ويھِين صديءَ جو اَرڏو شاعر: شيخ اَياز
شيخ اَياز پنھنجي نظرياتي ۽ فڪري لکڻين جي اِبتدا برصغير جي ورھاڱي کان اَڳ، اَنگريز سامراج خلاف ڪئي. 13 اَپريل 1919ع تي ’جليانوالا باغ قتل عام‘ ۾ اَنگريز فوج ھٿان 350 کان 1500 ماڻھن کي سِڌيون گوليون ھڻي ماريو ويو ھو، اُن خونريز واقعي تي شيخ اَياز پنھنجي اِنتھائي ڏُک ۽ ڪاوڙ جو ھن ريت اِظھار ڪيو:
او باغي! او راڄ دروھي!
ڀارت ۾ بلوي جا باني!
لھريون اِينديون لھرائينديون،
دريا جي دل دھڪائينديون،
ڳائينديون، سِينا ساھينديون،
ٽڪري سان ٽڪراءُ کائينديون،
ڇپَ ڇپَ ٿيندي، ڇپَ ڌتڪي سان،
پاڻي ۾ ھو ڪيرائينديون.
موٽي وينديون پو ساحل تي،
ڳائينديون پنھنجي حاصل تي،
اِينديون وينديون، وينديون اِينديون،
آھستہ پٿر ڀورينديون،
چپ تي ڇپ پاڻيءَ ۾ نينديون،
ماڻينديون پنھنجي من ماني،
او باغي! او راڄ دروھي!
ڀارت ۾ بلوي جا باني!
اَنگريز راڄ جي خلاف شيخ اَياز ورھاڱي کان ٿورو اَڳ ھڪ ٻيو نظم ھن ريت لکيو:
اِنقلاب، اِنقلاب، ڳاءِ اِنقلاب ڳاءِ!!
جيئن زمين آسمان،،
جي کُلي پئي زبان
ڪُنڊ ڪُنڊ، چونڪ چونڪ،
شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ،
جيئن ڏئي اُٿي جواب، اِنقلاب!
اِنقلاب! اِنقلاب! ڳاءِ اِنقلاب ڳاءِ!!
ڌوڏ هن سماج کي،
لوڏ سامراج کي، ٺاھہ سو نئون نظام،
جو چڱو چئي عوام،
هي نظام آ خراب، اِنقلاب!
اِنقلاب! اِنقلاب! ڳاءِ اِنقلاب ڳاءِ!!
ڳاءِ ڳاءِ نوجوان،
جيئن زمين آسمان،
جي کُلي پئي زبان،
زندگي اُٿي چئي، اِنقلاب! انقلاب!
اِنقلاب! انقلاب! ڳاءِ اِنقلاب ڳاءِ..!!
اَھڙا نظم لِکڻ کان علاوہ شيخ اَياز اَنگريز راڄ خلاف ’سفيد وحشي‘ نالي ڪھاڻي لکي. ورھاڱي کانپوءِ ھن اُردو شاعري جي اِبتدا ڪئي ۽ ٻہ شاھڪار ڪتاب ’بوئے گل نالئے دل‘ ۽ ’نيل کنٹھ اور نیم کے پتے‘ ڏئي، اُردو دُنيا کان ڇرڪَ ڪڍرائي ڇڏيا. شيخ اَياز، سنڌ جي عظيم شاعر شاھہ لطيف جي سموري رسالي کي اُردو شاعريءَ جو ويس پارايو، جيڪو اَدبي دنيا جو تمام وڏو ڪارنامو ھو.
ورھاڱي کان اَڳ پاڪستان جي بانيڪارن 1940ع دؤران ھڪ قرارداد، جنھن کي ’قراردادِ لاھور’ يا ’قراردادِ پاڪستان‘ چيو ويو، اُن تحت پاڪستان سان اِلحاق ڪندڙ صوبن کي اِھو يقين ڏياريو ويو تہ اُھي سڀ آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو درجو رکندا، مگر پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ پاڪستان جي حاڪمن ’ون يونٽ‘ ٺاھي، سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جو تاريخي وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو. ’ون يونٽ‘ جي مزاحمت ڪرڻ لاءِ سائين جي. ايم. سيد، مخدوم طالب الموليٰ، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ ٻيا ميدان تي لٿا، شيخ اَياز اَدبي محاذ تي سڀني ترقي پسند اَديبن جي اَڳواڻيءَ جو ڪردار اَدا ڪيو ۽ ھن ريت مزاحمت شروع ڪئي:
سنڌڙي! تنھنجو نانءُ وتو،
ڄڻ ڪاريھر تي پير پيو.
