شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

سوچَ جو سفر

نئين سوچَ ۽ فڪر جون هجرتون ڪيئن معاشرا ڊاهي ۽ ٺاهي وجهنديون آهن. هن وقت تائين دُنيا ۾ جيڪي بہ اِنقلاب آيا، جيڪي بہ تبديليون ٿيون، جيڪي بہ تھذيبون ۽ معاشرا ٽُٽا ۽ ٺھيا، اُن ۾ فڪر جي هجرتن يا سوچَ جي سفر تمام اَهم ڪردار اَدا ڪيو آهي.
جيڪڏهن ’عالمي تاريخ‘ کي سميٽي فقط چند سِٽن ۾ لِکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تہ اُن جو تتُ هيئن بِيھندو: ”گُذريل پنج هزار سالن جي سڄي تاريخي دؤر ۾ بادشاهن جون پاليل فوجون پاڳل ڪُتن وانگر دُنيا جي عوام کي مسلسل قتل ڪنديون رهيون آهن. اُنھن فوجن کان پنھنجي جان ۽ عزت بَچائڻ خاطر دُنيا جو عوام پنھنجا اَباڻا پَٽَ ڇڏي، هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ ڏانھن لڳاتار هجرتون ڪندو رهيو آهي. اُنھن هجرتن سبب اِنساني فڪر ۽ مذهبي نظرين هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ ڏانھن سفر ڪيو.“ تقريباً چار هزار سال اَڳ سنڌ مان سنڌين شايد پھرين هجرت سمير (موجودہ عراق) ڏانھن ڪئي، اُن وقت سنڌي هڪ خدا يا خدا جي وحدانيت تي اِيمان رکندا هئا، اُن ڪري اُهو نظريو، اُها سوچَ سنڌ کان سفر ڪري موجودہ عراق پھتي، جتي جا ماڻھو ڪيترن ئي خدائن تي اِيمان رکندا هئا. اُنھن ۾ عين، عين لل ۽ عينڪي خدا خاص طور شامل هئا، بعد ۾ اُنھن خدائن سان گڏ ’بعل‘ خدا جي بہ عبادت ڪئي ويئي، جنھن تي حضرت اِبراهيمعه جو خاندان اِيمان رکندو هو. سنڌ جي ماڻھن ’خدا جي وحدانيت‘ يا هڪ خدا هئڻ بابت جيڪو نظريو ڏِنو، اُن جي اَڳتي هلي حضرت اِبراهيمعه وڏي پئماني تي پرچار ڪئي. اُن نظرئي جي بُنياد تي ٽي وڏا مذهب يھوديت، عيسائيت ۽ اِسلام وجود ۾ آيا. 19 صدي قبلِ مسيح ۾ ايشيا جي وچ اوڀر وارن علائقن کان يورپ ڏانھن هجرتون ٿيون. ايشيا جا اُهي ماڻھو ’انا طوليا’ (موجودہ ترڪي) جي رستي تان يونان جي ٻيٽَ ’ڪريٽ‘ ۾ آباد ٿيا ۽ هنن هتي ايشيائي فڪر ۽ مذهبي نظرين جي بُنياد تي يورپ جي پھرينءَ وڏيءَ تھذيب جو بُنياد وِڌو، جنھن کي ’ڪريٽ جي تھذيب‘ سَڏجي ٿو ۽ اُهائي تھذيب اَڳتي هلي ’يوناني تھذيب‘ سَڏجڻ لڳي.
