لفظن جو ماتم (تاج بلوچَ جي شعري مجموعي جو اَڀياس)
سوويت يونين جي سياسي ۽ فوجي زوال سان سڄي دُنيا ۾ اِهو گوڙ مچي ويو تہ سوشلزم يا ڪميونزم هڪ مڪمل نظريي طور ناڪام ٿي ويو آهي. اُن پروپيگنڊہ جو سڄي دُنيا ۾ ترقي پسند ذهن رکندڙ ماڻھن تي ڏاڍو ڏُکوئيندڙ اَثر ٿيو، خاص طور اسان وٽ سنڌ جي ڪيترن ئي ترقي پسند اَديبن، عالمن، شاعرن ۽ مفڪرن جا ذهن ٽِڙڪي پيا، ڪي مختلف وسوسن ۾ ڦاسي، مذهبن بابت نئين سِر مطالعي ۾ لڳي ويا، ڪي مسجدن ۾ هليا ويا تہ ڪن ڏاڙهي کڻي رکائي. سنڌ ۾ تمام ٿورا اَهڙا اَديب ۽ شاعر وڃي بَچيا، جن سوويت يونين جي سياسي ۽ فوجي زوالَ کي سوشلزم يا ڪميونسٽ نظرئي جو زوال مڃڻ کان اِنڪار ڪيو. اَهڙن چند اَديبن ۽ شاعرن ۾ تاج بلوچ جو نالو اِنتھائي اَهميت رکي ٿو. هُن رُجعت پرستي ۽ سَرمائيداريءَ جي وقتي ڪاميابيءَ سبب ترقي پسند راهون نہ ڇڏيون. اُهي راهون، جيڪي اِنسان ذات کي صدين جي سفر ۽ پيڙا کانپوءِ رُوحاني توڙي اِقتصادي غلاميءَ مان ڪڍڻ جون ضامن آهن. تاج بلوچ، درد جو صحرا هي شخص، اُهو هڪ نئون درد بہ اَندر ۾ اوتي ويو ۽ هن پنھنجي فڪر، اَدبي ورثي ۽ اَدبي تخليق تان هٿ نہ کنيو ۽ ڪڏهن بہ اِيئن نہ چيائين تہ هن هيستائين جيڪي ڪجهہ لِکيو، اُن تي هو ڀُليل هو. هو سِڌو، سادو ۽ سَچو اِنسان اَڄ بہ پنھنجي لِکڻين، پنھنجي ڏِنل تخليقي ورثي تي قائم آهي.
جڏهن کان دُنيا ۾ بادشاهت ۽ فوجي اِدارا وجود ۾ آيا ۽ فتوحات جا عمل شروع ٿيا، تڏهن کان حقيقي آزادي ۽ نيڪيءَ جون راهون بند ٿي ويون آهن، بَدي ۽ غلامي اِنسان ذات جو مقدر بڻجي ويئي آهي. ساڍا چار هزار سالَ اَڳ گوتم ٻُڌ اِنصاف ۽ مساوات جي بُنياد تي سوشلسٽ معاشرو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سڀ کان اَول اِنسان ذات کي مذهبي وسوسن ۽ رُوحاني غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ پرچار ڪيائين. هن مذهبي ڍانچو ٽوڙي وِڌو ۽ عبادت ڪرڻ کان بہ منع ڪيائين. هن چيو: ”جيڪو وقت عبادت کي ڏِيڻو آهي، اُهو اِنسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪيو وڃي.“ بھرحال اَڳتي هلي گوتم ٻُڌ جي اَصلي تعليم گُم ٿي ويئي ۽ هن کي مذهبي شخصيت، بلڪہ خود خُدا جو درجو ڏِنو ويو. اَڄ بہ فارايسٽ جي تقريباً سڀني ملڪن ۾ گوتم ٻُڌ کي خدا طور پوڄيو وڃي ٿو. قديم اِيران ۾ مزدڪ سوشلسٽ معاشرو قائم ڪرڻ جي پرچار ڪئي، اِيران جي ساساني شھنشاھہ ’قباد‘ (اَول) ذريعي سموري ساساني سطنت ۾ ڪميونزم نافذ ڪرايو. هي اُهي ساساني حاڪم هئا، جن کان رُوم جا شھنشاھہ ۽ رُوم جون فوجون ڪنبنديون هيون. اُن کانپوءِ 1860ع ڌاري چِين ۾ ’هانگ‘ نالي عوامي شخصيت ڪميونزم ۽ سوشلزم جي پرچار شروع ڪئي ۽ اَڌ کان وڌيڪ چِين تي قبضو ڪري، اُتي ڪميونزم نافذ ڪيائين. هي اُهو دؤر هو، جڏهن ڪارل مارڪس اَڃا ڪاليج ۾ پڙهندو هو.