ھيءَ پنھنجي ڪرڻي ڀرڻي آ،
پر سنڌ ’اَياز!‘ نہ مرڻي آ.
اَڳتي ھلي جڏھن شيخ مجيب الرحمان پاڪستان جي سڀني صوبن جي خودمختياري جو نعرو ھڻي، ’6 نڪاتي پروگرام‘ ڏنو تہ شيخ اَياز زندگي ۾ پھريون ڀيرو ڪنھن سياسي پارٽي ’عوامي ليگ‘ ۾ شامل ٿيو ۽ ھن کي سنڌ جو صدر ٺاھيو ويو. شيخ مجيب الرحمان جا اُھي ’6 نڪتا‘ مشرقي پاڪستان کي بنگلاديش ٺاھڻ جو سبب بڻيا. 1976ع دؤران پاڪستان جي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، شيخ اَياز کي ’سنڌ يونيورسٽي‘ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. 1977ع ۾ پاڪستان جي فوجي ڪمانڊر اِن چيف جنرل ضياءُ الحق عوامي اِقتدارِاَعليٰ تي قبضو ڪري، چوٿين اَپريل 1979ع تي پاڪستان جي پھرئين چُونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاھي ڏئي ڇڏي. جنرل ضياءُ الحق، شيخ اَياز کي پاڻ وٽ سَڏايو، اُن ملاقات جو شيخ اَياز مون سان ھن ريت ذڪر ڪيو هو: ”آءٌ ھڪ اَھڙي ظالم شخص کي ڏِسي رھيو ھئس، جيڪو اِنتھائي سنگدل ۽ ڪٺور دل رکندڙ ھو.“
شيخ اَياز کي سدائين ھڪ منفرد، متضاد ۽ اَرڏي شخص طور ڏٺو ويو. پيشي جي لحاظ کان ھو وڪيل هو، بلڪہ ’نمبر ون وڪيل‘ ھو. جيڪڏھن سنڌ جي حقن جي ڳالھہ ڪرڻ بدران هو فقط وڪالت ڪري ھا تہ ھو سنڌ جو اَمير ترين شخص بڻجي وڃي ھا.
شيخ اَياز جھڙا عالم، اَديب ۽ شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آھن. سترھين صديءَ ۾ فرانس ڪيترائي عالم ۽ مفڪر پيدا ڪيا، جن ۾ والٽيئر، روسو ۽ ڪانٽ سَرفھرست ھئا. ھي اُھو دؤر ھو، جڏھن ’سچو عيسائي‘ ٺاھڻ لاءِ ھزارين عيسائين کي جيئري ساڙي ماريو ويو ۽ لاتعداد عيسائين کي تشدد ڪري، اُنھن جون ٽنگون ٻانھون ڀڃي ڇڏيائون. اُن وقت ڪير بہ اِھو ٻُڌائي نہ ٿي سگهيو تہ سچي ۽ نج عيسائيت ڇاکي ٿو چئجي؟ اُن حالت ۾ مذھب جي رواداريءَ بابت ٻہ اَکر ڳالھائڻ ڪفر کان گهٽ ڏوھہ نھ ھو، مگر والٽيئر، روسو ۽ ڪانٽ جان جو جوکم کڻي، مذھبي آزادي، ڳالھائڻ جو حق، مذھب کي رياست کان ڌار ڪرڻ جو لڳاتار مطالبو ڪيو.
