اسان هر چوٿين اَديب کي ’عظيم‘ چوندا آهيون (اِٽرويو: نثار شاهين)
اسان هر چوٿين اَديب کي ’عظيم‘ چوندا آهيون
(محترم يوسف شاهين سان ڳالھہ ٻولھہ)
نثار: توهان شاعري بہ ڪئي آهي، جا گهڻي ڀاڱي ڳائي بہ ويئي آهي. اوهان نثر بہ گهڻو ئي لِکيو آهي. لِکڻ جي اَصل شروعات اوهان ڪھڙي صنف کان ڪئي؟
يوسف: لِکڻ جي اَصل شروعات بابت جواب ڏِيڻ کان اَڳ هڪ ڳالھہ جي وضاحت ڪيان تہ مون کي اَديب يا شاعر ٿيڻ جو ڪڏهن بہ شوق نہ رهيو آهي. اَڄ بہ مون سان ساڳي حالت آهي، مون پاڻ تي جبر ڪري اُن وقت لِکڻ بابت سوچيو، جڏهن مون لاءِ ڪا ڳالھہ عام ماڻھن کي چوڻ ضروري ٿي پيئي. هي قِصو اُن وقت جو آهي، جڏهن آءٌ اَڃا چوڏهن کن سالن جو مس ٿيو هوس، اُنھن ڏينھن ۾ آءٌ ذاتي مشاهدي ۽ تمام مختصر مطالعي سبب اِن فيصلي تي پھتس تہ:
(1) هن سڄي دُنيا جي جوڙجڪ ۽ سَرحدون غلط آهن ، جيڪي نئين سِر اَڏڻ گهرجن.
(2) سڄي دُنيا جو معاشي نظام نااِنصافيءَ تي ٻَڌل آهي. دُنيا جون تمام ٿوريون قومون ڦُرلُٽ، ٺڳيءَ، فوجي ڪارواين، ڪاروبار ۽ صنعتي پيداوار ذريعي اَمير ٿيون آهن، جڏهن تہ دُنيا جي اَڪثريت غريب آهي.
(3) هر اِنسان کي صبح جو، ٻنپھرن جو ۽ رات جو بُک لڳي ٿي، اُن ۾ اِنسان جو ڪو وس ناهي. هر اِنسان کي رات جو ننڊ اَچي ٿي، اُن عمل ۾ بہ اِنسان جو وس ناهي، اُن ڪري هر اِنسان کي ڪائنات جو ڪاروباري نظام هلائڻ کان اَڳ ماني ۽ سمھڻ جي جاءِ مھيا ڪرڻ گهرجي. اِنسان جي اِن ضرورت کي ڪنھن بہ حوالي سان ’مشروط‘ ڪرڻ ڏوھہ آهي. اِفسوس اِهو آهي تہ بُک ۽ ننڊ اِنسان جون اَهڙيون ڪمزوريون آهن، جن جو ناجائز فائدو وٺڻ لاءِ ’سرمائيداري نظام‘ وجود ۾ آندو ويو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ گهرجي.
(4) جڏهن کان دُنيا ۾ بادشاهت جو اِدارو وجود ۾ آيو آهي، تڏهن کان هن ڌرتيءَ جو اِنسان مڪمل طور ’غير محفوظ‘ ٿي ويو آهي. اِنسان هزارين سالن کان لڳاتار قتل ٿيندو رهي ٿو، لڳاتار هن جون زالون، ڌيئر، ڀينرون ۽ ٻار اَغوا ٿيندا رهن ٿا. اِنسان کي لڳاتار ’هجرتون‘ ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. دُنيا جا بادشاھہ، دُنيا جي اِنسانن کان لڳاتار سندن دولت، پيداواري وسيلا ۽ سَرحدون ڦُريندا رهن ٿا. اُهي قوتون اِنسان ذات جون ڏوهاري آهن ۽ اُهي بادشاھہ اِنسان ذات جي سڀني ڏُکن ۽ تڪليفن جو مرڪز ۽ محور آهن، اُن ڪري دُنيا مان ’بادشاھہ‘ يا ’بادشاهتي اِدارا‘ ختم ٿيڻ گهرجن.
