شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

قمر شھباز: اَندر جي اُڌمن مان نڪتل شاعري

چانھہ منھنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي عياشي آهي ۽ اُن موقعي کي مان نہ رُڳو ماڻيندو آهيان، بلڪہ ملھائيندو بہ آهيان. هڪ تمام وَڏو مَگو چانھہ جو چوٽَ تائين ڀريل، لان جي ڪُنڊ ۾ رکيل اَڪيلي ڪُرسي ۽ ڪلاڪ سَوا جي واندڪائي، گهر کان پري اُها گهڙي کائڻ اِيندي اَٿم، ڏاڍو مونجهو ٿيندو آهيان. ڪراچيءَ موٽندو آهيان تہ وڃايل ڏينھن جي تَلافيءَ ڪارڻ اَڪثر گهر ۾ گُذاريندو آهيان. خاص ڪري شامَ تہ اِرشاد ۽ چانھہ جي نالي لِکجي ويندي آهي.
گُذريل عيد تي ڪراچيءَ آيس. شام جو تياري هئي تہ اوچتو شاهين جو فون آيو:
چيائين: ”جلدي اَچ!“
چيم: ”خير؟“
چيائين: ”مڙئي خير آهي.“
چيم: ”پوءِ ترسي نہ سگهندين؟“
چيائين: ”نہ، ڪم ضروري آهي.“
چيم: ”چانھہ پي اَچان ٿو.“
چيائين: ”چانھہ پٺاڻ جي پيئنداسين، جلدي اَچ!“
سوچي، ضرور ڪو اَهم ڪم هوندو، نہ تہ هيءُ يار هروڀرو ضد نہ ڪندو آهي. بيدليءَ سان گاڏي ڪڍيم. ٽيپو سُلطان روڊ، شھيدِ ملت روڊ، طارق روڊ ۽ پوءِ سنھڙي گهٽيءَ جي وچ تي اُونداهي ڏاڪڻ، جنھن تي چڙهڻ وقت مون کي ذري گهٽ بانبڙا پائڻا پوندا آهن.
پنھنجي آفيس ۾ هو اَڪيلو ويٺو هو. ڏِٺم، سندس منھن تي هڪ عجيب مرڪ ڦھليل هئي.
پُڇيم: ”ڪا نئين هوٽل کولي اَٿئي؟ ڪو نئون ڊپارٽمنٽيل اِسٽور يا ايڊورٽائيزنگ ايجنسي؟“
هو چپُ چاپ مُرڪندو رهيو.
هوريان پُڇيومانس: ”ٻي شادي ڪئي اَٿئي ڇا؟“
ٽھڪ ڏئي کِلي پيو. ميز جو خانو کولي، هڪ فائيل ڪڍيائين، هلڪي کنگهڪار ڪري، گَلو صاف ڪيائين ۽ چيائين: ”عرض ڪيو اَٿم!“
مان ڊِڄي ويس، پر دل جهلي چيم: ”تون حُڪم ڪر، عرضَ ڌارين کي ڪبا آهن.“
چيائين: ”شاعري ڪئي اَٿم. اُها ٿو ٻُڌايان.“
آخر اُهو ئي ٿيو، جنھن جو خوف هو. دراَصل منھنجي کاٻي اَک گهڻن ڏينھن کان پئي ڦڙڪي. چوندو هئس ڪا خبر اَچڻي آهي. ڪھڙي؟ اُن جي ڄاڻ نہ هئم. شايد مھمان اَچڻا آهن، بجليءَ جو بل اَچڻو آهي، جاءِ جو مالڪ نوٽيس ڏيڻ وارو آهي يا وري خواجہ اِمداد سان ملاقات ٿيڻي آهي.
سڀ بُريون خبرون سوچيون هئم، پر وهم ۽ گمان ۾ بہ نہ هئم تہ زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪا اَهڙي گهڙي بہ اِيندي، جڏهن يوسف شاهين شعر ٻُڌائيندو ۽ سي بہ پنھنجا!
چيم: ”شھيدن سان چرچا نہ ڪندو ڪر!“
چيائين: ”چرچو ناهي، حقيقت آهي، هي سڀ شعر مون پاڻ لِکيا آهن.“
اِعتبار ڪيئن اَچي؟ يوسف شاهين سڀ ڪجهہ هو، شاعر نہ هو.
