سر بروو سنڌي
غلام محمد شاهواڻي صاحب لکي ٿو:
“بروو هندستاني راڳڻيءَ جو نالو آهي، انھيءَ ۾ ٿوري ڦير گير سان“بروو سنڌي” راڳڻي ٺاهيل ٿي ڏسجي.”
سر بروي سنڌي بابت ڪلياڻ آڏواڻي صاحب لکي ٿو:
“هندستاني راڳ جي علم موجب، بروو هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي. جنھن کي شاھ نج سنڌي رنگ ڏنو آهي. هن سر ۾ مجازي عشق جو گهڻو وستار آهي. البتہ ان ۾ حقيقي محبوب جو بہ ذڪر آيل آهي.عاشق جي نياز ۽ بيقراري ۽ معشوق جي ناز ۽ حسن کي نھايت سھڻي ۽ دلڪش نوع ۾ پيش ڪيو ويو آهي.”
جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آهي تہ:
“هندستاني موسيقي ۾ “راڳ بروه” موجود آهي، پر سنڌ ۾ “بروو” شروع کان ئي سنڌي موسيقيءَ جي هڪ مقامي راڳ يا راڳڻي طور ڳايو ويو... شاھ جي راڳ ۾ بہ شروع کان وٺي “سنڌي بروي” کي هندستاني يا هندي “راڳ بروي” کان جدا ڪري ڳايو ويو.”
يعني “راڳ بروو” هندستاني راڳ تہ آهي پر بروو سنڌي هڪ سنڌي راڳ يا راڳڻي آهي، جنھن ۾ شاھ صاحب جو سر بروو ڳايو ويندوهو. هن سر جو موضوعن ۾ بره، عشق، محبت، محبوب جي سونھن ۽ حسن جي ثنا، فراق، وڇوڙو، جدائي ۽ محبوب سان ميلاپ ۽ وصل شامل آهن. سر بروي سنڌي جي موضوع بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:
“هيءُ سر سچي عاشق جي محبت ڀرين جذبن ۽ احساسن جي اظھار جو داستان آهي؛ سڄڻ جي سڪ ۽ ساڻس بي انتھا پيار واري شعوري ۽ لاشعوري ڪيفيت جو آئينو آهي. فراق ۾ عاشق جي اندر جي آھ ۽ درد جي دانھن جو آواز آهي... هيءُ سر محبوب جي بي مثال حسن ۽ ناز جي نظاري جو آيئنو آهي.سھڻي محبوب جي سھڻي صورت ۽ سيرت ۽ سندس ڳڻ ۽ ڳالھيون ان جا خاص عنوان آهن.”
سر بروو سنڌي؛ بره، عشق، محبت۽ مجاز جو سر آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب عشق جي لاءِ اتاولي ٿيل انسان جي جذبن جي عڪاسي ڪئي آهي. شاھ صاحب فرمائي ٿو تہ عام ماڻھو مال و دولت ٿا طلبين پر هڪ عاشق سڄو ڏينھن پنھنجي محبوب سان ملڻ جي تمنا ٿو ڪري. هو دنيا کي محبوب تان گهورڻ ۽ وارڻ ٿو گهري.
ماڙھُو گهرِنِ مالُ، آئُون سَڀ ڏِينھن گهران سُپِرِين؛
دُنيا تَنھن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ؛
ڪَيَسِ نامَ نھالُ، پَسَڻُ تان پَري ٿِيو.
(بروو سنڌي)1:7
پر محبوب وري پنھنجن ادائن وارا آهن، ڪڏهن سندن دوازا عاشقن جي لاءِ بند ٿي ٿا وڃن تہ ڪڏهن کُلن ٿا. ڪڏهن سندن آئي آڌرڀاءُ تہ ڇا پر مورڳو موٽايو ڇڏين؛ ڪڏهن وري پاڻ سڏائي ٿا گهرائين، ڪڏهن سندن آواز ٻڌڻ لاءِ بہ سڪيو ٿو مرجي تہ ڪڏهن وري ڳجهيون ڳالھيون پيا ڪن. بس محبوب پنھنجين ادائين ۾ اهڙائي تہ هوندا آهن.
ڪَڏَهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏَهِن کُلَنِ دَرَ دوسِتَنِ جا؛
ڪَڏَهِن اَچان، اَچَڻُ نہ لھان، ڪَڏَهِن ڪوٺِيو نِينِ؛
ڪَڏَهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏَهِن ڳُجهاندَرَ ڳَـرَهِين؛
اَهڙائِي آهينِ، صاحِبَ مُنھنجا سُپِرِين.
(بروو سنڌي)1:8
شاھ صاحب عاشق ۽ معشوق جي وچواري ناتي کي انتھائي لطيف تشبيھ سان تعبير ڪيو آهي. هو چوي پيو تہ جيئن لوهار زنجير ٺاهڻ وقت هڪ ڪڙو ٻئي سان مکائيندو آهي، منھنجو جيءُ محبوبن ايئن جڙي قابو ڪري ڇڏيو آهي.
ڪَڙو مَنجه ڪَڙي، جِيئَن لھارَ لَپيٽِيو؛
مُنھِنجو جِيُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪَيو.
