شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

تاريخ کي نئين سِر لِکڻ جي ضرورت آهي: يوسف شاهين (اِنٽرويو: پرهَہ سٿ)

دُنيا ۾ اَهڙا ماڻھو تمام گهٽ ٿيندا آهن، جيڪي هڪ ئي وقت زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل هجن، مسلسل اِيمانداريءَ سان پنبھنجو ڪم ڪندا رهن ۽ ڪاميابين سان همڪنار بہ ٿيندا رهن. اَهڙي قِسم جي ماڻھن کي Maltidimention Personality چيو ويندو آهي. اسان جو ٻھڳڻو شاعر، جيڪو پاڻ کي شاعر سَڏرائڻ لاءِ راضي ناهي، اَهڙن ئي ڪامياب اِنسانن مان هڪ آهي. زندگيءَ جو اَهو ڪھڙو شعبو آهي، جنھن ۾ هن قسمت نہ آزمائي هجي ۽ ڪاميابيءَ جا مينارَ سَر نہ ڪيا هجن. هو هڪ ئي وقت شاعر، تاريخدان، صحافي، پبلشر، بزنس مين ۽ سياستدان آهي. نھايت اِيماندار ۽ هڏڏوکي اِنسان سائين يوسف شاهين صاحب، پنھنجي اَخبار جي ملازمن جون پگهارون، ٻين اَخبارن جي ڀيٽ ۾ ٽِيڻ، چَئوڻ تي رکي، سنڌي ميڊيا ۾ هڪ قِسم جو اِنقلاب بَرپا ڪري ڇڏيو. چوندا آهن تہ: ”نيڪي ڪر ۽ کُوهَہ ۾ ڦِٽي ڪر!“ بلڪل اَهڙيءَ طرح هي شخص بہ نيڪي ڪري وساري ڇڏيندو آهي.
يوسف شاهين سان هڪ دلچسپ ڪچھري ٿي، جيڪا اسان اِنٽرويوءَ جي شڪل ۾ اوهان جي اَڳيان پيش ڪري رهيا آهيون.
پرهَہ: سائين! توهان زندگيءَ جي ڪھڙي حِصي يا موڙَ تي محسوس ڪيو تہ توهان وٽ لِکڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ توهان کي لِکڻ گُهرجي؟
يوسف شاهين: مون پھريون ڪتاب لِکيو، تڏهن منھنجي عمر سورهن سال هئي. اُن کانپوءِ ٻيو ڪتاب مئٽرڪ کان اَڳ يا پوءِ اَرڙهن سالن جي عمر ۾ لِکيو. هڪ ڪتاب جو نالو آهي ’مسلم ڪريسي‘ ۽ ٻي جو ’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ اِهي مون مئٽرڪ دؤران لِکيا هئا.

پرهَہ: توهان لِکڻ جي شروعات اَنگريزيءَ کان ڪئي؟
يوسف شاهين: مون پھريون ڪتاب سنڌيءَ ۾ لِکيو. اُن وقت آءٌ ’خادمِ وطن‘ اَخبار ۾ هوندو هوس، اُتي مون سان چار ماڻھو مِلڻ آيا، اُنھن مان هڪڙي مون کي ڪتاب ڏِنو ۽ هن پنھنجو تعارف محمد اِبراهيم جويو جي نالي سان ڪرايو، اِيئن ئي اَدب ۾ شروعات ڪئي سين.

پرهَہ: ڇا توهان شروعات نثر سان ڪئي؟ پوءِ وري شاعريءَ واري پاسي لاڙو ٿيو؟
يوسف شاهين: مان شاعر تہ هيس ئي ڪونہ! جيڪڏهن مان شاعر هجان ها تہ ’برسات‘ اَخبار ۾ پيو لِکان ها. اُن وقت منھنجو نہ اَهڙو ذهن هو ۽ نہ ئي وري سوچيم تہ آءٌ شاعر آهيان. مون هندستان جي تاريخ تي ڪم پئي ڪيو، جنھن جا ڪجهہ حِصا ڇپرايا بہ هيم، جنھن تي اِختلاف ٿي پيا. سو پوءِ هڪ رات منھنجي خيال ۾ مون چار بيتَ لِکيا، جيڪي تاج بلوچ، قمر شھباز جن کي ڏيکاريا. هنن چيو تہ توهان هي ڪنھن کان لِکرايا آهن؟ بيت بہ اَهڙو، جنھن ۾ شاھہ لطيف جو تسلسل لڳندو آهي، اُها ئي حرفِ تجنيس، جيڪا شاھہ کانپوءِ ٻيو ڪو برقرار بہ نہ رکي سگهيو آهي. مطلب تہ اِيئن ئي هڪڙو اِضافي سلسلو ڪيوسين.

