شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 143
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

عبدالرحمان پليجو: لطيفي لات جو پيامبر: يوسف شاهين

ڪپل وستوءَ جي راجا سَڌوڌن جي پُٽ راجڪمار گوتم کي اوچتو ئي اوچتو ڇا ٿي ويو، جو هن پنھنجو گهر ٻار، شاهي محل، دُنياوي نعمتن ۽ جوانيءَ جي اُمنگن کي ڇڏي، دُنيا سان سڀ لاڳاپا ٽوڙي، وڃي جهنگ وَسايو. ڇا اِهو سڀ ڪجهہ هڪ گهڙيءَ جي ڪنھن اوچتي نازل ٿيل ڪيفيت جو نتيجو هوندو؟
منھنجي خيال ۾ ڪوبہ حقيقت پسند ذهن اِهو تصور قبول نہ ٿو ڪري سگهي. ٻرندڙ جبل اوچتو ئي اوچتو ضرور ڦاٽندا آهن، زلزلا بہ اوچتا اِيندا آهن، مينھن بہ اوچتو وسن ٿا، واڄون ۽ وڄون بہ اوچتو ڪَڙڪن ٿيون، پر اُنھن جو نزول ڪنھن هڪ گهڙيءَ جو نتيجو ناهي. ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ کان اَڳ ڪو عرصو ڪو ڊگهو لاوو زمين جي اَندر ئي اَندر پَچندو، ڪڙهندو ۽ رَڌبو رهندو آهي، پر پوءِ ڪنھن نہ ڪنھن هنڌان، جتي ڪا ڪمزوري هوندي آهي، ڪنھن ڪَچي هنڌ تان اُهي زلزلن وانگر ڦاٽي پوندا آهن ۽ لاوو ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر وهي، آس پاس جي هر شئي ٻوڙي ڇڏيندو آهي.
يوسف ڪو اوچتو ئي اوچتو اُڀ ڦاڙي شاعر نہ ٿيو آهي، پر اِن جو بہ هڪ وڏو پسمنظر آهي. هڪ ڳنڀير ۽ گهرو مطالعو ۽ مشاهدو آهي، جيڪو شاعريءَ جي تُڪ بنديءَ ۽ علم عروض جي بندشن کان بالاتر، پنھنجي ڊِگهي ذهني سفر ۾ اِرتقائي منزلون طئي ڪري رهيو هو. بس! ڪپھہ ۾ رُڳو ڄيري جي لوڙھہ هئي، لاوو اَڳ ئي پَڪو پئي، رُڳو مُنھن ڪڍڻ لاءِ ڪنھن ڪونئري پَٽَ جي تار هئي. مقصد، پيغام، رُوحَ ۽ جذبي کان سواءِ شاعريءَ کي ڇا ٿو چئي سگهجي؟ مقصد ۽ پيغام کانسواءِ شاعري رُڳو سُھڻن لفظن جا بي معنى ڀنڊار آهن. شاھہ عنات، ڀٽائيءَ جو پيش رُو هو. سندس بيتن جي اَکرن جو سُھڻو سِٽاءُ، جَٽاءُ ۽ جڙت آهي. علمِ عروض جي لحاظ کان بہ سندس بيت ڪنھن کان گهٽ ڪونھن، پر اَڄ لطيفي لاتِ ٿرن، بَرن، جهنگلن ۽ جبلن ۾ ٻُري پئي. صدين کان وٺي پڙهيل تہ ڇا، پر اَڻ پڙهيل بہ ”ڀٽائي، ڀٽائي“ پيا ڪن، سو ڇو؟ منھنجي ناقص راءِ ۾ ڀٽائيءَ وٽ علمي مشاهدو ۽ پيغام هو، ڀرپور ۽ وزنائتو، شاھہ عنات کان بہ ڀٽائي وَڌ. ڀٽائيءَ جا بيتَ اَندر ۾ لھي، جيءَ ۾ جايون ٿا لَھن.
