سالڪ سنڌ جو!
ڪو سالڪ سنڌ جو، اي هليو ڪرڻ حِسابُ،
اَڻ ڄاتو اِسراري، بند کولي بابُ،
ٿيو لالڻ لاجوابُ، نيل نديءَ ڪِناري.
پھرين ملاقات دؤران جناب آفتاب ميمڻ دل جو حال هيئن اوريو: ”جڏهن گوتم ٻُڌ کان پُڇيو ويو تہ ڇا خُدا آهي؟ جواب ۾ گوتم چيو تہ: ”مون کي ڪا خبر ناهي.“ ڀلا خدا جي عبادت ڪئي وڃي؟ گوتم چيو تہ: ”اُهو وقت اِنسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪيو وڃي.““ اِهو واقعو ٻُڌائڻ کانپوءِ آفتاب چيو تہ: ”آءٌ پنج وقت نمازي آهيان ۽ فجر مھل قرآن شريف جو دور ڪندو آهيان. اِهو سڀ ڪجهہ ڇو ٿو ڪيان ۽ اَصل حقيقت ڇا آهي؟ اُن جي مون کي ڪا خبر ناهي.“ هو ڳالھين دؤران ڪيترائي ڇرڪائيندڙ اِنڪشاف ڪري ويو ۽ آءٌ مسلسل سندس چھري ڏانھن سَواليه نظرن سان ڏِسندو رهيس.
هن کان اَڳ جڏهن آفتاب جو پھريون ڪتاب ’هر پل صليب تي‘ پڙهيو هوم، تڏهن بہ مون کي ڏاڍي حيراني ٿي هئي، سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو تہ هي شخص ڪير آهي؟ هن جي اَندر ۾ ڪھڙي اُڻ تُڻ، آنڌ مانڌ آهي؟ هي ڪھڙا ڏُکَ ۽ سُورَ اَندر ۾ سانڍي هلي ٿو؟ منھنجي ڄاڻ مطابق آفتاب هڪ سرڪاري ڪامورو آهي ۽ ڪيترن ئي وڏن عھدن تي رهي چُڪو آهي. اَڄ بہ هو هڪ وڏي سَرڪاري اِداري جوچيئرمين آهي، اُن هوندي بہ آفتاب جو هر پل صليب تي گُذري ٿو، اِها ڳالھہ سمجهہ کان ٻاهر آهي. فقط ايترو سمجهان ٿو تہ آفتاب هڪ سُڄاڻ سنڌي آهي، هن پنھنجي ديس ۽ ديس واسين سان ڪا وڏي ويڌن ڏِٺي آهي، جنھن جو هو اِظھار فقط ايترن ئي لفظن ۾ ڪري ٿو: ’هر پل صليب تي!‘
آفتاب جو نئون ڪتاب ’نيل نديءَ ڪِناري‘ پڙهندڙن کي مصر جي حال ۽ ماضيءَ ڏانھن کڻي وڃي ٿو. مصر دُنيا جي اُنھن ٽن ملڪن ۾ شامل آهي، جن پنج هزار سال اَڳ اَولين عظيم تھذيب جو بُنياد وِڌو، باقي ٻن ملڪن ۾ سنڌ (سنڌو ماٿر) ۽ عراق ’سُمير‘ (SUMER) کي اَهڙو اَعزاز حاصل آهي.
لاتعداد خدائن ۽ فرعونن جي سَرزمين مصر مان حضرت موسىعه اُن ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو، جو هن چيو تہ: ”ﷲ واحد لاشريڪ آهي، ﷲ کانسواءِ ٻيو ڪوبہ بندگيءَ جي لائق ناهي.“ جڏهن تہ مصر ۾ اُن وقت حاڪمن کي سجدا ڪيا ويندا هئا، جيڪي پاڻ کي ’زميني خُدا‘ يا ’فرعون‘ سَڏائيندا هئا.