پرهَہ: توهان جي سُڃاڻپَ بحيثيت شاعر جي ٿي چُڪي آهي؟
يوسف شاهين: ها! پر آءٌ بلڪل نہ ٿو ڪرائڻ چاهيان، آءٌ اِنڪار ڪريان ٿو، آءٌ اِلاهي شاعري ڪري چُڪو آهيان.

پرهَہ: اوهان جو ڪو شاعريءَ جو ڪتاب آيو؟
يوسف شاهين: بلڪل منھنجا ڪتاب موجود آهن. بيت ۽ شاعري سڄي سنڌ ۾ ڳائي ۽ ٻُڌي وڃي ٿي، جيڪا عابدہ پروين ۽ غلام حُسين شيخ پڻ ڳائي آهي.

پرهَہ: شاعريءَ کي اوهان سُڃاڻپَ جو سبب ڇو نہ بڻايو؟
يوسف شاهين: اُهو اُن ڪري تہ شاعري جيڪا آهي تہ اُن کي پاڻ ڳالھائڻ گُهرجي. آءٌ جڏهن اُستاد بُخاريءَ سان مِلڻ ويس ۽ اُتي هن کي چيو تہ اسان توهان کي شاعر ئي ڪونہ ٿا مڃون! تہ اُتي سڀ پريشان ٿي ويا تہ هي ڇا ٿو ڳالھائي! پر مون بلڪل چيو تہ اسان هن شخص کي شاعر مڃيندا ئي ڪونہ هئاسين، يا تہ رُجعت پرست شاعر سمجهندا هئاسون، پروگريسو شاعر تہ هي اسان جي نظر ۾ هو ئي ڪونہ! اُنھيءَ ڪري تہ جيڪي سنڌيءَ ۾ رسالا ڇپيا هئا، مثال ’سُھڻي‘، ’رُوحَ رهاڻ‘ اُنھن ڪڏهن بہ اُستاد بُخاريءَ کي جاءِ ڪونہ ڏِني، پر هن ماڻھوءَ ايترو لِکيو ۽ ڏاڍو سُٺو لِکيو. جيئن هڪڙو ماڻھو ڦاٽُ کائي نڪري اَچي، اِيئن هو هڪ وڏو ماڻھو ٿي مٿي نڪري آيو. هن جي شاعري بہ شاھہ جي شاعريءَ جيان پاڻ ڳالھائي ٿي، پاڻ ماڻھوءَ کي ڪنوينس ڪري ٿي ۽ هڪ رُوح ٺاهي ٿي ۽ جڏهن ’خبرون‘ اَخبار ۾ ظھير ميراڻي ڪم ڪندو هو تہ هو مون کان شاعري، بيتَ وٺي هلائيندو هو.

پرهَہ: سائين! جيئن تہ پُراڻي دؤر ۾ اِليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جو دؤر نہ هو، اُن هوندي بہ جيڪي وڏا ۽ سُٺا ليکڪ هئا، اُهي مُلڪان ملڪ مشھور هئا، اُن جو سبب ڪھڙو ٿو ٿي سگهي؟
يوسف شاهين: ڪو بہ مصنوعي طريقو، جنھن جي ڀلي ڪيڏي بہ مشھوري ڪريو، پر توهان جي شئي توهان کي پاڻ مٿي کڻي اِيندي. اِها ئي ڳالھہ آهي، شاھہ کانپوءِ جيڪي شاعر آهن، اُهي شاھہ کان اِلاهي پري بِيٺل آهن، ويجهو ڪونہ اَٿس. شاھہ جيڪو چوڻ چاهي ٿو، اُهو ڳالھايو ٿو وڃي، پر اسان جا ٻيا حضرات اُن کانپوءِ جيڪي آيا آهن، هڪ تہ بيت لِکي ڪونہ سگهيا، پر شاھہ جيڪو بيت جو طريقو مقرر ڪيو، اُن جي کڻڻي ۽ اُن جي ڇڏڻي اُن جو پيغام هو. حرفِ تجنيس تي ٻَڌل هجي، اُهو اسان شاھہ کانپوءِ نہ ڪري سگهيا آهيون.