13 صدي قبلِ مسيح ڌاري ’انا طوليا‘ کان يورپ ڏانھن ايشيا جي ماڻھن هڪ ڀيرو وري وڏي هجرت ڪئي. اُنھن ماڻھن موجودہ اِٽليءَ جي مختلف علائقن ۾ آباديون قائم ڪيون ۽ اَڳتي هلي ايشيائي فڪر ۽ سوچَ جي بُنياد تي اِٽليءَ ۾ هڪ نئين تھذيب کي جنم ڏِنو، جنھن کي ’اِٽراسڪن تھذيب‘ سَڏجي ٿو، اُن ئي تھذيب مان بعد ۾ ’رومن تھذيب‘ جنم ورتو. ٻي ۽ پھرين قبلِ مسيح جي وچ ڌاري ايشيا مان لڏي ويندڙ يھودي مھاجرن روم ۾ پھريون ڀيرو هڪ خدا يا ’خدا جي وحدانيت‘ جو نظريو متعارف ڪرايو، اُن نظرئي يورپ جي ماڻھن کان ڇرڪَ ڪڍائي ڇڏيا، خاص طور روم جا ماڻھو ڏاڍا پريشان ٿيا، جيڪي ڪيترن ئي خدائن تي اِيمان رکندا هئا، جن ۾ جوپيٽر، مارس، جونو، وينس، ويستا، ڊيانا ۽ ٻيا خدا شامل هئا. يونانين وانگر رومين جو خيال هو تہ فقط هڪ خدا هيڏي وڏي ڪائنات جو صحيح طريقي سان نظام نہ ٿو هلائي سگهي، اُن ڪري هن کي مددگار، صلاحڪار، بلڪہ نائب خدا هئڻ گهرجن، جيئن دُنيا جي بادشاهن وٽ هوندا آهن. روم جا نہ فقط ڪيترائي خدا هئا، بلڪہ هر خدا وڏو ٻچڙيوال، تمام وڏي خاندان وارو هو، جنھن ۾ خدا جا پُٽ، ڌيئرو،ن ڀينرون، ڀائر، چاچا، ماما ۽ ٻيا مِٽَ مائٽَ شامل هئا. ايترن خدائن جي موجودگيءَ ۾ جڏهن روم ۾ پھريون ڀيرو يھودين ’هڪ خدا‘ يا ’خدا جي وحدانيت‘ جي ڳالھہ ڪئي تہ هتي جي عوامَ ۽ حُڪومت ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. رومَ جا حاڪم، يھودين خلاف ڪاتَ ڪُھاڙا کڻي بِيھي رهيا.
بھرحال خدا جي وحدانيت کان اِنسان جي شخصي آزاديءَ تائين مختلف فڪري سلسلا دُنيا جي مختلف خِطن ڏانھن هجرتون ڪندا رهيا آهن. جيئن تہ گُذريل پنج هزار سالن جي تاريخي دؤر ۾ دُنيا جو عوام مختلف بادشاهتن يا بادشاهن جي غلاميءَ هيٺ رهيو آهي، اُن ڪري بادشاهن جي ذاتي نظرين کانسواءِ ٻيو ڪوبہ فڪر لِڪَ چوريءَ کانسواءِ سفر نہ ڪري سگهيو آهي. گُذريل پنج هزار سالن جو دؤر سخت سينسر، سخت پابندين هيٺ رهيو آهي. نئون فڪر ڏيندڙن يا نئين فڪر جي تبليغ ڪندڙن کان دُنيا جا بادشاھہ هميشہ ڇِرڪندا رهيا. هنن وسئون ڪنھن بہ نئين فڪر کي پنھنجيءَ سلطنت اَندر اُسرڻ، پلجڻ يا پير کوڙڻ جي ڪڏهن بہ اِجازت نہ ڏِني. جيڪڏهن ڪنھن خِطي جي ماڻھن، ڪنھن نظرئي يا فڪر کي قبول ڪرڻ چاهيو تہ اُن کي اُتي جي بادشاهن تلوار جي زور سان هميشہ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. اَهڙين ڪارواين دؤران دُنيا جا ڪيترائي مفڪر، شاعر، اَديب ۽ عالم قتل ڪيا ويا. دُنيا جي عوامَ کي بادشاهن پنھنجن ذاتي، مذهبي نظرين کان ٻاهر سوچڻ جي ڪڏهن بہ اِجازت نہ ڏِني. بادشاهن جي اُنھن ذاتي مذهبي حدَبندين اِنساني سوچَ ۽ فڪر لاءِ هميشہ ’قيدخاني‘ جو ڪم ڪيو. اَهڙيءَ طرح گُذريل پنجن هزار سالن جي دؤر کي اِنساني فڪر جي اوسر لاءِ ’اُونداهو دؤر‘ چئي سگهجي ٿو.