يوسف، شاھہ جي شاعريءَ وارو گَس ورتو آهي، جتي اُها بس ٿي، اُتان ئي اُن کي اَڳتي وَڌايو آهي. هن لطيف جي شاعريءَ کي نئين سِر ڌوئي پوئي، پُراڻن سان گڏ نَون گُلن جي سُڳنڌ سان وهنجاري سِھنجاري، سُھڻي سنڌيءَ ۾ (اُها لاڙي اَسين اَڄ بہ گهرن ۾ ڳالھايون ٿا) شاھہ جي اَکرن جي سِٽاءَ، جَٽاءَ ۽ جُڙتِ ۾ پنھنجي لوچَ، تڙپَ ۽ عشق کي گڏي، نوان رنگَ ڏئي سنڌ جي جهوليءَ ۾ وِڌو آهي.
ڪلھوڙن جي دؤر کان وٺي هن وقت تائين، اَڍائي سؤ سالن جي هڪ ڊِگهي عرصي تائين ڪيترن ئي شاعرن لطيفي واٽَ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪوبہ يوسف وانگر ڪامياب نہ ٿيو آهي. اُن لاءِ شاھہ جي ٻوليءَ کي نہ سمجهڻ سان گڏ ٻيو سبب هيءُ بہ هو تہ اُنھن جي شاعريءَ ۾ ڀٽائيءَ وارو رُوح ۽ جذبو نہ هو، پيغام نہ هو، ڪو مقصد نہ هو. يوسف جي شاعريءَ ۾ هڪ پيغام آهي، هڪ مقصد آهي ۽ اُن ۾ هڪ تڙپندڙ دل جون صدائون بہ آهن، جيڪي ڏُکويل اِنسانيت جي ڏُک ۾ شريڪ ٿي روئن ٿيون تہ روئاڙين بہ ٿيون.
’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘، سنڌي شاعريءَ ۾ اَملھہ اِضافو آهي، وقتائتو سَڏ آهي، اُن سان گڏ هن اَلمناڪ دؤر جو مرثيو بہ آهي. هن دؤر جي تاريخي اَلميي جا چِٽا اُهڃاڻ سندس سُر ڪيڏاري ۾ ظاهر آهن.
’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جو اِنتساب پنھنجي جاءِ تي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اَنقلابي باب آهي. ڇپائيءَ جي جنھن ڊرامائي اَنداز ۾ اُهو پيش ڪيل آهي، سو بہ لَک ٿو لھي. شاعر اُٿندي شرط سڀني کي بلال جي ڀَرِ جهلڻ جو سڏ ٿو ڏي! هي تاريخ جو اَزلي سَڏ آهي، جو هن ڌرتيءَ هر دؤر ۾ پئي ڏِنو آهي. اُنھيءَ سَڏ تي سَڏ هوشوءَ، هيمونءَ ۽ دودي دريا خان پاران پنھنجي پنھنجي ڏينھن ۾ پئي ڏِنو آهي. اَڄ بہ اُنھيءَ سَڏَ جا هوڪا ٻُڌجن پيا ۽ هر دؤر ۾ جيستائين ڏاڍُ ۽ ڏُهاڳ هن ڌرتيءَ تان نہ لَٿا آهن، تيسين پيا اُهي سَڏَ ٿيندا.
متان ڏَرو ڏاڍَ کان، ڏاڍي ناهِہ جَهلَ،
کڻو صليبَ سِرَ تي، مرڻ هيءَ مَھلَ،
ڇڏيو سَڌَ ساهَه جي، ڪَنڌَ رهي مَ ڪَلَ،
هڻي هامَ هَڪلَ، ڀَرِ جهليو بِلالَ جي.