پرهَہ: سائين اُستاد بُخاريءَ ڪڏهن اِها دعوى نہ ڪئي تہ هو ڪو وڏو شاعر آهي، پوءِ بہ هن جي شاعري جهرجهنگ ۾ هلي پئي ۽ هر ڪو هن سان پيار ڪري ٿو؟
يوسف شاهين: آءٌ دادوءَ ۾ هيس، اُتي پندرهن ويھہ ماڻھو ويٺا هئا، اُنھن کان مون پُڇا ڪئي تہ اُستاد بُخاريءَ جو ڪو شعر، بيت يا ڪا وائي ياد آهي؟ تہ مون کي سڀني اَلڳ اَلڳ ٻُڌائي.

پرهَہ: توهان جو ننڍپڻ ڪيئن گُذريو، جيئن ٻھراڙيءَ جي ٻارن جو گُذرندو آهي يا عام، مطلب ڪيئن؟
يوسف شاهين: منھنجو ننڍپڻ ڏاڍو پريشان ڪندڙ گُذريو، اُن ڪري جو ننڍي هوندي کان هڪڙي ڳالھہ مان اَڃا جڏهن ڪارل مارڪس ڪونہ پڙهيو هو، ٻيون جيڪي جديد تحريڪون آهن يا اَدب جون، اُهي بہ ڪونہ پڙهيون هيون، اُن وقت مان بہ سوچيندو هيس تہ مان جڏهن لِکيو تہ پوءِ اُهو ڪتاب آيو، اُن ۾ مان اِها ڳالھہ چوڻ جي ڪوشش ڪئي تہ دُنيا جي جيڪا ورهاست آهي، جيڪا جاگرافي آهي، اُها سڄي غلط آهي. هيءَ دُنيا فاتحن جي ڪري ٺھي ۽ اُن جي ڪري هي سَرحدون ٺھيون آهن، ٻي صورت ۾ سڄي دُنيا اسان جو هڪڙو ملڪ، هڪڙي ٻولي، هڪڙو مذهب هئڻ گُهرجي، هڪڙو ڪلچر هُئڻ گُهرجي. اِهو شروع کان وٺي، اُن وقت، جڏهن آءٌ گوشت کائڻ کي ڏوھہ سمجهندو هئس. مان پنھنجي سورهن سالن جي عمر ۾ گوشت کائڻ ڇڏي ڏِنو. جڏهن اِهي ڳالھيون سوچيم تہ تڏهن مان چيو ۽ مون کي اِهو لَڳو تہ اسان کي جيڪو ماضيءَ کان مِليو آهي يا اسان کي اَبن ڏاڏن کان جيڪا شئي مِلي آهي، اُنھيءَ تي نئين سِر ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اُن ۾ ڪھڙي شئي صحيح آهي، ڪھڙي غلط آهي؟ اُن تي اسان کي سوچڻ گهرجي ۽ اَکيون پُوري اسان کي اُن کي قبولڻ نہ گُهرجي، جيئن اسان قبول ڪري ويٺا آهيون. پوءِ اُهو چاهي مذهب هجي يا ٻولي هجي، چاهي ٻيا ڪلچرل. جيڪي مسئلا آهن، اُنھيءَ ۾ گوشت جو مسئلو، جيڪو اسان تہ سمجهون ٿا حلال آهي، اسان کي کائڻ گُهرجي، پر مان 32 سال گوشت نہ کاڌو، اُن وقت ڇڏي ڏِنو، سال گُذرڻ کانپوءِ گوشت کائڻ شروع ڪيو. جڏهن ٻاهر ويندو هئس ايڪسپورٽ جي حوالي سان سنگاپور، جاپان، هانگ ڪانگ، پوءِ اُتي اُنھيءَ سفر اُهو روزو ڀڃرائي وِڌو، پر آءٌ اَڄ نہ سمجهان ٿو تہ اسان کي کائڻ لاءِ اِلاهي شيون آهن. ﷲ سائينءَ جيڪي اِلاهي شيون پيدا ڪيون، جن سان اَسين وڌيڪ سُٺي زندگي، وڌيڪ صحتمند زندگي ۽ وڌيڪ ڊِگهي زندگي گُذاري سگهون ٿا. جيڪڏهن گوشت نہ کائون تہ گوشت کائڻ جي اسان کي ڪابہ ضرورت نہ آهي، پر بھرحال ڪڏهن ڪڏهن ماڻھوءَ کي سماج سان گڏ هلڻ گُهرجي.

