين' ۾ لکي ٿو تہ درد ئي دنيا جي حقيقت آهي... ڪنھن فارسي شعر چيو آهي،
درين دنيا ڪسي بي غم بہ نہ شد،
اگر باشد بني آدم بہ نہ شد.
يعني دنيا ۾ درد کان وانجهيل ڪو بہ ڪونھي، ٻي مخلوق ڀلي مستثنيٰ هجي مگر انسان سور جي ساٿ کان الڳ ٿي ئي نٿو سگهي.
انسان جي جمالياتي ارتقا جو مکيہ وسيلو درد آهي، جنھن وسيلي هن لافاني تخليقون ۽ تعميري شيون ۽ فنپارا جوڙياآهن. شاعري جو عظيم دبستان عشق جي درد جي بدولت آباد آهي. ۽ اهو عشق جو ئي درد آهي جنھن وسيلي انسان حسن ۽ سونھن جي اثر انداز ٿيندڙ سگهہ مان محضوض ۽ مخمور ٿئي ٿو. يعني درد راحت ڏيندڙ بڻجي وڃي ٿو. پر صرف اهو درد ئي راحت بخشي سگهي ٿو جنھن ۾ جمالياتي ۽ عشقيہ عنصر موجود هوندا ڇاڪاڻ تہ جمالياتي درد ئي اصل ۾ دردِ انساني آهي.
“جمالياتي غم، جو دراصل غم انسانيت هوتا هي اور اس مين جذبہ محبت و رحمت هوتا هي، اس ليئي اس مين دل ڪي قساوت و شقاوت دور ڪرني اور اس مين جذبہ محبت و رحمت هوتا هي.”
جڏهن محبت جو درد شاعري جي نديءَ ۾ وهڻ لڳي ٿو تہ انتھائي نفيس ۽ وڻندڙ ٿي پوي ٿو، هونئن بہ عشق جو درد ئي شاعري جو محور ۽ مرڪز رهيو آهي. ۽ جيترو شاعر جي دل درد جي نفاست ۽ نزاڪت محسوس ڪندي سندس شاعري اوتري ئي پُر اثر ۽ معني خيز هوندي.
“The great artist must have heart filled with pathos. Thus the sweetness of sorrows, the fire of grief and the intensified feeling of poignancy count as vital factors leading to the perfection of the art.”
درد نہ صرف انساني جذبن ۾ نفاست ڀريندڙ جبلت آهي پر ان سان انسانيت لاءِ ڪرب، پيڙا ۽ پنھنجائپ جو احساس پڻ اڀري ٿو، تنيجي طور هڪ درد وند ٻي درد وندانسان جي ڪيفيت ۽ مشڪلاتون سمجهي ٿو. ۽ اهو احساس ئي اصل ۾ انسانيت جو پيڪر بڻجي ٿو. درد انسان جي جذباتي ڪيفيت جو نالو آهي، جيڪاانسان جي نفسيات تي تمام گهرو اثر ڇڏي ٿي. آن لائين اٽينفورڊ انسائيڪلو پيڊيا آف فلاسافي درد جي تصور جي پيرائتي ۽ تز تشريح ڪئي آهي.
”Pathos as a Concept Since suffering (pathos) is a state opposed to the esthetic state bringing pleasure, it is part of the emotional preposition of a human. The noun pathos derives from the verb pathein for .suffer from emotions. But is also comprises positive meanings. Pathos is as part of rhetoric one of the three modes of persuasion in rhetoric along with ethos and logos. Pathos appeals to the audience’s emotions. Emotional appeal can be accomplished in a multitude of ways. In rhetoric pathos is the use of emotional appeals to alter the audience’s judgment. We can differentiate between the states of empathy, sympathy, and