’سُر بلال‘ ۾ گهاڻي کي شاعر هيئن ٿو خراجِ تحسين ڏي.
گهاڻي گهڻا گُن، چٿِ ڏي چاهَه ۾،
مَروڙي ماسَ کي، ڀري هڻي بَنَ،
چِيچَٽَ ڪري چِت ۾، نپوڙي نھنَ،
سي ئي سيجَ سَھنَ، جي گوهر ٿيا گهاڻي ۾.

هي اُهو تاريخ ساز گهاڻو آهي، جنھن ۾ ڪيترائي هوشو، هيمون ۽ دودي دولھہ دريا خان، ننگر ۽ رڻ مل، محمود ۽ سارنگ پارا گهڙي گوهر ٿيا. اُهو ئي گهاڻو، جنھن بلال کي اَمر بَڻايو، تنھن گهاڻي کي يوسف بصد اَحترام ڏاڍي نياز ۽ نوڙت سان خراجِ تحسين اَدا ڪيو آهي.
يوسف بين الاقواميت، عالمي اِنساني برادريءَ ۾ ويساھہ ٿو رکي ۽ ٻئي طرف پاڻ کي هن عظيم ڌرتيءَ جو وفادار فرزند بہ ثابت ڪيو آهي، ’سُر سنڌ‘ اِنھيءَ جو روشن دليل آهي. ڀِٽائي گهوٽ وانگر تہ: ”سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار!“ جو پھلو يوسف وٽ بنسبت ”عالم سڀ آباد ڪرين“ کان وڌيڪ اُجاگر آهي. هن سَدا سُڳنڌ واريءَ سُھڻي ڌرتيءَ کي صدين کان وٺي ايڏا تہ اَهنج ڏِنا ويا آهن، جو ڪابہ باضمير دل روئڻ کانسواءِ رهي نہ ٿي سگهي. يوسف رُڳو روئي نہ ٿو، رُڳو روئاڙي نہ ٿو، پر ڏاڍَ سان سامھون ٿيڻ لاءِ بہ للڪاري ٿو:
جيئي سَدا سنڌ، جيئي سارو جڳ،
وَڌي ٿيو اَڳ، تہ ڏاڍُ لَھي ڏيھہ تان.

-
منٿَ ڇڏي ميسڻا، ڀري هڻ بندوقَ،
ولولو ۽ ووڪَ، ڪري اُٿيار عزرائيل کي.

-
منت ڇڏ ميسڻا، ڀري هڻ ڀالا،
قبر ڪشالا، ڪڍي تہ ڪاڪَ ماڻئين.

ڪٿي ڪٿي اَمڙ سنڌ جي مٿي تي هٿ رکي، سندس لُڙڪَ ٿو اُگهي.
ڏانجهن تي ڏانجها، سَٺا سونل سنڌ،
ساري سُھانجا، وجودئون وڄ ٿي!.

ڏُکن جي هن ڊِگهي ڪاري رات ۾ بہ اُميد جو دامن هٿان نہ ٿو ڇڏي.
جيئي سَدا سنڌ، جيئي جيجل ماءُ،
وري سڻائو واءُ، تہ جِيئون ساري جڳَ سِين.

هو هن ڏ ُکويل، ماريل ۽ مظلوم مادرِ وطن ۽ سندس ٻچڙن جي بہ بيوسيءَ جو ماتم ٿو ڪري.
ڪوھہ سُڏڪي سَڏ ڪرين، ڪٿي تنھنجا ڪانڌَ،
سنڌ تو هجي سرير ۾، آ ايڏي آنڌ مانڌ،

-
ڳچيءَ پايو پاند، تي ليلڙائين لڄ لئہ!
لُڇي ٿي لَڄ لئہ، ويا ويچاريءَ وسَ،
ويئي ووڙي گسَ، گم آهي، پنھنجي گهرَ ۾.

نصرپور جي مِٽيءَ مان گهڻا ئي عالم، فاضل ۽ گوهر پيدا ٿيا آهن، پر ميون شاھہ عنات تاريخ ۾ پنھنجي خاص جاءِ والاري ٿو. اُنھيءَ سُڳنڌ ڀريل مِٽيءَ ۾ يوسف شاهين جي شاعريءَ جي گُلستان ۾ جيڪي گل ٽِڙيا آهن، ٽِڙن پيا، سي نہ فقط نصرپور ۾، نہ فقط سنڌ، پر سڄي عالم ۾ واسجي ويندا ۽ نہ فقط هن گُهٽ ٻوسٽ جي اُونداهي دؤر ۾ اُميدن جي جوتِ جلائيندا، پر اِيندڙ زمانن ۾ جُڳن تائين جَڳَ واسبا رهندا.

]13 جولاءِ 1981ع[