اُن اُونداهي دؤر جا اَثر خاص طور ٽئين دُنيا جي ملڪن ۾ اَڃا تائين تمام سختيءَ سان محسوس ڪيا وڃن ٿا. اسان وٽ پاڪستان ۾ جنرل اَيوب خان جي ڏينھن تائين ڪارل مارڪس، لينن ۽ مائوءَ جا ڪتاب پڙهڻ ڏوھہ هو، جيڪي وڏو جوکم کڻي، لِڪَ چوريءَ پڙهيا ويندا هئا، ترقي پسند اَدب کي ’خوفناڪ اَدب‘ چيو ويندو هو. دُنيا ۾ سڀ کان ڏُکي صورتحال چِين جي عوامَ سان رهي آهي، جتي اَڃا تائين ماڻھن کي عالمي اَدب نہ ٿو پڙهڻ ڏِنو وڃي ۽ نہ ئي اُتي جون اَخبارون ايتريون آزاد آهن، جو پنھنجي عوامَ کي دُنيا جي علم، اَدب ۽ فڪري وهڪرن کان روشناس ڪرائي سگهن. اَهڙي ئي حالت وچ ايشيا جي اُنھن چوڏهن ملڪن جي عوامَ سان بہ آهي، جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ سوويت يونين جي ٽُٽڻ سبب آزاد ٿيا آهن. بھرحال چِين توڙي وچ ايشيا جو عوام دُنيا کان اِيئن ڪٽيل آهي، جيئن آءٌ هن وقت قيدخاني ۾ بند گهڻي ڀاڱي دُنيا کان ڪٽيل آهيان. قيدخاني کان اِسپتال ڏانھن منتقل ٿيڻ بعد منھنجا ڪيترائي دوست مون سان مِلڻ اَچن ٿا. جڳ مشھور ڪارٽونسٽ ’وائي ايل‘ جڏهن پھريون ڀيرو مِلڻ آيو تہ هن اَچڻ شرط مون کي چيو تہ: ”جيڪو ماڻھو رات ڏينھن ڪم ڪندو هجي، اُن کي آرام ڏِيڻ خاطر ’گرفتار‘ ڪرڻ تمام ضروري هو.“ هو هفتي اِندر ٻہ ڀيرا مون سان مِلڻ آيو ۽ پوءِ اوچتو هي فاني جھان ڇڏي هليو ويو. هن جو وِڇوڙو مون کي اَڃا ڏُکوئي ٿو، هو يقيناً عظيم اِنسان ۽ عظيم آرٽسٽ هو.
بھرحال جيڪي بہ دوست مون سان مِلڻ اَچن ٿا، اُنھن مان گهڻي ڀاڱي ڪي پاڻ سان گُل کڻيو اَچن تہ ڪي فروٽ آڻيندا آهن تہ ڪِن ڪتاب آڻي ڏِنا آهن. اَدي مھتاب محبوب خاص طور حيدرآباد مان منھنجي لاءِ جُوئر جي ماني ۽ ساڳُ رَڌائي پاڻ سان کڻي آئي. جناب شيخ اَياز هر ڀيري پاڻ سان ڪڏهن اِيراني بادام ۽ ڪاجُو تہ ڪڏهن ڏيسارو يا جنوهر جا کٽمٺڙا ۽ کاڄن ۾ ٺھيل خاص قِسم جا پڪوڙا کڻي اِيندو آهي. جناب علي نواز ’وفائي‘ ڪڏهن گل کڻي اِيندو آهي تہ ڪڏهن گلن جھڙيون ڳالھيون ڪرڻ اِيندو آهي. چون ٿا جيل ۾ جيل جيڏا ڏُکيا ڏينھن گهارڻ لاءِ ڪتاب وڏو سھارو ٿين ٿا. علي احمد بروهي صاحب اَنگريزيءَ ۾ لِکيل ڪتاب ’نھرو‘ مون کي ڏيئي ويو، جيڪو سندس سالگرھہ تي، سندس ئي ’ننھرن‘ ڏاڍي پيار سان کيس تحفي طور ڏِنو هو.