فرانس جي عالمن ۽ اَديبن جا اَھڙا ڪتاب آمريڪي کنڊ تائين بہ پھتا، نتيجي طور دُنيا جا ٻہ وڏا اِنقلاب پيدا ٿيا. ھڪڙو آمريڪا ملڪ وجود ۾ آيو، جنھن ۾ بادشاھت ختم ڪري، حاڪمن کي عوام جو نوڪر قرار ڏنو ويو. ھنن قانوني طور اِھو تسليم ڪيو تہ سڀ اِنسان برابر آھن ۽ آزاد پيدا ٿيا آھن. ھتي جي حاڪمن، آسمان کان حاصل ٿيندڙ ھدايتن بدران اِنساني تاريخ ۾ پھريون Man Made قانون ٺاھيو، جنھن کي آمريڪي آئين چئجي ٿو، جنھن جي ھر شق تي آسماني ھدايتن جيان عمل ڪرڻ جو عھد ڪيو ويو. آمريڪا جي باني حاڪمن عيسائي مذھب کي رياست کان ڌار ڪري ڇڏيو. تعليم جو نظام حڪومت پاڻ سنڀاليو، جيڪو ھن کان اَڳ چرچ سنڀاليندو ھو. آمريڪا کانپوءِ فرانس ۾ وڏو اِنقلاب آيو، جنھن کي فرينچ اِنقلاب سَڏجي ٿو. ھنن بادشاھہ جو ڪنڌ لاھي، ھتي ٽي ھزار سالن کان ھلندڙ بادشاھت ختم ڪري ڇڏي. ھنن عيسائي مذھب ۽ عيسائيت جي مقدس ڪتاب کي رد ڪري، سمورا گرجا گهر اَناج جا گودام يا گهوڙن جا اِصطبل ٺاھي ڇڏيا.
برصغير جي ورھاڱي وقت ھتي جيڪا مذھبي جنونيت پيدا ٿي، اُن وقت شيخ اَياز جون لکڻيون رُجعت پرستي خلاف ديوار بڻجي ويون. اَياز جھالت ۽ رُجعت پرستيءَ خلاف وڏي جنگ جوٽي، نتيجي طور اَسين سنڌ جا ماڻھو خيبرپختونخواھہ، فاٽا ۽ اَفغانستان جيان مذھبي جنونيت جو شڪار ٿيڻ کان بچي وياسين.
شيخ اَياز برصغير جي ورھاست بدران ’آزاد سنڌ‘ تي اِيمان رکندو ھو، جنھن جي اَڳتي ھلي سائين جي. ايم. سيد علي الاعلان تبليغ ڪئي. سائين جي. ايم. سيد کي ضياءُ الحق جي ڏينھن ۾ پاڪستان کان ڌار ٿيڻ ۽ آزادي گُهرڻ تي غداريءَ جي ڏوھہ ھيٺ ڦاھي ڏيڻ جي ڌمڪي بہ ڏني وئي، جنھن تي سائين جي. ايم. سيد چيو تہ: ”آءٌ ڦاھي چڙھڻ لاءِ تيار آھيان، پر سنڌ جي آزاديءَ تان ھٿ نہ کڻندس.“ سنڌ جي آزاديءَ جي فڪر جي تڪميل لاءِ اَياز ھيٺ ڏنل ترانو لکيو.
سنڌو ديس جي ڌرتي توتي، پنھنجو سيس نوايان!
مِٽي ماٿي لايان!
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان!
مِٽي ماٿي لايان!
گيت بہ مون وٽ تنھنجا، ماتا بيت بہ تنھنجا ڀانيان!
مِٽي ماٿي لايان!
جيءُ جيءَ جيجل، جيءُ جيءُ جيجل، توکان ڪيئن لنوايان!
مِٽي ماٿي لايان!
سارا سڏ پڙاڏا تنھنجا، وائيءَ ۾ ورنايان!
مِٽي ماٿي لايان!
سر سر ڄڻ سانوڻ ۾ سنڌو، لَـھر لَـھر لَـھڪايان!
مِٽي ماٿي لايان!
رِم جِهم رِم جِهم راڳ اُنھن سان، ٿر بر باھہ لڳايان!
مِٽي ماٿي لايان!
