لطيفيات

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات

ھي ڪتاب ڊاڪٽر شير مھراڻي جي 2012ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي مقالي تي مشتمل آھي، جنھن جو نگران ڊاڪٽر غفور ميمڻ ھيو. ھن مقالي ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ سونھن جي سموري تاريخ تي انتھائي برجستي انداز سان قلم کنيو آھي. ھن جماليات جي اوسر، تاريخ، مذھبن ۾ جماليات جي تصور، جماليات جي مختلف قسمن، جديد فلسفي ۾ جماليات جي تصور، تصوف ۾ جماليات جي تصور ۽ ڀٽائيءَ وٽ جماليات جي تصور ۽ شاھ جي رسالي جي مختلف سُرن ۾ جماليات جي تصور تي عالماڻي انداز سان لکيو آھي.

Title Cover of book AESTHETICISM IN THE POETRY OF SHAH LATIF

ليلا چنيسر

گهڻن محققن جو چوڻ آهي تہ سر ليلا چنيسر جي نالي سان ڪابہ هندستاني راڳڻي ناهي. هن سر تي اهو نالو مضمون پٽاندڙ رکيو ويو آهي. پر شيخ عزيز جو چوڻ آهي تہ رومانوي داستانن جي ڪردارن تي جن ديسي راڳڻين جا نالا رکيل آهن انھن ۾ سر ليلا چنيسر بہ شامل آهي.
جڏهن تہ شاهواڻي صاحب جو خيال آهي تہ “هن نالي سان ڪابہ هندستاني راڳڻي ڪانھي، تنھن ڪري سمجهجي ٿو تہ رسالي کي ترتيب ڏيندڙن هن سر تي مضمون جي لحاظ کان ئي نالو رکيو آهي.”
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب پڻ ساڳي ڳالھہ ڪري ٿو، “هن سر تي اهو نالو ان جي مضمون مطابق رکيو ويو آهي.”
سر ليلا چنيسر ۾ ليلا جي راڄ ڀاڳ (چنيسر جي توسط سان)، ٺٺ ٺانگر جي ذڪر سان گڏ سندس مڻئي تي موهجي پوڻ جو ذڪر آهي، جنھن جي نتيجي ۾ چنيسر کائنس رسي ٿو وڃي. ۽ پوءِ ليلا مسلسل ليلائيندي رهي ٿي. هوءَ پڇتائي ٿي ۽ پاڻ تي ملامت ڪري ٿي. هن سر ۾ جماليات جا مختلف رنگ آهن. جن ۾ چنيسر جي رسڻ کان اڳ ليلا جي سونھن (وڏيري هياس چنيسر جي راڄ ۾)، چنيسر جي وجاهت ۽ مردانگي، (چَنيسَرُ چَؤرَنگُ، ٻِرَنگو لوڪُ ٻِيو)، ليلا جي هارن سينگارن جي سونھن وغيرہ شامل آهي.
شاھ صاحب هن سر جي گهڻي ڀاڱي تي ليلا جي پڇتاءَ جو ذڪر ڪيو آهي.
مَڻِيو وِجھان مَچَ ۾، هائِيءَ هڻِي هارُ؛
سوڀِي! سُکُ سيَّدُ چئي، ڪَرِئين ڪوہ قَرارُ؟
راجا رِيساڻو گهڻو، سَٽاڻو سردارُ؛
چؤڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيھان ڏيہِ ڏَهڪارُ؛
ٺاڪُرُ اکِيين ٺارُ، مَڻِـئي تي ٿِي مَٽِئين!
(ليلا چنيسر)1:2
ليلا جو چوڻ آهي تہ هار جي مکيہ مڻئي ۾ جيڪي چٽ نڪتل هئا انھن کيس هرکائي وڌو. شاھ صاحب جو ايتري باريڪ شين جو ذڪر (نہ تہ مڻيو پاڻ خوبصورت آهي، مڻئي جي ڳالھ ٿي چڪي هئي اهو ڪافي هيو، پر نہ شاھ صاحب ان تي اڪتفا نہ ٿو ڪري هوهڪ جوهري، ڪاريگر وانگر ان مڻئي کي بيان ڪري ٿو) ڪيڏو نہ موهيندڙ آهي.
مَڻِـئي مَٿي جي هُئا، تِن چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ؛
هارُ کَٽَندِيَسِ هوڏَ ۾، نيبَہُ ٿيندُمِ نِتُ؛
ڪؤنرُوءَ جو ڪِرِتُ، مُونھان مَٿاهُون ٿِيو.
(ليلا چنيسر)1:5
شاھ صاحب پنھنجي ڪردارن سان تمام ويجهڙو ٿي همڪلام ٿيندو رهيو آهي. سندس ٻين انيڪ خوبين سان گڏ ڪردارن سان هڪ ٿي وڃڻ واري سندس خوبي سچ تہ کيس ڪلاسيڪي شاعرن ۾ ممتاز بڻايو آهي. هن بيت ۾ شاھ صاحب ليلا سان ڪيڏو نہ بي تڪلف ٿي مخاطب ٿيو آهي.

