عبدالحليم ’جوش‘ : حساس شاعر جي صدا
پاتال کان پولار تائين ۽ غار کان چنڊ تائين اِرتقا جو سفر دَراَصل اِنساني تجربي، سوچَ، جذبي، کوجنا، علم ۽ اَدب جو سفر آهي، جنھن ۾ ٻوليءَ جي حيثيت لاٽ جي بہ آهي تہ واٽَ جي بہ.
ٻوليءَ جي وسعت، لفظن جي گهڻائيءَ کان وڌيڪ اُن جي علمي، اَدبي ۽ تحقيقي پسمنظر تي مدارُ رکي ٿي. اَهڙي نثري توڙي شعري اَدب جا لِکندڙ، جي سوچَ ۽ لوچَ پيدا ڪن ٿا، سماجي شعور جي پسمنظر ۾ خلوص ۽ سَچائيءَ سان پنھنجن جذبن ۽ ڪيفيتن جو اِظھار ڪن ٿا، وقت جي ڏاڍاين ۽ ظلم جي پاڇن ۽ بي اِنصافين جي اُهڃاڻن کي بي نقاب ڪن ٿا، سي علم ۽ فن جي معيار کي برقرار رکندي، نعريبازيءَ کان پاسو ڪندي، تعميري اَنداز ۾ سوچڻ لاءِ اُتساھہ ڏِيارين ٿا.
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ماحول ۽ سِٽاءَ کي قائم رکندي، ڪن شاعرن ساراھہ جوڳيون ڪوششون ڪيون آهن. ڪلاسيڪي صنفِ سُخن جي مقبوليت جو سبب ئي اِهو آهي تہ اِنسانيت جي همہ گير پسمنظر ۾ اُن جو علامتي ۽ تمثيلي اَنداز هر هڪ دؤر جي ذهني سطح ۽ سَماجي شعور کي پاڻ ۾ سَمائيندو، شاعر جي سوچَ جو حِصو ٿي پوي ٿو. اَهڙيءَ طرح بيتَ ۽ وائيءَ جي صنفن ۾ جديد دؤر جو شاعر زندگيءَ جي پيڙائن، مشاهدن ۽ تجربن کي سماجي شعور جي وسيع پسمنظر ۾ اَهڙي تہ لُڇائيندڙ، دل ڀِڄائيندڙ ۽ من لُڀائيندڙ اَنداز ۾ بيان ڪندو آهي، جو اُهي سڀ تجربا ۽ مشاهدا پڙهندڙ جي سوچَ جو حِصو ٿي پوندا آهن. اَهڙيءَ طرح خيال جا نوان ڏِيئا روشن ٿين ٿا ۽ اُها روشني سوچَ ۽ فڪر جي پيچرن کان ٿيندي، عمل جي واٽَ کي جَرڪائي ٿي.
هاڻ اِها ڳالھہ سمجهہ ۾ اَچي ٿي تہ اَدب نہ فقط زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ زندگيءَ کان متاثر ٿئي ٿو، پر اَهڙو وقت بہ اَچي ٿو، جڏهن زندگي، اَدب کان متاثر ٿئي ٿي، سوچَ جي نين راهن تي اَڳتي وَڌي ٿي ۽ اَهڙيءَ طرح مستقل قدرن ۽ سَچائيءَ جي اُصولن تي بِيٺل معاشري قائم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ جي شروعات ٿئي ٿي.
سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا موضوع اَهڙيون سُورميون آهن، جن ۾ حُب الوطنيءَ جو اَنگ آهي، مستقل مزاجيءَ ۽ قربانيءَ جي چڻنگ آهي، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ ۽ مئي متي مھراڻ ۾ ٽپي پوڻ جي اُمنگ آهي ۽ اَهڙو ڪوبہ رنگ ۽ ڍنگ نہ آهي، جنھن جو لاڳاپو خودغرضيءَ، لوڀَ، ڪيني، حسدَ، خوديءَ ۽ منافقت سان هجي.
هن پسمنظر ۾ جناب يوسف شاهين جي شعري مجموعي ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جو مطالعو ڪبو تہ معلوم ٿيندو تہ شاهين، جيڪو شاھہ ڀٽائيءَ جي ڪلام کان بيحد متاثر آهي، ساڳئي ساز ۽ سُر ۾ سوز ڀريو آلاپ ڪري ٿو. ڪِٿي هو مخدوم بلاول شھيد جي ڀَر جهلڻ جي تلقين ڪري ٿو تہ ساهُه پَساهُه گهوري، گهاڻي ۾ گهڙي پوڻ جي هدايت ڪري ٿو. شاعر اُصولن خاطر زندگي قربان ڪرڻ وارن کي ماڳ ماڻڻ جي خوشخبري ڏئي ٿو.
