ڳڀرو نڪتو ڳوٺَ مان [يوسف شاهين جي ڪھاڻي]
يوسف شاهين جو چوڻ آهي تہ: ”اسان جھڙن مُلڪن ۾، جتي سرمائيداري نظام اِنتھائي بدترين صورت ۾ موجود آهي، اُتي ڪنھن غريب جو اِنتھائي اَمير ٿي وڃڻ ڪا اَڻ ٿيڻي ڳالھہ ڪونھي. مون ننڍپڻ ۾ اَٺن روپين سان پنھنجي ڪاروبار جي شروعات ڪئي هئي، جيڪو هاڻ لَکن، ڪروڙن روپين جي دائري تائين پکيڙي ڇڏيو اَٿم، پر مون کي پنھنجي ڪاميابين تي ڪو فخر ڪونھي.“ سندس چواڻيءَ پئسي وارو يا دولتمند بڻجي وڃڻ ڪو ڪارنامو ڪونھي، اِنسان جيڪڏهن رِٿابندي ڪري، محنت ڪري تہ پنھنجو حدف حاصل ڪري سگهي ٿو.
مئٽرڪ پاس يوسف شاهين دائودپوٽو اَڄ هڪ ممتاز صنعتڪار، زميندار، پبلشر، پرنٽر ۽ ستن ڪتابن جو ليکڪ آهي. هن ذاتي حيثيت ۾ پڙهڻ جو سلسلو جاري رکيو، کيس تاريخ، مذاهب، سياسيات، اَدب، فلسفي، تصوف ۽ ٻين موضوعن تي وڏي دسترس حاصل آهي. سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ سوين ڪتاب موجود آهن. هو هن دُنيا جي نظام کي اِنتھائي فرسودہ، ناڪارا ۽ هٿياربند ماڻھن جي شڪنجي ۾ ڦاٿل ٿو سمجهي. سندس خيال موجب چئن ڪروڙن کان بہ وڌيڪ هٿياربند ماڻھن سڄي دُنيا جي اِنسانن کي پنھنجي گهيري ۾ وٺي رکيو آهي، جنھن جي ڪري سڀئي مذهب، زبانون، تھذيبون ۽ خود اِنساني زندگيون لڳاتار خطري ۾ ورتل آهن. هو چوي ٿو تہ گُذريل پنجن هزار سالن ۾ پنج هزار جنگيون ٿي چُڪيون آهن، جن ۾ ڪروڙين اِنسان قتل ٿيا، ٻارڙا ڪُٺا ويا، عورتون اَغوا ٿيون ۽ سندن بي حرمتي ڪئي ويئي، اِنساني اخلاق ۽ قدر پائمال ٿيا، اُهو سڀ ڪجهہ حُڪمرانن ۽ هٿياربند ماڻھن جي ڪري ٿيو. لڳاتار جنگين، قتل ۽ رتوڇاڻ جي ڪري دُنيا جو اِنسان زندگي ۽ عزت بَچائڻ جي لاءِ صدين کان لڏپلاڻ ڪندو پيو اَچي ۽ اُنھن لڏ پلاڻ جي سلسلن نين نين زبانن، نين تھذيبن ۽ ثقافتن کي جنم ڏِنو آهي. اُن طريقيڪار جي ڪري ڪيتريون ئي وڏيون زبانون ختم ٿي ويون ۽ ڪيتريون ئي قومون پنھنجو وجود وڃائي ويٺيون ۽ اُهو سلسلو اَڄ بہ جاري آهي.
يوسف شاهين چوي ٿو تہ هاڻوڪي دُنيا جي نئين سِري کان جوڙَجَڪ جي گهرج آهي ۽ اُنھن سڀني قومن کي آزادي مِلڻ گهرجي، جيڪي مختلف دؤرن ۾ طاقت جي زور تي زبردستي مختلف جاگرافيائي حَدن ۾ ڦاسي ويون آهن. اِن مسئلي تي هن هيستائين چار ڪتاب لِکيا آهن. هو سرمائيداري نظام کي پَرماري نظام سمجهي ٿو، جتي اِنسان ۽ اِنساني قدر دولت جي تابع بڻجيو وڃن، جتي سڄو سماج دولت جي چؤڌاري گُهمي ٿو ۽ دولتمند ماڻھو اِمتيازي حيثيت حاصل ڪري ٿا وٺن، حالانڪہ فرق جو بُنياد اَخلاق، شرافت ۽ صلاحيت هئڻ گُهرجي. هو سمجهي ٿو تہ دولت جي ريل ڇيل بذاتِ خود هڪ ’بيماري‘ آهي، جيڪا اِنسان کان سُک ۽ چين کسي ٿي وٺي. دولت جو نہ هُئڻ خراب آهي، پر اُن جو گهڻو هُئڻ اُن کان بہ وڌيڪ خراب آهي. اَڄ جيڪي قومون دولتمند آهن، اُهي ذهني، رُوحاني ۽ اَخلاقي طور تي مفلوج بڻجي ويون آهن.
