پير حِسام الدين شاھہ راشدي، مخدوم طالب المولى ۽ ڊاڪٽر عبدالقادر اَنصاري جا تاثرات
پير حِسام الدين شاھہ راشدي
12 فيبروري 1980ع
*
’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ ۾ ڪلام، صنف جي لِحاظ کان قديم، مگر خيال نوان جمع ڪيل آهن، جي دؤر جي عڪاسي ڪن ٿا.
مخدوم طالب المولى
03 مئي 1980ع
*
آءٌ بُنيادي طور سائنسدان آهيان، اُن باوجود مون اوهان جي شاعري وڏي چاھہ ۽ اُنس سان پڙهي. توهان جيڪي ڏِنو آهي، اُهو يقيناً قابلِ تعريف آهي. جيتوڻيڪ شاعريءَ جي دُنيا ۾ اوهان بنھہ نوان آهيون، اُن جي باوجود اوهان سنڌي شاعريءَ جي وچ ۾ اِهم جاءِ والاري آهي.
ڊاڪٽر عبدالقادر اَنصاري
اَڳوڻو وائيس چانسلر
سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام
24 مارچ 1980ع