apathy. Apathy is a lack of emotion or concern. Sympathy is the understanding the feelings of another person and participation in the emotional state. Empathy is an extreme extent of sympathy, in which a person feels the emotion of another person. As the oldest concepts of beauty in different cultures state, beauty is conjunct with pleasure, while the opposite is displeasure of pain.“
درد صرف ان وقت مسرت انگيز ٿي سگهي ٿو جڏهن ان ۾ يا تہ ڪنھن ٻي جو درد شامل هجي، يا وري عشق ۽ محبت جو درد ئي راحت ڏئي ٿو. لڳ ڀڳ سڀني ڏاهن جو خيال آهي تہ درد اها واحد انساني جبلت آهي جيڪا مڪلمل طور تخليقي آهي. درد جي نتيجي ۾ هڪ طرف انسان جي اندر ۾ نرم احساس ڦٽن ٿا تہ ٻي پاسي درد انسان کي ڪنھن نہ ڪنھن تخليقي سرگرمي طرف اتساهي ٿو. ڇاڪاڻ تہ درد جي ڪيفيت ۾ انسان خاص طور فنڪار مڪمل طرح سانت ۽ سڪون ۾ نہ ٿو رهي سگهي ۽ پوءِ هو بي چيني جي عالم ۾ جڏهن سوچي ٿو ۽ ڪا بہ شيءِ/ فنپارو تخليق ڪري ٿو تہ اهو ڪمال جي درجي جو هجي ٿو.
“ دنيا جي سمورن وڏن شاعرن، انساني جبلتن ۽ جذبي، خاص طرح سان درد جي ڪيفيت کي فنائتي نوع ۾ پيش ڪيو آهي، پر ڀٽائيءَ جو تخليقي تجربو نہ رڳو ٻين کان ڌار ۽ مٿاهون آهي پر اهو معاشري جي وجداني سطحن تي، انساني درد جو ڪٿارسس آهي.”
درد اهو دائمي قدر آهي جيڪو انسان جي تخليق ڪري ٿو. ارسطو جو خيال هو تہ ٽريجدي انسان کي سوچڻ ڏانھن وٺي اچي ٿي ۽ اها سوچ انسان جي باطن کي اجرو ڪري ڇڏي ٿي. جيسيتائين انسان درد جي ڪرب مان نٿو گذري ان ۾ گدازي، نزاڪت ۽ نفاست جو عنصر نٿو ڦٽي سگهي. ۽ جڏهن انسان درد جي احساس هيٺ ان جي معنيٰ، مقصد ۽ اصل منصب کي سجهڻ لڳي ٿو تہ هو جذبن ۾ هڪ اهڙي احساس کي اڀرندو محسوس ڪري ٿو جنھن ۾ پاڻ جھڙن ٻين انسانن جي لاءِ انسيت ۽ پنھنجائپ موجود هوندي آهي ۽ هن مان ڪيني ۽ بغض جھڙيون برايون نڪري دور ٿي وڃن ٿيون نتيجي طور درد نجاست کان نجات ڏياريندڙ عنصر طور سامھون اچي ٿو.
ڀٽائي وٽ درد جو تصور موهيندڙ ۽ پرڪشش آهي. هن جي سموري شاعري ڪنھن اهڙي آفاقي درد جو اولڙو محسوس ٿئي ٿو، جيڪو ڪٿي بہ سندس ذاتي درد محسوس نہ ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ تہ هو پنھنجي داخليت جي درد کي جنھن اونھي ۽ “سئوفٽ” انداز سان بيان ڪري ٿو اهو نہ رڳو وڻندڙ ٿي پوي ٿو بلڪہ ان ۾ راحت جو هڪ عجيب جھان سموئجندي محسوس ٿئي ٿو. سندس عشقيہ شاعري جيڪا ڪڏهن محبوب جي صورت، شبيھہ، حسن۽ سونھن جي واکاڻ ۾ ويڙهجي وڃي ٿي تہ ڪڏهن ان ۾ نوري ۽ نوراني حسن جي جلون جو ذڪر اچي ٿو. ڪڏهن ور جي وڇوڙي ۾ بيتاب سندس سورميون روڄ ۽ راڙو ڪن ٿيون تہ ڪڏهن انھن جي وقار لاءِ پروقار ۽ دليراڻي انداز سان چون ٿيون.

