شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

يوسف شاهين سان ڳالھہ ٻولھہ (ڳالھہ ٻولھہ: ڊاڪٽر شير مھراڻي)

سوال: ’يوسف دائودپوٽي‘ مان ’يوسف سوز‘ ۽ پوءِ ’يوسف شاهين‘ ڪيئن ٿيا؟
جواب: ماءُ پيءُ منھنجو نالو ’محمد يوسف‘ رکيو، ننڍي هوندي کان اَڄ تائين آءٌ جيڪا صحي (دستخط) ڪيان ٿو، اُن ۾ ’محمد يوسف شاهين‘ لِکندو آهيان. پنجاھہ سال اَڳ حيدرآباد مان عبدالشڪور منشي ’هلال پاڪستان‘ رسالو ڪڍندو هو، اُن ۾ منھنجا ٽي اَفسانہ ’يوسف سوز‘ جي نالي سان شايع ٿيا، اُنھن ٽنھي اَفسانن تي مون کي پھريون انعام 15 رپيا ڏنو ويو. اُن کانپوءِ جنھن شخصيت جي شاعريءَ کان متاثر ٿي مون پنھنجو نالو ’يوسف شاهين‘ رکيو، اُن جي فڪر سان اَڄ بہ سخت اِختلاف رکان ٿو.

سوال: ڇا سنڌي صحافت درست رُخ ۾ هلي رهي آهي؟
جواب: هاڻ تہ سنڌي صحافت اِنڊسٽريءَ جو درجو حاصل ڪري چُڪي آهي، جتي لکين بلڪ ڪروڙين روپيا ڪمائڻ لاءِ ڪروڙين روپين جي سرمائيڪاري ٿي رهي آهي. اِن ڪارنامي جو سَرواڻ قاضي عبدالمجيد عابد هو، جنھن سڀ کان اَول ’عبرت‘ اَخبار کي باقاعدہ هڪ اَخبار طور هلائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اسان اُهو دؤر بہ ڏِٺو هو، جڏهن سنڌي اَخبار يا سنڌي رسالي کي ذري گهٽ ڪوبہ صنعتي يا ڪاروباري اِدارو اِشتھار نہ ڏيندو هو. سڀ کان اَول فوٽو آفسيٽ تي هفتيوار ’برسات‘ ۽ هفتيوار ’اَخبارِ جهان‘ (جنگ گروپ) هڪٻئي پُٺيان شايع ٿيون. ’اَخبارِ جهان‘ تمام تڪڙو اِشتھارن سان ڀرجي ويئي، جڏهن تہ اَشاعت جي دُنيا ۾ ’برسات‘ سَمورا رڪارڊ ٽوڙي وڌا، مگر ڪوبہ اسان کي هڪ اِشتھار بہ ڏِيڻ لاءِ تيار نہ هو. ڪافي عرصو گُذرڻ بعد اسان ڪاروباري توڙي صنعتي اِدارن کي خط لِکيا تہ: ”سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو اوهان جي مال جا خريدار آهن، اوهان کي پنھنجي خريدارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ گهرجي، پنھنجا اِشتھار سنڌيءَ ۾، سنڌي اَخبارن ۽ رسالن کي ڏيڻ گهرجن!“ اِن ڳالھہ تان وڏو ممڻ مچي ويو. ڪيترن ئي ڪارخانيدارن سنڌ جي وزيراَعليٰ جناب ممتاز علي ڀٽو کي خط لِکيا تہ: ”هي شخص سنڌ ۾ تعصب ڦھلائي رهيو آهي، اُن ڪري هن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ’برسات‘ جو ڊڪليريشن رد ڪيو وڃي.“ اَهڙو خط سيڪريٽري اِنفارميشن ايس. اين. قطب کي بہ لکيو ويو، جنھن ’برسات‘ جو ڊڪليريشن رد ڪري ڇڏيو. اُن وقت جي ڊائريڪٽر اِنفارميشن جناب ڪريم بخش خالد مون کي فون ڪري چيو تہ: ”اوهان هاڻ ’برسات‘ ڪڍڻ جي ڪوشش نہ ڪجو.!“ هن اِها بہ صلاح ڏني تہ: ”پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ضرور ڪجو.“ مون جناب ممتاز علي ڀٽو کي خط لکيو تہ: ”اُهي ڪارخانيدار، جيڪي سنڌ مان ڪروڙين رپيا ڪمائين ٿا، سي 300 کان وڌيڪ اُردو اَخبارن ۽ رسالن کي اِشتھار ڏِين ٿا، مگر هڪ بہ سنڌي اَخبار يا رسالي کي اِشتھار ڏِيڻ لاءِ تيار نہ آهن. اُن ۾ تعصب ڦھلائڻ جي ڪھڙي ڳالھہ آهي؟ تعصب تہ غير سنڌي سَرمائيدار ۽ ڪارخانيدار ڪري رهيا آهن.“ بھرحال ڪجهہ ڏينھن اَندر ’برسات‘ جو ڊڪليريشن بحال ڪيو ويو. آءٌ چوان ٿو تہ اَڄ بہ سنڌ جي سرمائيڪارن ۽ صنعتڪارن جو رَوَيو ساڳيو آهي. هو پنھنجي اِشتھارن واري بجيٽ جو هڪ فيصد مس سنڌي اَخبارن کي ڏين ٿا، اِها ڀتِ ڪِرڻ گهرجي. آمريڪا تي جڏهن اَنگريزن جو قبضو هو، اَڃا اُهو ملڪ آزاد نہ ٿيو هو، اُن وقت هندستان واري ’اِيسٽ اِنڊيا ڪمپني‘ آمريڪي رياستن ۾ 9 ملين ٽن ساليانو چانھہ وڪرو ڪندي هئي. آمريڪا جي ماڻھن فيصلو ڪيو تہ هو ’اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ‘ جي چانھہ خريد نہ ڪندا. هي تاريخي واقعو آهي تہ ٿوري عرصي اَندر ’اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ‘ جو آمريڪا ۾ ڏيوالو نڪري ويو.

