شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

آغا سليم: اَنالسنڌ شعور جو ڪرشمو

ماڻھو جڏهن کان جبلتن Instincts مان جاڳي عقل، شعور ۽ ساڃھہ جي پرھہ کي پنھنجي اَندر ۾ ڦُٽندو ڏِٺو، تڏهن کان هن ڌرتيءَ جي ڏُکن کي ڌوئڻ، ڏاڍَ، ڏهڪاءَ، ظلم ۽ زورآوريءَ سان ڌرتيءَ جي چِڪندڙ ڦَٽن کي ڇُٽائڻ لاءِ نت نوان خواب ڏِسڻ شروع ڪيا ۽ سموري پُراڻي اِنساني معاشري کي ڊاهي، بنھہ پٽ ڪري، هڪ اِيذائن کان آجي ۽ آزاديءَ جي نُور سان وهنتل معاشري جا خوابَ ڏِسڻ شروع ڪيا. حافظ شيرازيءَ جھڙو شَرابَ ۽ شبابَ جو شاعر بہ چئي ٿو تہ:
بیا تا گل بافشا نیم٬ می در ساغر اندازیم٬
ملک را سقف بشگافیم٬ طرح نو در اندازیم۔

]اَچ تہ گُلن جي ورکا ڪريون ۽ پيالن ۾ شراب اوتيون، آسمان جي ڇت ۾ سوراخ ڪريون ۽ نوان بُنياد رکون.[
ڪن خواب پرستن تہ پنھنجي اُن خوابن واري معاشري جو نقشو بہ پيش ڪيو، جنھن کي ’يوٽوپيا‘ (Utopia) چوندا آهن. ’يوٽوپيا‘ جون ٻہ معنائون آهن، هڪ اَهڙي جاءِ، جيڪا ڪٿي ڪانہي ۽ ٻي اُها جاءِ جتي سڀ ٺيڪ آهي. اسان جي شاھہ بہ اَهڙي ’يوٽوپيا‘ جو تصور پيش ڪيو آهي. اُهو معاشرو مارئيءَ جي ماروئن جو ملير آهي. اُهو هڪ فطرت پرست اَنارڪسٽ جي خواب واري معاشري جو نقشو آهي، جنھن ۾ ذاتي ملڪيت ڪانہي، نفعي، نقصان واري مارڪيٽ ڪانہي، جنھن ۾ اِنسان جا اَحساس ۽ خواب ۽ خود هو پاڻ نيلام نہ ٿو ٿئي. هتي ماڻھن جو وڻن سان واپار آهي، ٻنيءَ جي ڪا واڙ ڪانہي، فصل جو ڪو راکو ڪونھي، پوکَ پاڻ پچي ٿي پوي، ڪو محصول ڪونھي.
نہ ڪا جهلَ نہ پَلَ، نہ ڪو رائر ڏيھہ ۾.
-
پاڻھين پچي پيئون، رِءَ واهيت، رِءَ واڙ!
يوسف شاهين بہ ڏُکايل ڌرتيءَ ۽ اِيذايل اِنسان جي خوشيءَ جا خواب ڏِسڻ ۽ خوابن واري معاشري يعني يوٽوپيا تخليق ڪرڻ وارن دانشورن مان آهي. جنھن عمر ۾ ماڻھو چنڊ سان پنھنجي پرينءَ جون ڳالھيون ڪندو آهي تہ:
اُڀر چنڊ! پس پرين، تو اوڏا، مون ڏُور!
اُن عمر ۾ يوسف شاهين ’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ جي عنوان سان يوٽوپيا لِکي، جنھن ۾ هن ملڪن ۽ اُنھن جي سَرحدن کي ختم ڪري، ساري ڌرتيءَ لِکي اِنسان جو ديس بڻائڻ جي ڳالھہ ڪئي. دُنيا جا سڀئي ملڪ غاصبن ۽ جابرن جا جوڙيل آهن. بادشاهن ۽ فوجي سپھہ سالارن جي فوج ڪشيءَ جو (جنھن کي شاهين ’فوجي غنڊاگردي‘ چوندو آهي) نتيجو آهن. ملڪن جي سَرحدن جي بچاءَ ۽ اُنھن جي توسيع لاءِ فوج جي ضرورت ٿي پوي ۽ جنگيون ٿيون لڳن. پنھنجي ڪتاب ’اَنالحق‘ ۾ شاهين ٻُڌايو آهي تہ ويٽنام کي اُتر ۽ ڏکڻ ۾ ورهائي، سَرحد قائم ڪرڻ جي ڪري، چاليھہ لک ويٽنامي، جن ۾ اَڍائي لکَ ٻار هئا، قتل ڪيا ويا. اُنھن جو خون ڪنھن جي کاتي تي چاڙهيون، تاريخ جي محرر وٽ ڪنھن جي خلاف ايف. آءِ. آر داخل ڪرايون ۽ ڪنھن کان اُنھن جو تاوان وٺون؟ ملڪن ۽ اُنھن جي سرحدن کي ختم ڪيو تہ جيئن ساري ڌرتي ماڻھوءَ جو ديس ٿئي، اُن لاءِ ضروري آهي تہ ملڪن جي عالمي ڪانفيڊريشن ٺاهي وڃي، اُن تصور کي شاهين هڪ وڏي سياسي مدبر وانگر پنھنجي ڪتابWorld Confederation of the peoples ۾ وڏي چِٽائيءَ سان پيش ڪيو آهي.
شاهين جڏهن ’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ واري يوٽوپيا لکي، تڏهن سندس عمر اَرڙهن سال مس هئي. هو حيدرآباد م ’خادمِ وطن‘ اَخبار ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ اَڃآ گمنام هو، کيس ڪو ڪونہ سُڃاڻندو هو ۽ شايد هو پاڻ کي بہ اَڃا پوريءَ طرح سُڃاڻي نہ سگهيو هو. هن جو اُهو ڪتاب شايع ٿيو تہ ڪيترن نام نھاد دانشورن کي سندس ڳالھہ ئي سمجهہ ۾ نہ آئي. هڪڙي ڏينھن هو اَخبار جي آفيس ۾ ويٺو هو تہ ٻہ دانشور هن سان مِلڻ آيا. هنن شاهين جي ڪتاب جي تعريف ڪئي ۽ کيس ’ٿامس مور‘ جو ڪتاب ’يوٽوپيا‘ سوکڙي ڏِنائون. ’ٿامس مور‘ پھريون دانشور هو، جنھن ’يوٽوپيا‘ جي عنوان تي ڪتاب لِکيو هو ۽ شاهين بہ ’يوٽوپيا‘ لِکڻ وارو پھريون سنڌي دانشور آهي. کيس سوکڙي ڏِيڻ وارا اُهي دانشورَ جويو صاحب ۽ رَباني هئا. شاهين اَڄ تائين اَڌ صدي اَڳ کيس مِليل اُن سوکڙيءَ کي سانڍيندو پيو اَچي.
يوسف شاهين تاريخ جو شاگرد آهي، هن تاريخ کي وڏي ڌِيان سان پڙهيو آهي. شعور جون شمعون جلائي هو هندستان، يورپ ۽ دُنيا جي تاريخ جي اُونداهين ۾ ويڙهيل گهٽيون ۽ گسَ گهميو ۽ اُتان نيون نيون سَچايون ڳولي کڻي آيو، ڪوڙ جون قبائون پاتل فاتحن جون قبائون لاهي، هنن کي سندن اَصلي حالت ۾ پنھنجي ڪتاب ’فاتحن جي دُنيا‘ ۾ ماڻھن جي آڏو آڻي بيھاريو ۽ اَهڙيءَ طرح هن جو اُهو ڪتاب ڄڻ تہ تاريخ تي Judgement آهي. هن اِنگلينڊ جي تاريخ تي William the Bastard ڪتاب لِکي، اِنگلينڊ جي تاريخ نويسن کي ترغيب ڏِني آهي تہ هو سندس ڪتاب جي آئيني ۾ تاريخ جي سچاين کي ڏِسي، وري نئين سِر اِنگلينڊ جي تاريخ لِکن. ماضيءَ جي خدائن جي عروج ۽ زوال تي ڪتاب Rise and fall of Gods لِکي هن خدائن جي عظمتن جي ڪوڙَ کي اُگهاڙو ڪيو. ڪھڙي خبر تہ اَڄ جن خدائن کي پوڄيو ٿو وڃي، اُهي سُڀاڻي ڪوڙا ٿي پون ۽ اِنسان کي پنھنجي عقل ۽ فھم تي شرمسار ٿيڻو پوي.