ڀَڳو آئوُن نہ چَوان؛ مارِيو، تہ وِسَھان؛
ڪانڌَ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندي سُونھان؛
تہ پڻ لَڄَ مَران، جي ھُوَنِسِ پُٺِ ۾.
(ڪيڏارو)3:9

ڀَڳو آئون نہ چَوان؛ مارِيو، تہ وِسَھان؛
“ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سھان”

ڪيڏو انوکو انداز آهي درد جو! ڀٽائيءَ جي سورمي چوي ٿي “آءُ نہ چاهينديس تہ ڪو منھنجو ور جنگ جي ميدان مان جان بچائي ڀڄي اچي، جيڪڏهن هو جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويندو تہ آءُ خوش ٿينديس”، سندس ور زخمي آهي، هو انھن زخمن کي ٽاڪوريندي راحت محسوس ڪري ٿي ڇاڪاڻ تہ سندس ور کي منھن ۾ ڌڪ لڳا آهن، يعني هو سامھون وڙهيو آهي/ هو دلير آهي، بھادر آهي. ڀٽائي جي سورمي کي ور جي ڌڪن ۽ زخمي ٿيڻ جو ارمان ناهي بلڪہ هن کي خوشي آهي تہ سندس ور بھادر آهي.
“تہ پڻ لڄ مران، جي هئنس پٺ ۾”
يعني جيڪڏهن سندس ور بزدل هجي ها۽ جنگي جي ميدا مان ڀڄي اچي ها يا کيس پٺيءِ ۾ ڌڪ لڳل هجن ها تہ سندس ور مري يا بچي کيس ان جي پرواه ناهي پر هوءِ لڄ ۾ ئي مري وڃي هان. ڇاڪاڻ تہ سندس سورمي ان خيال جي آهي تہ
“ڪچن وڏا پاند، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا”
شاھہ وٽ درد صرف ڪرب ۽ ڏک ڏيندڙ عنصر ناهي، هن وٽ درد هڪ جمال بخشيدڙ قدر آهي، ۽ ڀٽائي جا سڀ ڪردار خوشيءَ سان درد کي دل سان لڳائين ٿا. ڇاڪاڻ تہ سندس ڪردار غريب طبقي سان واسطو رکن ٿا.
“سندس (شاھ جي) هيروئن نوري غريب مھاڻي آهي، سسئي اصل ۾ تہ شھزادي آهي پر اها هڪ ڌوٻي جي پالنا هيٺ رهي آهي، سھڻي هڪ ڪنڀر جي ڌيءَ آهي ۽ ماروي هڪ عام ڳوٺاڻي جي نياڻي آهي. شاعر کين سندن ڪردار ۽ منجهن موجود ٻين ڳُڻن سبب ڳايو آهي.”
نہ صرف شاھ صاحب جون سورميون بلڪہ سورما بہ با ڪردار ۽ عظيم آهن، جن درد کي وٿ سمجهي قبول ڪيو آهي.
ڪاتِي تکي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائِي هوءِ؛
مانَ وِر مَن توءِ، مُون پِريان جا هٿڙا.
(ڪلياڻ)1:8
ڪيڏو نہ عجيب خيال آهي، شال ڪاتي تکي نہ هجي! جو ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ڪاتي تکي هوندي تہ سر جلدي وڍجي ويندو. جيئن تہ ڀٽائيءَ جي ڪردار کي سر جي وڍجڻ جو ارمان ناهي، پر هن جي خواهش آهي تہ ڪاتي تکي نہ هجي جيئن سندس سِرُ هوريان هوريان وڍجي ۽ ڳچ دير تائين هو وڍيندڙ (جيڪو يقينن سندس محبوب آهي ) جي هٿن جو لمس محسوس ڪري سگهي. درد جو اهڙو حسين تصور شاعري جي تاريخ ۾ ڪٿي بہ نٿو ملي.
حُرُّ ھَلِي آئِيو، مانجهي مَرِدانو؛
آھِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ، پَرِوانو؛
مانَ راضِي ٿِئي، رَسُولُ رَبَّ جو، نَبِي تو نانو؛
ھِيُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ! مَٿان ئي گهورِيان.
(ڪيڏارو)5:6
ڪربلا جي ميدان ۾ حر يزيد جو سپہ سالار هو پر هن جڏهن ڄاتو تہ يزيد امام حسين کي شھيد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو تہ هو يزيدي سپاه ڇڏي امام حسين وٽ اچي ٿو ۽ چئي ٿو، “مان پروانو آهيان ۽ آڳ جو عاشق آهيان، مان تنھنجي مٿان قربان ٿيڻ آيو آهيان، مان پھنجو سر ڏيندس بس! شال تنھجو نانو (محمدﷺ) راضي ٿي پوي.” ڀٽائي اهڙي ڪردار جي چونڊ ڪئي آهي جنھن کي پنھنجي سر جي پرواه ناهي هو ڄاڻي ٿو تہ سندس سر تن کان ڌار ڪيو ويندو، پر هن کي پنھنجو درد درد محسوس ئي نہ ٿو ٿئي. هو بس اهو ٿو گهري تہ هو جنھن جي مٿان قربان ٿيڻ آيو آهي اهو کانئنس خوش ٿئي. درد جي جمال جو ڪيڏو نہ انوکو رنگ آهي ڪيڏاري ۾!

ڏاڙھِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تہ ڏاڙھُونءَ گُلَ جِئَن؛
چوڏِھِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، پِڙَ ۾ پا ڳَڙِياس؛
ميڙي ۾ مُحَمَّدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ؛
تَنھِن سورہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزا ٿِئي.
(ڪيڏارو)5:9
“سندس (امام حسين جا) ڏند رت لڳڻ ڪري ڏاڙهونءَ جي گل جھڙا ڳاڙها ٿي پيا آهن... امام حسين جي دستار جنگ جي ميدان ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ مثل پئي چمڪي” هو جنگ جي ميدان۾ شھيد ٿي ويو. ڀٽائيء اما حسين جي شھادت ۽ جنگ جي ميدان ۾ سندس اهڙي تصوير چٽي آهي ۽ چيو آهي تہ سندس ماءٌ پنھنجي پٽ جي بھادريء تي فخر ڪندي.“ ميڙي ۾ مُحَمَّدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ”. يعني جنگ جو ميدان ۽ شھادت جيڪي ظاهري طور ڏک، الم ۽ درد جا منظر آهن. پر ڀٽائيء انھن کي ايڏي تہ معنيٰ خيز انداز سان بيان ڪيو آهي جو اهو درد فخر ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
ڀٽائي وٽ درد جو تصور روڄ راڙي ۽ دانھن ڪوڪن کان گهڻو اڳتي آهي. هن وٽ درد هڪ مرحلو آهي جيڪو ڪندن ٿيڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ڀٽائي پنھنجي ڪردارن جي لاءِ چوي ٿو، “ جيڪي محبوبن کي ياد ڪندا آهن، اهي نہ ڪو روئندا آهن نہ ڪو ڪنھن کي ان ڳالھہ جي ٻاٻور ئي ڏيندا آهن”، “ هو پنھنجي ڦٽن تي ماڻھن کان لڪي مرهم لڳائيدا آهن”، “باھہ تہ گهڻن کي ساڙي ٿي پر تون باھہ کي ساڙ”، “ هنن کي پنھنجي سر جي زري برابر بہ پرواه ناهي”، “ هنن کي هوتن کانسواء حياتي کپي ئي ڪانہ ٿي، اي طبيب تون پنھنجون دوائون ۽ دارون کڏ کوٽي پوري ڇڏ”، ڇاڪاڻ تہ کين سور ڏيندڙ ۽ سندن روح کي راحت ڏيندڙ ساڳيوئي آهي”، “هنن کي مصيبت مٺي آهي”، “ هو دوست جي هڪ ديدار کي سو ڀيرا سرڏيڻ کان مٿي ٿا سمجهن”،“ اي طبيب هنن کي دوا نہ ڏي، ڇاڪاڻ تہ جي هو چگان ڀلا ٿي ويا تہ هنن وٽ سندن محبوب نہ ايندو، هو محبوب جي ديدار لاءِ پاڻ کي بيماري ۾ ئي رکڻ ٿا چاهين.”
آيَلِ! اُنِ نہ وِسھان، هَنجُون جي هارِينِ؛
آڻيو آبُ اکين ۾، ڏيھ کي ڏيکارِينِ؛
سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نڪي روئن نہ چون ڪِي.
(يمن ڪلياڻ)1:11