سوال: سنڌي صحافت کي عروج ڏيڻ ۾ توهان جو وڏو هٿ رهيو آهي. سنڌي صحافت اوهان کي موٽ ۾ ڇا ڏنو؟
جواب: مون کي جيل موڪلڻ سان گڏ، اِقتصادي طور تي مفلوج ڪيو ويو. مون 16 صفحن تي هڪ بامقصد، آزاد، issue oriented سنڌ جي نمائندہ، بلڪہ قومي اَخبار ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. ’برسات‘ سنڌ جي پھرين اَخبار هئي، جنھن ويج بورڊ مطابق پگهارون ڏِيڻ شروع ڪيون. شيخ اَياز کان ويندي سنڌ جون سَموريون علمي، صحافتي ۽ اَدبي شخصيتون پاڻ سان گڏ کڻي آيس. اَخبار کي crime & sex کان موڙي، هڪ ذميوار ۽ سُڄاڻ اَخبار ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي. مون هر ضلعي جي نمائندن جا پگهار مقرر ڪيا تہ جيئن هو صوبيدار، تپيدار، مختيارڪار يا ڪنھن وڏيري جا محتاج نہ رهن. اسان سنڌ جي ماڻھن کي ڪاروبار ۽ صنعتن ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ هر روز گلابي رنگ وارا اِقتصاديات جا چار اَلڳ صفحا جاري ڪيا. اَڄ بہ سنڌي ماڻھن جي مائينڊ سيٽ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي تہ جيئن هو ڪارخانا هڻڻ لاءِ تيار ٿين ۽ ملڪي توڙي بين الاقوامي ڪاروبار ۾ حصو وٺن. اسان هر روز اَنگريزيءَ ۾ ايڊيٽوريل لکندا هئاسين تہ جيئن با اِختيار طبقو سنڌ جا مسئلا سمجهي سگهي، اُن وقت جي وزيرِاَعظم محترمہ بينظير ڀُٽو اسان جا ايڊيٽوريل هر روز پڙهندي هئي، سندس خاص سيڪريٽري جناب فرحت ﷲ بابر اَڪثر فون ڪري محترمہ جا تاثرات يا آرڊرس پڙهي ٻُڌائيندو هو. اُن کان علاوہ محترمہ مون کي ڪيترائي ڀيرا لنچ تي سَڏيو، محترمہ جيڪي بہ دُنيا جا دؤرا ڪيا، اُنھن مان ڪيترن ئي دؤرن ۾ مون کي ساڻس وڃڻ جو شرف حاصل رهيو.
سوال: اِليڪٽرانڪ ميڊيا تي ٿيندڙ ٻوليءَ سان کيچل کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: سنڌيءَ ٻولي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو تمام تيزيءَ سان ٻوليءَ بدران لھجي (dialect) ۾ تبديل ٿي رهي آهي. سنڌ جي اَڌ کان وڌيڪ اِسڪولن ۾ سنڌي نہ ٿي پڙهائي وڃي، سنڌ جو Elite class ۽ سَرنديءَ وارو طبقو پنھنجن ٻارن کي سنڌيءَ بدران سنئون سڌو اَنگريزي اِسڪولن ۾ داخل ڪري ٿو، سنڌ سرڪار لِکپڙھہ لاءِ سنڌي ٻولي اِستعمال نہ ٿي ڪري، عام وهنوار ۽ تجارتي طور بہ سنڌي ٻوليءَ جو اِستعمال ختم ٿي رهيو آهي. اُن حالت ۾ ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ سان ڪھڙو حشر ٿي رهيو آهي، اُن تي فقط اَفسوس ڪري سگهجي ٿو. اسان جا ٻوليءَ وارا اِدارا بہ ماٺ آهن. اسان گهڻو اَڳ هڪ وڏي اِداري جي اَڳواڻ کي باقاعدہ لکت ۾ عرض ڪيو تہ ميڊيا تي غلط اِستعمال ٿيندڙ لفظن جي تصحيح ڪئي وڃي، مگر هن اُهو معاملو فقط شڪايت ٻُڌڻ تائين محدود رکيو.