حضرت موسى عہ کان تقريباً ڏيڍ سؤ سال اَڳ مصر جي هڪ فرعون ’اخنتون‘ [AKHNATON (1383)] اَعلان ڪيو تہ: ”ﷲ واحد لاشريڪ آهي، ﷲ کانسواءِ ٻيو ڪوبہ بندگيءَ جي لائق ناهي.“ ’اخنتون‘ اِهو بہ اَعلان ڪيو تہ مصر ۾ جن بہ خُدائن جي عبادت ڪئي وڃي ٿي، اُهي سڀ ڪُوڙا آهن ۽ حُڪم جاري ڪيائين تہ سڀني نقلي خُدائن جا بُت ۽ اُنھن جون عبادت گاهون ڀڃي ڀورَ ڪيون وڃن. ’اَختنون‘ جي ڏينھن ۾ موجودہ شام، فلسطين، سُوڊان ۽ ڪجهہ ٻيا علائقا مصر جي قبضي هيٺ هئا، ’اَخنتون‘ اُهي سمورا ملڪ آزاد ڪندي اَعلان ڪيو تہ: ”دُنيا جي ٻين قومن کي غلام بڻائڻ ۽ اُنھن جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ ناجائز عمل، بلڪہ ڏوھہ آهي.“ هن مصري فوجن کي مقبوضہ ملڪ خالي ڪري، واپس موٽڻ جو حُڪم ڏِنو. ’اَخنتون‘ جو اِهو فيصلو اِنساني تاريخ جو اِنتھائي مٿانھون، بي مثل باب ۽ سونھري اَکرن ۾ لِکڻ جھڙو واقعو آهي.
’اَخنتون‘ کان تقريباً چار سؤ سال اَڳ حضرت اِبراهيمعه اِهو ٻُڌايو تہ ﷲ واحد لاشريڪ آهي ۽ ﷲ کانسواءِ ٻيو ڪوبہ عبادت جي لائق ناهي. حضرت اِبراهيمعه کان لڳ ڀڳ پنج سؤ سال اَڳ سنڌ جي ماڻھن اِنساني تاريخ ۾ سڀ کان اَول خدا جي وحدانيت جو اِقرار ڪيو ۽ دُنيا کي ٻُڌايو تہ: ”خدا واحد لاشريڪ آهي، خدا کانسواءِ ٻيو ڪوبہ عبادت جي لائق ناهي.“
2334 قبلِ مسيح ۾ سُمير ۽ اَڪاد (موجودہ عراق) جي شھنشاھہ ’سارگن‘ سنڌ مان سوين سنڌين کي عراق سَڏايو تہ جيئن هو هن کي سندن گاديءَ وارو شھر ’اگادي‘ جديد شھري منصوبابنديءَ تحت اَڏي ڏِين. ’سارگن‘ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هو دُنيا جي تاريخ جو پھريون شھنشاھہ هو، جنھن وچ مشرق جا گهڻي ڀاڱي سمورا ملڪ فتح ڪري، اَولين عظيم سلطنت جو بُنياد وِڌو. اُنھن ڏينھن ۾ سنڌي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دُنيا ۾ سڀ کان اَڳتي هئا، زراعت ۾ هنن جو ڪو ثاني نہ هو، سنڌين دُنيا ۾ سڀ کان اَول ڪپھہ جي پوکق ڪئي، پوءِ ڪپھہ مان ڌاڳو ٺاهڻ جون ڪاٺ واريون مشينون اِيجاد ڪيون. اُن سان گڏ ڌاڳي مان ڪپڙو اُڻڻ جون ڪاٺَ واريون مشينون ۽ آڏاڻا اِيجاد ڪيا. هتي ٺھيل ڪپڙو سڄي دُنيا ۾ وڪرو ٿيندو هو. سنڌين دُنيا ۾ پھريون ڀيرو جديد شھري منصوبابنديءَ تحت شھر اَڏڻ جو بُنياد وِڌو، اُن وقت سموري سنڌ دُنيا لاءِ ڪاروبار جو مرڪز هئي، هتي سون، چاندي، هيرن، جواهرن کان ويندي مُھرون ٺاهڻ جو فن عام جام هو. سنڌي پاڻيءَ جا جھاز ۽ وڏا ٻيڙا ٺاهڻ جي فن ۾ بہ ماهر هئا. قيمتي مال سان ڀريل سنڌين جا جھاز پھرين موجودہ بحرين، جنھن کي اُن وقت ’ڊيلمن‘ (DILMUN) چئبو هو، اُتي لنگراَنداز ٿيڻ کانپوءِ موجودہ عراق ۽ مصر ڏانھن رَوانا ٿيندا هئا.