ڪالھہ مليران مھڪ اُٿي جا، نگر نگر ڦھلايان!
مِٽي ماٿي لايان!
ڏٿ بہ تنھنجو، ڏيھہ بہ تنھنجو مارو شال مِلايان!
مِٽي ماٿي لايان!
تنھنجي مِٽيءَ منجهہ ملان جي، آءٌ اَمرتا پايان!
مِٽي ماٿي لايان!
1965ع دؤران ھندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ خونريز جنگ لڳي، جنھن ۾ ٻنھي ملڪن کي لاتعداد لاشن ۽ ذلت کانسواءِ ڪجهہ حاصل نہ ٿيو. شيخ اَياز ھن جنگ جي مخالفت ھن ريت ڪئي:
ھي سنگرام !
سامھون آ
نارائڻ شيام!
ھن جا، منھنجا
قول بہ ساڳيا،
ٻول بہ ساڳيا،
ھو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي، پر
منھنجا رنگ ـ رتول بہ ساڳيا،
ڍٽ بہ ساڳيو ،
ڍول بہ ساڳيو،
ھانءُ بہ ساڳيو،
ھول بہ ساڳيا،
ھن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!
ھن کي گولي ڪيئن ھڻان مان!
ڪيئن ھڻان مان!
ڪيئن ھڻان مان!
ڪيئن ھڻان مان....!
اِھو نظم ڇپجڻ کانپوءِ شيخ اياز کي پھريون ڀيرو گرفتار ڪري، ’ساھيوال جيل‘ موڪليو ويو، جتي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اَڳ ئي قيد ھو.
اِنساني تاريخ ۾ سڀ کان اَول سنڌو ماٿر جي ماڻھن مذھب کي اِداري طور قبول نہ ڪيو، جنھن جو مرڪزي شھر موھن جو دڙو ھو. سنڌو ماٿر کانپوءِ ٻُڌ مت جي باني مھاتما گوتم ٻُڌ ۽ جين مت جي اَڳواڻ مھاوير مذھب ۽ اُن جي عبادتي نظام کي رد ڪيو. وري 1917ع ۾ سوشلسٽ اِنقلاب دؤران مذھب ۽ سرمايہ داريءَ کي ختم ڪيو ويو تہ جيئن سڀ اِنسان برابريءَ سان جيئڻ جا حق ماڻي سگهن.
1991ع دؤران دُنيا جي وسيع ترين ’ايمپائر سوويٽ يونين‘، جيڪا ڪروڙين ميلن ۾ پکڙيل ھئي، اُھا اوچتو ڦان ٿي ڪِري پئي. اُن جي جسم مان فوري طور تي 14 نوان آزاد ملڪ پيدا ٿيا. ھي اُھو دؤر ھو، جڏھن سموري دُنيا جون اَڌواَڌ قومون سوشلسٽ نظريي تي اِيمان رکنديون ھيون، اسان جو عظيم ليڊر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بہ اُن نظريي جو پيروڪار ھو، جنھن پاڪستان مان سَرمائيداري نظام جو خاتمو آڻڻ لاءِ پاڪستان جون سموريون بئنڪون، ڪارخانا، اِسڪول، ڪاليج ۽ ٻيون وڏيون ملڪيتون، قومي ملڪيت طور ضبط ڪيون. شيخ اَياز بہ اُن سوشلسٽ نظريي جو مبلغ ھو. سوويت يونين جي ٽُٽڻ سبب سموري ترقي پسند دُنيا جا اَديب ۽ عالم صدمي ھيٺ اَچي ويا. اُن ڏُک کي شيخ اَياز بہ ڏاڍي شدت سان محسوس ڪيو. سوويت يونين ٽُٽڻ سبب سرمايہ داري، مذھب ۽ رُجعت پرستي ڏاڍي زور شور سان ٻيھر دُنيا تي ڪاھي آيون، هيءَ اُھائي سرمائيداريءَ جي دُنيا آھي، جتي گهڻي ڀاڱي اِنساني جسم ۽ ضمير وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
منھنجي شيخ اَياز سان دوستي پنجاھہ سالن کان بہ وڌيڪ عرصي تي محيط ھئي. ھو ناتال وارا ٽي مھينا گهڻي ڀاڱي منھنجي طارق روڊ واري آفيس ۾ گذاريندو ھو. 1993ع دؤران مون پنھنجي ھفتيوار اَخبار ’برسات‘ کي روزنامي ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اُن وقت شيخ اَياز ڪراچيءَ جي ڪلفٽن واري فليٽ ۾ ذري گهٽ رٽائرڊ لائيف گذاري رھيو ھو. مون کيس روزاني ’برسات‘ جو چيف ايڊيٽر ٿيڻ جي گذارش ڪئي، ھن فقط ايترو پڇيو تہ: ”ڪڏهن هلڻو آهي؟“ شيخ اَياز کي اِھا خبر ھئي تہ برصغير ۾ اُردوءَ جو وڏو شاعر فيض احمد فيض ھڪ اَنگريزي اَخبار ‘Pakistan Times’ جو ايڊيٽر ٿيو ھو، اُن کان علاوہ فيض احمد فيض ياسر عرفات طرفان بيروت مان نڪرندڙ ھڪ اَنگريزي رسالي ‘LOTUS’ جو ايڊيٽر بہ رھي چڪو ھو.