سوال: شيخ اَياز توهان وٽ ملازم ٿي رهيو. هن ملازمت دؤران ڪھڙو لاڀ ڏنو؟ پوءِ هو ڇو ’برسات‘ ڇڏي ويو؟
جواب: شيخ اَياز منھنجو ملازم نہ هو، بلڪہ آءٌ سندس ملازم هوس، هو فقط منھنجو دوست هو. اَهڙيءَ طرح تاج بلوچ بہ وڏو عرصو مون سان گڏ رهيو، اُن کان علاوہ شمشير الحيدري، آغا سليم، بدر اَبڙو، اَنور پيرزادو، نصير اَعجاز ۽ ٻيا ڪيترائي دوست مون سان گڏ رهيا. آءٌ اُنھن سڀني جو ملازم هوس، اُهي سَمورا شخص قابلِ اَحترام ۽ سنڌ جون عظيم هستيون آهن، جن سان مون کي دوستيءَ جو شرف حاصل رهيو. باقي اَخبار جو مالڪ ٿيڻ جي ڪا معنيٰ ناهي. توهان چيو تہ شيخ اَياز مون کي ڇڏي ويو، اِها ڳالھہ درست ناهي. اسان گڏ رهياسين، ايتري قدر جو آخري ڏينھن ۾ شيخ اَياز بيمار هئڻ باوجود مون سان ’لانڍي جيل‘ تي مِلڻ آيو هو، جڏهن تہ مون کين منع ڪئي هئي تہ هيڏي جوکم واري تڪليف نہ ڪن.
سوال: سُٺن ايڊيٽرن هوندي بہ ’برسات‘ ڪو ٻُوٽو نہ ٻاري سگهي؟
جواب: جيڪڏهن سزا نہ ڏني وڃي ها ۽ اِقتصادي وسيلا نہ ڦُريا وڃن ها تہ اَڄ ’برسات‘ جي 3 لک کان وڌيڪ اِشاعت هجي ها. سنڌ ۾ سنڌي اَخبار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ايتري ئي گُنجائش موجود آهي.

سوال: توهان کي اَخباري صحافت مان ايڊورٽائزنگ ڏانھن وڃڻ جو خيال ڪيئن آيو ۽ اُهو تجربو ڪيئن رهيو؟
جواب: سنڌ ۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ ايڊورٽائزنگ ايجنسيون آهن، اُنھن مان هڪ جو بہ مالڪ سنڌي ناهي. ايڊورٽائزنگ ايجنسيون اَخباري صنعت کي مضبوط ڪرڻ ۾ اَهم ڪردار اَدا ڪن ٿيون. اُهو ضياءُ الحق وارو دؤر هو، جڏهن مون کي گرفتارڪري، هٿڪڙيون هڻي، مون تي مِلٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، اُن ڪري ايڊورٽائزنگ جي فيلڊ ۾ اَچي نہ سگهيس. آءٌ گذارش ڪريان ٿو سرنديءَ وارن سنڌين کي تہ ايڊورٽائزنگ ايجنسيون کولڻ گهرجن، اُهي ڪمائيءَ جو وڏو وسيلو هئڻ سان گڏ سنڌي پريس لاءِ وڏو ڀرجهلو ٿي سگهن ٿيون.