(5) دُنيا ۾ هر روز ڪروڙين جانور ماري يا ذبح ڪري، ماڻھو اُنھن جو گوشت ۽ رت کائين ٿا. اُن معاملي تي رحمدليءَ سان ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اِنسانن کي جيئن سَلامتيءَ سان جيئرو رهڻ جو حق حاصل آهي، تيئن جانورن کي بہ سَلامتيءَ سان جيئرو رهڻ جو حق مِلڻ گهرجي، ڀڀُ ڀرڻ لاءِ اسان وٽ ٻيون تمام گهڻيون شيون موجود آهن. بھرحال اَهڙا ٻيا ڪيترائي معاملا آهن، جن بابت مون اُن وقت سوچيو، جڏهن مون کي اَڃا مسَ ڏاڙهي اَچڻ شروع ٿي هئي. اُن وقت آءٌ تمام تڪڙو اِن فيصلي تي پھتس تہ مون کي ذاتي طور اُنھن سڀني ڳالھين کي رد ڪرڻ گهرجي، جن تي منھنجو وس هلي ٿو. اُن ڪري سڀ کان اَول مون گوشت کائڻ بند ڪري ڇڏيو، ايتريقدر جو گوشت ۾ پڪل چانور بہ نہ کائيندو هوس، لڳاتار ٻٽيھہ سال مون ڪڏهن بہ گوشت، مڇي يا ٻي ڪا ساهواري شئي نہ کاڌي. مون پنھنجو نالو ڦيرائي، پھرين ’يوسف سوز‘ ۽ پوءِ ’يوسف شاهين‘ رکي ڇڏيو ۽ ذات پات لِکڻ ڇڏي ڏِنم. اُن کانپوءِ جيڪي ڪجهہ مون کي ماضيءَ کان ورثي ۾ مِليو، اُن تي نظرثاني ڪيم يا اُن مان گهڻو ڪجهہ رد ڪري ڇڏيم. مون سختيءَ سان محسوس ڪيو تہ اِنسان کي مختلف نفرتن ۽ نظرين ۾ ورهائي، اِنسان جو درجو گهٽايو ويو آهي، جڏهن تہ سڀ اِنسان برابر آهن. بھرحال مون اُهي سڀ قدم کنيا، جن سان پاڻ کي فقط ’اِنسان‘ محسوس ڪري سگهان.
اَهڙا ذاتي فيصلا ڪرڻ کانپوءِ مسئلو اِهو پيدا ٿيو تہ آءٌ تھذيبن، قوميتن، سَرحدن ۽ دُنيا جي غلط اِقتصادي جوڙجڪ بابت عام ماڻھن تائين پنھنجي راءِ ڪيئن ظاهر ڪيان، ڪھڙيءَ ريت دُنيا کي ٻُڌايان تہ ماضيءَ جو ورثو گهڻي ڀاڱي غلط آهي. اِن ڳالھہ، اِن مجبوريءَ مون کي لِکڻ تي مجبور ڪيو، منھنجا سمورا ڪتاب فقط اِن هڪ ڳالھہ جي گِرد گُهمن ٿا. ’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ کان ’حق موجود‘ تائين، آءٌ ماضيءَ ۾ ٿيل اِنسان سان ناحق بابت بحث ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان.
جيتري قدر شاعريءَ جو تعلق آهي تہ 1978ع تائين آءٌ شاعر نہ هوس، نہ ڪڏهن شاعريءَ جي هڪ سِٽ لِکيم ۽ نہ شاعر ٿيڻ بابت سوچيو. هڪ رات تاريخ جو مطالعو ڪندي خيال پيم تہ هاڻ شاعري بہ ڪرڻ گهرجي، اُن رات مون چار بيت لِکيا ۽ اُن کانپوءِ لِکندو ويس. هينئر ڪجهہ ڏينھن اَڳ مون پھريون ڀيرو ڪيترائي غزل، گيت ۽ نظم لِکيا آهن، اُنھن صنفن ۾ هن کان اَڳ ڪڏهن بہ شاعري نہ ڪئي اَٿم. مون جيڪي ڪجهہ لِکيو، اُن تي راءِ، بلڪہ فيصلو منھنجي دوست شمشيرالحيدريءَ کان وٺندو آهيان، جيڪو منھنجو اُستاد تہ ناهي، پر آءٌ هن جو اُستاد جيترو ئي اَحترام ڪندو آهيان. بھرحال آءٌ شاعريءَ کي گهڻو وقت ڏِيڻ نہ ٿو چاهيان، مون کي شايد نثر ڏانھن ٻيھر وڃڻو پوندو. آءٌ اُن وقت تائين لِکندو رهندس، جيستائين اُها ڳالھہ دُنيا کي سمجهائي سگهان، جيڪا مون ننڍپڻ ۾ سمجهي هئي. مون چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ جيڪي فيصلا ڪيا، اُنھن مان اَڄ ڪنھن بہ هڪ فيصلي کي وسيع مطالعو ڪرڻ ۽ دُنيا جو وڏو حِصو اَکين سان ڏِسڻ جي باوجود رد ڪري نہ سگهيو آهيان.