سنڌين، شھنشاھہ ’سارگن‘ جي خواهش مطابق موجودہ عراق ۾ واھہ کوٽيا، جديد زراعت متعارف ڪرائي ۽ شھنشاھہ کي مُھرون ٺاهي ڏِنيون ۽ ’اُر‘ شھر ۾ ’خُدا جي وحدانيت جو مرڪز‘ کوليو. واضح رهي تہ حضرت اِبراهيمعه اُن واقعي کان پنج سؤ سال پوءِ ’اُر‘ شھر جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. اُن وقت عراق ۾ خدا شمس، اين. اين. لل، اينڪسي ۽ ٻين ڪيترن ئي خدائن جي عبادت ڪئي ويندي هئي. 326 قبل مسيح ۾، جڏهن سڪندرِاَعظم سنڌ تي قبضو ڪيو تہ هن سَون جي تعداد ۾ سنڌي هاري مصر ڏانھن رَوانا ڪيا، جن پھريون ڀيرو مصر ۾ ڪپھہ جي پوکَ متعارف ڪرائي.
جناب آفتاب ميمڻ پنھنجي ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مصر جي خُدائن ’هورس‘ (HORUS)، ’آئيسس‘ (ISIS) ۽ ’اوسائيرس‘ (OSIRIS) جو ذڪر ڪيو آهي. روايت مطابق مصر جي حاڪم خدا اوسائيرس کي سندس ڀاءُ ’سٽ‘ (SET) قتل ڪري مصر تي قبضو ڪيو. اُهو قبضو ڇڏائڻ لاءِ اوسائيرس جي پُٽ ’هورس‘ سندس چاچي ’سٽ‘ تي حملو ڪيو ۽ وڏيءَ جنگ کانپوءِ سِٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، اَهڙيءَ ريت ’هورس‘ مصر جو بادشاھہ ٿيو. اُن وقعي کانپوءِ هزارين سالن تائين جيڪي بہ مصر جا بادشاھہ يا فرعون بڻيا، اُهي پاڻ کي ’هورس‘ يا ’هورس خدا‘ جو اولاد، زميني خدا يا فرعون سَڏائيندا رهيا. مصر جي عوامَ تي لازم هو تہ زميني خدائن کي سجدا ڪندا رهن ۽ سندن هر حُڪم جي تعميل ڪن.
جڏهن سڪندرِاَعظم مصر تي 331 قبلِ مسيح ۾ قبضو ڪيو تہ هن کي خدا هورس جو درجو ڏِيڻ سان گڏ مصر جي عظيم خدا ’ايمن را‘ (Aman - Ra) جو پُٽ (Son of god) جو درجو ڏِنو ويو. اُن بعد سِڪندرِاَعظم لاءِ ڪئين بُت ۽ عبادت گاهون جوڙي، هن جي باقاعدہ عبادت جو اِنتظام ڪيو ويو، نتيجي ۾ لڳاتار ٽي سؤ سالن تائين سڪندرِاَعظم جي هڪ خدا جيان مصر ۾ عبادت ٿيندي رهي. اُن عرصي دؤران يونان ۽ مقدونيه جي ماڻھن وڏي پئماني تي مصر ڏانھن هجرتون ڪيون، جن مصر ۾ هڪ نئين ۽ اَنوکي حُسن جو اِضافو ڪيو. قلوپطرا بہ اُنھن مھاجرن جي نسل مان هئي، جيڪي يونان مان لَڏي مصر ۾ اَچي آباد ٿيا هئا.