سوال: ڇا سنڌي صحافت دُرست رخ ۾ هلي رهي آهي؟
جواب: ”ٿر ۾ 121 ٻار فاقن سبب مري ويا.“ اِها اسان جي صحافت ۾ ٻن ڪالمن جي خبر آهي. ”منڇر ۾ سوين ڪارخانن جو زهريلو مادو وجهڻ سبب سنڌ جا لکين ماڻھو مختلف بيمارين جي ور چڙهي آهستي آهستي مري رهيا آهن.“ اِها بہ اسان لاءِ خبر ناهي. جڏهن اُردو پريس اَهڙيون خبرون کڻن تہ پوءِ اسان بہ بغل وڄايون ٿا. محترمہ مھتاب راشدي سنڌ اِسيمبليءَ مان يڪراءِ قرارداد پاس ڪرائي تہ سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي.“ اَڌ سنڌي اَخبارن اِن خبر کي لِيڊ ڪري هلايو، اَڌ وٽ فقط اِها خبر 2 ڪالم هلي. جيڪڏهن سنڌ اِسيمبلي اِهو بل پاس ڪري تہ اَڄ کان سنڌ جي سڀني اِدارن ۾ لِکپڙھہ لاءِ سنڌي ٻولي اِستعمال ڪئي ويندي، جيئن اَنگريزن جي دؤر ۾ ٿيندو هو تہ سنڌي ٻولي ٻيھر پنھنجو اوج ماڻي سگهندي.آءٌ چوندس تہ سنڌي صحافت سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ’دفاعي مورچي‘ طور ڪم ڪري سگهي ٿي. سنڌ ۾ اَڄ جيتري بدحالي، بُک، غربت، ويڳاڻپ، بَدامَني ۽ ڪرپشن آهي، جيڪر سنڌي صحافت مضبوط هجي ها تہ اُن ۾ گهڻي حدَ تائين گهٽتائي اَچي وڃي ها. سنڌ جي اُڏوهي کاڌل ’سياسي وڏيرائپ‘ جو ٽوڙ فقط سنڌي پريس وٽ آهي. هن وقت حالت اِها آهي، جو سنڌي اَخبارون حُڪومت اَڳيان محتاج آهن، پرائيويٽ سيڪٽر، جيڪو سنڌ مان اَربين روپيا ڪمائي ٿو، اُهو سنڌي پريس جو ذري گهٽ بائيڪاٽ ڪري ويٺو آهي، اِها ڀتِ ڪيرائڻ گُهرجي.
سوال: ڀُٽي صاحب جي شھادت کانپوءِ توهان راتو رات ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ لِکي ورتو. اِهو هيرو ورشپ جو ڪو جذبو هو يا ٻيو ڪجهہ؟
جواب: ڀُٽي صاحب جي شھادت نہ فقط سنڌ، بلڪہ سموري دُنيا جي باضمير ماڻھن کي ڌوڏي وڌو. اُنھن ڏينھن آءٌ هندستان جي تاريخ تي ڪم ڪري رهيو هوس. رات جو دير سان هلندڙ ڪم روڪي، مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو چار بيت لِکيا. اُنھن کي پڙهڻ کانپوءِ قمر شھباز پڇيو تہ: ”اِهي بيت توکي ڪنھن لِکي ڏنا آهن؟ تو تہ ڪڏهن بہ شاعري نہ ڪئي.“ شمشيرالحيدريءَ چيو: ”اِهي بيت ڪنھن کي ڏيکارڻ بدران تون وڌيڪ لِکُ.!“ جڏهن پندرهن ڏينھن کانپوءِ شمشير مون وٽ آيو تہ مون ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جو پھريون حِصو کيس ڏيکاريو، بعد ۾ اُن ڪتاب جو مھاڳ شمشيرالحيدريءَ لِکيو. اُن کان علاوہ تنوير عباسي، ماهتاب محبوب،
قمر شھباز، تاج بلوچ ۽ ٻين دوستن پڻ لِکيو، خاص طور ممتاز مرزا طرفان آيل خط ڏاڍو حيران ڪيو. هن بي ساختہ جنھن ريت شاعريءَ تي راءِ ڏني، اُها بيحد اُتساهُه ڏِيايندڙ هئي. اُن کانپوءِ مون کي باقاعدہ شاعر ٺاهڻ ۾
عابدہ پروين ۽ سندس ورَ غلام حسين شيخ اَهم ڪردار اَدا ڪيو، هڪ رات ۾ چار پنج وايون مون کان غلام حسين شيخ لِکرايون، عابدہ پروين منھنجون سموريون وايون ۽ بيت ڳايا ۽ ڪيتريون ئي ڪئسٽون جاري ڪرايون. جڏهن کان عابدہ پروين کي ڪراچيءَ مان زوريءَ لڏائي اِسلام آباد موڪليو ويو، تڏهن کان مون گهڻي ڀاڱي شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏِني. هاڻ سال ٻن ۾ هڪ يا ٻہ ڀيرا شاعري ڪندو آهيان. ’سُر بي مثل بينظير‘، ’سُر سنڌو‘ ۽ ڪجهہ ٻيا سُر مون فقط هڪ رات ۾ لِکيا هوندا.