شاهين سان منھنجي دوستي تمام پُراڻي آهي. ايتري پُراڻي، جو مون کي ياد بہ ڪونھي تہ اسان جي دوستي ڪڏهن شروع ٿي ۽ پھريون دفعو اسان ڪٿي مِلياسين. مون شاهين کي ويجهڙائيءَ کان ڏِٺو آهي. هن جي شخصيت جا ٻہ مضبوط ۽ ڪمزور رُخ آهن، پر هن جي شخصيت جو هڪڙو رُخ سندس ٻين سڀني رُخن تي حاوي آهي، اُهو آهي سندس چِڙ، خارَ ۽ ڪاوڙ وارو رُخ. اُها ڪاوڙ هن کي اسان ۽ توهان تي نہ آهي، تاريخ تي آهي، ڪوڙن خُدائن تي آهي، جابر بادشاهن ۽ فوجي سپھہ سالارن تي آهي، جن اِنساني لاشن تي بِيھي، عظمت ماڻي ۽ ظلم ۽ جبر جي بُنيادن تي ملڪ ٺاهيا ۽ اُنھن جي سَرحدن کي وسيع ڪرڻ لاءِ اِنسانن کي ڪُٺو، عورتن جي عصمت دري ڪئي ۽ اِنسان، جيڪو ’اَحسن التقويم‘ آهي، تنھن کي ٻَڪرا پڙيءَ ۾ نيلام ڪيو. هن جيڪي بہ ڪتاب لِکيا آهن، اُهي اُن چِڙَ ۽ ڪاوڙ جو عملي اِظھار آهن.
چِڙَ ۽ ڪاوڙ اِنسان جا منفي جذبا آهن، پر يوسف شاهين جي چِڙَ ۽ ڪاوڙ مثبت آهي، جو اُها اِنسان ۽ هن ڌرتيءَ لاءِ سندس اٿاھہ محبت مان ڦُٽي آهي.هو اِنسان جي ساري تھذيب کي رد ٿو ڪري، جنھن اِنسان جي بُنيادي حُرمت کي مجروح ڪيو آهي. هو دُنيا جي ملڪن ۽ اُنھن جي سَرحدن کي رد ٿو ڪري، جن جي ڪري جنگيون ٿيون، ٿين پيون ۽ اَڃا ٿينديون. هن جو ساري ڌرتيءَ کي اِنسان جو ديس بڻائڻ جو خواب سچ پچ تہ ڌرتيءَ جيڏو ئي وڏو آهي. شاهين جو اِيمان آهي تہ سندس اُهو خواب ضرور پورو ٿيندو ۽ ڪنھن نہ ڪنھن ڏينھن شاھہ سائينءَ جي سُر سسئيءَ وارا آرياڻي اِيندا، جيڪي هن بُري ڀنڀور کي اُجاريندا، ڇوريون ڇُرڻ سِکنديون ۽ ڏکيون ڏِک ويھنديون. قلندر جي اَچڻ کان اَڳ سيوهڻ ۾ بودلو بھار آيو هو، هو سيوهڻ جون گهٽيون صاف ڪندو ٿي ويو ۽ چوندو ٿي ويو تہ: ”منھنجو قلندر هن گهٽيءَ مان لنگهندو ۽ هن گس تان اِيندو.“ شاهين، بودلي بھار وانگر ماڻھن جي دلين جي سيوهڻ جون گهٽيون ٿو صاف ڪري، جو اُهي آرياڻي ماڻھن جي دلين جي دڳن تان اِيندا:
ماندا ٿئو نہ ماڻھئا، اِيندي مُند ملارَ،
اَڄ نئين نينھَن جا، ڏِيان ڏسَ هزارَ،
ڪري سَوَ سِينگارَ، اُڀاريان سِجُ اَندر مان.