(بروو سنڌي)2:5
سر بروي ۾ محبوب جي حسن ۽ سونھن جي واکاڻ تمام گهڻي انوکي انداز سان ٿيل آهي. شاھ صاحب فرمائي ٿو تہ پرين جڏهن ناز، انداز ۽ معشوق ادا سان پنڌ ٿو ڪري تہ ڌرتي سندس قدم قدم تي بِسِمِ اَلله پئي پڙهي، حورون کيس حيرت مان بيھي پيون ڏسن، شاھ صاحب سائينءَ/خدا جو قسم کڻي پيو چوي تہ منھنجو سڄڻ سڀني کان سھڻو آهي. سونھن جي ساراھ جو اهڙو مثال دنيا جي ادب ۾ ورلي هوندو.
نازَ مَنجهاران نِڪرِي، جَڏھِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ؛
ڀُون پڻ “بِسِمِ اَلله” چئِي، راهَ چُمي ٿِي رَندُ؛
اُڀِيُون گهڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيۡرَتَ ھَنڌُ؛
سائِينءَ جو سَوگَندُ، ساڄَنُ سَڀَنِئان سُھڻو.
(بروو سنڌي)2:6
ڪيڏو نہ ڀاڳوند آهي اهو شخص جنھن جو محبوب پاڻ هلي ڏانھنس اچي ٿو. پوءِ سندس ڏک درد ڪاٿي ٿا رهن، سندس سڀ تڪليفون خوشين ۽ راحتن ۾ تبديل ٿيو وڃن. يعني محبوب جي اچڻ سان سورن جي ائين صفائي ٿيو وڃي، جيئن ڌوٻي ڪپڙا ڌوئي صاف ڪندو آهي.
اَڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيھي دَرِ آئِيو؛
سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مُحۡڪَمُ ڏِنِي موڙَ؛
جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي.
(بروو سنڌي)2:9
۽ جڏهن پرينءَ جو وصال ٿئي ٿو تہ هڪ ئي دعا دل مان ٿي نڪري تہ اي خدا! ڪڏهن بہ محبوبن کان ڌار نہ ڪجانءِ. اهو ڀٽائي جو انداز آهي جو پرين جي ملڻ تي هو هڪ دم خالق حقيقي ڏانھن راغب ٿي وڃي ٿو ۽ کائنس دعا ٿو گهري. سر سارنگ ۾ پڻ جڏهن ساڳي صورتحال سامھون اچي ٿي: “اڱڻ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُنھَنِ؛ سُرَھِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا ميِنھَن وَسَنِ” تہ هڪدم ڀٽائي دعا ٿو گهري تہ، “اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ ھُوَنِ بَرابَر ڏينِھَڙا.” هن سر ۾ پڻ جڏهن محبوب جو وصل ٿئي ٿو تہ شاھ صاحب شڪرانا ٿو ادا ڪري ۽ دعا ٿو گهري تہ اي خدا ڪڏهن بہ محبوبن کان ڌار نہ ڪجانءِ.
شُڪُرُ گَڏِياسُون، سپِرِين! جِئَري، جانِي يارَ!
ويٺي جن جي وَٽِ ۾، ڪوڙين ٿِيا قَرارَ؛
ڌَڻِـيَم! ڪَرِ مَ ڌار، پاڙو تِن پِرِيُنِ کان.
(بروو سنڌي)3:4
هيٺيان ٽئي بيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي مان ورتا ويا آهن. جن ۾ شاھ صاحب؛ سونھن ۽ حسن کي تمام عاليشان نموني سان تعبير ڪيو آهي. محبوب جي سونھن کي ڊاک جي ڳاڙهن ڇڳن سان تشبيھ ڏيڻ ۽ ان کي عطر وانگر خوشبودار سڏڻ سان سونھن ۽ حسن جي هڪ اهڙي تصوير سامھون ٿي اچي جيڪا ڏسندڙ کي سرشار ڪري ٿي ڇڏي.
ڳاڙها ۽ ڳوُڙها، سڄڻ ڊاک ڇڳن جيئن
مڪائون محبت جا جهاٻا ۽ جهوڙا
سچ ڪه سنڀوڙا، سڄڻ اچي سامھان.
(بروو سنڌي)3:3
پاٽوندڙ ماڻڪ پرين، عطر سين آهين
گهنڊڙي نہ لاهين، سڄڻ بنڀي وار جيئن.
(بروو سنڌي)3:4
پاٽوندڙ ماڻڪ پرين، عطر سين امل
مُنھن گهُنڊي تڻ ڳل، ڀوري لوڪ نہ لکئا.
(بروو سنڌي)3:5
مجموعي طور سر بروي سنڌي ۾ رومانوي جمال سان گڏ جسماني جمال جو ذڪر پڻ تمام لطيف ۽ نفيس انداز ۾ ڪيل آهي. هيءُ سر اصل ۾ تہ عشق جو سر آهي، پر ان جو باريڪ اڀياس ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو تہ سر بروو سونھن جي ثنا ۾ پڻ پنھنجو مثال پاڻ آهي. هڪ پاسي شاھ صاحب محبوب کي “ڊاک جي ڳاڙهن ۽ ڳوڙهن ڇڳن سان تشبيھ ڏني آهي تہ ٻي پاسي، هن سر ۾ “محبوب جو ناز ۽ انداز سان پنڌ ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ جو بسم الله چئي سندس پير چمڻ” وارو هڪ اهڙو استعارو ڪتب آندو آهي، جيڪو سونھن ۽ حسن جي واکاڻ ۾ نرالو، نئون، نفيس، اتم ۽ انتھائي وڻندڙ آهي. يعني سر بروي کي اسان عشق ۽ برھ جي سر سان گڏ حسن ۽ جمال جي تعريف جو سر پڻ سڏي سگهون ٿا.