شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 143
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

محترم يوسف شاهين جي ’ڪاوش‘ سان ڳالھہ ٻولھہ

مصطفى ملاح

شيخ اَياز جي تاريخ پڙهيل نہ هئي!
(محترم يوسف شاهين جي ’ڪاوش‘ سان ڳالھہ ٻولھہ)

نامياري تاريخدان ۽ شاعر يوسف شاهين چيو آهي تہ هيستائين 21 ڪتاب لِکي چُڪو آهيان، جنھن مان 6 ڪتاب آمريڪا مان ۽ 2 ڪتاب ڀارت مان شايع ٿيا آهن. اَڄ بہ هڪ ڪتاب لِکي مڪمل ڪري چُڪو آهيان، جيڪو سنڌو ماٿريءَ تي آهي. هي اُهو ڪتاب آهي، جيڪو 500 سالن ۾ نہ لِکيو ويو آهي. هن چيو تہ مان ملڪ جو واحد ليکڪ آهيان، جنھن جي نوبل اِنعام لاءِ ٻہ ڀيرا نامينيشن ٿي آهي، هن سال بہ نامينيشن ٿي آهي، پوءِ مِلي يا نہ، اُهو بہ آفيشل ئي آهي. اَهڙو اِظھار هن ’ڪاوش‘ سان ڳالھائيندي ڪيو.
تاريخدان يوسف شاهين وڌيڪ چيو تہ گُذريل پنج هزار سالن ۾ دُنيا جي ڪنھن بہ قومنَ کي ايڏي ڏاهپَ، ايڏو علم نہ مِليو، جيڪو سنڌي قومَ کي مِليو. اُن ۾ اِنساني تاريخ جا سڀ کان وڏا فيصلا ڪيا ويا. سڄي تحقيق سنڌي قومَ لاءِ ٿئي پئي، جيڪا نہ ڪئي وئي آهي. جڏهن جان مارشل وارن موهن جو دڙو کوٽيو ۽ ڪمينٽس ڏِنا، پر اُنھن تي عمل نہ ڪيو ويو آهي. اِنڊس ويليءَ تي مون اَنگريزيءَ ۾ ٻہ ڪتاب ڏِنا آهن. مون کي دُنيا جون ٻوليون ۽ اُنھن جي تاريخ ياد آهي، اِنساني تاريخ تي ڪو فيصلو ڏِيڻ لاءِ سڄي تاريخ پڙهي. هن چيو تہ شايد ڪو ماڻھو هجي، جنھن دُنيا جي تاريخ پڙهي هجي، پر مون کي تہ ياد آهي. مون مصر تي مضمون لِکيو، جيڪو مصر جي تاريخ تي لِکيل هو. مون اُهو مضمون نصير اَعجاز کي ڏِنو، هن مصر جي ماڻھن کي ڏِنو ۽ مصر وارن عربيءَ ۾ ترجمو ڪري، اُهو منھنجو لِکيل مضمون پوري مڊل اِيسٽ ۾ ڦھلائي ڇڏيو ۽ اَڄ تائين اُن مضمون تي ڪمينٽس اَچي رهيا آهن.
هن چيو تہ مان تاريخ جو ماڻھو آهيان، دُنيا جا وڏا اَديب بُک مري ويا. 20 سالن جي عمر تائين مان دُنيا جي تاريخ پڙهي چُڪو هئس، تڏهن مون کي اَندازو ٿيو تہ ڪاروبار نہ ڪندس تہ پوءِ اِنھن ليکڪن وانگر بُک مري ويندس، پوءِ چار چار ڪاروبار ڪيا ۽ ويٺو پنھنجي آفيس ۾ هوندو هئس ۽ مون وٽ چار چار پروفيسر رکيل هئا. ٻہ پروفيسر، ٻہ ليڪچرر، ڇوتہ مون کي پاڻ تاريخ تي يقين نہ پيو اَچي، پوءِ اُنھن بہ مون کي پڙهايو. هڪڙي تحقيق ۽ دُنيا جي تاريخ تي ۽ سڄي دُنيا ۽ اسان جو ماضي اسان کي خطرناڪ مِليو آهي. ماضي کان وڌيڪ اسان جو شيون قابل نہ آهن. ڇڏي ڏيڻ گهرجن.