پرهَہ: ڪھڙو سبب آهي اِن جي پُٺيان، جو اوهان جي خيال ۾ گوشت نہ کائڻ گُهرجي؟
يوسف شاهين: سائين! هر ساهواريءَ شئي جي پنھنجي زندگي آهي، جانور کي پنھنجي زندگي آهي، اَسين اُن کي ماري، پنھنجو پيٽ ڀريون ٿا. بھرحال اسان کي ٻيون بہ شيون آهن، جيڪڏهن گوشت حلال بہ آهي تہ اُن کي مارڻ جي ضرورت نہ آهي. 16 سالن جي عمر ۾، جڏهن منھنجي اَڃا ڏاڙهي بہ ڪونہ آئي هئي، تڏهن کان مون گوشت کائڻ ڇڏي ڏِنو تہ اُن وقت مون چيو تہ اِهو غلط آهي، پر اُن سان گڏ ٻين شين تي بہ مان بحث مباحثا ڪيا، ٻيون اِلاهي شيون، جيڪي هاڻ ٻُڌائڻ نہ ٿو چاهيان.

پرهَہ: عام چوڻي آهي تہ ننڍيون مڇيون، وڏين مڇين جو شڪار ٿينديون آهن، ٿورو گهرائيءَ ۾ هليا وڃو تہ وڏن وڏن جانورن جي زندگيءَ جو ذريعو اُنھن ننڍن جانورن تي هوندو آهي، اِن مطابق ڇا خيال آهي؟
يوسف شاهين: ها، اِها ڳالھہ توهان جي صحيح آهي، اِهو اسان بہ ڏِسون ٿا. شينھن جيڪو آهي، اُن کي جيئرو جانور کپي ٿو، بس! اِهو قدرت جو نظام آهي. اُن تي سوچي سوچي بِيٺا آهيون، سمجهہ ۾ نہ ٿو اَچي، پر اِن ڳالھہ کي قبول ڪرڻ بہ ڏاڍو ڏُکيو آهي. پر مان اَڃا بہ پنھنجي ڳالھہ تي بِيٺل آهيان، جيڪو مان سوچيان ٿو تہ صحيح آهي، پر آءٌ سمجهائي نہ ٿو سگهان. گوشت کائڻ سان منھنجي خيال ۾ اِنسان جون ڪافي شيون ۽ صحت متاثر ٿين ٿيون. هاڻي اِنھيءَ سبجيڪٽ کي جيترو اَڳتي کڻي وينداسين، اوترا نوان موضوع ۽ نوان بحث شروع ٿي ويندا، اُن لاءِ بھتر آهي تہ اِن کي اِتي ئي ڇڏجي.

پرهَہ: ميڊيڪل جي لحاظ کان ڳالھائينداسون تہ ﷲ پاڪ اِنسان کي جيڪي جبڙا ڏِنا آهن، اُنھن ۾ ٻئي شيون اِستعمال ٿين ٿيون، يعني ڏند سبزي خور بہ آهن تہ گوشت خور بہ، پوءِ اَسين ڇو نہ کائون؟
يوسف شاهين: ها! بھرحال هاڻي قدرت کان اسان ڪٿان پُڇون؟ ڪو شريفاڻو طريقو اِن ۾ سمجهہ ۾ نہ ٿو اَچي. جڏهن ڍڳي کي ڪيرائي ڪُھون ٿا، وري اُن جي ڪيفيت يا ٻڪري کي توهين پنھنجي اَکين سان ڏِسو تہ اُن کي ڪيئن ڪُٺو وڃي ٿو، اُهو ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ عمل آهي. اُهو مون ڏِٺو آهي تہ ڪيترائي اَهڙا جانور آهن، جيڪي جيئرن جانورن کي کائي ٿا وڃن. بھرحال اِهي ڪافي شيون سوچڻ جي لاءِ ڌرتيءَ تي موجود ضرور آهن، جن تي بحث بہ ڪري سگهجي ٿو. ڪي شيون ماڻھوءَ جي سمجهہ ۾ اَچي وڃن ٿيون، ڪي شيون ٿورو ماڻھوءَ جي سمجهہ کان لِڪل آهن.

