لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

سر ڏهر

ٻن ڀٽن جي وچواري ماٿري يا ميدان کي ڏهر سڏيو ويندو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي صاحب موجب هن سر تي اهو نالو انھيءِ ڪري آيل آهي جو ان ۾ سمايل خيال، شاھ صاحب کي هن ڏهر مان لنگهندي آيا آهن. اڳي اتان درياھ وهندو هو ۽ شاهوڪاري مال ايندو ويندو هو. جسودا جنگ واپاري هئا، افسوس جو هيئنر اتي سڃ لڳي وئي آهي. نہ درياھ آهي، نہ مڪڙي، نہ جسودا، نہ سونگي. اتي هينئر رڳو ڪنڊن جا وڻ ۽ اڪ ڦلاريا پيا ڏسجن.
شيخ محمد اسمٰعيل جي تحقيق موجب سر ڏهر تي اهو نالو ان سر ۾ موجود مضمون سبب نہ بلڪہ “راڳ ڏهر” سبب پيو آهي. هن جو چوڻ آهي:
“ “سرڏهر” سنڌ جي قديم موسيقيءَ جي نظام ۾ هڪ راڳڻيءَ هجڻ جي تصديق هن مثال مان بہ ملي ٿي تہ گذريل چئن پنجن صدين کان وٺي سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جي بزرگن وٽ ذڪر فڪر جا بيت ۽ وايون “سر ڏهر” ۾ آلاپيا ويندا هئا... اڄ بہ غوث جا پانڌيئڙا آستانن ۽ درگاهن تي ڏهر چوندا آهن.”
شيخ اسمٰعيل جو چوڻ آهي تہ ڪيتيريون ئي راڳڻيون متروڪ ٿي ويون آهن. ۽ سر ڏهر پڻ هڪ متروڪ راڳڻي آهي. شيخ صاحب جا خيال پنھنجي جاءِ تي تحقيق طلب آهن پر اها ڳالھ عام فھم آهي تہ شاھ صاحب جڏهن ٿر جي علائقن مان گذريو تہ ان وقت سندس ذهن ۾ جيڪي خيال آيا هئا سي ئي سر ڏهر جو موضوع آهن. جيڪي پوءِ هن ڀٽ تي ويھي ساريا ۽ چيا.
سر ڏهر کي معمور يوسفاڻي سميت ڪجهہ محققن “سر ڏاهر” پڻ سڏيو آهي. معمور يوسفاڻي صاحب لکي ٿو:
“ڏاهر لفظ جي معنيٰ آهي سڌ سماءُ يا ڏس پتو ڏيڻ وارو. هي لفظ بنيادي طرح “ڏاھ” لفظ مان نڪتل آهي. جنھن جي معنيٰ آهي خبرچار، اهڃاڻ، ڏس پتو، سڌ سماء وغيرہ... شاھ صاحب جي رسالي ۾ موجودہ سر پڻ ان معنوي دائري ۾ اچي ٿو. جنھن ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جا ڪافي ڏس پتا موجود آهن.”
سر ڏهر ۾ شاھ صاحب ترتيبوار مختلف موضوع بيان هيٺ آندا آهن. هن سر جي پھرين داستان ۾ هو ڪنڊي جي وڻ سان مخاطب ٿيو آهي ۽ کائنس ڍوري ڌڻين جا احوال پڇي ٿو ۽ مڇ سان ڳالھائي ٿو. ٻئي داستان ۾ حضور ﷺ جن کي اوکي مھل ۾ حامي ٿيڻ جون التجائون ڪيون ويون آهن. ٽئين داستان ۾ ننڊ کي ننديو ويو آهي ۽ چوٿين داستان ۾ ڪونجن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
علي احمد بروهي صاحب سر ڏهر کي موضوعن جي گهڻ رخي تزعين ۽ ترتيب سبب رسالي جو سرچشمو سڏيو آهي.
“سر ڏهر شاھ جي رسالي جو نچوڙ آهي. يا اڃا هيئن بہ کڻي چئجي تہ رسالي جو روح آهي. شاھ جي ڪلام جو سرچشمو آهي.”
سر ڏهر ۾ فطري جمال ۽ درد جي جمال جون جهلڪيون آهن. هيءُ سر پڙهندي ڀٽن ۽ ڍورن جي جيڪا تصوير سامھون اچي ٿي اها جيڪڏهن ڪينواس تي لاٿي وڃي تہ هوند مصوري جو انمول شاهڪار بڻجي پوي. شاھ صاحب جھڙي ريت ڪنڊي جي وڻ سان مخاطب ٿيندي کائنس ڍوري ڌڻين جا احوال پڇي ٿو. اهو انداز سچ تہ اندر جي احساسن ۾ هڪ نرم درد کي جنم ڏئي ٿو. جيڪو يقيناَ جمالياتي درد آهي.

ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِـيُنِ جُون؛
ڪِئَن سي راتَڙِيُون، ڪَنھن پَرِ ڏِينھن گُذارِئين؟
(ڏهر)1:1

جان تو هُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا! ڍور ڌَڻِـيُنِ جو؛
مٿي لامُنِ ٻُورُ، مورِيءَ مَڃَرَ نہ ڪَرِئين.
(ڏهر)1:2

ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏهِن ڀَرِيو ڍورُ وَهي؟
جَسودَنِ جيڏو، تو ڪو گَڏِيو پھيڙو؟
(ڏهر)1:3

اهو شاھ صاحب جو ڪمال آهي تہ هو جنھن بہ منظر يا مڪان جي ڳالھ ڪري ٿو ان کي پنھنجي اظھاري قوت وسيلي جيئرو ڪري ڇڏي ٿو. سر ڏهر ۾ بہ شاھ صاحب اهڙي منظر ڪشي ڪئي آهي جو ائين ٿو لڳي تہ اجهو ساڻس ڪنڊي ڳالھايو يا اجهو ٿو مڇ کائنس ڪا صلاح ٿو وٺي، ڇاڪاڻ تہ مڇ پاڻي سڪي وڃڻ سبب هاڻ مرڻ وارو آهي. شاھ کيس چوي ٿو جڏهن پاڻي جام هيو تہ تون نہ موٽئين هاڻ تہ سوڪھڙو اچي لٿو آهي. “جان جَرُ هُئڙو سِيرَ، تان تُون، مَڇَ! نہ موٽِئين” هاڻي تہ بس اهوئي ٿي سگهي ٿو تہ ماري/ميربحر اچي تو کي ماريندا. هو تنھنجي لاءِ ڪيرن وارا ڪوڙڪا اڏيون بيٺا آهن. “آڏا اَڏي ڪِيرَ، گهٽَ بہ جهـلِيَءِ گهاتُئين.”
خوشبوء هڪ اهم جمالياتي عنصر آهي. هن سر ۾ سرهاڻ جو ذڪر ڪندي شاھ صاحب چوي پيو تہ پرين جڏهن ڇپرن پيھي آيا تہ سندن جسم مان چندن ۽ تازن گلن جي سرهاڻ پئي اڀري؛ جنھن سان سڄو پھاڙ مشڪ بو ٿي پيو هو.
اَچَنِ پِرِين پَٻَکِيا، ڪَرَ ٻاٻِيھو جِئن مورا؛
سيڻين سِرکَنڊُ سَپَجي، ٻِيو عَطُرَ پِرِين اَتورا؛
ڇَپَرُ کَـٿُورِي ٿِيو، ٻِي تازِي ڦُلَنِ ڦورا؛
( ڏهر) وائي جون سٽون
شاھ صاحب بي معنيٰ شين ۽ نظارن کي معنيٰ بخشي ٿو، جيڪي شيون سندس مشاهدي ۾ آيون آهن اهي ڄڻ تہ امر ٿي ويون آهن. اڪرم انصاري پڻ چوي پيو تہ پاڻيءَ کانسواءِ مڇي نٿي رهي سگهي اها هڪ معمولي ڳالھ آهي پر شاھ صاحب ان مشاهدي ۽ منظر کي امر ۽ معنيٰ خيز بڻائي ڇڏيو آهي.
“ Can a fish live out side the water? That is a very simple question and bears a very simple answer. But have we reached its inner implication? Let Latif explain to us in what we have erred.”
جان واهُڙَ ۾ وَهُ، تان تون، مَڇَ! نہ موٽِئين؛
ڪائي ۾ ڪوہ ڪَرِئين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ؟
سِرَ مَٿي تُون سَھُ، مَهِميزُون مَلاحَنِ جُون.
(ڏهر)1:7
شاھ صاحب هر وقت کي معنيٰ ۽ مفھوم ڏنو آهي پر اهو مفھوم انسان کي سجاڳ ڪرڻ سان منسوب آهي. سندس پيغام جو انداز ايڏو تہ دلفريب آهي جو سندس سنيھي تي هر حساس دل پاڻ سپرد ڪريو ٿي ڇڏي. ڇاڪاڻ تہ نہ صرف سندس سنيھو سھڻو آهي بلڪہ سندس انداز بہ تہ اور آهي.

