نصير اَعجاز: ’سُر سُورهيہ بادشاھہ‘ حُر مجاهدن ۽ سُورمن کي ڀيٽا
”اِهو تہ واھہ جو ڪم ٿيندو.“ مون وراڻيو.
”پر يارَ! هن ڪتاب کي پورو ڪري جان ڇڏايان تہ شاعريءَ ۾ هٿ وجهان.“
اِيئن اُهي ڪجهہ مھينا گُذري ويا ۽ سندس ڪتاب بہ مڪمل ٿي ويو، جنھن لاءِ يوسف شاهين چوندو آهي تہ: ”کوڙ ڪتاب لِکيم، پر هن ڪتاب تي مون سمورو نُور نچويو آهي.“ هتي اُن ڪتاب جي تفصيلن ۾ وڃڻ مناسب نہ ٿيندو، بس! ايترو چوندس تہ جيئن هن پنھنجي گُذريل ڪتابن ۾ ڪُوڙن خدائن، جابر بادشاهن ۽ فوجي سپھہ سالارن کي اُگهاڙو ڪيو آهي، تيئن هن ڪتاب ۾ بہ هن اِنسان ذات کي تباهيءَ جي اُونھي ۽ اُونداهي غار ۾ اُڇليندڙ قوتن کي للڪاريو آهي. چوراسي ورهين جي ڄمار ۾، طبيعت بہ خراب رهندي، هن اِهو اَهم ڪتاب لِکي پورو ڪيو تہ مٿان وري پيرَ تِرڪڻ سبب ڄنگهہ جي هَڏي ڀڄي پيس ۽ ويل چيئر ڀيڙو ٿي ويو ۽ اَڃا بہ علاج هيٺ آهي. جڏهن مزاج پُرسيءَ لاءِ وٽس وڃڻ ٿيو تہ تڏهن بہ اِهائي تاتِ هيس تہ سُورهيہ بادشاھہ تي ڪلام لِکجي.
سُورهيہ بادشاھہ شھيد پير صِبغت ﷲ شاھہ راشديءَ بابت شروع کان سندس راءِ هئي تہ هن ڦوھہ جوانيءَ ۾ سنڌ لاءِ پنھنجي جان ڏِني ۽ سندس حُر مجاهدن بہ وڏي ويڙهاند ڪري، سنڌ جي آزاديءَ جي تاريخ جو هڪ اَهڙو بابُ لِکي ڇڏيو، جنھن جي ذڪر کانسواءِ سنڌ جي تاريخ اَڻپوري رهندي. ”سُورهيہ بادشاھہ ۽ حُر هلچل کي هن ملڪ ۾ اَهميت نہ مِلي آهي، اُن پُٺيان کوڙ ڪارڻ آهن، جن مان هڪ آهي مخصوص ذهنيت.“ سندس چوڻ هو، جڏهن 2015ع ۾ مون کيس پنھنجي ڪتاب Hur - The Freedom fighter جي ڪاپي ڏِني هئي.
گُذريل فيبروري مھيني جي ويھين تاريخ ڌاري جڏهن وٽس وڃڻ ٿيو تہ وري شھيد پير جو ذڪر نڪتو. تڏهن ٻُڌايومانس تہ: ”ويھين مارچ سُورهيہ بادشاھہ جي شھادت جو ڏينھن بہ اَچي پھتو آهي، ڪجهہ لِکي وٺو تہ بھتر.“
”پورو مھينو پيو آهي ۽ اِهو تہ وڏو وقت آهي. مون کي شاعري لِکڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي، ٻہ ڏينھن بہ منھنجي لاءِ کوڙ آهن.“ هن مُرڪندي وراڻيو ۽ پنھنجي کوڙ ڏهاڪا اَڳ لِکيل شاعريءَ جو پسمنظر ٻُڌايائين. ”بس! جڏهن اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو آهي تہ دير ڪانہ لڳندي.“
سچ تہ يوسف شاهين کي دير ئي ڪانہ لڳي. مارچ مھيني جو پھريون هفتو بہ پورو ڪونہ ٿيو تہ سندس فون آئي، اُهو ئي مخصوص اَنداز هُيس: ”صاحب!“ مان سندس لھجي مان سمجهي ويس تہ سندس مُنھن تي ڪنھن ڪاميابيءَ جي مرڪ هوندي، هيو بہ اِيئن، هن شاعري لِکي ورتي هئي. ”مون ٻن راتين ۾ پنجيتاليھہ بيتَ ۽ هڪ وائي لِکي ورتي آهي، پر مان اَڃا ڪجهہ بيت ۽ وايون لِکڻ گُهران ٿو. ڪجهہ نظر جو بہ مسئلو اَٿم، پر مارڪر سان وڏن اَکرن ۾ لِکي ورتو اَٿم. هاڻ اَچو ۽ اُهو ڪلام کڻي وڃو، ڇو تہ اِهو لِکرائڻ ۾ اَصل ڪردار اوهان جو آهي.“
مان بہ ٻئي ڏينھن وٽس وڃي پھتس، اُتي ئي پَنا اُٿلائڻ شروع ڪيم. ”مون سُورهيہ بادشاھہ ۽ سندس ٻين شھيد ساٿي مجاهدن ۽ سُورمن کي ڀيٽا ڏِيڻ لاءِ نئون سُر لِکيو آهي ۽ اُن سُر جو عنوان آهي ’سُر سُوره سنڌ‘، ويل چيئر تي ويٺل يوسف شاهين چيو. هن ’سُر سُوره سنڌ‘ جي اِبتدا ئي هن بيت سان ڪئي هئي:
لاحد، لامڪان ۾، جيئن ٿيام جاڳَ،
سَھيڙي سڀ ڀاڳَ اَڀاڳَ، سُوره لِکيم سنڌ جي.
