محمود شام: اَنالحق
دُنيا جي هر ڪُنڊ ۾ سگهاريون ۽ دولتمند طاقتون، ڪمزور اِنسانن جو وجود ختم ڪرڻ جي پويان پيل آهن. غريب ۽ مفلس ويٽنامي، خوشحال ۽ اَمير آمريڪين سان وڙهي رهيا آهن، ڪيترائي سال ٿي ويا آهن، هنن ڪوبہ سُڪون جو ڏينھن نہ ڏٺو آهي ۽ نہ ئي سُک جي رات. ڇا هو اِنسان ڪونہ آهن؟ اَلجزائر جا اِنسان ڪيترن ئي سالن تائين رت جي درياءَ مان گُذرندا رهيا آهن، ڇا سڄي دُنيا جي مسلمانن کي جيئرو رهڻ جو حق ڪونھي؟ ويٽنام جي اِنسانن آمريڪا جي اِنسانن سان ڪھڙا ظلم ڪيا، جو هاڻ آمريڪا جا اِنسان پنھنجي گهرن کان هزارين ميل پري وڃي ويٽنام جي اِنسانن کي سندن گهرن ۾ ماري رهيا آهن ۽ پاڻ بہ مري رهيا آهن.
وطن ڇا آهي؟ قانون ڇا آهي؟ ملڪي سالميت ۽ خود مختياري ڇا آهي؟ پَرماري قوتن پنھنجي سھولت لاءِ قانون جوڙي رکيا آهن، سرحدن جون لڪيرون ڪڍي رکيون آهن، اِنسان خود پنھنجي جوڙيل قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ اُهي قوتون ڪمزور اِنسانن تي چڙهايون ڪن ٿيون ۽ اُنھن انسانن کان اَمن ۽ سڪون سان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي. اِهو وهنوار ڪيترن ئي صدين کان جاري آهي، گهڻيون تڻيون جنگيون وطن جي نالي تي وڙهيون وڃن ٿيون. وطن ڇا آهي؟ وطن ڪھڙي نسبت سان اَڄ جيڪي وطن جون حدون آهن، اُهي ڪالھہ نہ هيون، ڪالھہ جيڪي اسان جا وڏڙا وطن جي نالي تي قربان ٿيا هئا، اُنھن جون قربانيون ڪھڙي ڳاڻيٽي ۾ آڻجن؟ اَڄ جيڪڏهن اِنسان ڪنھن وطن جي لاءِ قربانيون ڏيندو تہ ڇا ضروري آهي تہ سندن وطن ساڳي حالت ۾ رهي ۽ جڏهن وطن ساڳي حالت ۾ نہ رهندو تہ قربانيون ڇا جي لاءِ؟
سڄي دُنيا هر اِنسان جو وطن آهي، سڀئي اِنسان هڪ عالمي برادري آهن، ڀائرن کي ڀائرن کان ڪوبہ ڊپ نہ هوندو آهي، ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنھن وٽ طاقت وڌيڪ ٿي ويندي آهي تہ هو اُها اِستعمال ڪرڻ جي لاءِ ڪمزور اِنسانن کي ڳوليندو آهي، اِيئن سوين، هزارين، لکين اِنسان بنا ڪنھن سبب جي مارجي ويندا آهن. قديم ۽ جديد تاريخ تي جيڪڏهن اِن نقطئہ نظر سان نظر وڌي وڃي تہ هيستائين جيترا ماڻھو جنگن جو ٻارڻ بڻيا آهن، اُن جو سبب ڪجهہ طاقتور گروهن جي مھم جوئي کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو.