اَڳتي هلي ڪارل مارڪس ڪميونسٽ نظرئي ۾ ڪيترائي اِضافا ڪيا ۽ مزدورن جي معرفت عالمي اِنقلابَ جو تصور ڏِنو. مارڪس جي وفات کان 34 سالن بعد رُوس ۾ هن جي ڏِنل نظرئي مطابق ڪميونسٽ اِنقلاب آيو. اُن وقت دُنيا جون حالتون ڏاڍيون ڏُکوئيندڙ هيون، سڄي دُنيا پھرين عالمي جنگ جي آندل تباهين ۾ مُبتلا هئي، ڪروڙين ماڻھو قتل ٿي چُڪا هئا ۽ ڪروڙين ماڻھو فاقن ۾ مبتلا هئا. خود رُوس ۾ اَڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو بُکن ۾ پاھہ ٿي مري چُڪا هئا. اِن صورتحال جي موجودگيءَ ۾ لينن سوويت يونين ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي اِبتدا ڪئي، جنھن جي ترقي پسند اِنقلابي نظريي سبب باقي رُجعت پرست دُنيا لوڏن ۾ پئجي ويئي. گُمان هو تہ سڄي دُنيا ۾ مساوات تي ٻَڌل سوشلسٽ معاشرو قائم ٿي وڃي ها، پر فقط ويھن سالن جي وِٿيءَ کانپوءِ سامراجي قوتن دُنيا مٿان ٻي عالمي جنگ مڙهي ڇڏي. نتيجي طور هڪ ڀيرو وري دُنيا جا ڪروڙين اِنسان قتل ٿي ويا ۽ هڪ ڀيرو وري تباهي، بربادي، قتل، اَغوا، زوريءَ زِنا ۽ ٻيا ڏوھہ زندگيءَ جو عام معمول بڻجي ويا. سامراجي قوتن جي دھشتگرديءَ سبب اِنقلاب، اِصلاحات، ترقي ۽ اِنصاف جون ڳالھيون بي معنى بڻجي ويون، ايتريقدر جو سامراجي وهڪري ۾ سوويت يونين پنھنجو وجود وڃائي ويٺي.
سوويت يونين جي اُن زوال کي ڪنھن بہ حالت ۾ سوشلزم يا ڪميونسٽ نظريي جو زوال سمجهڻ نہ گُهرجي. هن دُنيا ۾ وڌندڙ آبادي، بيروزگاري ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ سرمائيداري ۽ رُجعت پرستي ڄاڻائي ٿي تہ هي دُنيا هڪ نئين اِنقلاب جي منتظر آهي. هيءَ دُنيا نئين سِر حقيقي سوشلسٽ معاشرو قائم ڪرڻ کانسواءِ هلي نہ سگهندي، اَڄ نہ تہ سُڀان ڪو حقيقي اِصلاحي، اِنصاف ۽ مساوات تي ٻَڌل معاشرو قائم ڪرڻو پوندو، اُن معاشري ۾ مرڪزي ڪردار فقط مزدور بَدران سڄي اِنسان ذات کي اَدا ڪرڻو پوندو.
مون 1973ع ۾ سوويت يونين بابت لِکيو هو تہ هن ملڪ جون سَرحدون نقلي آهن، اُن ڪري هي ملڪ ٽُٽي ويندو. اُن وقت منھنجي ڪيترن ئي دوستن اِن ڳالھہ سان اِختلاف ڪيو، بلڪہ اُن کي محض مذاق سمجهيو. بھرحال 1991ع ۾ سوويت يونين ٽُٽي ويئي. مون 1972ع ۾ ويٽنام جي هلندڙ جنگ دؤران پنھنجي ڪتاب ’اَنالحق‘ ذريعي سڀني ماڻھن جي ڌِيان تي اِها ڳالھہ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي تہ سامراجي قوتن بدنيتيءَ سان متحدہ ويٽنام کي ٽوڙي، ٻن ملڪن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ۽ اُهي ٻئي ملڪ پنھنجن هٿن سان پنھنجا ماڻھو قتل ڪري ۽ ڪرائي رهيا آهن. جڏهن مون اِها ڳالھہ لِکي، تڏهن چاليھہ لک ويٽنامي، جن ۾ اَڍائي لک ٻارَ بہ شامل هئا، قتل ٿي چُڪا هئا. مون اُن وقت چيو هو تہ اَڄ نہ تہ سڀان ويٽنام متحدہ ٿي ويندو تہ پوءِ اُنھن چاليھہ لک قتل ٿي ويل ماڻھن جو حِساب ڪير ڏيندو؟ منھنجي اِن سوال تي منھنجا ڪيترائي اَديب دوست ناراض ٿيا، مون کي خوشي آهي تہ ويٽنام اَڄ متحد آهي.
مون 1983ع ۾ اِهو بہ چيو هو تہ هن صديءَ جي خاتمي کان اَڳ سؤ کان وڌيڪ نوان ملڪ آزاد ٿي ويندا. اَڄ آءٌ اوهان کي ٻُڌايان ٿو تہ صديءَ جي خاتمي ۾ اَڃا ساڍا پنج سال پيا آهن ۽ هيستائين هڪ سؤ ڇويھہ ملڪ آزاد ٿي چُڪا آهن. جيئن تہ سوويت يونين جو خاتمو ڳالھين ذريعي ٿيو ۽ دُنيا ۾ پھريون ڀيرو سورنھن ملڪن ٽيبل تي ڳالھين ذريعي آزادي حاصل ڪئي، اِن اُصول تي ’چيڪس‘ ۽ ’سلاوز‘ قومن بہ عمل ڪيو ۽ ’چيڪوسلاويڪا‘ کي ٽوڙي ٻہ ملڪ ٺاهي ڇڏيا. آءٌ اوهان کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو تہ هاڻ آزادي گُهرڻ اَڳ وانگر ڏُکيو ۽ جوکم جھڙو ڪم نہ رهيو آهي، هاڻ اِهو ضروري ناهي تہ آزاديءَ لاءِ لکين ماڻھن جي قرباني ڏِني وڃي، هاڻ اِهو ڪم فقط ذهين، ڪي ڏاها ماڻھو ڪري سگهن ٿا. هاڻي ’درد جي صحرا‘ ٿيڻ بدران فقط تاج بلوچ ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ماڻھن بدران ’لفظن کان ماتم‘ ڪرائي سگهي.
