پروفيسر عبدالغفار دائودپوٽو: يوسف شاهين: نيم ڪلاسيڪل شاعر
بھرحال سنڌي اَدب ۾، شاعريءَ جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو دؤر ’نيو ڪلاسڪ شاعري‘ شروع ٿيو، جنھن ۾ شيخ اَياز، قمرشھباز، تاجل بيوس ۽ ڪي ٻيا شاعر شامل آهن، جڏهن تہ نثار بزمي ۽ اُستاد بُخاريءَ جا نالا بہ سلھاڙي سگهجن ٿا. اُهو سندن شاعراڻي فڪر ۽ نظرياتي جانبداريءَ جو ئي بُنياد هئي، جنھنڪري شيخ اَياز کي اُن صف ۾ پھرين نمبر تي مقبوليت ۽ مٿئين ڏاڪي تي بيھاريو آهي، اُن جو اَندازو سندس شاعريءَ جي ڇاپيل ڪتابن، پبلشرز جي دلچسپي، پڙهندڙن جي موٽَ ۽ شاعريءَ جي سماجي ڪردار ۾ اِستعمال سبب ممڪن ٿيو آهي.
اُن ريت عالمي اَدب جي تاريخ تي نظر وجهبي تہ معلوم ٿئي ٿو تہ ’جديد ڪلاسڪ شاعري‘ جو وچور مِلي ٿو. اُن مان واضح ٿئي ٿو تہ جديد ڪلاسڪ شاعر بہ دُنيا ۾ مختلف قومن ۽ اُنھن جي ٻولين ۾ هجن ٿا. اِن ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي قومَ کي بغور ڏِسنداسين تہ ساڳئيءَ ريت سنڌ ۾ بہ جديد ڪلاسڪ شاعر ڳولي لھي سگهجن ٿا، اُنھن ۾ حَسن درس، حليم باغي ۽ يوسف شاهين آهن، جن جا نالا باقاعدہ طور ڳڻي سگهجن ٿا.
يوسف شاهين جي سُڃاڻپَ تہ گَهڻ رُخي آهي، هڪ طرف هو ملڪ جي ’سينيٽ آف پاڪستان‘ ۾ سينيٽر رهيو آهي، ٻيو تہ يوسف شاهين ’نان فِڪشن‘ ليکڪ بہ آهي. جيئن تہ هن ڪي ٻہ درجن کن ڪتاب لِکيا آهن. هن مضمون ۾ يوسف شاهين جن جي شاعر جي حيثيت ۾ تخليقي ڪم هڪ ڪتاب، نالي ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ ۾ ڇپيل شاعريءَ بابت بلڪل ئي مختصر بيان تنقيديت جي نون موجودہ لاڙن جي روشنيءَ ۾ کوجنا يا ڇيدَ ڪجي ٿي.
ڪلاسڪ دراَصل لِکڻيءَ يا شئي يا وري شاعريءَ کي چئبو آهي، جيڪا هڪ تہ ڪُھني ۽ قديم هجي ٿي ۽ ٻيو تہ هر دؤر ۾ مقبول هجي ٿي. اُن ريت شاعريءَ کي اَدبي تنقيد جي پئراميٽر جي بُنياد تي تحقيق (Research) يا ڇنڊڇاڻ (Analysis) يا وري اَڀياس ڪرڻ لاءِ اَڄوڪي ايڪويھين صديءَ جي لاڙن موجب بہ پرکي سگهجي ٿو.
(1) مواد يا شاعري (Text): هتي يوسف شاهين جي شاعريءَ جي صنفن ۽ شعر جي قِسمن سان گڏ ڪجهہ شعري نمونن کي نظر ۾ رکي، هڪ ڄاڻ ۽ معلومات (Data) گڏ ڪري، سندس جديد ڪلاسڪ شاعر جي حيثيت لاءِ بحث مباحثو (Discussion) ۽ گفتگو (Argument) پيش ڪجي ٿي.اِن ڏَس ۾ ڪتاب ۾ ڏِنل مواد ۽ شاعريءَ مان مشاهدو ٿئي ٿو تہ يوسف شاهين پنھنجي تخليق کي بيان ڪرڻ لاءِ بيتَ ۽ وائيءَ کي اِظھار جو ذريعو بڻايو آهي، اُن ڪري يوسف شاهين جو شمار بہ هڪ ’ڪلاسڪ شاعر‘ طور ڪري سگهجي ٿو. ياد رهي تہ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسڪ شاعرن قاضي قاضن، شاھہ ڪريم ۽ شاھہ لطيف جن بيت يا وائي صنف اِيجاد ڪئي هئي ۽ شاعراڻي اِظھار لاءِ اِستعمال ڪئي هئي.