اُن ڪتاب ۾ جواهر لعل نھروءَ جون لِکيل جيل جون يادگيريون ڏاڍو اُتساھہ ڏِياريندڙ آهن. مون کي سڀ کان گهڻا ڪتاب ’سنڌيڪا‘ جي چيئرمين جناب نور احمد ميمڻ ڏِنا، اُنھن ڪتابن ۾ ’سوچَ جو سفر‘ هڪ اَهڙو قيمتي ڪتاب آهي، جنھن کي پڙهڻ سان دل باغ بھار ٿيو وڃي. سنڌيءَ ۾ هڪ وڏي عرصي کانپوءِ عالمي اَدب بابت ڪو تمام سُٺو ڪتاب پڙهڻ لاءِ مِليو، اُن ڪتاب کي ڪيترائي ڀيرا پڙهڻ جي باوجود آءٌ اَڃا بہ اُن کي پڙهڻ چاهيان ٿو. هن ڪتاب ۾ علم، اَدب ۽ فڪر ڏيندڙ دُنيا جي عظيم شخصيتن بابت مختلف مضمون ڏِنل آهن، جيڪي جناب اِنعام شيخ اَنگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. ترجمي جي اَهميت کان علاوہ هن ڪتاب جي اَصل خوبي اِها آهي تہ جن بہ عالمن، اَديبن، شاعرن ۽ مفڪرن بابت اَنگريزيءَ تان مضمون کنيا ويا آهن، اُنھن سڀني شخصيتن لاءِ مترجم پاڻ بہ مختصر، مگر جامع مضمون يا رايا لِکيا آهن. مترجم جا ذاتي طور لِکيل اُهي مضمون تخليقي اَدبَ جو حِصو آهن، جيڪي هن جي اَعلى ذهانت، شعوري وسعت، علم ۽ فلسفي بابت ڄاڻ جا دليل آهن. اِنعام شيخ جا لِکيل ڪي ڪي مضمون يا رايا اَصل مضمون نگارن کان بہ ڳرا لڳن ٿا. جيتري قدر اَنگريزيءَ مان سنڌي ترجمي جو تعلق آهي تہ اُن جو بہ جواب ناهي. اَنگريزي ٻولي، اَنگريزي ماحول ۽ اَنگريزي چوڻين کي ايڏو تہ خوبصورتيءَ ۽ رَوانيءَ سان سنڌي رنگ ڏِنو ويو آهي، جو يقين نہ ٿو اَچي تہ اُهي مضمون اَنگريزيءَ تان ترجمو ٿيل آهن. خاص طور فلسفي جي نازڪ ۽ تمام ڇِڪي ٻَڌل جُملن کي، تمام اَحتياط ۽ پوريءَ وسعت سان سنڌيءَ ۾ آندو ويو آهي.
هي ڪتاب سنڌي اَدب لاءِ، سنڌي ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڪارائتو آهي، جيڪو سڀني کي پڙهڻ گُهرجي. هن ڪتاب ۾ جن عالمن، اَديبن، شاعرن ۽ فلاسفرن بابت مضمون ڏِنل آهن، اُنھن جي ڏِنل علم ۽ فڪر سبب گُذريل چند سؤ سالن دؤران دُنيا ۾ ڪئين وڏا وڏا اِنقلاب آيا آهن، سڄي اِنسان ذات سڌيءَ يا اَڻ سِڌيءَ طرح اُنھن عظيم شخصيتن جي فڪر ۽ فھم کان متاثر ٿي آهي. هي اُهي شخص آهن، جن پنھنجي لِکڻين کي تلوار کان بہ وڌيڪ طاقتور بڻائي، دُنيا مان بادشاهن ۽ شھنشاهن جا ترا ڪڍي ڇڏيا، جيڪي پنج هزار سالن کان هلندڙ غلاميءَ جي دؤر جي ’باقيات‘ آهن. هن عالمن پورهيو ڪري، رَت سَت ڏيئي، جانيون وڃائي، پنھنجي علم جي قوت سان اِنساني فڪر مٿان لڳل پابندين ۽ بندشن کي ڀڃي وِڌو، جنھن جي نتيجي ۾ اَڄ سوچَ جو سفر، علم ۽ فڪر جون هجرتون دُنيا ۾ تيز ٿي سگهيون آهن. اَڄوڪي دُنيا وڏي ڀڃَ ڊاهَہ جو شڪار آهي، هر طرف وڏيون تبديليون اَچي رهيون آهن، رُجعت پرستي، قبائلي قدر ۽ قانون، جن جي بُنيادن تي وڏيون تھذيبون رکيل آهن، ذهني، جسماني توڙي رُوحاني غلاميءَ، معاشي لاچاريءَ بيوسيءَ ۽ بي اِنصافيءَ تي ٻَڌل معاشرا ڏاڍو تيزيءَ سان ڀورا ڀورا ٿي رهيا آهن. هڪ نئين دُنيا جنم وٺي رهي آهي، جنھن جا اَمين ۽ اَڳواڻ اُهي شخصيتون آهن، جن جو هن ڪتابَ ’سوچَ جو سفر‘ ۾ ذڪر ڪيل آهي. اُنھن شخصيتن بابت هڪ جامع ڪتاب ڏيڻ تي سنڌ جو اَشاعتي اِدارو ’سنڌيڪا‘ دِلي طور مبارڪباد جو مستحق آهي. اُنھن شخصيتن جا لِکيل ڪتابَ جيڪڏهن ’سنڌيڪا‘ طرفان شايع ڪرايا ويا تہ اُهو هن اِداري جو وڏو ڪارنامو ٿيندو، سنڌي ماڻھن کي اُهي سمورا ڪتاب پڙهائڻ ضروري آهن تہ جيئن هو فڪري وهڪرن ۽ مستقبل ۾ ٺھندڙ دُنيا جو ساٿ ڏيئي سگهن.

(05 اَپريل 1997ع)