هن هلڪي قدَ بُت ۽ هلڪي آواز واري اِنسان ۾ مون بي پناھہ قوت، همت ۽ قابليت ڏِٺي هئي. واپاري ڏاھہ ۽ ڏانءُ، ڪاروباري سوچَ ۽ سمجهہ، اِنتظامي ووڙ ۽ ويچار، اَخلاقي اُوچائي، صبر ۽ سَچائي، نياز ۽ نوڙت، مطلب تہ شاهين جو وجود هڪ لاڳيتي اَڻ کُٽ جدوجھد جو ٻيو نالو آهي. هن پنھنجي پاڻ کي مختلف ڪارجن ۾ اَهڙيءَ رِيت ورهائي ڇڏيو آهي، جو هر يوسف ٻئي يوسف کان جُدا ۽ نِرالو نظر اِيندو. ’برسات‘ جي ايڊيٽريءَ کان ويندي ڊپارٽمينٽل اِسٽورن جي قطار، سپر هاءِ وي جي مڊوي کان سيوهڻ جي ’اِنڊس هوٽل‘ ’اَنڊس ايڊورٽائيزر‘ کان پرنٽر، پبلشر ۽ ڊسٽريبوٽر تائين، ’اَنالحق‘ جي مصنف، ’اِنڊس ڊائجيسٽ‘ (اَنگريزي) جي مدبر ۽ مالڪ، ننڍي کنڊ جي نئين تاريخ جي ليکڪ هن نوجوان مختصر عرصي ۾ گهڻائي جبل جهاڳيا آهن، گهڻائي ڪشٽ ۽ ڪشالا ڪيا آهن، گهڻو ئي پگهر ڳاڙيو آهي ۽ گهڻو ئي رت سَت ڏِنو آهي. هر روپ ۾، هر رنگ ۾، هر ڍارَ ۾، هر ڍنگ ۾ مون هن جي ڪوشش ۽ محنت کي آڪاش جي اُتانھينءَ تائين اُڏامندي ڏِٺو آهي.
ڪتابن سان شوق اَٿس. نہ! غلط چيم، ڪتابن سان عشق اَٿس. سندس گهر ۾، آفيس ۾، گاڏيءَ ۾ رسالن ۽ ڪتابن جا ڍير نظر اِيندا. هر قِسم جو اَدب پڙهندو آهي، پر شعر نہ ڪڏهن ڪنھن جو ٻُڌائين، نہ پڙهيائين، چوندو: ”اِها واندڪائيءَ جي وندر آهي، اِهي ڳالھيون پنھنجي سمجهہ کان مٿي آهن.“
اِهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جا نامي گرامي شاعر سندس دوستيءَ جو دم ڀريندي بہ کيس ڪڏهن پنھنجو ڪلام ٻُڌائي نہ سگهيا. مان سوچيندو هئس تہ ڪيڏو نہ خوشنصيب آهي هي اِنسان، جو ايڏي عذاب کان بچيل آهي.
پر اَڄ اُهو ئي يوسف شاهين فائيل کولي چئي رهيو هو: ”عرض ڪيو اَٿم!“
مون چيو: ”طبيعت تہ ٺيڪ آهي نہ؟“
چيائين: ”بلڪل! منھنجو خيال آهي تہ چانھہ گُهرائڻ گهرجي.“
مون چيو: ”پوءِ تہ جيڪو ٻُڌائين، سو ٻُڌبو.“
چانھہ جو حُڪمنامو جاري ڪري، شرمائيندي، لَڄائيندي، شَڪائپَ کان اَکيون جُهڪائي چيائين:
”يارَ! هاڻي تہ ٻُڌ، ڏاڍي محنت ڪئي اَٿم.“
دل ۾ چيم: ڇڏيندو اِيھين ئي ڪونہ، نئون شوق اَٿس، مون کي نہ تہ پٺاڻ کي ٻُڌائيندو، اُن ڪري پرائي دل نہ ٽوڙجي، اَخلاق جي هر تقاضا پوري ڪرڻ گهرجي، پوءِ يا نصيب!
هو تہ اِشاري وَهيڻو ويٺو هو، شروع ٿي ويو. جيئن جيئن پڙهندو ويو، تيئن تيئن مون کي اُهو ماڻھو زمين کان مٿي، گهڻو مٿي، اُڀَ ڏانھن اُسرندو نظر اِيندو ويو.
اَکر اَکر، حرف حرف، سِٽ سِٽ سنڌوءَ جي مست ڇولين جيان تڙپندي، ڦٿڪندي، ور ور وراڪا کائيندي، ڪِناري ڏانھن ڌُوڪيندي نظر آيم. ڪا اُونھائي هئي خيال جي! ڪا ڪاريگري هئي سِٽاءَ جي! ڄڻ تصور جي موسيقي هئي، گِيتن جي گُونجار هئي.
