مولوي عبدالحق رَباني
جڏهن ’هينري اول‘ جي بادشاهت هٿن مان وڃڻ لڳي تہ هو پاڻ هلي وڃي ’ٿامس بڪيٽ‘ سان فرانس ۾ مِليو، جتي هو جلاوطن زندگي گُذاري رهيو هو. ’هينريءَ‘، ’بڪيٽ‘ اَڳيان آڻ مڃي ۽ کيس واپس اِنگلينڊ اَچڻ لاءِ چيو ۽ اِهو بہ يقين ڏِياريو تہ هو آئيندہ مذهبي معاملن ۾ مداخلت نہ ڪندو. دراَصل بادشاھہ اُهي سڀ واعدا بدنيتيءَ سان ڪيا، هو ’بڪيٽ‘ کي دوکو ڏيئي رهيو هو. جڏهن ’بڪيٽ‘ واپس اِنگلينڊ آيو تہ ڪجهہ عرصي بعد بادشاھہ جي چئن خاص ماڻھن هن کي عبادت گاھہ اَندر خنجر هڻي شھيد ڪري ڇڏيو. اُن واقعي نہ فقط اِنگلينڊ، پر سڄي عيسائي دُنيا ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو، هزارين ماڻھو هر روز ’بڪيٽ‘ جي قبر تي حاضري ڀرڻ لڳا، نتيجي طور تمام تڪڙو ملڪ ۾ بغاوت جھڙي صورتِ حال پيدا ٿي پئي. بادشاھہ ’هينري‘ هڪ ڀيرو وري پنھنجي بادشاهت بَچائڻ لاءِ ’بڪيٽ‘ جي قبر تي پيرين اُگهاڙي حاضر ٿيو. هن سرِعام معافي گهري ۽ پُوڄارين کي چيائين تہ هو کيس ڪوڙا هڻن. اِهو چئي هُو پُٺا اُگهاڙا ڪري زمين تي اُونڌو ليٽي پيو تہ جيئن کيس ڪوڙا هنيا وڃن، پوءِ بادشاھہ کي ڪوڙا هنيا ويا.
دُنيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي اَهڙا شخص بہ پيدا ٿي پوندا آهن، جيڪي بادشاهن کي پنھنجي اَڳيان جُهڪائي وجهندا آهن. اَهڙن ماڻھن جي ڪري ’مطلق العنان‘ حُڪمران کي عوام جي خواهشن جو اَحترام ڪرڻ سيکاريو آهي. هندستان جو شھنشاھہ جھانگير جڏهن عالمِ دين ميان مير سان مِلڻ لاءِ هن جي رهائشگاھہ تي پھتو تہ ميان مير پنھنجي هجري ۾ ويٺو رهيو، هو بادشاھہ جو اِستقبال ڪرڻ لاءِ دروازي تائين بہ نہ ويو، جھانگير، ميان مير جي اَڳيان، اَدبَ سان گوڏا کوڙي ويھي رهيو. ڳالھہ ٻولھہ کانپوءِ جڏهن جھانگير وڃڻ لڳو تہ ميان مير هن کي ٻاهر تائين ڇڏڻ ويو. اُن تي جھانگير حيران ٿي ميان مير کان پُڇيو تہ: ”توهان منھنجو اِستقبال نہ ڪيو ۽ هاڻ مون کي ٻاهر تائين ڇڏڻ لاءِ ڇو ٿا تڪليف ڪريو؟“ اُن تي ميان مير جواب ڏِنو تہ: ”جڏهن توهين رُعب ۽ دٻدٻي سان آيا هئا، تڏهن بادشاهت توهان جي ذهن تي سوار هئي، اَهڙي حالت ۾ درويشي ڳالھيون توهان تي ڪھڙو اَثر ڪن ها.“
مولوي عبدالحق رَباني اُن ئي واٽَ جو ماڻھو هو. هڪ درويش صفت اِنسان، سَچو، اَرڏي سان اَٽڪي پوڻ وارو، هن جي وقت جي حاڪم شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان دليراڻي ۽ سخت گفتگو ۽ تِکائي گهڻن ماڻھن کي اَڃا ياد آهي. هي شخص عالم هو، سنڌي اَڻ موٽ قومَ جو اَڻ موٽ فرزند هو، منھن تي ٺھہ پَھہ سچ چئي ڏِيڻ وارو! جيڪڏهن آزمائش جو وقت اَچي ها تہ هي شخص موٽ نہ کائي ها.
اسان کي ننڍي هوندي نصرپور جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز ۽ خاص طور عيد نماز جي موقعي تي مولوي صاحب جا خطبا ٻُڌڻ جو موقعو مِليو. خطبن دؤران هن جو جوش ۽ ولولو ڏِسن وٽان هوندو هو. دِين ۽ دُنيا جي مختلف معاملن تي ڏاڍي مدلل ۽ عالمانہ اَنداز ۾ پنھنجي راءِ، بلڪہ فيصلو ڏيندو هو. سنڌ جي سَرزمين ڪيڏي نہ زرخيز آهي، جو لڳاتار غير معمولي اِنسان پيدا ڪندي رهي آهي. مولوي صاحب هاڻ اسان وٽ نہ رهيو آهي، پر هن جي دليري، شرافت ۽ سَچائي ورثي طور اسان وٽ موجود آهي، جنھن تي اسان کي فخر آهي. شل جنت ۾ جايون جُڙنس!
ساري سنگهارن کي، هڏڪي اُٿيو هيانءُ،
ويا وٿاڻن تان، نينم ڇني نانءُ،
جايون اَڏيان جيءَ ۾، اُنھن ڪاڻ آنءُ،
ڪڏهن لَوَندو ڪانءُ، ڪڏهن اِيندا ڪاڪِ تي.
(يوسف)