سوال: يوناني ڏندڪٿائن تي توهان گهڻو ڪم ڪيو آهي. ڪھڙي ديوتا يا ديويءَ سان توهان جو جذباتي لڳاءُ آهي؟
جواب: مون نہ فقط يوناني ڏندڪٿائن، بلڪہ دُنيا جي سمورين ڏندڪٿائن تي لِکيوآهي. منھنجو اَنگريزيءَ ۾ لِکيل ڪتاب Rise and Fall of Gods آمريڪا، برطانيہ ۽ اِنڊيا ۾ شايع ٿيو. هن وقت دُنيا جي سڀني ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾’ڏندڪٿائون‘ پڙهايون وڃن ٿيون. مون مٿيون ڪتاب لِکي، اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ اِهي ڏندڪٿائون ناهن، بلڪہ دُنيا جي تاريخ جو لازمي حِصو آهن. اسان جي اَبن ڏاڏن ماضيءَ ۾ مختلف خدائن جي عبادت ڪئي، اِهي تاريخي واقعا آهن. اِنھن کي ڏندڪٿا يا ’ڪوڙ تي ٻڌل ڪھاڻيون‘ چوڻ ڏوھہ برابر عمل آهي. جيتريقدر ڪنھن ديويءَ جو تعلق آهي تہ ’اَفروڊائيٽ‘، جنھن کي ’وينس‘ بہ سَڏيو ويو، جيڪا حُسن جي ديوي تصور ڪئي ويندي هئي، اُن جا يوناني توڙي رُومي سلطنت جا ماڻھو عاشق هئا. ’ٽروجن جنگ‘ (Trojan War) ۾ ’اَفرو ڊائيٽ‘ ايشيا جي ماڻھن جو ساٿ ڏنو، اُن ڪري هوءَ ايشيا جي ماڻھن جي پسنديدہ ديوي بڻجي ويئي. آءٌ بہ اُن جي ڳولا ڪيان ٿو.
سوال: ڇا سنڌي اَدب ۾ اَهڙو ڪجهہ تخليق ٿيو آهي، جيڪو نوبل اِنعام جو حقدار هجي؟
جواب: نوبل اِنعام جو حقدار تڏهن ٿي سگهجي ٿو، جڏهن مجموعي طور تي اِنسان ذات لاءِ ڪو بي مثال تخليقي ڪم ڪيو وڃي. اسان اَڃا سنڌ سان بہ اِنصاف نہ ڪري سگهيا آهيون.