هڪ دفعي ڪراچيءَ کان گهڻو پري، اَڪيلائيءَ ۽ اُٻاڻڪائيءَ جي سَمي مون دريءَ جي سِيخن مان پھاڙن جي برسات کي اوهيرا ڪري، وسندي ڏِٺو هو. اُن ڏينھن منھنجي دل ڪجهہ لِکڻ لاءِ ڏاڍي سَٽَ کاڌي هئي، اَندر جي آنڌ مانڌ رُوحَ کي نِپوڙي رکيو هوم. عجيب غريب رنگ منھنجي ذهن ۾ تڙپي اُٿيا هئا، من ماندو ٿي اُٿيو هو، چيم: اَڄ تہ اُها شئي جُڙندي، جو ڪوئل جي ڪُوڪَ کي بہ مات ڪري وجهندي. چنگ ۾ اُهو ڏنگ ڪٿي، جو منھنجي قلم جي نوڪَ ۾ آهي، چنڊ ۾ اُهو سنڊ ڪٿي، جو منھنجي تصور جي تھہ ۾ آهي.
۽ پوءِ هٿ ۾ قلم کڻي ويٺو رهيو هئس. برسات گُذري ويئي، ڪيئي برساتون گُذري ويون، پر مان ڪجهہ بہ نہ لِکي سگهيو هئس. مات جي اَحساس مون کي ماري وِڌو هو، اِيئن، جيئن ڪنھن اُڃايل جي چپن تي آيل جام کسجي ويو هجي، ڪنھن سودائيءَ جي سُندر دُنيا کڙڪي تي کن ۾ کرکنا ٿي ويئي هئي، ڪنھن چرئي جي چاهَه تي ڌارين ڌاڙو هنيو هجي.
اَڄ شاهين جي شاعري ٻُڌي مون کي برسات جي اُها وساريل گهڙي ياد اَچي ويئي، بادل ڀرجي آيا، وڄ چمڪي، بُوندون برسي اُٿيون ۽ پوءِ سِڪايل ڌرتيءَ جي سِيني مان مِٽيءَ جو اَزلي هُڳاءُ مھڪي اُٿيو.
هيءُ ماڻھو ڪير آهي؟ هن کي مون اَڳ بہ ڏِٺو آهي، پر هيءُ اُهو تہ ناهي، هي ڪو ٻيو آهي، هي يقيناً ڪو ٻيو ئي آهي. اَجنبي، اوپرو، اَڻ ڄاتو اِنسان، جنھن جي سِيني ۾ سَمونڊن جي لوچَ آهي، پھاڙن جي سوچَ آهي، جنھن جي لفظن ۾ لائو آهي، اَکرن ۾ آتش فشان جي اُتت آهي.
اَکر اِنسان ساز آهن. اَکر اَڏيندا آهن، اُکوڙيندا بہ آهن، جوڙيندا بہ آهن، جهنجهوڙيندا بہ آهن، پُڪاريندا بہ آهن، پروڙيندا بہ آهن، اَکر اِبتدا آهن، اِنتھا بہ آهن، اَکر اَنداز، آواز ۽ اَحساس آهن، اَکر سچَ ۽ ڪچَ جي ڪسوٽي آهن.
شاهين وٽ اَکرن جي کوٽ اَڳ بہ نہ هئي، پر اَڄ هن کين سَجائي، سموهي، سُرهو ڪيو هو ۽ اُن خوشبوءِ جو نالو رکيو هئائين ’شاعري‘.
هو چڱي دير پنھنجو ڪلام پڙهندو رهيو ۽ پوءِ ماٺِ ٿي ويئي.
ڪا بھتر شئي سُجهيم ها تہ جيڪر ضرور چوان ها.
پُڇيائين: ”ڇا راءِ اَٿئي؟“
چيم: ”ڪڏهن کان لِکڻ شروع ڪيو اَٿئي؟“
چيائين: ”گُذريل رات کان.“
اَعتبار نہ آيم، پُڇيم: ”هن کان اَڳ؟“
چيائين: ”ڪجهہ بہ نہ، خبر نہ اَٿم تہ ڪيئن لِکي ويئي، بس لِکندو ويس، دل ٿي چوي تہ هڪ پل بہ واندو نہ ويھان، لِکندو رهان، اَندر ۾ اُڌما ٿا اُٿن.“
چيم: ”ڪو مطالعو؟“
چيائين: ”اَصل نہ.“
چيم: ”تہ پوءِ هي سڀ ڪجهہ....“
چيائين: ”اِن ۾ منھنجي ڪابہ ڪوشش شامل ناهي.“
اُن گڏجاڻيءَ ۾ شاهين چند بيت ئي ٻُڌايا هئا. مون کي پڪَ آهي تہ اَڄ تائين ڏات سندس ساٿ نہ ڇڏيو هوندو ۽ هو ضرور ڪو چڱو موچارو ذخيرو گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هوندو.