پرهَہ: سنڌ ۾ اِلاهي ڏاهپَ، علم ۽ فھم موجود هو، اَڄ جو نوجوان سڀني سھولتن هوندي ڪافي پوئتي بِيٺل نظر ٿو اَچي، اُن جا ڪھڙا سبب آهن؟
يوسف شاهين: ها، اوهان جي ڳالھہ ڪنھن حدَ تائين بلڪل ٺيڪ آهي، پر هر وقت جون پنھنجون پنھنجون ضرورتون، سوچَ ۽ سمجهہ جا اَنداز ٿين ٿا، جيئن مون چيو تہ آءٌ مسلمان پاڻ ڪونہ ٿيو هئس، مون کي مسلمان ڪيو ويو، منھنجا ماءُ پيءُ مسلمان هئا، سو آءٌ اُنھن وٽ پيدا ٿيس، اُنھيءَ ڪري آءٌ مسلمان آهيان ۽ سنڌيءَ جي گهر ۾ ڄائو آهيان اُنھيءَ ڪري سنڌي آهيان، اُنھيءَ ڪري آءٌ سنڌي ڳالھايان ٿو. يا آءٌ ڪنھن سُنيءَ جي گهر پيدا ٿيو آهيان تہ آءٌ سُني آهيان، شيعي جي گهر پيدا ٿيان ها تہ شيعو هجان ها، پر جيڪڏهن عيسائيءَ جي گهر پيدا ٿيو هجان ها تہ عيسائي هجان ها، يا هندوءَ جي گهر پيدا ٿيو هجان ها تہ هندو هجان ها. منھنجو اُن ۾ ڪوبہ عمل نہ آهي ۽ نہ ئي منھنجي ماءُ پيءَ جو اُن ۾ ڪو عمل آهي، مطلب تہ اِهي تاريخي شيون آهن، هن دُنيا ۾ ايترو گهرو نہ وڃجي تہ بھتر آهي. اسان اَلائي ڇو ننڍي هوندي کان ئي سوچڻ شروع ڪيو ۽ پئي سوچيو تہ هيءَ دُنيا ئي غلط ٺھيل آهي، جنھن تي اَڄ جو نوجوان نہ ٿو سوچي، وقت اُن کي بہ ڪڏهن سوچڻ تي مجبور ڪندو.

پرهَہ: سنڌ ۾ پوئتي ٿورو وڃون ٿا تہ سنڌي اَدب ۾ وڏا ماڻھو پيدا ٿيا؟
يوسف شاهين: ها، برِصغير جو جيڪو هي پَٽ آهي، ماڻھو اِلاهي وڏا پيدا ٿيا آهن. سنڌ تہ مرڪز رهيو آهي، جنھن سڀ وڏا عالم پيدا ڪيا. سنڌ دُنيا جو اُهو خِطو آهي، جنھن دُنيا ۾ پھرين تھذيبَ ڏِني، پھرين ٻولي ٺاهي، پھرين خُدا پاڪ جو تصور ڏِنو. دُنيا ۾ سنڌ، جنھن ٻُڌايو تہ خُدا پاڪ هڪ آهي، حضرت جبرائلعه کان بہ اَڳ جي ڳالھہ آهي. اُها دُنيا ۾ ٻي ڪنھن قومَ ڪونہ ڏِني، سڀ کان پھرين اسان (سنڌين) ڏِني ۽ پوءِ ٽائون پلاننگ، لِکڻ ۽ پوءِ اَمن، هٿيارن کانسواءِ هڪڙي سوسائٽي يا تہ پوءِ ڪمال جي ڳالھہ چئبي تہ جڏهن دُنيا ۾ جنگيون پئي هليون، اُن وقت هٿيارن کانسواءِ سوسائٽي ٺھي، اُها سنڌي ماڻھن ٺاهي.