سوال: مجموعي طور تي توهان جي نظر ۾ سنڌي اَدب ۾ ڪھڙي هنڌ کوٽِ موجود آهي ۽ ڇا اُن جو پورائو ممڪن آهي؟
جواب: اسان وٽ تحقيق ۽ ڄاڻ جي کوٽِ آهي. سنڌي اَديب جيڪي ڪجهہ لِکي ٿو تہ جواب ۾ اَسين کيس ’عظيم‘ چئون ٿا. اسان شمشير، اَمرجليل، آغا سليم، علي بابا، عبدالواحد آريسر، تاج بلوچ، قمر شھباز، غلام نبي مغل، جي. اين. مغل ۽ ٻين ڪيترن ئي وڏن اَديبن جي صلاحيتن مان ڏھہ فيصد جيترو بہ ڪم وٺي نہ سگهياسين. سنڌ ۾ هلندڙ ٻين ٻولين جا ٽي. وي چينل، اَخبارون، رسالا، بئنڪون ۽ ٻيا ڪيترائي نجي اِدارا پنھنجي اَديبن، صحافين ۽ محققن جي ڀرپور سار سنڀال لَھن ٿا، ڪيترن ئي اَديبن ۽ صحافين کي پنجاھہ هزار کان 15 لک رپين تائين ماهوار اُجورو ڏِنو وڃي ٿو. اسان کي پيٽ سان پٿر ٻڌي اَدب تخليق ڪرڻو آهي.
سوال: سنڌي اَدب جو ماضي تہ شاندار آهي، پر اُن جو حال ۽ مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: سنڌ دُنيا جو عظيم ترين شاعر شاھہ عبدالطيف پيدا ڪيو. هن جيڪي ڪجهہ لکيو، اُن تي واھہ واھہ کان علاوہ عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. ”هي تنين جو ڏيھه، ڪاتي جنين هٿ ۾.“، ”سُوري سڏ ڪري، ڪا هَلندي جيڏيون.“ ”سوڀون سِر گُهرن“ اِهي سِٽون سمجهڻ کان اسان وانجها آهيون، سنڌي قوم جي زوال جو اِهوئي بُنيادي سبب آهي. سنڌي ماڻھو پاڻيءَ جي واري تان يا ٻڪريءَ جي چوريءَ تان ڪئين لاش ڪيرائي وجهندو، مگر سنڌ تي سِر ڏِيڻ يا سنڌ لاءِ ويڙھہ کائڻ لاءِ فقط ڳالھين جا ڳوٺ ٻَڌي ٿو. اسان کي ’صوفي‘ چئي، ننڊ جي گوري ڏني وئي آهي. 1936ع ۾ جڏهن سکر بئراج ٺھيو، تڏهن کان سنڌ ڏانھن ڌارين جا ڪٽڪَ اِيندا رهن ٿا، پوءِ 1947ع کان ويندي هن وقت تائين ذري گهٽ چار ڪروڙ ڌاريا مختلف صوبن ۽ ملڪن مان اََچي سنڌ ۾ آباد ٿي ويا آهن. سنڌ جو جسماني ۽ رُوحاني حُليو تبديل ٿي ويو آهي. اَهڙي حالت ۾ سنڌي اَديب ڇا ڪندو، ڪيترا مسئلا کڻندو. اَسين تاريخ جي اِنتھائي خطرناڪ دؤر مان گُذري رهيا آهيون، جتي اسان جو هڪ قوم طور وجود خطري هيٺ آهي.
سوال: چون ٿا تہ سنڌي ٻولي جديد چئلنجن جو مقابلو نہ ڪري سگهندي. ڇا واقعي اِيئن آهي؟
جواب: سنڌي ٻولي اُسرڻ جا سڀ دروازا هڪ هڪ ڪري بند ٿي رهيا آهن. سنڌ جي اَڌ کان وڌيڪ اِسڪولن ۾ سنڌي نہ ٿي پڙهائي وڃي، سنڌي ٻولي سنڌ جي ٻيو نمبر سرڪاري ٻولي هئڻ باوجود لِکپڙھہ لاءِ اِستعمال نہ ٿي ڪئي وڃي، ڪمرشل بُنيادن تي سنڌي ٻوليءَ جي جوڙجڪ يا تياريءَ لاءِ ڪي اُپاءُ نہ ورتا وڃن ٿا، هاڻ تہ سنڌي پڙهڻ وقت جو زيان سمجهيو وڃي ٿو، اسان صرف تبرڪ طور سنڌي پڙهون ٿا، اِهي سڀ خطري جا نشان آهن. جڏهن تہ سنڌي ٻولي اُها دُنيا جي واحد ٻولي آهي، جيڪا پنج هزار سالن کان دائم ۽ قائم آهي. سنڌي ٻوليءَ جون جيڪي دُنيا ۾ همعصر ٻوليون هيون، اُهي هڪ هڪ ٿي ختم ٿي ويون. اُنھن ختم (extinct) ٿيندڙ وڏين ٻولين ۾ سميرين (Sumerian)، اَڪادين (Akkadian)، سنسڪرت (Sanskrit)، فونيشين (Phoenician)، هئبرو (Hebrew)، پالي (Pali)، ايلامائيٽ (Elamite)، اَٽراسڪن (Etrascan)، هٽائيٽ (Hittite)، اَرامائيڪ (Aramaic)، ڪيلٽڪ (Celtic)، لئٽن (Latin) ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون شامل آهن، جيڪي پاڻُ بچائي نہ سگهيون. سَتين ۽ اَٺين صدي عيسويءَ دؤران جڏهن عرب مسلمانن دُنيا تي ڪاهون ڪيون ۽ سنڌ تي بہ قبضو ڪيو، تڏهن دُنيا جي ڪيترن ئي شڪست کاڌل قومن پنھنجون مادري ٻوليون ڇڏي، عربي اِختيار ڪئي. آهستي آهستي عربي ڳالھائيندي هو ’نقلي عرب‘ ٿي ويا. عراق ۽ شام جا ماڻھو دُنيا جي ٽن وڏين ٻولين جا خالق هئا، اُنھن کي عربي اِختيار ڪرڻ جي ڪابہ ضرورت نہ هئي، پر فوجي طاقت سان اُنھن کي مجبور ڪيو ويو تہ هو عرب ٿين. اُن وقت سنڌ ۽ اِيران چيو تہ هو عربي سِکڻ لاءِ تيار آهن، پر پنھنجي مادري ٻوليءَ تان هٿ نہ کڻندا. سنڌين پنھنجي ٻوليءَ جي سَگهہ ثابت ڪرڻ لاءِ اَڄ کان 1300 سال اَڳ قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، اُهو قرآن شريف جو دُنيا ۾ پھريون ترجمو هو. بھرحال سنڌي ٻوليءَ تاريخ ۾ ڪئين چئلنجَ قبول ڪيا ۽ نباهيا آهن. ٿي سگهي ٿو تہ اَڄ جي جديد دؤر ۾ سنڌي ٻولي ڪو ڪرشمو ڏيکاري.

سوال: سنڌي نوجوانن کي ڪھڙو رستو وٺڻ گُهرجي؟
جواب: اَسين عظيم سنڌو تھذيب جا وارث آهيون، دُنيا جي عظيم ترين قوم آهيون، اُن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. سنڌي نوجوان سنجيدگيءَ سان تحقيق ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان دُنيا جي قومن کان اَڳتي نڪري سگهن ٿا.