(2) موضوع يا مضمون (Context): هتي تنقيدي لحاظ سان ڳاڻيٽو ڪنداسين تہ يوسف شاهين جن جي ڇپيل ڪتاب ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ ۾ شامل موضوعن، يعني مضمونن (Context) جو شمار سامھون اَچي ويندو آهي، جنھن جي بُنياد تي يوسف شاهين جي هڪ ’جديد ڪلاسڪ شاعر‘ طور سُڃاڻپَ برقرار رکڻ لاءِ مواد طور پيش ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ شاھہ لطيف ۽ تاجل بيوس وانگر يوسف شاهين بہ بيتن ۽ واين کي هڪ ’لوڪ ڪھاڻي‘ (Folk story) جي رُوپَ ۾، سُرن جي صورت ۾ ناليوار شاعري ڪئي آهي. مثال طور: (1) سُر ڪلياڻ، (2) سُر بلال، (3) سُر ڀڳتي، (4) سُر ڪيڏارو، (5) سُر ڄام ٻانڀڻو، (6) سُر سنڌ، (7) سُر بي مثل بينظير، (8) سُر سنڌو. اُن سان گڏوگڏ يوسف شاهين هن ڪتاب جي حِصي ’متفرقہ‘ جي سري هيٺ ڪي پنجيتاليھہ (45) کن عنوان ڏيئي، دُنيا ۽ سنڌ سان جُڙيل مسئلن ۽ ڪيترين ئي شخصيتن بابت شاعريءَ ۾ پنھنجي ڳالھہ جو اِظھار ڪندي، سموري عالم سان ڄڻ پنھنجي سنڌ ملڪ ۽ ڏيھي شخصيتن کي شامل ڪندي، جوڙَ جوڙي ڇڏي آهي، جيڪو پڻ هڪ ڪلاسڪ شاعر هجڻ جي لاءِ اُهڃاڻ آهي.
(3) معنى ڏِيڻ (Meaning): اَدبي تنقيد موجب يوسف شاهين جن پنھنجي لفظن ۾ شاعري چئي ويو آهي، جڏهن تہ هڪ نقاد سندس شاعريءَ کي، سندس اَدبي نظرئي (TiTerary Theory) کي نظر ۾ رکندي، اَدبي تنقيد ڪري ٿو يا وري کيس تنقيد ڪرڻ گُهري ٿو. اُن کانسواءِ هڪ پڙهندڙ يا وري ڪو ڳائڻو ۽ فنڪار بہ پنھنجي سمجهہ ۽ جانبداريءَ موجب يوسف شاهين جي شاعريءَ مان لاڀ حاصل ڪندو يا حظ حاصل ڪندو نظر اَچي ٿو. اُن ريت شاعريءَ جي مٿي پيش ڪيل ٽنھي اُڻن يا لاڙن جي روشنيءَ ۾ پرکَ ڪري سگهجي ٿي. اُن ڏَس ۾ عالمي سطح تي هڪ واڌو پئراميٽر بہ شامل ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ لازمي طور تي صنفي طور عورتن بابت شاعري ڪرڻ ۽ سندن معاشري ۾ اَدا ڪيل يا اَدا ٿيندڙ ڪردار بابت شاعري ڪرڻ آهي تہ ڏِسبو تہ يوسف شاهين بہ ’سُر بي مثل بينظير‘، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اَڳواڻ، دُنيا جي عظيم عورت ليڊر ۽ جمھوري قدرن جي واڌاري لاءِ پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀُٽو (اَڳوڻي وزيرِاَعظم پاڪستان) جن جي عوامي جدوجھد ۽ آزاد خياليءَ بابت شاعري پيش ڪيل آهي، جڏهن تہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ ستن سُورمين (مارئي، سسئي، مومل، سُھڻي، نوري، لِيلا ۽ سورٺ) بابت اَلڳ اَلڳ سُرن ۾ زبردست تاريخي بيان ڪيو آهي. اُن تسلسل کي يوسف شاهين بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ جاري رکندي، هڪ تاريخي ڪردار اَدا ڪندي، پاڻ کي ’ڪلاسڪ شاعر‘ جي حيثيت طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
مطلب تہ يوسف شاهين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ’عظيم، جديد ڪلاسڪ شاعر‘ آهي، جنھن جي شاعريءَ جو ڪتاب ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ هڪ جديد ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو مثالي نمونو آهي، جنھن کي مواد/صنفن (Text) ، موضوعن/عنوانن ۽ معنائن سان گڏوگڏ سندس صنفي قُربت (Femlnist Approach) جي لحاظ کان تحقيق ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي تہ جيئن اَدبي تنقيد (Literary criticism) جي موجودہ نون طريقن پٽاندڙ سندس (Literary Theory) جي پروڙ ڪرڻ ۾ ڪا اَڳڀرائي ڪرڻ جو مستقبل قريب ۾ اِنتظام ڪري سگهجي تہ گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ جا، خاص طور تي يوسف شاهين جي شاعريءَ جي سنڌي سماج تي پيل اَثرن ۽ مستقبل ۾ پوندڙ اَثرن جو جائزو وٺندي پاڻ کي عالمي سطح تي مڃرائڻ ۾ بہ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ترجمن جي رُوپَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ترقيءَ ۽ تبليغ لاءِ ڪوششون وٺڻ جي سخت ضرورت آهي.