هُئِينءَ تہ گهڻو هُوشِيارُ، ڪَلَ بہ هُيَئِ ڪانڌَ جِي؟
تو ڀانيو موچارِي ٿيان، ڳِچئَ پائي هارُ!
ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نہ وَڻي، سَئين ڀَتين سِينگارُ؛
وَهَمَ لھي وِينجهارُ، دِليُون پَرکي داسَڙو.
(ليلا چنيسر)2:2

شاه صاحب ليلا سان مخاطب ٿيندي چويس ٿو تہ تون هوشيار تہ ڏاڍي هئينءَ ۽ توکي پنھنجي ور جي عادتن جي بہ خبر هئي پوءِ تو ڪيئن ٿي سمجهيو تہ تون هار پائي خوبصورت ٿنيدينءَ ۽ پنھنجي ور کي وڌيڪ وڻندينءَ، توکي خبر تہ هئي نہ تہ هو دلين جو لاڙو ۽ پيار پرکيندڙ ۽ ڏسندڙ آهي، هن جي اڳيان سينگار ڪا معنيٰ نہ پيا رکن. ڇاڪاڻ تہ تو پاڻ چيو هو:

سونا ڪُرَّ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ؛
ٻانھوٽا ٻانھن ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ؛
(ليلا چنيسر)1:9

شاھ صاحب ليلا کي سمجهائيندي چوي ٿو تہ تو جڏهن ظاهري سينگار ٿي ڪيا، ڪنن ۾سونا جهمڪا ۽ ڳچيءَ ۾ ڳاڙها هار پاتا هيئي تہ هو توکان پاسيرو ٿي ويو هو، پر جڏهن سينڌ سرما ۽ ٻانھوٽا ختم ڪري ظاهري ٺاھ جوڙ کي ڇڏي ڏنو هيئي تہ تون پنھنجي ور جي ويجهو هئينءَ.
نہ ڪِي هو ٻانھڙيُنِ ۾، نہ ڪِي ڳَرِ هُئومِ؛
نہ مُون، سِينڌِ نہ سُرمو، نہ سِينگارُ ڪَيومِ؛
تيلانہ ڪانڌُ سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ ڳِڙي.
(ليلا چنيسر)1:8