ٿيندا ٿيندا، نيٺ تہ ٿيندا،
ڀاڳَ اسان جا هاڻ ڀلا!
ڊهندا ڊهندا، ڪينَ رَهندا،
هي سمورا ڪوٽَ قلعا!

لائون لھندا گهوٽَ،
آزاديءَ جي اوٽَ،
ڪِري پوندا ڪوٽَ،
مِٺل! ڏِيو موٽ،
سڄڻ مورو ويٺي ڏِيان.

شعور سوال ڪندو آهي ۽ پنھنجن ئي سوالن جا جواب مھيا ڪندو ۽ نتيجا ڪڍندو آهي:

ڳالھہ ڳُجهائتي، ويڙهي مون ويئي،
پُڇان پاڻ کان، پاڻان منجهہ پيھي،
ڇو سُورَ سڀيئي، پلئہ سنڌ پيا.

هڪڙي ڳالھہ تہ ڏَس ميان!
جا ڳالھہ نہ منھنجي وسِ ميان!
پنھنجا، پراوا سڀ پُڇن ٿا،
هن ڌرتيءَ تي،
دودا، جوڌا ڪوھہ ڪُسن ٿا.

ڪا تہ راهَہ نجات جي، ٻيلي ٻُڌايو،
قضيو ڪربلا جو، ڇو ور ور ورجايو،
ڇو ڪنڌ ڪيرايو، اَنمول اُتاهان.

۽ پوءِ هو ’سُر ٻانڀيڻو‘ ۾ تاريخ کان شاهدي ٿو ڏِياري ۽ مخدوم بلاول جي گهاڻي ۾ پيٺل ماس سُر بلاول ۾ سنڌ جو نئون اتھاس ٿو ٿي پوي:
ڪڪوريل ڪاڪ جا، سڀوئي سُجاڳ،
صدا لڳي سِر جي، تہ ڀانئن ڀلو ڀاڳ،
آهي شھيدن ماڳ، نالي ۾ سنڌ سَڏجي.

متان ڏَرو ڏاڍَ کان، ڏاڍي ناه جهلَ،
کڻو صليب سِرَ تي، مرڻ هيءَ مھلَ،
ڇڏيو سَڌ ساهَه جي، ڪَنڌَ رهي مَ ڪَلَ،
هڻي هام هڪلَ، ڀَر جهليو بلال جي.

يوسف شاهين کي مان هن دؤر جو صوفي سَڏيندو آهيان، جنھن ۾ سنڌ سان وحدت الوجودي عشق آهي. منصور ’انالحق‘ جو نعرو هنيو هو ۽ يوسف شاهين ’انالسنڌ‘ جو نعرو هنيو آهي. هن جو پنھنجي پرينءَ سان عشق جو اِهو عالم آهي، جو هن سنڌ جي هر سُور کي پاڻ سَٺو آهي، هر سُور سان گڏ سنڌ لاءِ وڙهيو ۽ اُنھن سان گڏ شھيد ٿيو آهي، پوءِ اُهو مخدوم بلاول هجي يا ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بينظير ڀُٽو هجي، صوفيءَ جي ڪنن تي پھريون آواز ’اَلست بربڪم‘ جو پيو هو، پر يوسف شاهين جي ڪنن تي پھريون آواز ”اِقرا باسم ربڪ“ جو پيو ۽ هن پنھنجون آسمان ۾ کتل اَکيون جُهڪائي، پنھنجي اَندر ۾ ليئو پاتو ۽ سندس سارو اَندر اُجرو ٿي ويو.
”اِقرا باسم ربڪ“، پيم ڪن پڙاءُ،
وحدہ لاشريڪ لہ، ڏِنم ايءُ وراءُ،
تڏهن جيءُ جڙاءُ، ڪيائين پاڻ قربَ سِين.

اَلا اَکين کي، ڪو سالڪ سمجهائي،
جنھن لاءِ واجهائين، واٽون ورائي،
سو اَڳيئي آهي، موجود مون من ۾.

اَلا ڪھڙيءَ ڪاڻ، ڏِيان ڏوھہ اَکين کي،
جنھن لاءِ واجهائين، سو سَدا اَٿم ساڻ،
اَکيون اَڻ ڄاڻ، رهيون اِن رمز کان.

اَندر ۾ جڏهن اُهاءُ ٿو ٿئي، ’اَنالحق‘ جو نعرو ٿو پڙاڏي ۽ سچل گيڙو اَلفي پائي، يڪتارو وڄائي، مستيءَ ۾ رقص ڪندي ”آهيان پاڻ اِسرار“ وارو اِسرار ٿو سلي، تڏهن اسان جو هي ويھين صديءَ جو صوفي ﷲ پاڪ جي اَڳيان سَراپا سوال ٿو بڻجي بِيھي تہ: ”جڏهن اِنسان تنھنجو مظھر آهي، اَحسن التقويم آهي تہ پوءِ هو ايڏا سُورَ ڇو ٿو سَھي، هن ڌرتيءَ تي بہ اَهنجن، اِيذائن جي جھنم ۾ ٿو جلي ۽ مرڻ کانپوءِ بہ تو هن لاءِ دوزخ ٻاريو آهي.“
تون جبار، تون قھار، تو وٽ دوزخ باهِہ،
ڪَھہ مَ ڪرين ڪھڪاءُ، دانھون ٿين دوزخ ۾.