هن چيو تہ پھريون ڀيرو مون فرينچ تي لکيو تہ فرينچ فرانس جي ٻولي نہ آهي، يا اَنگريزي زبان اَنگريزن جي نہ آهي. مون شروع کان ئي اَنگريزي زبان ۾ لِکڻ شروع ڪيو هو. مان پھريون ماڻھو آهيان، جنھن چيو تہ دنيا جون سڀ سرحدون غلط آهن، جنھن تي مون مڪمل ڪتاب لِکيو آهي. اُنھيءَ ڪتاب جو اَنگريز سرڪار ٽيون ايڊيشن ڇاپي رهي آهي. هن چيو تہ 81 سالن جي عمر تائين مون 21 ڪتاب ڏِنا آهن. دُنيا جي ٻولين ۾ سنڌي ٻولي واحد ٻولي آهي، جنھن مقابلو ڪيو. عرب 6 سؤ سال سنڌ ۾ رهيا، قرآن شريف جو پھريون ترجمو سنڌي ۾ ٿيو. دُنيا جون وڏيون سڀ ٻوليون ختم ٿي ويون، پر سنڌي اَڃا هلي پئي، پر هاڻ مان سنڌي ٻوليءَ لاءِ خطرو سمجهان ٿو، ڇوتہ اسان وٽ هاڻ آباديءَ کان قصو چڙهي ويو آهي، تمام گهڻي لَڏپلاڻ ٿي رهي آهي ۽ سنڌي ٻولي اسان وٽ صرف گهرن تائين محدود ٿي وئي آهي. ٻاهر نڪرون ٿا تہ وسري ٿي وڃي.
هن چيو تہ مان اَنگريزي ۾ ڪتاب لِکندو آهيان ۽ دُنيا ۾ منھنجا ڪتاب آهن، گوگل تي بہ منھنجا ڪتاب آهن ۽ منھنجو جيڪو موضوع رهيو آهي، سڄو اِنسان ذات ۽ ماضي ۾ ڦاٿل آهي. ماضيءَ جو ورثو مِليو آهي، اُن اسان جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. مون اُنھيءَ ئي سبجيڪٽ کي کنيو، شاعري بہ ڪئي. 1983ع ۾ پھريون بيت لکيو هو، منھنجي شاعري جيجي زرينہ بلوچ ڳائي هئي ۽ ضياءَ الحق خلاف تحريڪ هلي تہ منھنجي ئي شاعري ڳائي وئي هئي. هن چيو تہ زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ موڪل ناهي ڪئي، عيد وارن ڏينھن ۾ بہ مون شاعري ڪئي آهي. مان تاريخ پڙهايان ٿو پنھنجي قوم کي، ڇوتہ تاريخ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ڏکيو ڪم آهي. هن چيو تہ تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي، جنھن تاريخ سنڌ لکي ڪتاب ڇپرايو. اُن ۾ سنڌ نالي ڪائي شئي نہ آهي. اُن مبارڪ تي مان ڇا ڳالھايان! بس هڪ اِسڪالر آهي ۽ پنھنجي حساب سان هو لِکي ٿو. هن چيو تہ ثقافت کاتي وارن بہ منھنجا ڪتاب ڇپرايا، پر اُهي ڇپرائي ڪتاب گدامن ۾ رکي ڇڏين ٿا. هن چيو تہ مون کي پھريون مالي نقصان ضياءَ الحق جي دؤر ۾ پھتو ۽ مسَ مسَ وڃي پير جهليم تہ وري نقصان پھچايو ويو. هن چيو تہ آصف زرداري سان مون جيل ۾ هڪ سال 6 مھينا گڏ گُذاريا آهن، پر هاڻ اُن سان مِلي 14 سال ٿي ويا آهن، ٻيھر هڪ ٻئي سان نہ مِليا آهيون. هن چيو تہ اَڄ بہ آءٌ ٻارهن ڪلاڪ لِکندو آهيان. هن چيو تہ منھنجي شيخ اَياز سان 30 سالن جي دوستي هئي، سائين جي. ايم. سيد سان هن جو 16 سالن جو جهيڙو هو، اُهو بہ مون ختم ڪرايو هو. مان شيخ اَياز سان تاريخ تي ڳالھائيندو هئس، ڇوتہ شيخ اَياز جي تاريخ پڙهيل ڪونہ هئي، صرف شاعري پڙهيل هئس. هن چيو تہ مون جيترو لِکيو آهي، پر ڪڏهن وڏائي نہ ڪئي آهي، مان پنھنجي ملازمن کي چوندو هئس تہ توهان منھنجا ملازم نہ آهيو، پر مان توهان جو ملازم آهيان.