تنوير عباسي: رَوايتن کان هٽيل شاعر ۽ شاعري
سنڌ ۾ سماجي توڙي اَدبي تبديلين جو پيدا ٿيڻ اَڃا بہ وڌيڪ سُست رفتار آهي. سنڌ جو ماڻھو ’روايت پسند‘ نہ، پر ’روايت پرست‘ آهي. ڪيميائي ڀاڻ هجي يا آزاد نظم، اسان کان اَڳ ۾ ٻيا اُن کي قبول ڪندا. اَڃا بہ موهن جي دڙي واري بيل گاڏي پئي هلي، اَڃا بہ سنڌي اَدب ۾ سگهڙپائي، ڏٺ، ڏور، ڳُجهارت ۽ هنر موجود آهن.
اسان جي شاعريءَ سان بہ اِها حالت آهي. هڪ رَوايت جو بُنياد پيو تہ صدين تائين اُن کي چُھٽيا پيا هونداسين، اُن کي بدلائڻ يا اَڳتي وَڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن تي اُلرون ڪنداسين، اُن کي پنھنجو اَدبي ورثو سَڏي، اُن جي حِفاظت ڪرڻ کي مقدس فرض سمجهنداسين. حالانڪہ رَوايت بدلائڻ سان رَوايت مري نہ ٿي، اُها تہ تاريخ ۾ اَبدي حيثيت رکي ٿي. لطيف سائينءَ جي رَوايت کان اَڳتي هلي هائيڪو لِکيا ويا تہ لطيف سائينءَ جي اَهميت ڪانہ گهٽي، اسان جي اَدب کي هڪ قدم اَڳتي وَڌايو.
’بيت‘ بہ اسان جي هڪ اَهڙي رَوايت آهي، جيڪا قديم وقت کان اَڄ تائين هلي اَچي. اُن جي موضوع ۾ تبديلين جو واقع ٿيڻ واقعي سُست رفتار آهي. پھريون پھريون لطيف اُن ۾ نواڻ آندي، پوءِ سچل سرمست پنھنجو رنگ ڀريو ۽ هاڻوڪي دؤر ۾ شيخ اَياز اَڌ صدي اَڳ اُن ۾ جديد موضوعن کي سَمايو. اَڄ بہ بيت لِکيو وڃي ٿو، پر اُهو يا لطيف جي رنگ ۾ آهي يا سچل جي رمز تي، يا اَياز جي اِسٽائيل ۾ يا مورڳو سُگهڙن جي طرز تي.
يوسف شاهين جو هي ننڍڙو مجموعو اُنھن سڀني رَوايتن کان هٽيل آهي. هن اَياز وانگر نوان موضوع تہ ڏِنا آهن، پر سندس ايپروچ (Approach) نرالي آهي. هن جي بيتن جو موضوع گهڻو ڪري اِنسان جي دردناڪ حالت آهي. اِنسان رَوايتي جنت جي ڳولا ۾ هن جھنم جھڙي دُنيا ۾ پڄري رهيو آهي، وري بہ اَڳتي لاءِ اُن کي دوزخ ئي نظر ٿي اَچي.
تون ڏاتار، تون ڏڍُ، دوزخ باهِہ اُجهاءِ،
تون خلقيو خوب هوءِ، سو واٽون تون واجهاءِ،
رِجهيل رُوح رِيجهاءِ، دانھون ٿين دوزخ ۾!
-
تون سَتار، تون غفار، تون وٽ جنت جاءِ،
مکڻ، ماکيون، ميوا، اُتِ اَڻ مَيا ڏِناءِ،
ڪوڙين بُکيا هتِ سُمھن، جيئڻ تَن نہ جاءِ،
دل دانھن ريءَ نہ رهي، ماٺِ مون مَ جُڳاءِ،
ڪھڙي مُنھن اُچانءِ، ڀائرَ منھنجا بُکَ ۾.
-
تون جبار، تون قھار، تو وٽ دوزخ باهِہ،
ڪَھہ مَ ڪرين ڪھڪاءُ، دانھون ٿين دوزخ ۾.
-
دوزخ ۾ دانھون ٿين، تون بہ سُڻ ستارَ،
توهجي پرت پچار، ڪوڙين وِڌا ڪاٺَ ۾.
-
نانگَ، بلائون اُڀ ۾، پاليئي پالڻھار،
اِيئن مَ جُڳائي يارَ، جيئن ڏَنگي، ڏَڦي، ڏنجهہ ڏين.
’اِنسان‘ اَحسن التقويم آهي، مسلمان اَحسن التقويم ناهي:
تون ڏَمر، تون ڏاڍُ، تون ويري، تون وَڍَ،
ڪوئي نہ توهجي ڪڍَ، سڀَ کي جوف جنت جو.
