سر ڪارايل
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب لکي ٿو:
“ڪارايل لفظ جي معنيٰ آهي مور يا هنج. هن سر ۾ هنج جي گڻن جي ساراھ آهي. تنھن ڪري ئي ان تي اهو نالو رکيو ويو آهي.”
ڊاڪٽر بشير احمد شاد سر ڪارايل لاءِ لکي ٿو:
“ڪارايل جي لفظي معنيٰ لاءِ لطيف جي پارکن مان ڪن “مور” لکيو آهي تہ ڪن وري “ڪارو هنج”. بحرحال ٻئي پکي پنھنجي سونھن سوڀيا توڙي عادتن ۽ خصلتين ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آهن. البتہ سر ڪارايل ۾ مور سان منسوب فقط ٻہ ٽي بيت ملن ٿا. جڏهن تہ هنج جي حوالي سان ڪيترائي بيت موجود آهن.”
سر ڪارايل ۾ فطري سونھن جي اهم عنصرن مورن، هنجن، ڪنول جي گلن ۽ ڀونئرن جو ذڪر آهي. هي سر فطري جمال جي هڪ خاص حصي جو عڪس آهي. هنجن جي لاءِ شاھ صاحب فرمائي پيو تہ هنج پاتار ۾ پيل موتي بہ چونڊي وٺندا آهن.
اکڙيُون اوڙاهَ ۾، اُڀو تَڪي تارِ؛
پِٿُون جي پاتارِ، هَنجُ تنِين جو هيرَئُون.
(ڪارايل)1:3
جيھر لوڪُ جهپَ ڪري، اوهيرَ اُڏامَنِ؛
پِٿُون جي پاتارَ جا، چيتارِيو چُڻَنِ؛
ڪوہ ڪَندا کي تَنِ، پاڙِهيڙِي پَہُ ڪَري؟
(ڪارايل)1:11
سر ڪارايل ۾ شاھ صاحب ڪنول جي گلن جي سونھن ۽ ڀونئر جي عشق جو عڪس پڻ انتھائي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
ڪَؤنر پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنرُ ڀِري ۾ سُڃَ؛
ٻِنِين سَندِي ڳالھڙِي، عِشق اِيُّ اُهڃَ؛
توءِ نہ لھينِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.
(ڪارايل)1:10
سر ڪارايل ۾ شاھ صاحب سونھن ۽ ڪوجهائپ ٻنھي جو ذڪر علامتي انداز ۾ ڪيو آهي. هن سر ۾ڪنگ ۽ ٻگه ڪوجهائپ ۽ مور ۽ هنج سونھن جي علامت آهن. نانگ سونھن ۽ زهر جي گڏيل علامت آهي. تہ گاروڙي علم ۽ عقل جي ڏس ۾ اهم آهن.
هنجن جي نفاست، نزاڪت ۽ لطافت جو ذڪر ڪندي شاھ صاحب چوي پيو تہ هنجن جي رهڻ وارو پاڻي ڪنگن ميرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو ايترا تہ نفيس آهن جو ان ميري پاڻي تي ايندي لڄارا ٿا ٿين.
اڇو پاڻِي لُڙُ ٿِيو، ڪالُورِيو ڪَنگَنِ؛
اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تَنھن سَرَ مٿي هَنجَڙا.
(ڪارايل)1:6
شاھ صاحب چوي پيو تہ هنج انتھائي پيارا پکي آهن، جيڪڏهن انھن جي عادتن جي خبر جنھن کي بہ پيئي اهو ٻگهن ڏانھن ڪڏهن ڪونہ نھاريندو.
هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪري نھارِئين؛
ٻَگهنِ ساڻ ٻِيھارَ، ٻيلَھ نہ ٻَڌِين ڪَڏهِين.
(ڪارايل)1:7
پنھنجن عادتن، خصلتن ۽ صورت سبب شاھ صاحب کي هنج تمام گهڻو وڻي ٿو، ايتري تائين لطيف صاحب هنج سان پيار ڪري ٿو جو کيس ڪوڏاڻي جو نالو “هنجڙا” ڏئي سڏي ٿو، ۽ چويس ٿو تہ “تون مون وٽ اچ متان تو کي ڪو ماري وجهي.” فطرت سان ايڏي پيار ئي تہ لطيف کي لطيف بڻايو آهي.
آءُ اُڏامِي هَنجَڙا! سَرَ ۾ سارِينَئِي؛
مَتان مارِينَئِي، پاڙِهيري پَھُ ڪَري.
(ڪارايل)1:8
هن سر ۾ شاھ صاحب ڪنول جي گل ۽ ڀوئنر جو ذڪر پڻ سونھن ۽ عشق جي نسبت طور ڪيو آهي.
ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنر ڀِري آڪاسِ؛
ٻِنين سَندي ڳالِھڙي، رازِقَ آندِي راسِ؛
تَنھن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھن مُحبَتي ميڙِيا.
(ڪارايل)1:9
شاھ صاحب مورن ۽ هنجن سان گڏ؛ نانگن کي ملائڪن جي “منھن” سان تشبيھ ڏئي هن سر ۾ فطري جمال جي انتھائي خوبصورت انداز سان ڳالھ ڪئي آهي. اها ڳالھ ذاتي مشاهدي ۾ بہ آئي آهي تہ واقعي بہ ڪي نانگ ايڏا تہ خوبصورت ٿين ٿا جو دل چوندي آهي تہ پيو کين ڏسجي. جڏهن سر ڪارايل ۾ نانگن جي منھن کي ملائڪن جي منھن واري تشبيھ پڙهجي ٿي تہ حيران ٿيو وڃي. ۽ شاھ جي مشاهدي کي داد ڏيڻ سوا رهي نٿو سگهجي.
آسَڻَ جن اَريجَ ۾، اُوءِ ڪَڇَرَ وہ کَري؛
تِن جا مُنھن مَلَڪَنِ جَهِڙا، ٽِڪو نان نہ ٽَري؛
جي اُنھين ساڻُ اَڙي، تہ ڪانھي جاءِ جَرِيءَ جي.
(ڪارايل)2:3
مجموعي طور سر ڪارايل ۾ شاھ صاحب جماليات جي ڏس ۾ فطري حسن جي عڪاسي ڪئي آهي. هو مورن ۽ هنجن جي سونھن جي ساراھ ڪري ٿو تہ ٻگهن، ڪنگن ۽ ڪانيرن جي گدلاڻ کي نندي ٿو. جتي هو نانگن جي خوبصورتي کي ملائڪن جي سونھن سان تشبيھ ڏئي ٿو تہ اتي خبردار پڻ ڪري ٿو تہ اهي نانگ ايڏا تہ زهريلا آهن جو سندن ڌڪ کان ڪوبہ نٿو بچي سگهي. هن سر ۾ شاھ صاحب ڪنول جي گل جي سونھن ۽ ڀونئر جي عشق جو پڻ نقشو چٽيو آهي جيڪو فطري سونھن جو حصو آهي.