پِرَهَ ڦُٽِي، راتِ گَـئِي، جهيڻا ٿيا نَکَٽَ؛
هارِي! وِيَءَ وَٽَ، گهڻا هَڻندِينءَ هَٿَڙا.
( ڏهر)3:10

پيئِي جا پِرِڀاتِ، سا ماڪَ مَ پَسو ماڙُهئا!
روئِي ڇُڙِي راتِ، ڏسي ڏُکويَنِ کي.
( ڏهر)3:11
ماڻھوءَ جو من جڏهن اڪيلو ۽ اٻاڻڪو ٿو ٿئي ۽ جدائي جي جهوري ڳاري ٿي وجهي/اڪيلائپ عذاب ڀاسندي آهي تہ پوءِ ڪو هلڪو سرٻاٽ بہ چاڪ چڪائي وجهندو آهي. شاھ صاحب جي سامھون تہ ڪونج جو ڪولاءُ هو جنھن سندس فراق جي ڦٽن کي شايد اڊيڙي ورتو هو جو کيس چيائين تہ:
مَ لنئُن ڪُونجِي! ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هِنئين چاڪَ؛
ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گهرِ گهارِيندِيُون ڪيتِرو؟
( ڏهر)4:6
سر ڏهر ۾ درد جو جمال منفرد آهي. پنھنجي پاڻ کي دلاسا ڏيڻ ۽ تشبيھي انداز ۾ همت ٻڌائڻ وارو انداز دلفريب آهي.
هِي تان ٿورَڙِيُون، جي تُون، ڀورا! پَسِي ڀُـلِئين؛
راتِيُون ٻِيُون گهڻِـيُون، جي تو اِيندِيُون هيڪِلي.
(ڏهر) 3:8
سر ڏهر ۾ رومانوي جمال جي بہ جهلڪ آهي جنھن جو پڻ پنھنجوانداز آهي.
ڍولُ مَ کڻي ٻانھنڙِي، پِرِهَ مَ کَـڻي پاندُ؛
آءٌ پَنھنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪي رائِيان.
(ڏهر) 3:12
مجموعي طور سر ڏهر ۾ فطري جمال، درد جي جمال ۽ رومانوي جمال جون مختلف ڏسائون شامل آهن. جڏهن تہ خالق حقيقي ۽ حضورﷺ جن جو ذڪر ڪندي شاھ صاحب عقيدت ۽ انسيت سان گڏ ازلي ۽ نوراني جمال جي نقش نگاري پڻ ڪئي آهي.