شيخ اَياز جي روزنامہ ’برسات‘ جو چيف ايڊيٽر ٿيڻ تي منھنجا ڪيترائي صحافي دوست حيران ٿيا هئا. روزنامہ ’عبرت‘ جو ايڊيٽر ۽ منھنجو دوست خير محمد کوکر حيدرآباد مان خاص طور شيخ اَياز کي ڏِسڻ لاءِ منھنجي آفيس تي پھتو. روزنامہ ’برسات‘ ۾ شيخ اَياز کان علاوہ ٻيا وڏا اَديب ۽ صحافي بہ شامل ٿي ويا، اُنھن ۾ عبدالواحد آريسر ۽ ڄام ساقي بہ شامل ھئا، نتيجي طور ’برسات‘ صحافتي دُنيا جو اِنتھائي معتبر ۽ فيصلا ڪن اِدارو بڻجي ويو. شيخ اَياز ’برسات‘ ۾ جيڪي ڪجهہ لِکيو، اُھو سمورو ھاڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چُڪو آھي.
زندگيءَ جي آخري ڏينھن دؤران، جڏھن شيخ اَياز ڪافي عليل ھو، تڏھن ھو مون سان ’لانڍي جيل‘ تي مِلڻ آيو، مون کي شيخ صاحب جي اَچڻ جو اِطلاع ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ ڏنو ويو، انُ وقت آءٌ ۽ آصف علي زرداريءَ جيل جي ھڪ ڪمري ۾ گڏ رھندا ھئاسين، اُتي اِجازت کانسواءِ ڪنھن کي بہ اَچڻ جي اِجازت نہ ھئي. آءٌ، شيخ صاحب کي ’لانڍي جيل‘ اَچڻ تي ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيس ۽ سخت اَحتجاج ڪندي شيخ صاحب کي عرض ڪيو تہ: ”اوھان ھتي اَچڻ جي ڇو تڪليف ڪئي آھي؟“ شيخ صاحب مُسڪرايو ۽ پنھنجي کيسي مان اِنڊونيشيا جا مشھور کٽمٺا ڪڍي مون کي ڏنا. پوءِ اَسين ڪافي دير تائين جيل سپرينٽينڊنٽ جي ڪمري ۾ ڪچھري ڪندا رھياسين.
ٿورن ئي ڏينھن بعد 28 ڊسمبر 1997ع تي سنڌ جي ھن عظيم سپوت، شاعر ۽ بھادر اَديب شيخ اََياز جو اِنتقال ٿي ويو. ھن کي ڪراچيءَ ۾ ڪلھو ڏيڻ لاءِ فقط 9 ماڻھو پھتا، اُُھو واقعو جناب آغا سليم رڪارڊ ڪيو. سنڌي قوم جي اَھڙي بي حسيءَ تي آءٌ اَڄ بہ ششدر ۽ ڏُکويل آھيان.