نثار: توهان اَدبي حوالي سان پنھنجي سُڃاڻپَ شاعر جي حيثيت سان ڪرائڻ پسند ڪندؤ يا نثرنويس جي حيثيت سان؟
يوسف: مون عرض ڪيو تہ آءٌ شاعر يا نثرنويس ٿيڻ نہ ٿو چاهيان، فقط ڪنھن جبر يا مجبوريءَ سبب لِکندو رهان ٿو، جيئن ڪو حال اَحوال ڏِيڻ يا وٺڻ لاءِ خط لِکندو آهي. اِيئن بہ چئي سگهجي ٿو تہ آءٌ دُنيا جي عدالت ۾ ماضيءَ ۾ ٿيل نا اِنصافين خلاف فرياد داخل ڪرڻ چاهيان ٿو. سچ پُڇو تہ منھنجي سڄي عمر اُن ڪيس جي تياريءَ ۾ گُذري ويئي آهي. مون کي ڏُک آهي تہ آءٌ اَڃا تائين ڪجهہ نہ ڪري سگهيو آهيان.
نثار: ڇا هڪ تخليقڪار لاءِ نظرياتي وابستگي ضروري آهي؟
يوسف: نظرياتي وابستگيءَ کانسواءِ لِکڻ اِيئن آهي، جيئن ڍنگرن تي اَٽو هارڻ.
نثار: بين الاقوامي اَدب جي ڀيٽَ ۾ اسان جو اَدب ڪھڙي پَدَ تي آهي؟ ڇا سنڌي اَدب، بين الاقوامي اَدب جي معيار تي لَـھي ٿو؟
يوسف: پھرين تہ اِهو فيصلو ڪيون تہ ’بين الاقوامي اَدب‘ ڇاکي ٿو چئجي؟ بين الاقوامي اَديب ڪير آهن؟ اُنھن جو ڪھڙن ملڪن سان واسطو آهي؟ اُن کان علاوہ هي معاملو بہ طئہ ٿيڻ گهرجي تہ اُهو ڪھڙو معيار آهي، جنھن سان اَدب کي ’بين الاقوامي اَدب‘ جو درجو ڏئي سگهجي. منھنجي ڄاڻ مطابق گهڻي ڀاڱي وڏين اِستحصالي قومن جا اَديب، جيڪي ’اِستحصالي اَدب‘ پيدا ڪن ٿا، اُنھن کي ’وڏو اَديب‘ يا ’بين الاقوامي اَديب‘ سَڏيو ويندو آهي. اُهي اِستحصالي قومون، جن دُنيا جي قومن جي عزت لُٽي ۽ ٻين قومن جي پيداواري وسيلن تي ڌاڙا هنيا، اَهڙيون اِستحصالي قومون پنھنجي اُنھن اَديبن کي ’وڏو اَديب‘، بلڪہ ’عظيم اَديب‘ چونديون آهن، جيڪي نہ فقط هنن جي ڪڌن ڪرتوتن ۽ ظالمانہ ڪارواين تي ڍڪُ رکن، بلڪہ اُنھن ڪارواين کي بھادري، همت ۽ جوان مرديءَ وارا ڪارناما قرار ڏِين. اَنگريزن هاڻوڪي دُنيا جي پنجاھہ کان وڌيڪ ملڪن تي قبضو ڪيو، اَڄ اُنھن پنجاھہ کان وڌيڪ ملڪن ۾ اَنگريزن جي اَنگريزي ٻولي لِکي ۽ پڙهي وڃي ٿي. اُن ڪري هينئر اَنگريزيءَ جا معمولي يا چڱا خاصا اَديب پھرين ئي ڌَڪَ ۾ ’بين الاقوامي اَديب‘ ٿيو وڃن. اَنگريزن شيڪسپيئر کي سندس قبضي هيٺ آيل پنجاھہ ملڪن ۾ زوريءَ متعارف ڪرايو، اُن ڪري شيڪسپيئر دُنيا جو عظيم بين الاقوامي اَديب ۽ شاعر بڻجي ويو. ساڳئي صورتحال فرينچ، جرمن، اِسپيني ۽ رُوسي ٻولين جي اَديبن جي آهي. رُوس جو هن صديءَ دؤران يورپ، ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪي کنڊ ۾ سِڌي ۽
اَڻ سِڌيءَ طرح سٺ کان وڌيڪ ملڪن تي قبضو ٿيو يا اُهي ملڪ رُوس جي اَثر هيٺ رهيا. اُنھن سڀني ملڪن ۾ رُوسين پنھنجا اَديب متعارف ڪرايا، جن ۾ اَليگزينڊر پُشڪن، ٽالسٽاءِ، چيخوف، مئڪسم گورڪي، دوستو وسڪي، ميخائيل لرمونتوف، گوگول، آئي ون ترگنيو، ميخائيل سالتي ڪوف وغيرہ شامل آهن. اَهڙيءَ ريت اُهي رُوسي اَديب بين الاقوامي عظيم اَديب بڻجي ويا.
