شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

طور سِينا جبل تي

نيٺ،
مون اُهو هنڌ ڳولي لَڌو،
جتي خداوند تعالى، حضرت موسى کي
پنھنجو جلوو ڏيکاريو هو.
اُها جاءِ سجَ جيان چِمڪي رهي هئي،
جنھن مان ٿڌي، اَکين ٺار روشني نڪري رهي هئي.
مون وڌي اُن جاءِ تي
ڏاڍي عقيدت ۽ اَحترام وچان هَٿَ ڦيريا.
منھنجي هٿن ڦيرڻ شرط
اُن جاءِ ۾ ڏارَ پئجي ويا،
جن مان ڪي آواز ڀڙڪا ڏيئي نِڪرڻ لڳا
سمجهہ ۾ نہ اِيندڙ آواز!
گونگا آواز!
جيڪي صدين کان اُتي بند هئا.
اُهي آواز سڄي واديءَ ۾ پَکڙجي ويا
آهستي آهستي اِيئن لڳو ڄڻ تہ
اُهي آواز سڄي ڪائنات ۾ پکڙجي ويا هُجن.
مون اُنھن آوازن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي،
ڏاڍي دير کانپوءِ
مون کي اُهي آواز سمجهہ ۾ آيا:
”آءٌ تنھنجو رب آهيان!“
”آءٌ تنھنجو رب آهيان!“
اِهو ٻُڌي آءٌ سجدي ۾ هليو ويس
۽ اِقرار ڪيم تہ:
”ها، تون ئي منھنجو رب آهين!“
”تون ئي منھنجو رب آهين!“
آءٌ سجدي مان اُٿيس،
پر، آواز بند نہ ٿيا، لڳاتار وَڌندا ويا.
موي وري ڏاڍي زور سان رڙيون ڪري،
هڪ ڀيرو ٻيھر اِهو اِقرار ڪيو تہ:
”ها، تون ئي منھنجو رب آهين!“
”تون ئي منھنجو رب آهين!“
منھنجي رڙين سبب سڄي وادي گُونجڻ لڳي
پر، آواز بند نہ ٿيا، وڌندا ويا، پَکڙبا ويا.
پوءِ مون کي اَحساس ٿيو تہ
جيستائين دُنيا جو هر اِنسان
اِهو اِقرار نہ ڪري تہ
”ها، تون ئي منھنجو رب آهين!“
”تون ئي منھنجو رب آهين!“
تيستائين اِهي آواز بند نہ ٿيندا!

]يوسف شاهين[