سوال: سنڌي شاعريءَ ۾ يڪ رنگي اَچي وئي آهي، جنھن مان آدرش نڪري ويو آهي. اِن ڏَس ۾ اوهان ڇا چوندا؟
جواب: شاعري هونءَ بہ اُن وقت هٿيار طور اِستعمال ڪئي ويندي آهي، جڏهن لِکڻ يا اِظھار جي آزاديءَ تي پابنديون هجن. جيڪي ڪجهہ اَڳ ۾ نہ چئي سگهبو هو، اُهو هاڻ نثر ۾ چئي سگهجي ٿو. اَڄ حاڪمن تي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي ۽ کين گهٽ وڌ ڳالھايو وڃي ٿو، اَڳي اِيئن ناممڪن هو. ڪڏهن ڪڏهن شاعريءَ جو ٻہ سِٽون بہ هڪ ڪتاب کان وڌيڪ اَثر ڇڏينديون آهن، اُن لاءِ شاھہ لطيف جھڙو شاعر ٻيھر پيدا ٿيڻ گهرجي. هاڻ تہ ڪيترائي منھنجا شاعر دوست چون ٿا تہ هنن ٽيليويزن لاءِ چار پنج سؤ ڪلام لِکيا آهن. ڳچ عرصو اََڳ تائين شاعري مذهبي پروپئگنڊا، هجر ۽ وصال يا سطحي رومانس بابت هاءِ گهوڙا ڪرڻ لاءِ لِکي ويندي هئي، اِنسان جا ڏُک سُور شاعريءَ ۾ گهٽ مِلن ٿا.

سوال: ڇا سنڌي معاشرو ٻيھر سپر ويليوز کي اِختيار ڪري سگهندو؟ ڪرپشن ۽ نپوٽزم جي آزار کان ڪيئن بچي سگهي ٿو؟
جواب: هڪڙو فلمي ڊائلاگ آهي تہ شريف ماڻھوءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اُن کان عزت ۽ اَمير کان دولت ڦري وٺو. سنڌي قوم کي ختم ڪرڻ لاءِ اُن کان سنڌ جي ايڪانامي(economy) ڦُري ويئي آهي. اِقتصاديات ۾ اسان وٽ هاڻ فقط زرعي شعبي جو اَڌ کان گهٽ حِصو بچيو آهي، باقي اَڌ کان وڌيڪ سنڌ جون زمينون ڌارين جي قبضي هيٺ آهن. اُن حالت ۾ ڪرپشن ۽ نپوٽزم کان علاوہ ٻيون ڪيتريون ئي بُرايون اسان جي معاشري ۾ ڪاهي پيون آهن. اَڄ سنڌ جا ٽي حِصا آبادي فاقن ۾ مبتلا آهي، اسان جي ٻارن کي غير معياري تعليم ڏني وڃي ٿي، گهڻو ڪري اسان جا ٻار بُکئي پيٽ اِسڪولن ۾ وڃن ٿا، صحت جو ڪو حيلو ناهي، اُن حالت ۾ اسان ڪھڙي چڱائي جي اُميد رکي سگهون ٿا.

سوال: سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جو ڪارڻ ۽ اُن کان ڇوٽڪاري جو اوهان وٽ ڪو ڏَس پنڌ آهي؟
جواب: تعليم جي تباهيءَ بابت واويلا ٻُڌي ڪن پچي پيا آهن. چون ٿا تہ سنڌ ۾ 13 هزار اِسڪول بند پيا آهن، ڪڏهن اِهو اَنگ ڇھہ هزار ٻُڌايو وڃي ٿو. تعليم جو سيڪريٽري فضل ﷲ پيچوهو چوي ٿو تہ اسان هر سال هڪ اَرب ڏھہ ڪروڙ روپيا ماسترن کي پگهارون ڏيون ٿا، جن مان اَڪثريت اَهڙن ماسترن جي آهي، جن کي پاڻ پڙهائڻ جي ضرورت آهي. ڪراچيءَ ۾ ڌاريا پنجاھہ لک جي لڳ ڀڳ روزگار سان لڳل آهن، هتي پرائيويٽ سيڪٽر طرفان سوين اِسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليون ويون آهن. جيڪڏهن سنڌ جا سَرنديءَ وارا ماڻھو اَهڙو چڱو ڪم ڪن تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ تعليم جي تباهيءَ کان بچي سگهجي ٿو.