سِڪندرِاَعظم جي مرڻ کانپوءِ هن جا فوجي جنرل مصر تي قابض رهيا ۽ هنن پنھنجو نسلي تعلق خدا هورس، اوسائيرس ۽ آئسس سان جوڙيندي پاڻ کي بہ خُدا سَڏايو ۽ مصري عوامَ کي سندن عبادت ڪرڻ جو حُڪم ڏِنو. جيئن تہ خدا اوسائيرس پنھنجي ڀيڻ آئسس سان شادي ڪئي هئي، اُن ڪري يونان جي فوجي حاڪمن پڻ پنھنجي ڀينرن سان شادي ڪرڻ جو رواج وِڌو، جيڪو ٽي سؤ سالن تائين جاري رهيو.
يونانين کانپوءِ مصر تي رُوم قبضو ڪيو. رُوم جي شھنشاھہ آگسٽس AUGUSTUS مصر کي سندس ’ذاتي ملڪيت‘ قرار ڏِنو ۽ حُڪم ڪيائين تہ ڪوبہ شخص هن جي اِجازت کانسواءِ مصر ۾ داخل نہ ٿو ٿي سگهي. شھنشاھہ آگسٽس مصري مذهب قبول ڪيو ۽ رُوم ۾ آئسس ديويءَ لاءِ وڏي عبادتگاھہ تعمير ڪرائي، جتي خدا هورس ۽ اوسائيرس جا بُت بہ عبادت لاءِ رکيا ويا. جڏهن رُومَ جي حاڪمن عيسائيت قبول ڪئي، تڏهن آئس، اوسائيرس ۽ هورس هي بُتن جا نالا ڊاهي، اُنھن جي مٿان مقدس ميري، جيسس ۽ ’گاڊ دي فادر‘ نالا لِکيا ويا. هتي اِهو واضح ڪندو هلان تہ رُومَ جي شھنشاهن حضرت عيسىعه کي صليب چاڙهڻ کان سوا ٽي سؤ سال پوءِ عيسائيت قبول ڪئي، مگر عيسائيت قبول ڪرڻ شرط سڄي رُومي دُنيا ۾ اُن معاملي تي گهرو ويڙھہ Civil War شروع ٿي ويئي. ”ڇا خُدا هڪ آهي، ٻہ آهن يا ٽي؟“ اِن اِختلاف جا اَڳواڻ پڻ مصر جا ٻہ عالم هئا، هڪ ايريس (ARUS) ۽ ٻيو اٿينيسيس (ATHANASUS). ايريس جو چوڻ هو تہ خُدا واحد آهي، لاشريڪ آهي، جڏهن تہ اٿينيسيس خدا، خدا جي پُٽ ۽ مقدس رُوحَ جي ڳالھہ ڪئي، اُن نظرئي اَڳتي هلڪيٿولڪ عيسائيت کي جنم ڏِنو. اٿينيسيس جو چوڻ هو تہ حضرت عيسىعه خدا جو پُٽ آهي ۽ اُن جُز مان پيدا ٿيو آهي، جنھن مان خود خدا پيدا ٿيو آهي، اَهڙيءَ رِيت حضرت عيسىعه کي بہ خُدا جو درجو ڏِنو ويو.