سُر ڪلياڻ ۾ شاعر پالڻھار کي پَسي، شِرڪ مان نڪرڻ جي ڳالھہ ڪري ٿو تہ سُر ڪيڏاري ۾ شڪوي جي اَنداز ۾ ماحول جي ڏاڍاين، ماڻھن جي خودغرضين، منافقتن ۽ مصلحتن جو نھايت دردمنديءَ سان بيان ڪري ٿو. اَهڙي ماحول ۾ اُهي ئي سختيون ۽ سُورَ سَھي ٿو ۽ آخرڪار سِر بہ دانُ ڪري ٿو، جيڪو مُنھن ۾ مُلان ۽ اَندر ۾ اِبليس ٿيڻ پسند نہ ٿو ڪري. شاھہ ڀٽائيءَ جي لفظن ۾:
تَندُ، ڪٽارو، ڪنڌُ، ٽيئي پَرتا پاڻ ۾.
يوسف شاهين هن موقعي تي ’ڪنڌ‘، ’ڪٽارو‘ ڪتب آڻي ڄڻ تہ تجنيس حرفيءَ کان ڪم ورتو آهي، اَلبت ٻوليءَ جي اُها موسيقي باقي نہ رهي، جيڪا شاھہ ’ڪنڌ‘ ۽ ’تند‘ جي ترتيب سان پيدا ڪئي. شاهين ساڳين مصرعن ۽ لفظن جي جهڪندڙ ترتيب کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اِها ڳالھہ مڃڻ جوڳي آهي تہ شاهين پھرين ڪوشش ۾ پنھنجو پيغام جنھن سِڪَ، سوز ۽ سَچائيءَ سان ڪلاسيڪي شاعريءَ جي وسيع پسمنظر ۾ ڏِنو آهي، تنھن لاءِ هن کيرون لھڻيون. سُر سارنگ ۾ شاعر، شاھہ ڀٽائيءَ جي ’سنڌ تي سُڪار‘ واريءَ دُعا کي ورجايو آهي ۽ ڏيھہ مان ڏُڪارين کي لوڌي ڪڍڻ جي عزم جو اِظھار ڪيو آهي.
’سُر سنڌ‘ ۾ حساس شاعر پنھنجي مشاهدي کي جنھن سوز ۽ سچائيءَ سان بيان ڪيو آهي، تنھن جو اَندازو سندس هن ڪلام مان ئي لڳائي سگهجي ٿو:
اُٿيس آڌيءَ رات جو، ٻُڌي ٻالڪَ دانھون،
او اَمان! ڀت ڏي، ننڍڙو ڪري آهون،
سُڏڪي سمھاري لعل کي، واجهائي واهون،
ڪڍُ ڏُڪاريا ڏيھہ مان، پِٽي کڻي ٻانھون،
جي مڃين تو مٿانھون، تن رات گُذري روڄَ ۾.
يوسف شاهين جي لفظن ۾ هھڙا قھر ۽ ڪلورَ تڏهن ختم ٿيندا، جڏهن ڏيھہ مان ڏُڪاريا نڪرندا. اَڳتي هلي شاعر پنھنجي راءِ جو اِظھار ٿو ڪري تہ هھڙا ظلم منٿن ۽ ايلازن سان نہ، پر ڀالن جي ڀؤ کان ئي پاڻ پليندا ۽ پلاڻيندا آهن. شاعر ’سُر بلاول‘ ۾ هن جي راهَه کي قربانيءَ جي راهَه سَڏي ٿو.
شاعر جي پيغام ۾ آس آهي، اُميد آهي، عزم آهي ۽ حوصلو آهي. هو وڏي واڪي چوي ٿو:
ٿيندي نيٺ پرڀات، رات ويندي ريھہ ڪري.
مان محترم تنوير عباسيءَ جي هن راءِ سان متفق آهيان تہ يوسف شاهين جو ڪلام هڪ دردمند دل جي صدا آهي، هڪ ضمير واري ڏاهي جي دانھن آهي.
جناب شمشيرالحيدريءَ پنھنجي نھايت معياري تعارفي مضمون ۾ هن راز جو اِنڪشاف ڪري، پڙهندڙن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي تہ شاهين بنا ڪنھن مشق، رياضت ۽ تجربي جي نھايت پِڪي ۽ پُختي اَنداز ۾ شاعريءَ کي پنھنجي اِظھار جو وسيلو بڻايو آهي.
]20 جون 1980ع[