مٿي ڄاڻايل اَديبن جي عظمت کان ڪو اِنڪار ناهي، پر اُهي بين الاقوامي عظيم اَديب ٿيڻ جي قابل هئا يا نہ، اِهو مسئلو بحث طلب آهي. اِن ۾ ڪو شڪ ناهي تہ رُوسَ ۾ وڏا اَديب يا ليکڪ پيدا ٿيا، پر ڪارل مارڪس جھڙو هڪ بہ اَديب رُوس وارا پيدا نہ ڪري سگهيا، جيڪو جرمن هو. اَفسوس آهي تہ جرمنيءَ وارن پنھنجي اَديب ڪارل مارڪس کي قبول نہ ڪيو ۽ هو جرمنيءَ کان ٻاهر مختلف ملڪن ۾ دربدر ٿيڻ کانپوءِ اِنگلينڊ ۾ ڏاڍي غربت ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ مُئو ۽ اَنگريزن بہ هن عظيم ليکڪ کي قبول نہ ڪيو. کيس مرڻ کانپوءِ لنڊن جي هڪ معمولي قبرستان ۾ ٻہ وال کان وڌيڪ زمين نہ ڏِني ويئي. هي نقطو سوچڻ جھڙو آهي تہ ڪارل مارڪس کي اِنگليند ۽ جرمنيءَ بدران رُوسين قبول ڪيو. جيئن تہ رُوس دُنيا جي عظيم سلطنت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، اُن ڪري ڪارل مارڪس بہ عظيم بڻجي ويو. چون ٿا تہ ڪارل مارڪس ’عظيم ڪميونسٽ اِنقلاب‘ جو مفڪر هو، حالانڪہ جڏهن ڪارل مارڪس اَڃا ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو، تڏهن 1862ع ڌاري چين ۾ ڪميونزم نافذ ٿي چُڪو هو، جنھن جو مفڪر هڪ اَسڪول ماستر ۽ اَديب ’هنگ‘ هو. جيئن تہ هنگ وارو ڪميونسٽ اِنقلاب ناڪام ٿي ويو، اُن ڪري هنگ عظيم بين الاقوامي اَديب بڻجي نہ سگهيو. بھرحال چوڻ جو مقصد اِهو آهي تہ فقط وڏيون اِستحصالي قومون، وڏا اَديب پيدا ڪنديون آهن يا ٺاهينديون آهن. ماضيءَ ۾ سِڪندرِاَعظم دُنيا جي وڏي حِصي تي ’عظيم يوناني سلطنت‘ قائم ڪئي، جيڪا بعد ۾ ٽي سؤ کن سال جاري رهي. سڪندرِاَعظم ۽ هن جي يوناني ڇاڙتن، يونان جي ڪيترن ئي اَديبن ۽ شاعرن کي دُنيا جو عظيم بين الاقوامي اَديب بڻائي ڇڏيو، جن ۾ ’هومر‘ جو نالو صفحه اَول تي اَچي ٿو. اُن کانپوءِ هيسئڊ، اِسڪائيلز، سوفو ڪليز، يورو پديز، ارسٽوفينز، پلاٽو، اَرسطو ۽ ٻيا نالا اَچن ٿا. مٿي ڄاڻايل اَديب دُنيا سان متعارف تڏهن ٿيا، جڏهن يونانين دُنيا جي عظيم سلطنت قائم ڪئي. اُن واقعي کانپوءِ يونان جا مٿيان اَديب، بين الاقوامي اَديب هئڻ جو درجو حاصل ڪري سگهيا.