اُن وقت رُومَ جو يورپ، اُتر آفريڪا ۽ وِچَ مشرق جي لاتعداد ملڪن تي قبصو هو ۽ رُومي سلطنت ٻن حِصن ۾ ورهايل هئي. هڪ مغربي رُومي سلطنت ۽ ٻي مشرقي رُومي سلطنت، جنھن کي بعد ۾ ’بازنطيني شھنشاهيت‘ بہ سَڏيو ويو. بھرحال خُدا جي وحدت ۽ ڪثرت بابت رُومي سلطنت ۾ گهرو ويڙھہ Civil War اُن وقت تائين جاري رهي، جڏهن مڪي ۽ مديني ۾ آنحضرت محمد صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم جن وڏي واڪي اِهو اَعلان ڪيو تہ ﷲ واحد آهي، لاشريڪ آهي، نہ هو پيدا ڪيو ويو آهي ۽ نہ هن مان ڪو پيدا ٿيو آهي. اِهو واضح اِشارو حضرت عيسى ڏانھن هو، جنھن کي خُدا جو اولاد، بلڪہ خُدا جو پُٽ سڏيو ٿي ويو.
جڏهن عربن خُدا جي وحدانيت جو نعرو بُلند ڪندي بازنطيني ملڪ شام تي ڪاھہ ڪئي تہ بازنطيني فوج جا پنج لک زره پاتل فوجي، عربن جي ٽيھہ هزار فوجين هٿان شڪست کائي ويا، مگر بازنطيني فوجين پنھنجي شڪست کي فتح سمجهيو، ڇاڪاڻ تہ اُنھن جي اَڪثريت خُدا جي وحدانيت تي اِيمان رکندي هئي. هنن بازنطيني حاڪمن کان آزاد ٿيڻ گُهريو ٿي. اِها ساڳئي صورتحال مصر ۾ بہ هئي، جڏهن عربن جون فوجون مصر تي ڪاهي آيون تہ اُتي بہ عربن جو آسانيءَ سان قبضو ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ مصر جي عوامَ جي اَڪثريت اَڳ ۾ ئي خدا جي وحدانيت تي يقين رکندي هئي. مصر وارن بازنطيني حاڪمن کان آزاد ٿيڻ لاءِ عرب فوجن جو آڌرڀاءُ ڪيو.
مصر تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ عربن هتي اِسلام ۽ عربي زبان نافذ ڪئي. عربي زبان ايڏي تہ زورائتي اَنداز ۾ نافذ ڪئي وئي، جو مصر جا ماڻھو پنھنجي ٻولي ’ڪوپٽڪ‘ (COPTIC) مڪمل طور وساري ويٺا هئا، عربي ڳالھائيندي ڳالھائيندي ’عرب‘ ٿي ويا ۽ اَڄ بہ مصر کي عرب ريپبلڪ سَڏجي ٿو، جڏهن تہ مصر ۾ ڪنھن بہ حالت ۾ عرب ناهن. بھرحال عربيءَ جي سخت نفاذ سبب مصر جي ڪوپٽڪ ٻولي ختم ٿي ويئي، جيڪا ٽن هزار سالن کان هتي ڳالھائي، لِکي ۽ پڙهي ويندي هئي.
هتي هيءَ ڳالھہ نوٽ ڪرڻ جھڙي آهي تہ عربن سَتين ۽ اَٺين عيسوي صديءَ دؤران جن بہ ملڪن تي قبضو ڪيو، اُتي رهندڙ قومون گهڻي ڀاڱي پنھنجو وجود ۽ پنھنجو قومي تشخص وڃائي ويٺيون، جن ۾ موجودہ لِبيا، اَلجزائر، تيونس، مراڪش ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جون قومون شامل آهن. اَڄ لِبيا، اَلجزائر، تيونس ۽ مراڪش جا ماڻھو عرب سَڏائين ٿا، عربي ڳالھائين ٿا، جڏهن تہ هو عرب ناهن.