پرهَہ: اَڄوڪي سنڌ کي ڪيئن ٿا سمجهو؟
يوسف شاهين: سنڌ تہ هاڻي پاڻ کي وِساري چُڪي آهي. ٻيو هونئن تہ سڄي دُنيا غلام رهي آهي، ڇاڪاڻ تہ دُنيا ۾ پنج هزار سال جي تاريخ ۾ توهان ڏِسندؤ تہ سڄي دُنيا جيڪا آهي، سو قاتل حملي آور يا فاتح جيڪي چئجن، اُهي اَخلاقي طور، مذهبي طور، تمام گَندي قِسم جا ماڻھو هئا. هيءَ دُنيا اُنھن جي ورِ چڙهيل هئي، جن ماري ڪُٽي قبضو ڪيو ۽ هن برِصغير ۾ اِهو ٿيو آهي. توهان ڏِسو تہ وڏو عرصو سنڌ جو ماڻھو غلام رهيو آهي، چاهي اُهو عربن جو دؤر هجي يا اُنھيءَ کان اَڳ جو دؤر هجي. بھرحال سنڌ هينئر اُها نہ آهي. 1947ع ۾ جيڪو ورهاڱو ٿيو، اَڃا تائين اُهو ورهاڱو هلي ٿو ۽ ورهاڱي جي ڪري لڏَپلاڻ ٿي. توهان ڏِسو تہ سنڌ ۾ 22 سيڪڙو آبادي پنجاب جي آهي ۽ هڪ ڪروڙ، ويھہ لک ماڻھو پنجاب جا سنڌ ۾ آباد آهن. اَهڙيءَ طرح سٺ، ستر، اَسي لَک ماڻھو، جيڪي پختون صوبي، فاٽا ۽ اَفغانستان کان هتي آيا، اُن لڏَپلاڻ سنڌ جي ڊيموگرافيءَ کي بدلائي ڇڏيو. مان پنھنجي وسَ آهر اَلاهي ڪيو، جڏهن سينيٽ ۾ هيس، بُنيادي سبب اِهو آهي تہ ٻاهرين لَڏپلاڻ، جيڪا 1947ع کان وٺي اَڃا تائين هلي پئي، هينئر توهان ڏِسو، اِهي جيڪي فاٽا سرحد تي مسئلا هلن پيا، ڪشمير ۾ جيڪو زلزلو آيو، تقريباً 30 لک ماڻھو سنڌ ۾ اَچي ويا. توهان جي گهر ۾ چئن ماڻھن جي رهڻ جي گُنجائش هجي، اُن تي 20 ڄڻا بِيٺا هجن، اُهي توهان کي مُنجهائيندا، اُهي توهان جو مورال خراب ڪندا، توهان کي نقصان ڏيندا ۽ اُهي نقصان ٿين پيا. ڪٿي بہ توهان ٻاهر وڃو، ويزا اَپلاءِ ڪريو، توهان کان پُڇندا نانيءَ جو نالو ڇا آهي؟ هتي ڪينٽ اِسٽيشن تي پھچن ٿا تہ هو گل کنيو بِيٺا آهن. هينئر بہ ڪَچيون آباديون ريگيولرائيز ڪن پيا. توهان ڪڏهن پُڇيو آهي ڪنھن کان؟ مون مضمون لِکيا، سڀني اَخبارن ۾ ڇپيا، مون چيو توهان ڪنھن کي ٿا سنڌ جي شھريت ڏِيو؟ ڪنھن کي توهان جاءِ ٿا ڏِيو؟ ڪنھن کي توهان ووٽَ جو حق ڏِيو ٿا؟ ڪنھن کي ناظم ٺاهيو ٿا؟ ڪنھن کي وزير ٿا ٺاهيو؟ پھرين ٻُڌايو تہ اُهي ماڻھو آهن ڪِٿان جا؟ نوڪري وٺڻ کان اسان جي اَکين تي، ڀلي وٺن! پر هو ووٽر ٿيندا، ناظم ٿيندا، اِهو تہ ڪٿي بہ اِيئن ڪونہ آهي.
پليجو صاحب چوندو آهي تہ پنجاب وارا يا پختون خواه وارا اسان جو تہ پٽيوالو بہ ڪونہ ٿا رکن تہ اسان جي تہ سڄي معيشت اِنھن وٽ آهي. جڏهن توهان جي معيشت اِنھن وٽ آهي، جڏهن معيشت ٻين جي هٿن ۾ هجي، اُهي توهان جي گهرن ۾ ويٺا هجن، اُهي تہ توهان کي ويڙهائيندا، توهان کي نقصان ڏيندا، توهان کي سياسي فيصلا ڪونہ ڪرڻ ڏيندا. اُنھيءَ جي لاءِ ٿورڙي هِمت ڪرڻي پوندي. اِن بحث تي مون گهڻو لِکيو آهي ۽ اَڃا گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پرهَہ: مذهب کي توهان ڪيئن ٿا سمجهو؟
يوسف شاهين: مسئلو اِهو آهي تہ توهان اُنھن شين جي اِجازت ئي ڪونہ ٿا ڏِيو تہ آءٌ اِيئن بہ سوچي سگهان، ڇو تہ اِسلام روزي ۽ نماز تي دارومدار ڪونہ ٿو ڪري. مذهب هڪ ڏاڍو حَساس مضمون آهي، سڀئي مذهب ڪوڊ آف لائيف جي ڳالھہ ڪن ٿا ۽ جڏهن اُنھيءَ سبجيڪٽ کي ايترو سمجهون ٿا تہ اِسلام سڀ کان وڌيڪ پروگريسو مذهب آهي ۽ ٻين مذهبن، جن ۾ بيشمار خُدا ويٺا آهن، اُنھيءَ حِساب سان هندستان کي هن مذهب جي سخت ضرورت هئي. اَگر محمود غزنويءَ کانسواءِ ڪو ٻيو ماڻھو هندستان ۾ اِسلام آڻي ها تہ اَڄ سڄو هندستان مسلمان هجي ها.