رهي اَچجي راتڙِي، تن واڍوڙِينِ وَٽاءَ؛
جن کي سورُ سريرَ ۾، گهٽَ مَنجهاران گهاءَ؛
لِڪائي لوڪاءَ، پاڻھين ٻَڌنِ پَٽِـيُون.
(يمن ڪلياڻ)1:7

پتنگن پَھُ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَّ؛
پَسِي لَهسَ نہ لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَّ؛
سندا ڳِچين ڳَچَّ، ويچارن وڃائِيا.
(يمن ڪلياڻ)3:7

اصل عاشقن جو، سِرُ نہ سانڍڻُ ڪمُ؛
سَؤ سِسِنئان اَڳَرو، سَندو دوسان دمُ؛ هِيُ هڏو ۽ چمُ، پِڪَ پِريان جِيَ نہ پَڙي.
(ڪلياڻ)2:17

اَگهن مِڙِي اَڄُ، ڪيو سَڏُ صِحَتَ کي؛
ڏُور، ڏُکندا! ڀَڄُ، مھريءَ مُنھن ڏيکاريو.
(يمن ڪلياڻ)2:14

رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنھين؛
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نہ ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنھن ڪَبابُ؛
سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي.
(ڪلياڻ)3:4

تَنَ طبيب نہ تُون، سُڌِ نہ لھين سُورَ جي؛
سانڍِ پنھنجا ڊَبَڙا، کَڏَ کڻي ۾ ڀُون؛
ڪانَ گهرجي مُون، حياتِي هوتَنِ ري.
(يمن ڪلياڻ) 2:1

ويڄَ! مَ ٻُڪِي ڏي! اَلا چَڱِي مَ ٿِيان!
سَڄَڻُ مانَ اَچي، ڪَرَ لاهُو ٿِي ڪَڏِهِين.
(يمن ڪلياڻ) 2:9

پتنگ چائِين پاڻَ کي، تہ اَچي آڳِ اُجهاءِ!
پَچَڻَ گهڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
واقُف ٿِي وِساءِ، آڳِ نہ ڏِجي عامَ کي.
(يمن ڪلياڻ)3:5

سُورُ جنين کي سَريو، سَرِي تن صحتَ؛
مِٺِي مصيبت، آهي عاشقنِ کي.
(يمن ڪلياڻ)8:2

ڪيڏو نہ دلگداز تصور آهي درد جي جمال جو! يعني ڀٽائيءَ جي ڪردارن کي پنھنجو مرض، بيماري ۽ درد؛ ڏک ۽ اهنج نہ ٿو ڏئي بلڪہ هو ان بيماري يا “مصيبت کي مٺو” سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهو هڪ مرحلو آهي. جنھن کانپوءِ هو وصل جا تمنائي آهن، وصل بہ اهڙو!
جي قِيامَ مِڙَنِ، تہ ڪَرَ اوڏا سُپِرِين؛
تھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.
(سھڻي) 9:5