عربن جي حملن جو دُنيا ۾ ٻن قومن ڏاڍي حوصلي ۽ سمجهداريءَ سان مقابلو ڪيو، هڪ اِيراني ۽ ٻيو سنڌي قومَ. جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي قبضو ڪيو تہ هتي بہ عربي زبان ڏاڍي زورائتي اَنداز ۾ نافذ ڪئي ويئي. اَهڙا گهڻا اِمڪان پيدا ڪيا ويا تہ جيئن سنڌي قومَ عرب بڻجي وڃي، مگر سنڌين پنھنجي قوميت ۽ ٻولي بچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا، دُنيا کي پھرين تھذيب ڏيندڙ سنڌي قومَ پنھنجي ٻوليءَ جو ڀرپور دِفاع ڪيو. نتيجي طور سوين سالن تائين عربي ٻولي سنڌ ۾ جاري رهڻ جي باوجود هتي پنھنجا پيرَ کوڙي نہ سگهي.
جيڪڏهن باقي دُنيا جي تاريخ تي نظر وجهبي تہ فتوحات جي عمل ۽ هجرتن سبب دُنيا جون سوين قومون پنھنجون ٻوليون، بلڪہ پنھنجو وجود بہ بچائي نہ سگهيون. هجرتون فوجي ڪاهن کان خطرناڪ ٿين ٿيون. هتي مصر ڏانھن ٿيندڙ هڪ وڏي هجرت جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪا اَرڙهين صدي قبلِ مسيح ۾ شروع ٿي هئي. اُهي مھاجر ’هائيڪ سوز‘ (Hyksos) نالي سان سُڃاتا ويا. اِبتدا ۾ هي مھاجر ڏاڍا ڏُتڙيل، بدحال، لاچار ۽ مجبور هئا، جيڪي ٻہ سؤ سالن تائين مصر جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿيندا ويا. نيٺ هو مصر تي قابض ٿي، هتي جا فرعون بڻجي ويا ۽ خدائي دعوى ڪيائون. هنن حُڪمراني سنڀالڻ شرط مصر جي ماڻھن کي حُڪم ڏِنو تہ ’سٽ‘ SET جي عبادت ڪئي وڃي، جيڪو مصر ۾ شيطان سمجهيو ويندو هو. جيئن تہ فرعون جو حُڪم مڃڻ لازم هو، اُن ڪري مصر جي ماڻھن مجبور ٿي، شيطان سٽ جي عبادت ڪرن شروع ڪري ڏِني.
بھرحال مصر جي تاريخ ڏاڍي حيرت اَنگيز ۽ پڙهڻ لائق آهي، خاص طور آفتاب ميمڻ جو ڪتاب ’نيل نديءَ ڪِناري‘ اسان کي مصر جي پُراِسراريت ڏانھن ڏاڍي دلچسپ اَنداز ۾ کڻي وڃي ٿو. هن اَفساني، ناول ۽ تاريخ نويسيءَ جي فن کي وڏي مھارت سان اِستعمال ڪندي هڪ اَهڙو تہ دلچسپ ۽ لاجواب ڪتاب تحرير ڪيو آهي، جنھن کي يڪ ساهيءَ پڙهي سگهجي ٿو. هي سنڌي اَدب لاءِ هڪ تحفو آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هن سالڪ پرائي پٿر تي پنھنجا سُور بہ بيان ڪيا آهن.