يوسف شاهين هڪ حساس دل رکي ٿو، اِنسانن جو اُهو مرڻ سندس سڀ کان وڏو ڏُک آهي، اُهو اوهان جو بہ ڏک آهي تہ منھنجو ڏک بہ آهي، پر خود پنھنجن هٿن سان ٺاهيل زنجيرن، وهمن ۽ پاڇولن ۾ قيد اِنسان اُن تي اَحتجاج بہ نہ ٿا ڪري سگهن. يوسف شاهين طاقت جي اِستعمال جي خلاف اَحتجاج بُلند ڪري رهيو آهي، سندس لفظن ۾ درد جون لھرون ڇوليون هڻي رهيون آهن، هو هڪ پيغام کڻي سامھون اَچي رهيو آهي تہ دولتمند پنھنجي دولت جي حفاظت لاءِ طاقت خريد ٿو ڪري. اسان وٽ سرمائيداري نظام جي سخت مخالفت ٿيندي آهي. اُن سرمائيداري نظام ڀاڙيتو فوجي طاقت کي جنم ڏنو آهي، سڄي دُنيا جا سرمائيدار پنھنجن پنھنجن قلعن کي مضبوط رکڻ جي لاءِ فوج کي وطن ۽ مذهب جي نالي تي اِستعمال ڪن ٿا. يوسف شاهين جو پيغام اِهو آهي تہ سرمائيداري سان گڏ طاقت جي اُن اِداري کي ختم ڪري، اُها ئي دولت اِنساني ڀلائي ۽ بھبود تي خرچ ڪئي وڃي. هٿيارن جي گهٽائڻ سان ڪجهہ نہ ورندو ۽ وري جنگ نہ ڪرڻ جا معاهدا ڪم نہ اِيندا، سڄي دُنيا ۾ اِها تحريڪ هلڻ گُهرجي تہ جڏهن اِنسان هڪ برادريءَ سان واسطو رکي ٿو تہ پوءِ اُهو وطن ۽ ملڪ جي قيد کان آزاد هڪ ئي رشتي ۾ ڳنڍيل هئڻ گهرجي، ٽينڪ جي جاءِ تي ٽريڪٽر اِستعمال ٿئي تہ دُنيا مان بک ختم ٿي سگهي ٿي، هوائي جھاز مان بم وسائڻ بدران اِنسانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو وٺي وڃڻ لاءِ فضا ۾ پرواز ڪن، اَئٽم بم ۽ هائيڊروجن بم ٺاهڻ جي بدران سائنسدان سڄي دُنيا جي ٻارڙن کي بيمارين کان محفوظ رکڻ جي لاءِ دوائون تيار ڪن، هن دنيا کي باھہ ۽ رت جي درياءَ ۾ ٻوڙڻ بدران اَمن ۽ آشتيءَ جو گهوارو بڻائين. جيڪڏهن دُنيا ۾ طاقت هڪ اِداري جي حيثيت ۾ موجود نہ هوندي تہ طاقت جي اِستعمال جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي.
سڄي دُنيا ۾ جيترن بہ فلاسافرن ۽ مفڪرن اِنسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ سوچ جا مرحلا طئي ڪيا آهن، اُنھن جو بُنيادي خيال اِنسانيت جي بقا ۽ عالمگير ڀائپيءَ جو قيام ئي هو، پر اِستحصالي قوتن پنھنجي طاقت جي ٻل تي اُنھن فلسفن کي عملي شڪل اِختيار ڪرڻ نہ ڏني ۽ اَڄ بہ اِنسان جو رت وهي رهيو آهي، سُندر ڌرتي شعلن ۾ سڙي رهي آهي، اِهو سڀ اِنسان جي سوچڻ جي ڳالھہ آهي، فڪر جي ڳالھہ آهي تہ اِنسان آخر ڪيستائين هڪٻئي کي ماريندو رهندو.
]يوسف شاهين جي اُردو ڪتاب ’اَنالحق‘ جي مھاڳ جو ترجمو، جيڪو 1972ع ۾ ’اِداره بارگاهِہ اِنسانيت‘ نصرپور، ضلعي حيدرآباد پاران شايع ٿيو.[