ڀٽائي وٽ درد جو تصور ۽ فلسفو مڪمل طور تخليقي ۽ معنيٰ خيز آهي. هو درد مان خوشيءَ جا خزانا ڳولي ٿو.
جن کي دَورُ دَردَ جو، سبق سُورَ پڙهنّ؛
فِڪرَ فَرَهِي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪنّ؛
پَنو سو پڙهنّ، جنھن ۾ پَسن پِرينءَ کي.
(يمن ڪلياڻ)5:14

ڀٽائي پنھنجن ڪردارن جو ڀرجهل آهي، هو کين آسرا ۽ دلاسا ٿو ڏئي، سندن ڏک ۾ هو کين اڪيلو نہ ٿو ڇڏي.
مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ؛
تو تان بَندُ بِدا ٿِيو، ٻيڙِيُون نيئِي ٻارِ؛
پھچندِينءَ پَنوَهارِ، سگهي سنگهارَنِ کي.
مارئي (ابيات متفرقه)11

شاه جو رسالو پنھنجي پر ۾ درد جو هڪ اهڙو عميق درياه آهي، جنھن ۾ ڏک جا راڳ songs of the grief پنھنجي لئي ۽ تار سان وهندا نظر اچن ٿا. هو درد کي ڳائيندڙ اهڙو فنڪار آهي جنھن درد کي دانھن مان ڪڍي هڪ مرحلي جو درجو ڏئي کيس دوام بخشي ڇڏيو آهي. هن وٽ درد درد نہ ٿو رهي، هو ان درد مان جمالياتي حض ماڻي ٿو. ڀٽائي وٽ درد جي جماليات انتھائي انوکي نوع ۾ بيان ڪيل آهي. جنھن مان راحتن جون راهون نڪرن ٿيون. هن وٽ ڏک رهنمائي ڪندڙ عنصر آهي.
ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيُنِ جو؛
سُونھائي سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سين.
(حسيني) 6:2

“ شاه صاحب سور کي مختلف استعارن ۽ تشبيھن سان تعبير ڪيو آهي، جن سان اسان ڀٽائي جي فڪر کي سمجهي سگهون ٿا. مگر هو سور کي هڪ هنڌ رهبر ۽ رهنما ٿو چوي. سور جي اها صورت نھايت ئي خوبصورت ۽ معتبر آهي. جا دنيا جي ڪنھن شاعر ورلي تراشي هوندي. گوندر ئي گس ڏيکاري ٿو جنھن تي هلي پرينء کي پھچي حقيقي مشاهدو ماڻجي ٿو. ڀٽائيءَ اصل سان وصل جو اهم ذريعو درد کي ئي ڄاتو.”
شاه سورن کي سمر جو نالو ڏنو آهي، يعني هو درد کي وڏي وٿ ٿو سمجهي.

اُلھي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏونگَـرُ؛
سَسُئِيءَ کي سَيَّدُ چئي، سُورَن جو سَمَرُ؛
ڪُٺَلِ رَکِيو، ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي.
(حسيني)1:2

هن بيت ۾ ڀٽائيءَ ڪيڏي نہ نرالي رنگ ۾ درد جو زڪر ڪيو آهي.