پرهَہ: سچ چوڻ واري اَدا اوهان کي پريشان تہ ڪندي هوندي؟
يوسف شاهين: ضرور! مان اِيئن ئي ڪندو آهيان. پرويز مشرف سان بہ مون اَهڙي ئي سِڌي ڳالھہ ڪئي، شوڪت عزيز کي مون اَهو ڊيموگرافيءَ جو لفظ چيو تہ: ”تماشا مچا رکھا ہے٬ سندھ نے کیا قصور کیا ہے۔“ بس! پنھنجو اَنداز ڪجهہ اَهڙو ئي آهي، اُنھيءَ جي لاءِ توهان کي مشڪل کي تہ مُنھن ڏِيڻو پوندو. مون اِلاهي مشڪل ڏِٺي. ضياءُ الحق کي مون چيو هو تہ پھريون هٿ تنھنجو وَڍڻ گُهرجي. جڏهن مان مِلٽري ڪورٽ ۾ گرفتار هيس، هٿڪڙيون هڻي مون کي اُتي مِلٽري ڪورٽ ۾ ويھاريو ۽ مون کي ڪوڙا هڻڻ جي سَزا بہ ڏِنائون.

پرهَہ: بزنس جي طرف توهان جو ڪيئن لاڙو ٿيو؟
يوسف شاهين: سائين! بزنس تہ آءٌ شروع کان ئي ڪندو هئس. اُن وقت 300 روپئي دُڪان مِلندو هو ’علامہ اِقبال روڊ‘ تي، هاڻي تہ ڪروڙن جون ڳالھيون آهن. منھنجا ٻہ ڪتابن جا دُڪان هئا ۽ پوءِ وري مان ٻيو بہ بزنس ڪيو، بزنس کي تہ مون هميشہ چڱي شئي سمجهيو آهي. جيئرو رهڻ لاءِ بزنس ڪرڻ کپي، مان تہ هوٽل بہ کولي، ’مڊوي هوٽل‘ سُپر هاءِ وي تي! توهان اَندازو لَڳايو تہ 300 بسون بيھنديون هيون، تمام گهڻن ماڻھن جو اِسٽاف هو، ڪاروبار جي ذريعي دُنيا ڏٺي سون، آءٌ سنگاپور هليو ويس. سنڌي ماڻھن کي نہ بزنس ٿا ڪرڻ ڏِين، نہ زراعت ٿا ڪرڻ ڏِين. زاعت بہ صحيح نہ آهي، جيڪو وڏيرڪو طريقو آهي، اُهو سنڌ ۾ ويھي رهيو آهي، اُهو ڏاڍو خراب آهي. اسان وٽ زمينون آهن، دُنيا ۾ بُک پئي ٿي ۽ سڄي دُنيا پئسا ڏِيڻ لاءِ تيار آهي. سعودي عرب، ڪُويت وارا، عمان وارا سڀ هتِ، دُبئيءَ وارا تہ پئسا وٺو ۽ زمين ۾ زراعت ڪريو، پوءِ ڀلا جي ٻيو نہ ٿا ڏِيو تہ پوکڻ ڏِيو. هڪڙو تہ اَسين پاڻ نہ ٿا ڪريون، ٻيو هاريءَ سان ٺڳي ڪريون ٿا، هاريءَ کي پئسو نہ ٿا ڏِيون. هن ويچاري جي حالت اِها آهي تہ هو ڪپڙن جو جوڙو سبائڻ لاءِ پريشان آهي، عيد بہ سُٺي نہ ٿو گُذاري سگهي.

