لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر سارنگ

سر سارنگ مينھن جي وسڪاري جي تصوير ڪشي جو سر آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب مينھن وسڻ جي منظر جي تمام خوبصورت انداز ۾ منظر ڪشي ڪئي آهي. فطري حسن کي شاھ صاحب جھڙي ريت هن سر ۾ بيان ڪيو آهي، ان جو مثال ورلي ملندو.
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب سر سارنگ بابت لکي ٿو:
“سارنگ، ميگهہ جي اٺن پٽن مان هڪ آهي ۽ ملھار، ميگهہ جي پنجن استيرن مان هڪ آهي. ميگهہ، ملھار ۽ سارنگ ٻولي جي لحاظ کان هڪ ئي معنيٰ ۾ استعمال ٿين ٿا. ٽنھي کي باترتيب ڳائڻ سان آسمان ۾ جهڙ لڳيو وڃي ۽ مينھن اچيو وسي. ڪن صاحبن جو چوڻ آهي تہ “سارنگ” هڪ پکيءَ جو نالو آهي، جنھن جي مٺن ۽ درديلن آلاپن مان هي سر ورتو ويو آهي.”
ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب لکي ٿو:
“سارنگ سنسڪرت زبان جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي “مور جي ٻولي” سنپورڻ راڳ جي قسمن مان هڪ آهي. شاسترن هي ڀلارو راڳ ڄاڻايو ويو آهي. هنديءَ جي مشھور ڊڪشنري “شبد ساگر” ۾ سارنگ جي معنيٰ ميگهہ، بادل ۽ کنوڻ پڻ ڄاڻايل آهي.”
غلام محمد شاهواڻي صاحب سر سارنگ جي لاءِ لکي ٿو:
“سارنگ هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جا برساتي موسم، يعني ساوڻيءَ ۾ ڳائبي آهي. چون ٿا، تہ جيڪو هن سر کي پوري سر ۽ تال ۾ ڳائيندو، سو جهڙ لائيندو ۽ مينھن وسائيندو.”
مينھن وسڻ کان اڳ جو منظر اهو هوندو آهي، جو ماڻھو، مال متاع، پکي پکڻ، جيت جڻا ۽ سپ، سپون سڀ ڪاڙهي ۽ گهٽ ۾ ٻوساٽيا پيا هوندا آهن. ان گهٽ ۽ ٻو سٽ واري ماحول ۾ جي مينھن وسي پوي تہ واھ واھ ٿي ويندي آهي.

آگَمِيو آھي، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي؛
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرُ سَنباھي؛
وِھو مَ لاھي، آسِرو ﷲ مان.
(سارنگ) 1:1
اڄ وري اتر پاسي کان تاڙي جي تنوار پئي اچي، هارين پنھنجا هر سنڀاريا آهن. اڄ مينھن اجهو آيو ڪي آيو.
اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگهارَ؛
اَڄُ پڻ مُنھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.
(سارنگ) 1:5

اُتران ٿي آئِــيُون، ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ؛
ڀَري تَلَ تَرائِيون، جوڙي ھَلِيُون جُوءِ؛
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿورِيءَ خوشِبُوءِ؛
اَچي رُوبرُوءِ، اُٺِـيُون روضي تان رَسُولَ جي.
(سارنگ) 1:8
“ ٿر ۾ وسڪاري تي ڪيتريون ئي سرهيون ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيو، جي پنھنجي خستوري جھڙي خوشبوءِ سان ولھار واسيو ڇڏين. (هتي) “مارئي جي پٿر” جي نالي سان هڪ ٻوٽو پيدا ٿئي ٿو. جنھن جي سنگهڻ سان مغز کي طراوت اچيو وڃي. وڏن شھرن ۾ ماڻھو عطر، پئونڊر ۽ ٻين سرهاڻين تي پيسا خرچين ٿا پر هتي بنان پيسي مارئي جو پٿر ملي ٿو، جو انھن سڀني سرهاڻين جي سڪ پوري ڪري ٿو. ٿري ماڻھو انھي گاھ سان ڏڌ ۽ کير جا ٿانو ملي صاف ڪندا آهن تہ انھن ٿانون ۾ بہ خوشبوءِ ٿي پوندي آهي.”

ميھوڳيءَ جي مند ۾ محبت پيار ۽ وصل جي لمحن کي شاھ صاحب ڪيڏي نہ حسين انداز سان بيان ڪيو آهي.

اَڱَڻِ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُنھَنِ؛
سُرَھِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا ميِنھَن وَسَنِ؛
اَسان ۽ پِرِيَنِ، شالَ ھُوَنِ بَرابَر ڏينِھَڙا.
(سارنگ) 1:12
مينھن جي وسڻ سان چوڌار خوشحالي ٿي وئي آهي، مال متاع کير جام ڏيڻ لڳو آهي، پرھ جو هر پاسي کير ولوڙڻ جون وايون پيون ٻڌجن. ٻانھيون توڙي ٻايون پنھنجن پنھنجن گهرن ۾ خوش آهن.