تون ڏاتار، تون ڏڍُ، دوزخ باهِہ اُجهاءِ،
تون خلقيو خوب هوءِ، سو واٽون تون واجهاءِ،
رِجهيل رُوح رِيجهاءِ، دانھون ٿين دوزخ ۾.

هو هن ڌرتيءَ تي بُک ۾ پاھہ ٿيڻ وارن پنھنجن ڀائرن جي ڪري جنت ۾ وڃڻ کان اِنڪار ٿو ڪري.
تون سَتار، تون غفار، تون وٽ جنت جاءِ،
مکڻ، ماکيون، ميوا، اُتِ اَڻ مَيا ڏِناءِ،
ڪوڙين بُکيا هتِ سُمھن، جيئڻ تَن نہ جاءِ،
دل دانھن ريءَ نہ رهي، ماٺِ مون مَ جُڳاءِ،
ڪھڙي مُنھن اُچانءِ، ڀائرَ منھنجا بُکَ ۾.

هي جيڪو شھيدن جو ماڳ آهي ۽ نالي ۾ سنڌ ٿو سَڏجي، اُن ماڳ ۾ شھيد ٿيندڙ ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بي مثل بينظير جي شھادتَ جي شاهدي ڏيئي اَعلان ٿو ڪري:

سنڌ سموري آهِ پنھنجي،
ڪير آهي، ڪير آهي، ڪير آهي،
جو ويندڙ واڳ ورائي ٿو،
جو رُٺلَ سڀ ريجهائي ٿو،
جو يوسف پاڻ سَڏائي ٿو،
۽ هر هر هيءُ هُلائي ٿو،
هاڻ ڪڍجي ڪاڻ تہ ڪنھن جي!
سنڌ سموري آهِ پنھنجي.
هن نظم مان جيڪر هڪ سِٽَ جو واڌارو ڪيان تہ:
جو يوسف پاڻ سَڏائي ٿو،
۽ اَنالسنڌ اَلائي ٿو.
شاهين جي شاعريءَ جي سِٽ سنڌ، سنڌ واسين، ڌرتي ۽ اِنسان لاءِ سُڏڪا ٿي ڀري ۽ اَکر اوڇنگارون ٿا ڏين:
لِکان تہ ڪيئن لِکان، سُڏڪا سٽَ ڀري،
’يوسف‘ حال دل جو، ڪري تہ ڪيئن ڪري،
ڀاڪر منجهہ ڀري، اَکر ڏِين اوڇنگارون.

هن جي شاعريءَ جون سِٽون رُڳو سُڏڪا نہ ٿيون ڀرين، اَکر اوڇنگارون نہ ٿا ڏِين، پر سُوريءَ لاءِ سڏ بہ ٿا ڪن، اُونداهي اَٿاھہ ۾ ٽانڊا ٿي ٽمڪن ٿا ۽ هڪ نئين دؤر جي بشارت بہ ڏِين ٿا. جڏهن مُلڪن جون سَرحدون ريٽجي ۽ ميٽجي وينديون، ساري ڌرتي اِنسان جو ديس هوندي ۽ ڪو جابر ۽ ظالم هن ڌرتيءَ کي جبر ۽ ظلم جا زخم نہ ڏيندو، آرياڻي اَچي بُري هن ڀنڀور کي اُجاريندو، ڇوريون ڇُرڻ سِکنديون ۽ ڏُکيون ڏُک ويھنديون.
ماندا ٿئو نہ ماڻهئا، اِيندي مُند ملارَ،
اَڄ نئين نينھن جا ڏِيان ڏَسَ هزارَ،
ڪري سَوَ سينگارَ، اُڀاريان سجُ اَندر مان.

نئين دؤر جي اِها بِشارت شاهين جي جذبات کان نہ ڦُٽي آهي، تاريخ جي جذبات جي شعور مان ڦُٽي آهي، اُن ڪري مان شاهين جي شاعريءَ کي، جنھن کي شاهين ’اِندر ۾ اُهاءُ‘ ٿو چئي، شعور جو ڪرشمو ٿو سَڏيان.

] 5 آڪٽوبر 2010ع[