لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر پرڀاتي

پرڀاتي هڪ هندستاني راڳڻي آهي، جيڪا اسر جي وقت ڳائي ويندي آهي. هن سر تي اهو نالو ان راڳڻي ڪري ئي پيو آهي. شاھ صاحب هن سر ۾ تمثيلي انداز ۾ هڪ پاسي لسٻيلي جي سخي حاڪم سپڙ جي سخاوتن ۽ خدا جي خلق تي نوازشن جو ذڪر ڪيو آهي تہ ٻي پاسي مڱڻھارن کي تاڪيد ڪندي چيو آهي تہ هو سمھڻ بدران اکين کي اوجاڳا ڏين.
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب سر پرڀاتي لاءِ لکي ٿو:
“ “پرڀاتي” هڪ راڳڻي جو نالو آهي جا پرڀات يعني اسر جو ڳائبي آهي. هن سر ۾ شاھ انسان کي بندگي جو تاڪيد ٿو ڪري ۽ ڌڻيءَ جي اپار سخاوت کي ٿو ساراهي. هتي سپڙ سخي مان مراد ڌڻي آهي. جو رب العالمين آهي ۽ سڀ کي روزي ٿو رسائي. سپڙ سخي هڪ جڏي جاجڪ کي تازي گهوڙا انعام طور عطا ڪري ڇڏيا ساڳي طرح انسان ڪيترن ئي عيبن سان ڀريل هجي، پر جي سائين اڳيان ٻاڏائي تہ هو کيس مالامال ڪي ڇڏي.”
غلام محمد شاهواڻي صاحب سر پرڀاتي بابت لکي ٿو:
“پرڀاتي هندستاني راڳڻي آهي جا صبح جو ڳائبي آهي...(هن سر ۾) لس ٻيلي جي هاڪاري حاڪم سپڙ سخيءَ جي ساراھ ۾ بيت چيل آهن.”
سر پرڀاتي ۾ سخي سپڙ جي ثنا سان گڏ شاھ صاحب منگتن/مڱڻھارن کي پڻ خبردار ڪندي چوي ٿو تہ جيڪا توهان جي ڪرت آهي اها ڪيو. سمھڻ توهان جي شيوو ناهي. توهان کي ائين نٿو جڳائي جو سيرانديءَ کان ساز رکي سڄيون راتيون ستا پيا آهيو. توهان جي ائين ڪيو تہ توهان کي ڪير مڱڻھار سڏيندو.

اِيُّ نہ ڀانَنِ ڀيرُ، جِئَن ڪينَرُ ڪِيرِيءَ ٽَنگِيو؛
سُونھاري صُبُوحَ سين، وِجهي ويٺين ويرُ؛
توکي چَوَندو ڪيرُ، ڪِيرَتَ ڌاران مَڱَـڻو؟
(پرڀاتي) 1:1
شاھ صاحب منڱتي کي چوي پيو تہ تون هن جھان ۾ جيسيتائين آهين تيسيتائين ويھي وڄائي نہ تہ سڀاڻي تو کانپوءِ تنھنجو ساز پٽ تي پيو هوندو ان کي وڄائڻ وارو ڪوئي نہ هوندو.
سُتو ڪِئَن نِنڊُون ڪَرِين، رو وِهاڻِيءَ روءِ؛
سُڀان سازُ سندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.؟
(پرڀاتي) 1:2

چارڻن کي تہ ڪو سک هوندو ئي ناهي. هنن جي ڪلھن تي هميشہ ڪينرا هوندا آهن ۽ هو رڃن جي راهن جا راهي هوندا آهن.
جنِين سُکُ ناهِ ڪو، چارَڻَ سي چَئِجَنِ؛
رُڃُنِ راهَ پُڇَنِ، مٿي ڪُلھن ڪِينَرا.
(پرڀاتي) 1:4
ڪنٽراڊڪشن ٻين علمن ۾ منجهائيندڙ تصور ڪيو ويندو آهي پر شاعري ۾ تضاد ان جي سونھن ۽ هنر سمجهيو ويندو آهي. شاھ صاحب جي شاعري پڻ ان هنر سان ٽمٽار آهي. هو ڪٿي چوي ٿو تہ “هڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين” تہ وري ڪڏهن چوي پيو “هو چَوَ ني تون نہ چئو، واتان ورائي”. سر پرڀاتي ۾ پڻ اهڙا تضاد موجود آهن. هڪ پاسي شاھ صاحب مڱڻھارن کي محنت ڪرڻ، اوجاڳا ڪٽڻ ۽ ساز وڄائڻ جي تلقين ڪري ٿو تہ ٻي پاسي کين چوي پيو.

ڏڏُ ٿِي ڏانُ گهريجِ تُون، ڇَڏِ وِڄا وِڃائي؛
سَپَڙَ راتِ سَنباهِيا، تازِي تو لائي؛
جو ڄاڻي نہ ڳائي، تَنھن سين ٻيلي ڌَڻِيءَ ٻاجه ڪِي.
(پرڀاتي) 1:11
وري هيئن بہ چوي پيو:
ڏاتِ نہ آهي ذاتِ تي، جو وَهي سو لھي؛
آريُون اَٻوجهنِ جون، سَپَڙُ ڄامُ سھي؛
جو راءَ وَٽِ راتِ رهي، تَنھن جُکِي تان نہ ٿئي.
(پرڀاتي) 1:10
شاھ صاحب ذات تي تہ يقين ڪونہ ٿو رکي پر فن هن جي لاءِ اهم آهي ۽ هن وٽ فن کان بہ وڌيڪ نيت اهم آهي. تڏهن تہ سر رامڪلي ۾ چوي پيو تہ:

چائُتِ پائي چِتَ ۾، سَنھو ڪَتيو جَنِ؛
تِنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلِ نہ ڪَيو.
(ڪاپائتي)1:11

پر جن محبت سان ڪم ڪيو آهي، ڀلي جي انھن کان سٺو ڪم ناهي پڳو پر انھن جي نيتون ڏسندي هنن جو ڪم قبول ڪيو ويو آهي.

مُحَبَتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ؛
تِنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگهائِيو.
(ڪاپائتي)1:12

سر پرڀاتي ۾ پڻ شاھ صاحب لڳ ڀڳ ساڳي ڳالھ ڪري ٿو تہ صبح جو تارو اڀريو آهي ۽ تون اٿي صبح جي راڳڻي آلاپ؛ سپڙ چارڻن جي نيت پرکي وٺندو آهي.

اُڀِرِيو تارو، اُٿِي وَرَ وِهاڳُ ڏي؛
سَپَڙُ رِيسارو، چِتِ پَرِکي چارَڻين.
(پرڀاتي) 1:19

مجموعي طور سر پرڀاتي ۾ شاھ صاحب جماليات جي حوالي سان ساز، موسيقي/ فن، فنڪار، پرکيندڙ/ٻڌندڙ (سپڙ) جو ذڪر ڪيو آهي. شاھ صاحب موسيقي کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي. سندس سموري شاعري موسيقي ۽ موسيقيت جو مينار آهي. جيڪو جماليات جو وڏو عنصر آهي.