يوسف شاهين کان سوال پُڇيو ويو تہ جيڪڏهن دولت جي گهڻائي ايتري ئي خراب آهي تہ پوءِ اوهان دولت جي اُن ڊوڙَ ۾ ڇو شامل آهيو؟ وڌيڪ دولتمند ڇوٿا بڻجڻ گهرو؟ اِن سوال تي پاڻ اَعتراف ڪندي چيائين تہ: ”مون کي اَفسوس آهي تہ اسان سڀ دولت جي پويان ڊوڙي رهيا آهيون، اِها ڪا چڱي ڳالھہ ڪونھي. پھرين دولت ڪمائڻ مسئلو هوندو آهي، پوءِ وري اُها بَچائڻ مسئلو بڻجي ويندي آهي. آءٌ دولت ڪمائي ڪا خوشي محسوس نہ ڪندو آهيان. ڪيترائي ماڻھو گڏجي منھنجي لاءِ ڪم ڪندا آهن ۽ اُنھن جي سڄي ڪمائيءَ جو آءٌ مالڪ بڻجي ويندو آهيان، اِهائي نا اِنصافي آهي. سڄي دُنيا اِن کي صحيح سمجهي ٿي، اِن حدَ تائين، جو سوشلسٽ ملڪن جو رَويو بہ اولھائين ملڪن کان مختلف ڪونھي. پنھنجا هٿيار وڪڻڻ جي لاءِ جنگي ماحول تيار ڪرڻ، جنگيون ڪرائڻ، اِنسان کي قتل ڪرائڻ، اِنساني وسنديون وِيران ڪرڻ، اِهو سڀ سرمائيداري فعل آهي. هٿ ٺوڪيا ترقي يافتہ ملڪ دُنيا جي اَڪثريتي آباديءَ جي محنت جو حق کَسي، دولتمند بڻيا آهن، گُذريل صدين ۾ دولت ڦُرڻ ۽ اَمير بڻجڻ جي لاءِ مختلف ملڪن تي فوجي قبضا ڪيا ويندا هئا. هاڻ اِهو ڪم ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ذريعي ڪيو وڃي ٿو ۽ اُنھن ڪمپنين مان ڪيترن ئي ڪمپنين جي بجيٽ پورن آفريڪي ملڪن جي بجيٽ کان گهڻي هوندي آهي. اُهي ڪمپنيون اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ وانگر ڪم ڪنديون آهن، جنھن مرچَ، مصالا خريدڻ جي بھاني سڄي هندستان تي قبضو ڪري ورتو هو. اُنھن گهڻ قومي ڪمپنين کي پنھنجي ملڪن جي فوجي ۽ سياسي سگهہ حاصل هوندي آهي ۽ اُهي ڪمپنيون اَڄ مرچَ، مصالحن بدران ٽيڪنالاجيءَ جي نالي تي سڄي دُنيا جي دولت کسڻ ٿيون گُهرن.“
جناب يوسف شاهين پنھنجي ماضيءَ جا تجربا بيان ڪندي هٻڪَ نہ ٿو محسوس ڪري ۽ چوي ٿو تہ: ”مون پنھنجي زندگيءَ ۾ هِتي پھچڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي، ڏاڍا ڌِڪا کاڌا اَٿم، وڏو صبر آزما دؤر ڏِٺو اَٿم، اَهڙن اَهڙن تجربن مان گُذريو آهيان، جو ٻُڌي وارَ اُڀا ٿي ويندا، پر اُهو سڄو داستان، اُها سڄي ڪٿا ڪنھن ٻي ڀيري بيان ڪبي. بس! رُڳو ايترو عرض ڪندس تہ جيڪڏهن هر ڪم جي مناسب رِٿابندي ڪئي وڃي تہ ضرور ڪاميابي مِلي ٿي. جيڪڏهن رِٿابندي ننڍي هوندي آهي تہ ڪاميابي بہ ننڍي هوندي آهي. جيڪي ماڻھو سوچڻ سمجهڻ کانسواءِ ڪاروبار يا ڪنھن ڪم ۾ گِهڙي ٿا پون تہ اُنھن کي سدائين نقصان ئي سَھڻو پوندو آهي.
]اُردوءَ مان ترجمو ڪيو ويو، روزاني ’جنگ‘[