بَرَ وَٺا، ٿرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون؛
پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگهارِيُون سايُون؛
ساري ڏُھن سامُھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.
(سارنگ) 1:13
شاھ صاحب فرمائي پيو تہ مينھن کي ماڻھو، مرگه، مينھون، پکي پکڻ، آڙيون، تاڙا، سپون سڀ پيا سارين. اي مالڪ! انھن کي پلر يعني مينھن جو پاڻي پيار تہ سڀ خوش ٿين.
سارَنگَ کي ساريِنِ، ماڙھُو، مِرگه، مينھِيُون؛
آڙِيُون اَبَرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ؛
سِپُون جي سَمُونڊَ ۾، نَئين سِجَ نِھارِين؛
پَلَرُ پِيارِينِ، تہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
(سارنگ) 1:17
شاھ صاحب سارنگ جي سٽ کي لاک جي لالي ۽ چنيءَ جي چٽن سان تشبيھ ڏني آهي.
سارَنگَ سائي سِٽَ، جھڙي لالِي لاکَ جي؛
اِئَن سي اُٻُنِ اَنگِيا، جِئَن سي چُنيءَ چِٽَ؛
بَرِسيو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.
(سارنگ) 2:1

سر سارنگ ۾ شاھ صاحب جيڪو مينھن جي وسڻ جو نظارو ڏيکاريو آهي. انکي شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي انتھائي خوبصورت انداز سان بيان ڪيو آهي. سندس تقرير جو ڪجهہ حصو سر سارنگ جي جماليات جي هن حصي ۾ ڏجي ٿو. اهو پئراگراف غلام محمد شاهواڻي صاحب جي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي مان کنيو ويو آهي.
“اتر جي ڪنڊ کان ڪڪر چوٽي ٿو ڪڍي. لڳهن جي لالائي پسو _چوڌاري ڪارونڀار آهي. رعد جي رڙ تي ڪليون ٿيون ڪنبن. وڄن وسڻ جا ويس ڪيا آهن. سارنگ کي ساٺ ڪري، ڏکي چٽي رسيلا رنگ ڏئي سيج تي چاڙهيو اٿن. اجهو مينھن ٽھ ٽھ ڪري پيو ٽمي. سڀڪو پنھنجي اجهي ڀيڙو اچي ٿيو آهي.مينھون ڀٽاريون بہ ڀڄنديون پنھنجي وٿاڻن تي اچن ٿيون. سڀ هنڌ سرهائي آهي...جتي ڪٿي ساز، سرندڙا، سارنگيون ۽ چنگ پيا وڄن... ٿر بر وٺا آهن تل ترايون پاڻي سان ڀرجي ويون آهن. پلر جي پالوٽ سين پٽن پاھ جهليا آهن. گسن تي گاھ ٿيا آهن. وڻ بہ ساوا چهچ پيا لڳن... سنگهارن ۾ سک ٿيو آهي. مينھون پاڻ مرادو ٿڌا گاھ پيون چرن...مکڻ ماٽيءَ ۾ ڪُن پيو ڪري، شل وقت پرين پاسارا نہ ٿين... سارنگ ملڪ تان سوڙھ لاٿي آهي ۽ ساندھ سھائو ٿيو. اهي وڄڙيون جي لال لبيس ڪري آيون. تن جي مھر فقط هن ملڪ سان ناهي، اهي ساري جھان جو سير ڪري، رسول ﷺ جن جي روضي پاڪ تي وسي، روم، شام، ڪابل، قنڌار، دهلي، دکن، چين، ماچين ۽ گرنار کان گهمي ڦري ڍٽ ۽ عمر ڪوٽ تي پنھنجي ورکا ڪرڻ آيون آهن...شاھ جي همدردي سنڌ تائين محدود ناهي بلڪہ ساري جھان کي سميٽي پنھنجي دامن م آڻي ٿي.”
سارنگ جي حسن ۽ جمال جي ساڳي منظر نگاري هنن بيتن ۾ ڀرپور نموني آهي. جن ۾ شاھ صاحب ميھوڳي جي مند ۾ هر ماڻھوءَ کي خوشحال ڏٺو ۽ ڏيکاريو آهي. شاھ صاحب فرمائي پيو تہ سانوڻيءَ جي مند آهي، هر طرف بادلن جا رسيلا رنگ آهن ۽ ماڻھو خوشي وچان سارنگيون، سرندا ۽ ٻيا ساز پيا وڄائين.
اڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَل ڪَڍِيا بُرجَنِ سين؛
سازَ، سارَنگِـيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ؛
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلِٽِـيُون راتِ پَڌامَ تي.
(سارنگ) 2:5
شاھ صاحب جي منظر نگاري ڪمال آهي. هو منظر کي اهڙي ريت چٽو ڪري پيش ٿو ڪري جو منظر جي ڄڻ تہ تصوير اچي ٿي سامھون بيھي.

مندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، ڪي اوھِيڙَنِ اوڪَ؛
ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينھِيُون چَرَنِ موڪَ؛
سَرَھِيون ٿِـيُون سَنگهارِيُون، پُويو پائِنِ طَوقَ؛
ميھا، چِڀِڙَ، ڦنگِــيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀيئي ٿوڪَ؛
لاھِئين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينھَڙا.
(سارنگ) 3:2

مجموعي طور سر سارنگ فطري سونھن ۽ ماڻھن جي خوشحالي جو سر آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب فطرت جي سونھن ۽ حسن کي تمام خوبصورت انداز سان بيان ڪيو آهي. جنھن ۾ ميھوڳيءَ جي مند ۾ ٽڙيل گلن، ڦٽل گاهن، ميھن، چڀڙن، ڦنگين، مکڻ چاڻن، کير، خستوري، پکين، پکڻن، جيت جڻن ۽ ساوڪ جي سونھن سان گڏ ماڻھن جي پريت ۽ نينھن جي ڳالھ ڪئي آهي. جيڪا پڻ فطري سونھن جو حصو آهي. مطلب تہ سر سارنگ فطري سونھن جو اهڙو جلوو آهي. جنھن کي پسڻ، پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان من شانت ۽ ساھ سرها ٿي پون ٿا.