مصر ۾ آفتاب جي بنگلاديش جي هڪ نمائندي اَنوپَ سان ملاقات ٿي. اھُن ملاقات دؤران ٿيل ڊائلاگ ڏاڍا معنى خيز آهن. اَنوپَ شِڪايتي اَنداز ۾ آفتاب کان پُڇيو: ”اوهان ٽئگور جي ڌرتيءَ ۽ نذرالاسلام جي جنم ڀوميءَ سان ڪھڙو چڱو سُلوڪ ڪيو؟“
”تنھنجو اِشارو بنگال سان ٿيل بي واجبين ڏي آهي؟“ آفتاب پُڇيو ۽ پوءِ جواب ۾ چيائين: ”اُهي زيادتيون پنجابي فوجين ۽ ڪامورا شاهي توڙي اُردو دانشورن جي کاتي ۾ وجهہ! اسان سنڌي تہ هميشہ بنگالين ۽ بنگالي ٻوليءَ سان سھڪاري رهيا آهيون.“ آفتاب سنڌ ۽ سنڌين جو دفاع ڪندي وڌيڪ چيو تہ: ”اسان (سنڌي) بنگال کي هميشہ هڪ ئي خطو سمجهندا آهيون. بنگال کي مشرقي بنگال ۽ مغربي بنگال ۾ ورهائڻ نہ اسان تسليم ڪيو آهي ۽ نہ ئي ڪڏهن بنگالين تسليم ڪيو.“ آفتاب اَنوپ کي اِهو بہ ٻُڌايو تہ شيخ مُجيب الرحمان جڏهن آخري دفعو مغربي پاڪستان آيو تہ هن ’حيدر منزل‘ تي سائين جي. ايم. سيد کي اِها گُذارش ڪئي تہ مون کي ’عوامي ليگ’ جي مرڪزي ڪميٽيءَ لاءِ شيخ اَياز ڏِيو، جو اسان جا ماڻھو هن جي شاعري سمجهن ٿا ۽ سندس عزت ڪن ٿا، پر سائين جي. ايم. سيد ٻن سيد وڏيرن کي کڻن تي زور ڀريو، جيڪي شيخ مُجيب الرحمان کي قبول نہ هئا.“
آفتاب مصري ميزبان ڇوڪري ’اِيمان‘ سان ڳالھيون ڪندي هڪ هنڌ هيئن چوي ٿو تہ: ”اَسين پاڪستاني مسلمان مشرقِ وُسطى، دمشق، بغداد، غرناطه ۽ خلافت جي عظمت ۽ شان کي ذهني قيدخاني ۾ رهندا آهيون. خبر اَٿئي، اسان جي ڪنھن بہ شاعر ٽيڪسلا ۽ موهن جي دڙي تي شاعري ڪونہ ڪئي آهي. اسان نجات لاءِ غزني ۽ اَفغانين ڏانھن ڏِسندا آهيون، توڙي جو نادر شاھہ سنڌ تي ڪاهَہ ڪري، ٺٽي جون عظيم درسگاهون ۽ لکين نادر ۽ ڪامياب ڪتاب ساڙي ڇڏيا. اَمير گورگان تيمور اسان لاءِ هيرو آهي، ڇوتہ اسان پنھنجي حافظي تان اِها ڳالھہ ميساري ڇڏي آهي تہ تيمور دمشق جي درسگاهن توڙي شھر کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ شھر جي اُتر - اوڀر دروازي تي کوپڙين جا مِينار ٺھرايا، جيڪي سڀ مسلمانن جون هيون... اسان عجيب ذهنن جا ماڻھو آهيون، اَڄ ڏينھن تائين فيصلو نہ ڪري سگهيا آهيون تہ هندستان تي سترنھن ڪاهون ڪري، مُلڪان ملڪ ڀيل ڪرڻ واري ’غاصب‘ هو يا ’غازي‘؟“
هن ڪتاب ۾ اَهڙا ڪيترائي هنيانءَ ۾ کُپي ويندڙ، تيز تير جيان جملا پڙهڻ لاءِ مِلندا، جيڪي آفتاب جي ذهني سگهہ، وسعت ۽ مطالعي جي ڄاڻ ڏِين ٿا. هن ڪتاب جو آخري چيپٽر ’اَلوداع - اَلوداع‘ شاعريءَ جيان هڪ حسين تحرير آهي، جنھن ۾ پيارَ، وصالَ ۽ وڇوڙي جا ڪيئي اِنڊلٺي رنگ ڀريل آهن.
(آفتاب ميمڻ جي ڪتاب ’نيل نديءَ ڪِناري‘ جو مھاڳ)