ڏات جي ڏائڻ ڏاڍي ڏُکي هٿِ چڙهندي آهي. کوٽ ۽ کريب تہ ڪو کانئس سِکي، اَڻ ڄاڻ اَٻوجهن کي ناتر جيان ڪاڪِ محل ۾ گهمريون ئي ٻہ کارائي، نِھوڙي نيندي آهي. ڪيترائي سودائي هن هرجائيءَ جي هٿان راهن تان رُلي وڃي، اوجهڙن ۾ پيا. اُهي ڀاڳ وارا چئبا، جن کي منزل مِلي.
يوسف شاهين پيار جي هن اَنوکي پيچري تي پھرين وار پير رکيو آهي. هن ڪاڪِ محل جي موهيندڙ نظارن کي اَڃا پري کان پسيو آهي، مومل تائين رَسائيءَ لاءِ مينڌري جھڙي محبت گهرجي، سچَ کي سچَ چوڻ جي همت گهرجي، لڳاتار صبر، ڪوشش ۽ محنت گهرجي، مطالعو گهرجي، مشاهدو گهرجي، جو ٻئي جا سُورَ سانڍي سگهي. اُها اَکِ گهرجي، جا لُڙڪَ لاڙي سگهي. اُها سوچَ گهرجي، جا سُونھن، سوڀيا جا سپنا ڏِسي سگهي.
ڪلا تہ وڏو روڳ آهي، ڪو مستانو گهرجي، جو جوڳ قبولي.
اسان جو هي نئون شاعر ڪيترو دؤر سفر ڪري سگهي ٿو، سو تہ وقت ٻُڌائيندو، ڇو تہ وقت ئي سڀ کان وڏو پارکو آهي.
مون شاهين جي شاعريءَ جا صرف چند ورق پڙهيا آهن، هن ڪتاب ۾ ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ شامل هوندو. اُن عرصي ۾ هن جي تصور ۽ تخيل ڪيئي مانڊاڻ منڊيا هوندا. ڏِسڻو صرف اِهو آهي تہ هن جي قلم ڪيترو پِرايو ۽ ڪيترو وڃايو آهي، وقتي جذباتي نعريبازيءَ تي اڪتفا ڪئي اَٿس يا اَزلي قدرن جي عڪاسي ڪئي اَٿس. جنھن ليکڪ خوبصورتي، سچَ، اِنصاف ۽ پيار جھڙن جذبن کي نِکاريو، سو سنڌي اَدب جي تاريخ ۾ ضرور اَمر ٿي ويندو.
هن وَٽ لفظن جو اَڻ کوٽ ڀنڊار آهي، ذاتي مشاهدي جو عميق خزانو آهي، جدوجھد ۽ ڪشمڪش جي ميراث آهي، ٻھراڙيءَ جو پسمنظر ۽ شھري پيش منظر آهي، ڏات آهي، ڏانءُ آهي، لنءُ آهي، لگن آهي، واٽون آهن، وسيلا آهن ، هڪ ليکڪ لاءِ جو ڪجهہ گُهربل آهي، سو سڀ ڪجهہ ميسر آهي. سنڌ کي موضوعن جي کوٽِ ناهي. اَلبت سُلجهيل ۽ سمجُهو لِکندڙن جي کوٽ هر دؤر ۾ رهي آهي، اُن ڪري يوسف شاهين کي پنھنجو مقام حاصل ڪرڻ ۾ دير نہ لڳندي. هن جو تاريخي، سماجي، اِقتصادي ۽ مذهبي مطالعو تمام وسيع آهي، سوسائٽيءَ جي هر طبقي سان سندس لَھہ وچڙ آهي. واپاري هجڻ جي ناتي سندس شعر ۾ بحر - وزن جي گهٽ وَڌائي ممڪن ناهي. تورَ ماپَ جو تڪڙو آهي، اُن ڪري خدشو لاحق آهي تہ هو سنڌي شاعرن جي قطار ۾ هڪ مستقل جڳھہ والاري ويھي.

]يوسف شاهين جي شعري مجموعي ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ مان ورتل[