سوال: خدا جي تصور تي اوهان گهڻو ڪجهہ لکيو آهي. تصوف کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: مذهبن جي مقرر بندشن خلاف بغاوت کي ’تصوف‘ سَڏجي ٿو. گُذريل پنج هزار سالن ۾ ڪيترائي خدا دنيا ۾ متعارف ڪرايا ويا. اِبتدا اين، اينلل ۽ اينڪي سان ٿي. اينلل خدا اين جو پٽ هو، جنھن کي ’ڪّن‘ چوڻ جو اِختيار حاصل هو، ’ڪُن فيڪون‘ چئي هو جيڪي چاهيندو هو سو ٿي پوندو هو. طوفان نوح کانپوءِ جڏهن هيءَ دُنيا ٻيھر آباد ٿي تہ عراق جي پھرين بادشاھہ اٽانا (Etana) کي خدائن آسمان تي سَڏايو. اٽانا وڏي پکي جي پرن تي چڙهي آسمان ڏانھن ويو، آخري منزل کان ٿورو اَڳ پکيءَ چيو تہ هو هن کان اَڳتي نہ ٿو وڌي سگهي، هن جا پر سَڙي ويندا. اَهڙيءَ طرح مصر جي بادشاھہ ۽ خدا ’را‘ (RA) کي خدائن آسمان تي اَچڻ جي دعوت ڏني، هن کي اِنعام طور ’ايمن‘ (Amon) خدا جا اِختيار ڏنائون. اَهڙيءَ طرح هي شخص Amon-Ra بڻجي، عظيم خدا جي حيثيت حاصل ڪري ويو. عراق جي شھنشاھہ ’حمورابي‘ عظيم سلطنت ’بيبي لونيا‘ (Babylonian Empire) قائم ڪئي. اُن ۾ هڪ نئون خدا ’مردوڪ‘ متعارف ڪرايائين، جنھن جي 1500 سالن تائين عبادت ٿيندي رهي. مردوڪ خدا جڏهن عرش الڪرسيءَ تان اُٿندو هو تہ دُنيا ۾ زلزلا اَچي ويندا هئا. اِيران جي شھنشاھہ ’سائرس‘ ۽ سڪندرِاَعظم بہ مردوڪ خدا جي وجود جو اَعتراف ڪيو ۽ اُن جي راهَه ۾ قربانيون ڏِنيون. يورپ جا ماڻھو 3200 سالن تائين (Zeus) خدا جي عبادت ڪندا رهيا. هنن زيوس خدا جي راهَہ ۾ لکين نہ بلڪہ ڪروڙين ماڻھو قربان ڪرڻ لاءِ ذبح ڪيا ۽ اولمپس رانديون عبادت طور رائج ڪيائون. عيسائيت اَچڻ تائين زيوس مٿان اِنساني قرباني جاري رهي. اَهڙيءَ ريت رُوم جي عظيم سلطنت ۾ جوپيٽر (Jupiter) کي عظيم خدا تصور ڪيو ويو، هن مٿان بہ اِنسان قربان ڪيا ويا. جوپيٽر خدا جي هڪ هزار سالن کان وڌيڪ عرصي تائين عبادت ڪئي ويئي. اَڄ بہ دُنيا ۾ ڪيترائي اَهڙا خدا ڄاڻايا وڃن ٿا، جيڪي اِها هامَ هڻن ٿا تہ هو هن ڪائنات ۽ اِنسان ذات جا خالق ۽ مالڪ آهن. دُنيا ۾ اَڄ ست اَرب اِنسان آباد آهن، جن مان ساڍا ٽي اَرب ٻُڌ ڌرم جا پوئلڳ آهن. اُهي ’گوتم ٻُڌ‘کي خدا سمجهن ٿا، جيڪو آسمان کان اِنسان ذات خاطر زمين تي لھي آيو. اُن کان علاوہ عيسائي مذهب کي مڃڻ وارن جو تعداد اَڍائي اَرب جي لڳ ڀڳ آهي، اُهي حضرت عيسيٰعه کي خدا جو پٽ، بلڪہ خود خدا سمجهن ٿا. هنن جو چوڻ آهي تہ حضرت عيسيٰعه اُن جُز مان پيدا ٿيو، جنھن مان خود خدا پيدا ٿيو، اُن ڪري عيسائي خدا بدران حضرت عيسيٰعه کان دُعائون گهرندا آهن. هندستان ۾ لڳ ڀڳ هڪ اَرب هندو برهما، شو ۽ وشنو کي عظيم ترين خدائن جو درجو ڏين ٿا. اُن مان وشنو خدا جڏهن بہ هن دُنيا ۾ ظلم بپا ٿئي ٿو تہ هو هن ڌرتيءَ تي اَچي ٿو. هو هن وقت تائين 9 ڀيرا ظلم ختم ڪرڻ لاءِ لٿو آهي. اَهڙيءَ طرح جاپان، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ شنٽو خدا جي عبادت ڪئي وڃي ٿي.

سوال: توهان ڪھڙي بُنياد تي سائين جي. ايم. سيد کي نثر جو شاھہ لطيف ڪوٺيو؟
جواب: بامقصد لِکڻيون ڪارگر هونديون آهن. آزاديءَ لاءِ لِکڻ کان علاوہ ٻيو ڪوبہ نثر مٿانھون ناهي. هن شخص آزاد ملڪ، آزاد قوم لاءِ قلم کان تلوار جيان ڪم ورتو، بلڪہ عملي جدوجھد بہ ڪئي. شاھہ لطيف سنڌ جي آزاديءَ جو پھريون طالب، شاعر ۽ علمبردار آهي. اُن کانپوءِ جي. ايم. سيد سڀ بندشون ٽوڙي، بغاوت ڪري، وڏو جوکم کڻي، طاقتور فوجي حاڪمن اَڳيان آزاد سنڌ جي ڳالھہ ڪئي. هن شخص جون لِکڻيون، هن جو نثر، هن جا خواب اَڄ نہ تہ سُڀان ساڀيان ٿيندا.

[ ’سوجهرو‘، اَپريل، 2014ع، يوسف شاهين ڪارنر]