مَٿيان مَٿي مَچُ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَنِ جو؛
مُون کي طَعنا تي ڏِئين، جئن نہ پَرُوڙِئين سَچُ؛
اَمڙِ! اوري اَچُ، تہ سِٽَ سُڻايَنءِ سُورَ جِي.
(حسيني)2:2
ڀٽائيءَ جي سورمي چوي ٿي؛ منھنجي اندر ۾ محبوب جي عشق جي باه ٿي ٻري، اي ماءُ مونکي تون طعنا تہ ايئن ٿي ڏين جو ڄڻ تہ توکي سچ معلوم ئي ناهي، جي واقعي ئي تو کي سچ جي خبر ناهي تہ اچ توکي سور جي سٽ سڻايان.
سَکَرِ سيئي ڏِينھن، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾؛
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِيُنِ مِينھن؛
واجهاڻِـيَس وِصالَ کي، ٿِـيَس تھوارُون تِيئَن؛
نِيَرُ مُنھنجي نِينھن، اُجاري اَڇو ڪَيو.
(عمر مارئي) 11:3
ڀٽائيءَ جي سورمي انھن ڏينھن کي سکر ۽ خوشحال ٿي سڏي جيڪي هن قيد ۾ گذاريا آهن، ڇاڪاڻ تہ انھن ڏينھن ۾ سندس نيھن نکري نروار ٿيو هو.
“هر خوشيءَ ۾ غم لڪل آهي...توهان ڏٺو هوندو تہ درد ۽ ڏک سور برداشت ڪرڻ کانپوءِ ماڻھو وڌيڪ سگهارو ۽ تجربيڪار ٿي پوندو آهي. مھاڻا پنھنجي ٻار کي ننڍي هوندي واھہ ۾ اڇکائيندا آهن تہ گوتا کائي ترڻ سکي اها اذيت ماهي پر تڪليف برداشت ڪرڻ کانپوءِ جيڪا شي سکبي اها واقعي ڪندن هوندي. شاه لطيف بہ ائين اذيت پسندي کي ڪارائتو بنايو آهي ۽ وٽس مثبت اذيت پسندي موجود آهي.”
“سورائتي سڏ، ڪري سڏ سورن کي،
سورن ڀڳس هڏ سي پڻ سيڪي سور سين.
سورن، ڏکن جو پنھنجو مزو آهي. دردن جي پالنا ڪري سيني ۾ سور سانڍي پاڻ کي ڪندن بڻايو وڃي.”
يا هن بيت ۾ ڏسو، ڀنڀور جيڪو سسئي جو پنھنجو شھر آهي انکان وڌيڪ کيس اها سڃ وڻي ٿي جيڪا لتاڙيندي هوءَ هوت ڏانھن ٿي وڃي.
ڀَنڀوران اُجاڙُ، سَرَتِيُون! سَکَـرُ ڀانـئِيان؛
مُون سين تنھن پھاڙُ، ڏُکان هَڏِ نہ ڏوريو.
(حسيني)3:5
ڀٽائيءَ وٽ درد جي جمال جو تصور هن بيت ۾ دنگ آهي، جنھن ۾ هو ڏک کي سک جي سونھن، حسن ۽ جمال ڪوٺي ٿو. درد کي خوشي جو جمال سڏڻ وارو تصور ۽ استعارو پڻ ڀٽائي کان اڳ شاعري جي تاريخ ۾ ملڻ محال آهي.

ڏُکَ سُکَنِ جي سُونھن، گهورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري!
جنِين جِيءَ وِرُونھن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.
(حسيني)6:9
يا
سکن واري سڌ، متان ڪا مونسين ڪري اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.

“ سور ۽ ڏک رهبر آهن. جھڙي طرح سائڪرين مٺاڻ جو جوهر آهي؛ اهڙي طرح ڏک ۽ سور محبت جو جوهر آهي ۽ منجهس انتھائي خوشي سمايل آهي. مقصد کي پھچڻ لاءِ ماڻھوءَ کي تڪليفن ۽ مشڪلاتن، ڏکن ۽ ڏاکڙن جو عادي ٿيڻو آهي. صحيح سلامت بنان تڪليف جي مقصد کي پھچڻ ڪوڙي سڌ آهي، اتي صرف اندر جي اڌ وارا ڏونگر ڏوري پھچندا.”
ڀٽائيءَ درد کي مختلف نالن سان تعبير ڪيو آهي. جن ۾ درد، دقت، ڏک، ڏولائو، سور، تڪليف، حُزن،عذاب، گوندر وغيرہ شامل آهن. ڀٽائيءَ وٽ درد جي جمال جون ڪجهہ وڌيڪ ڏسائون واضح ڪرڻ لاءِ هتي درد سان برميچيل ڪجهہ وڌيڪ بيت ڏجن ٿا.