شاھ صاحب ليلا سان هڪ اهڙي دوست وانگر همڪلام ٿيو آهي. جيڪو پيار کان بہ واقف آهي تہ سندس لاڳاپن جي بہ سڌ رکي ٿو. اصل ۾ اڄ سوڌو دنيا ۾ اهڙو دوست وڏي وٿ ۽ آٿٿ سمجهيو ويندو آهي جيڪو پيار جي رسڻ وقت روئندڙ ۽ هنياري ڪندڙ دل جي دلجوئي ڪندو آهي. شاھ صاحب اهڙي ئي دوست جي حيثيت سان ليلا سان مخاطب آهي، هو کيس چوي ٿو، تہ ليلا! تون جيڪا آهين تنھنکي چنيسر سڃاڻي ٿو باقي هو معمولي ماڻھو تہ ڪونھي جو مصنوعي ٺاھ جوڙ تي هرکي پوي. تو کي سڄي خبر آهي تہ؛ سڄو لوڪ ٻہ رنگو آهي پر تنھنجو چنيسر چورنگو آهي.
چَنيسَرُ چَؤرَنگُ، ٻِرَنگو لوڪُ ٻِيو؛
تنھن سين ڇِنِيو سَنگُ، وَڃِيو هارَ هَٿُ ڇھين!
(ليلا چنيسر)1:3
موٽ ۾ ليلا شاھ صاحب کي پنھنجو حال ڀائي ڄاڻي پنھنجي گذريل حيثيت ٻڌائي ٿي.
وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
دائِيين، ٻائِيين، دَرِبانَنِ، پَرِ ۾ ٿي پُڇِياسِ؛
دُهلين دَمامين، نَقرين، ٿي وِچَ ۾ وِهارِياسِ؛
هُيَسِ دادُلِي دوسَنِ جي، کَـڻي هَلڪِي هارَ ڪَياسِ؛
تِنھان پوءِ ٿِياسِ، ڪانيارِي ڪانڌَ جِي.
(ليلا چنيسر)2:5
ليلا اعتراف ٿي ڪري تہ واقعي آءُ چنيسر جي راڄ ۾ وڏيري هيس، منھنجي سامھون داين ۽ ٻاين جو ميڙو هوندو هو ۽ وڏي ناز سان رهندي هيس، مونکي هار جي تمنا چنيسر جي نظرن ۾ هلڪڙو ڪري ڇڏيو. ۽ آءُ سندس نظرن مان ڪري پيس. ليلا چوي پئي تہ هميشہ هندورن ۾ هوندي هيس خبر ئي ڪانہ پئي ۽ مڻئي مامري ۾ اچي ڏوجهرن ۾ پئجي ويس.

هُيَسِ هِندورَنِ ۾، پِييَمِ ڪانہ پَرُوڙَ؛
مَڻِئي سنَدي مامِري، ڪوجهي وِڌَيَسِ ڪُوڙَ؛
سامھان ٿِـيَمِ سُورَ، وِيو وِلُٽي وَلھو!
(ليلا چنيسر)2:6
ليلا چوي ٿي تہ آءُ هندورن ۾ هوندي هيس، هروڀرو مڻئي جي معملي ۾ وجهي پاڻ کي ڪوجهو ڪري وڌم. پر شاھ صاحب سندس درد سمجهي ٿو. ۽ ڏس ڏيندي چويس ٿو: “جي ليلائي نہ لھين، تہ پڻ ليلائيج، آسر م لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.”
مجموعي طور سر ليلا چنيسر ۾ مصنوعي، فني۽ جسماني جمال جو ذڪر آهي. شاھ صاحب هن سر ۾ ليلا جي لالچ ۽ غلطي کي انتھائي نفيس طريقي سان بيان ڪيو آهي. هي سر پنھنجي پر ۾ منفرد ۽ مخصوص آهي. جنھن ۾ عورت کي هرکڻو ڏيکاريو ويو آهي. پر ترت ئي اها عورت پنھنجي عمل تي پڇتاءُ ظاهر ڪري ٿي، سندس پڇتاءَ ۽ پيڙا سبب شاھ صاحب کيس معنيٰ ڏني آهي. ان کان علاوہ سر ليلا چنيسر ۾ شاه صاحب عورت جي مصنوعي سونھن ۽ مرد جي وجيھ جلال کي تمام خوبصورت انداز سان نبيريو آهي.