۽ پوءِ هن ڌرتيءَ جي حالت ڇاهي ۽ جنت ۾ ماڻھو ڪيئن آهن.
هي سڀ بيت يوسف شاهين شِڪوي جي اَنداز ۾ چيا آهن. اِقبال جي شِڪوي جو اَنداز پنھنجو هو، حيدر بخش جتوئيءَ پنھنجي رنگَ ۾ شِڪوو لِکيو، يوسف شاهين جو رنگ اَلڳ آهي.
ڏاڍو ڏاري ڏَنڀَ ڏي، ڏند ڪرٽي ڏاٺَ،
لوڪ لُڇائي لُـرَ ڪري، وجهي ڪاٺئون ڪاٺَ،
هاڻ مِٺي ناھہ ماٺ، رِيھہ ڪر تہ راهَه جُڙي.
اَڳئين دؤر ۾ ’مُونن ۾ منھن وجهڻ‘ شرافت جي نشاني هئي، پر هاڻي تاريخ اَڳتي وَڌي آئي آهي:
وجهي منھن مُونن ۾، ويٺو ڪري بڪَ،
سوڍو سُوريءَ چڙهيو، پوءِ بہ ناهي پڪَ،
ويري وجهي چڪَ، تہ مرڻ وارو ڇو نہ مُئو!
يوسف شاهين پنھنجي سُرن جي ترتيب ۾ ڪلياڻ، سارنگ ۽ ڪيڏاري سان گڏ هڪ نئون ’سُر سنڌ‘ شامل ڪيو آهي. ’سُر سنڌ‘ اسان جي دؤر جو سُر آهي، اُهو موضوع، فارسيءَ جي رَوايتي معشوق جي موضوع وانگر، هن دؤر جي شاعرن جو مرغوب موضوع آهي. سنڌ جي سُھڻن نظارن جو بيان اسان جي جديد شاعريءَ جي سَراپا، تہ اسان جي محبت جو اِظھار اسان جي رومانويت، اُن جي ڏُتڙيل حالت تي ڏُک، اسان جي غم پسندي ۽ اُن جي مستقبل جي اُميد اسان جي رجاعيت، سنڌ جي لاءِ سِر ڏيڻ جو موضوع اسان جو رجز ۽ ڪيڏارو، سنڌ جي دُشمن جي گِلا اسان جي هجوَ، اُن جي سُورمن جي تعريف اسان جي ’وير گاٿا‘ تہ اُن جي شان ۾ شاعري اسان جو قصيدو آهي. هر طرح سان، هر زاويي کان سنڌ کي ڳايو ٿو وڃي ۽ يوسف شاهين بہ پنھنجي اَنداز ۾ ’سُر سنڌ‘ ڳايو آهي.
ڪجهہ سال ٿيا، يوسف شاهين جو ڪتاب ’اَنالحق‘ ڇپيو. اسان جي بدقسمتي اِها، جو ڪتاب اُردوءَ ۾ هو ۽ سنڌ ۾ گهڻن ماڻھن نہ پڙهيو. اُردوءَ وارن جي بدقسمتي اِها، جو ڪتاب هڪ سنڌيءَ لِکيو ۽ ڪتاب جي بدقمستي اَها، جو اُهو اَنگريزيءَ ۾ نہ هو ۽ اُن کي يوسف شاهين لِکيو هو. جي اِهو ڪتاب اَنگريزيءَ ۾ ڪو مشھور مصنف لِکي ها تہ وڏي ڳالھہ ليکجي ها. اِهو ننڍڙو ڪتاب سڄي دُنيا جي ضمير جي جهنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. يوسف شاهين جو هيءُ ڪتاب بہ هڪ درد مند دل جي صدا آهي، هڪ ضمير واري ڏاهي جي دانھن آهي، هڪ اَهڙي اِنسان جو شِڪوو آهي، جيڪو هتِ بہ پڄري رهيو آهي ۽ اَڳتي بہ پڄرڻ کانسواءِ ڪجهہ بہ نظر نہ ٿو اَچيس.
اِهو نہ چوندس تہ ڪو يوسف شاهين وڏو تير هنيو آهي، پر ايترو ضرور آهي تہ يوسف شاهين جو هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي ماٺار ۾ ڪي لھرون ضرور اُٿاريندو، ڪيترن ئي عام ماڻھن توڙي ڏاهن جي دلين کي ڀِڄائيندو ۽ ذهنن کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪندو. اِهو ئي تہ شاعريءَ جو ڪم آهي!
] 16 سيپٽمبر 1979ع[