جيئن جيئن بيتَ پڙهندو ويس، منھنجا لِڱَ ڪانڊاربا ويا. هيءُ ڪلام شھيدن کي ڀيٽا ڏِيڻ لاءِ لِکيو ويو هو، پر اُن ۾ اَٺ ڏهاڪا اَڳ آزاديءَ لاءِ ٿيل ويڙهاند جي تاريخ بيان ٿيل هجڻ سان گڏ ڄڻ تہ اَڄ جي بہ حالتن جي عڪاسي ٿيل هئي ۽ وري هڪ جذبي سان آزاديءَ جي ويڙهاند جو سَڏ ڏِنل هو.
اَلف آزادي، ب کان رهيا بيخبر،
ڏِسي ڏاڍُ ڏمرُ، سُوره پڙهيائون سنڌ جي.
مان اَڳتي پڙهندو ويس.
وطن يا ڪفن، هر ڪنھن واتِ وائي،
آسَ اَٿن اَهائي، تہ آجا ٿين اَنگڙا.
-
وطن يا ڪفن، هر ڪنھن وائي واتِ،
آزادي آزادي، تن من اِهائي تاتِ،
ماڻيندا نيٺِ نجات، ڏُکويل هن ڏيھہ جا.
سندس ڪلام پڙهڻ سان لڳم تہ ڄڻ حُر مجاهد هٿيارن جي کوٽِ هوندي بہ بي خوف ٿي، سِر جو سانگو لاهي، آزاديءَ لاءِ اَنگريز لشڪر سان مُھاڏو اَٽڪايو بِيٺا آهن ۽ منھنجي آڏو ئي ويڙهاند هلي رهي آهي.
نہ آهُون، نہ دانھُون، نہ ڏِنائون ڏوراپا،
لَھي ويا لوڪَ ڏي، وڏا ڪري وراڪا،
مَچائي ميڙاڪا، ورتائون واٽَ آزاديءَ جي!
-
نہ وِت، نہ وسيلا، نہ ڪا توبَ، ترارَ،
سِينو تاڻي سوڍن، هٿِ ڪيا هٿيارَ،
پوءِ تہ هئي زاروزار، ڏاڍن سان هن ڏيھہ ۾!
نئين سُوره سنڌ جو، ٿيو چؤٻول چوڌاري،
مِڙوئي لَٿا ميدان تي، حُر هزاري،
ڪِن کنيا ڪاتَ، ڪِن ڪُھاڙيون ڪلداري،
ڪيرائي وِڌائون ڪيترا، ڪنڌَ قھاري،
عرضي ڏِنائون اُڀَ کي، ڪري هُل هاڪاري،
لھندا ڪڏهن لوڪَ تان، بارَ سندا باري،
جنگ رکيائون جاري، جاسين جُڙين آزادي!
يوسف شاهين سنڌ جي هن نئين سُوره ۾ لوڙن ۾ قيد ڪاٽيندڙ حُر مجاهدن جي حياتي ۽ سُورن، سختين جي بہ عڪاسي ڪئي آهي، جن لاءِ لِکي ٿو:
جڏهن سنڌ جا، رهزن ٿيا رکوالَ،
ڀري جيل ڀڀَ جيان، ٿيا بودلا بي حال،
پوءِ لوڙن ۾ لال، واڙيائون جانورن جيان!
يوسف شاهين اُنھن سُورمين کي بہ ياد ڪيو آهي، جن دُشمن سان پنھنجي مرد مجاهد جيان ويڙهاند ڪئي.
وينگس ورَ کڻي، کنيا هٿيار هٿن ۾،
پارس پدمڻي، وئي وڍيندي ويرين کي.
-
وينگس ورَ کڻي، هٿ ۾ کنيا هٿيارَ،
سڀيئي سُورميون، نڪري ٿيون نروار،
پوءِ تہ ويرين وچ ۾، هُئي ماران مار،
ڏندين ڏِنيون آڱريون، اَنگريچي اَغيار،
ڪھڙي قومَ سان، پيو پالو پالڻھار،
نہ ئي پاڻ پچار، نہ ئي سانگو ساھہ جو.