دَرِدُ نہ لھي دارُوئين، زُلِفَ زورُ ڏِنومِ؛
ڪاڪُلُ ڪالَ ڏِٺومِ، رُخساري تي رُوپَ سين.
(سسئي آبري)6:2

جِئَن ڪا ڪانِي ڪانھَن، لُسَندي لاتِيون ڪَري؛
اَچِي پَئي اوچتِي، دَرِدَ پِريان جِي دانھَن؛
ويڄَ! ڏَنڀِئين ڪُہُ ٻانھن؟ سُورَهِنئين کي سامھان.
(بروو سنڌي)1:2

اَڄُ پِڻُ اَنگِـيَمِ اَنگَ، ھٿان حَبِيبَنِ جي؛
جا پَرِ سَوۡنٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي.
(بروو سنڌي)2:8

اَڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيھي دَرِ آئِيو؛
سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مُحۡڪَمُ ڏِنِي موڙَ؛
جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي.
(بروو سنڌي)2:9

ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏهِن هَنيائُون؛
موتِ نہ ماريائُون، ڏورِ ڏئي وِيا ڏُکَ جِي.
(ڏهر)1:11
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ؛
عَدَدُ ناهِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لھي.
(سھڻي)9:9

ويہُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هاڙهي هڏِ مَ هلُ؛
ڪُوڙِي ڪَجِ مَ ڪڏهين، سَچِي ڳالھ مَ سَلُ؛
جانِبَ لءِ مَ جَلُ، سُورَ وِسارِ مَ سَسُئِي!
(سسئي آبري)1:11

سُکين ٿِيُ مَ سَنَرِي، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ؛
پَٽي ڪَر مَ پانھنجو، گهورِي! اَڏِ مَ گهرُ؛
مارِي! هڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻِ جِيُ جِيارِئين.
(سسئي آبري)1:12

هيڪِليائِي هيلَ، پورِيندِيَسِ پُنھونءَ ڏي؛
آڏا ڏُونگَـرَ لَڪِيون، سُورِيُون سُڄَنِ سيلَ؛
تہ ڪَرَ ٻيلِي آهنِ ٻيلَ، جي سُور پِرِيان جا ساڻُ مُون.
(سسئي آبري)9:7

جيئن تہ شاھہ جي رسالي جي ترتيب پڻ ڪجهہ اهڙي ريت آهي جو هر سر جي هر داستان جا آخر ۾ وايون ڏنيون ويون آهن. درد جي جمال جي هن عنوان جي آخر ۾ پڻ هڪ اهڙي وائي ڏجي ٿي جنھن کي جيڪڏهن ڀٽائيءَ وٽ درد جي جمال واري تصور جي ڀرپور نمائندگي ڪندڙ وائي سڏجي تڏهن بہ غلط نہ ٿيندو. ڇاڪاڻ تہ ڀٽائي وٽ درد جي جمال واري تصور جو مرڪزي نڪتو اهو ئي آهي تہ هو درد کي سور يا تڪليف نٿو سمجهي بلڪہ هو درد کي راحت ڏيندڙ تخليقي عنصر ٿو سمجهي جنھن سان سندس ڪردارن جي تعمير ٿي آهي. هن وائي ۾ پڻ شاه صاحب فرمائي ٿو تہ کائنس درد يا سور جي تشريح يا تعريف نٿي ٿئي، بس انکان وڌيڪ تہ سندس محبوب جو ڏک راحت ۽ سڪون ڏيندڙ آهي.
وائي
خُوبِي مَنجه خِفَتَ، اي! دوستَ! دِقَتَ، آھي عَبۡدُاللَّطِيفُ کي.
مَدَحَ مون کان نہ ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ؛
ھِجي ڪريان ھيجَ سين، مُطالِعُ مَحَبَتَ؛
حُزنُ ھوتَ پُنھونءَ جو، رُڳيا ئِي راحَتَ؛
=پِرِيان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرحَتَ.
(معذوري)1:وائي