پرهَہ: شھر ۾ سنڌي سَرمائيداريءَ جو مزاج ڪجهہ وڏيري کان تبديل ٿيو آهي يا ساڳي ئي واردات آهي؟
يوسف شاهين: ’برسات‘ پھرين سنڌي اَخبار هئي، جنھن ورڪرن کي ويج بورڊ کان بہ وڌيڪ پگهارون ڏِنيون. جڏهن ٻين سنڌي اَخبارن ۾ 1600 روپيا پگهار هوندي هئي، اُن وقت مان 6000 (ڇھہ هزار) روپيا ڏيندو هئس. پھرين اُنھن ماڻھن هتي يونين ٺاهي، مون چيو ڀلي پيا ٺاهين، خبر پئي تہ ڇا پيو ٿئي؟ سوال آهي تہ هڪڙو ماڻھو توهان کي ٻين جي مقابلي ۾ پنجوڻ وڌيڪ ٿو ڏِئي، 1600 جي جاءِ تي 6000 پگهار ڏِئي ٿو ۽ ٻيون بہ سھولتون آهن. سو هنن اسان وٽ هتي هڙتال ڪئي. هڙتال ڇا تي ڪيون! هو توهان وٽ جيڪو رات جو ماڻھو سب ايڊيٽر هو، اُن کي ڏينھن ۾ شِفٽ ڪيو اَٿَوَ! پوءِ مون چيو تہ هنن کي ڇڏيو، ڏِسون ڇا ٿا ڪن. سو وٺي آيا هتي يونين وارا منھنجي آفيس ۾، تقريرون ڪيون ۽ آءٌ بہ بِيٺو رهيس سنجيدہ ٻُڌڻ. تہ مون اُنھن کي سَڏي پُڇيو تہ توهان کي تڪليف ڪھڙي آهي؟ آءٌ 1600 جي جاءِ تي 6000 بُنيادي پگهار ڏِيان ٿو، تڪليف ڪھڙي آهي، جو توهان ايڏيون تقريرون ويٺا ٿا ڪريو؟ مون هن جي شِفٽ مَٽائي آهي، ڪو هن کي نوڪريءَ مان ڪونہ ڪڍيو آهي، رات واري کي ڏينھن ۾ آندو اَٿم، اُنھيءَ ۾ منھنجو قصور ڪھڙو آهي؟ هي سنڌي ڇوڪرا آهن. اُن تي مون چيو، جي توهين ڪامريڊ آهيو تہ سڀ کان وڏو ڪامريڊ آءٌ آهيان. توهان ٺڳا ڪامريڊ آهيو، توهين ڪامريڊ نہ آهيو. اسان تہ عملي طور اَڄ بہ سمجهون ٿا تہ دُنيا جو سڀ کان وڏو سَماجي نظام سوشلسٽ سماج آهي، اُهو وري دُنيا ۾ اِيندو ۽ اَچي پيو.

پرهَہ: سائين! آخر ۾ ڪو شعر ٿي وڃي!
يوسف شاهين:
ٺلھا ٺڪرَ چاڙهي، ڪُوڙا ڏِين ڪوٺَ،
ڳالھيون سِين ڳوٺَ، ڪِين ٻَڌبا ڪڏهن!

سَڌڙيا ساهَہ جا، تارون ڪِينَ ترن،
ٻُڏي نيٺ مَرن، سي ٻُڪَ پاڻيءَ ۾!