-
هڪالي هِتان جي مِٽي ڦِريو وجهي ڦِٽڪارَ،
وڻ ٽڻ وائي اِهائي، لميو ڪن للڪارَ،
تہ کڻي توبَ ترارَ، ڀڄو هن ڀونءِ تان.
مون يوسف شاهين کي چئي ڏِنو: ”نيٺ توهان جي اَندر ۾ هڪ ڀيرو وري اُهاءُ ٿي ويو.“
’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جي نالي سان يوسف شاهين جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو بہ آهي، جيڪو نومبر 1979ع ۾ ڇپيو هو. اُها شاعري هن پندرهن ڏينھن ۾ شمشيرالحيدريءَ جي همٿائڻ تي لِکي هئي. اُن کان اَڳ يوسف شاهين نہ شاعر هو ۽ نہ ئي وري ڪڏهن سندس شاعري ڪٿي ڇَپي هئي. مان جڏهن يوسف شاهين جي ’سُر سُوره سنڌ‘ جو مھاڳ لِکڻ ويٺس تہ اُن ڪتاب ۾ يوسف شاهين جي باري ۾ شمشيرالحيدريءَ جي ڏِنل راءِ ياد آئي. هن لِکيو هو تہ: ”ڪو پُور پيس تہ شاھہ جو رِسالو کڻي، يڪساهيءَ ويھہ پنجويھہ ڀيرا دور ڪري ويو، تنھن پُڄاڻان اَچي جو لِکڻ ۾ پيو تہ ڏينھن رات هڪ ڪري ڏِنائين، فقط ٽِن هفتن ۾ ايترو لِکي ورتائين، جيترو گُذريل پنجويھن سالن ۾ مون بہ ڪونہ لِکيو آهي.“
علي بابا چئي ڏِنو تہ: ”يوسف شاهين ڪو هڪ مھيني جو شاعر ناهي. يوسف جي شاعريءَ جي اَندر جي پالوٽ ايتري ئي پُراڻي آهي، جيڏي سندس ڄمارَ.“
يوسف شاهين جي شاعريءَ جي معيار تي شمشير تہ گهڻو لِکيو آهي، پر ساڳئي ڪتاب ۾ ئي ممتاز مرزا جو هڪ خط بہ ڇپيل آهي، جنھن ۾ هو کيس لِکي ٿو: ”تنھنجي ڪلامَ جي نواڻ توڙي تازگي دل جي گهراين تائين پھچڻ واري آهي ۽ رُوحَ ۾ هڪ قِسم جو اُڌمو پيدا ٿئي ٿو. واقعي شاعري محض ڏات سان ئي واسطو رکي ٿي ۽ توتي ڏاتِ لَٿي آهي ۽ ڪمال سان لَٿي آهي. ’سُر سنڌ‘ نالي سان ڪلام تہ عجيب اَحساس جو مجموعو آهي.“
ٻن راتين ۾ پنجيتاليھہ بيت ۽ وايون لِکڻ واقعي اَهڙي اِنسان جي ئي وسَ جو ڪم آهي، جنھن کي اَهڙي ڏاتِ مِليل هجي.سنڌ جي سُوره پڙهي مان ڪھڙو تبصرو ڪريان؟ مان نہ شاعر، نہ اَديب، نہ مون وٽ لفظن جو ڪو اَٿاھہ سمنڊ! بس آغا سليم جا ڪي لفظ ورجائيندس، جيڪو يوسف شاهين کي هن دؤر جو صوفي سَڏيندو هو، جنھن کي سنڌ سان وحدت الوجودي عشق آهي. ”منصور ’اَنالحق‘ جو نعرو هنيو هو ۽ يوسف شاهين ’اَنالسنڌ‘ جو نعرو هنيو آهي.“ هن لِکيو هو.
آغا سليم جي ئي هنن سِٽن سان ڳالھہ جي پُڄاڻي ڪندس تہ: ”يوسف شاهين جي شاعريءَ جون سِٽون رُڳو سُڏڪا نہ ٿيون ڀرين، اَکر اوڇنگارون نہ ٿا ڏِين، پر سوريءَ لاءِ سڏ بہ ڪن ٿا، اَٿاھہ اُونداهيءَ ۾ ٽانڊا ٿي ٽِمڪن ٿا ۽ هڪ نئين دؤر جي بِشارت بہ ڏِين ٿا، جڏهن ڪو ظالم ۽ جابر هن ڌرتيءَ کي ڏاڍَ جا زخم نہ ڏِيندو. نئين دؤر جي اُها بشارت شاهين جي جذبات کان نہ ڦُٽي آهي، پر تاريخ جي جدليات جي شعور مان ڦُٽي آهي. اُن ڪري مان شاهين جي شاعريءَ کي، جنھن کي هو ‘اَندر جو اُهاءُ‘ چئي ٿو، ’شعور جو ڪرشمو‘ سَڏيان ٿو.“
]يوسف شاهين جي ڪتاب ’سُر سُورهيہ سنڌ‘ جو مھاڳ[