يوناني سلطنت قائم ٿيڻ کان اَڳ اِنھن اَديبن کان خود يونان جا ماڻھو بہ چڱيءَ ريت واقف نہ هئا. يونان ۾ شھري رياستون قائم هيون ۽ اُتي جا اَديب علاقائي بُنيادن تي فقط پنھنجن شھرن تائين محدود هئا. جڏهن يوناني سلطنت ختم ٿي ويئي تہ پوءِ يونان وارا گُذريل ٻن هزار سالن دؤران مٿي ڄاڻايل اَديبن جھڙو هڪ بہ اَديب پيدا ڪري نہ سگهيا. نہ فقط ايترو، بلڪہ يوناني سلطنت ختم ٿيڻ سان اُها يوناني ٻولي بہ ختم ٿي ويئي، جنھن ۾ مٿي ڄاڻايل اَديبن ۽ شاعرن تخليقون ڏِنيون.
اَهڙو ئي حال روم ۾ ٿيو. جڏهن رُومَ جي سلطنت يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جي ويھہ لَک چورس ميلن تائين پکڙجي ويئي، تڏهن روم جي هر شئي دُنيا کي وڏي عظمت واري نظر اَچڻ لڳي. روم جي ظالم شھنشاھہ ۽ ڊِڪٽيٽر ’آگسٽس‘ کي شاعر ’ورجل‘ پسند هو، اُن ڪري هن ورجل کي دُنيا جو عظيم بين الاقوامي شاعر ٺاهي ڇڏيو. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ورجل جي حيثيت کان اِنڪار ناهي، پر هو بين الاقوامي شاعر ٿيڻ جي قابل هو يا نہ هو، اِهو معاملو سنجيدگيءَ سان بحث طلب آهي. اِهو سلسلو مرزا غالب کان علامہ اِقبال، ٽئگور، رُوس جي سولزي نستن ۽ سلمان رُشديءَ تائين هلندو اَچي. رُوس جي اَديب سولزي نستن پنھنجي ملڪ کي ’ڪئنسر وارڊ‘ سان تشبيھہ ڏِني ۽ اِن ئي نالي سان ڪتاب لِکيو، هن ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا. هن اَديب سِڌي ۽ اَڻ سِڌيءَ طرح پنھنجي لِکڻين ذريعي سرمائيداري نظام کي فائدو رَسايو، کيس نوبل اِنعام ڏِنو ويو. سلمان رُشديءَ پنھنجي لِکڻين ذريعي اِسلام جي عظيم هستين جي ڪردار تي ڇوھہ ڇنڊيا ۽ ٺٺوليون ڪيون، اِها ڳالھہ عيسائي دُنيا لاءِ فائديمند ٿئي ٿي. بھرحال اِن معاملي تي گهڻي بحث ۾ پئبو تہ تنھنجي رسالي جا صفحا کُٽي پوندا.
جيتري قدر سنڌي اَدب جو بين الاقوامي اَدب سان ڀيٽ ڪرڻ جو معاملو آهي تہ آءٌ فقط ايترو چوندس تہ اسان کي خواھہ مخواھہ خوش فھميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ نہ گهرجي. هن وقت دُنيا ۾ لِکڻ جو ڪم يا تخليق جو عمل ’صنعت‘ جو درجو حاصل ڪري ويو آهي. دُنيا جا اَديب ڪنگال، بي حال ۽ پريشان رهڻ بدران پنھنجي لِکڻين ذريعي دُنيا جي اَمير ترين ماڻھن ۾ شامل ٿي رهيا آهن، اسان جي اَديبن کي نئين صورتحال کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اسان جي اَدبي اِدارن کي صنعتي بُنيادن تي هلائڻ لاءِ ڪوششون ٿيڻ گهرجن. هن وقت اسان بين الاقوامي اَدب تہ پري ٿيو، پاڪستان جي ٻولي ’اُردوءَ‘ کان بہ سوين سال پوئتي پوندا ٿا وڃون.اَنگريزن جي اَچڻ کان اَڳ سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جو راڄ هلندو هو، سنڌ جي حاڪمن جي ٻولي ’فارسي‘ هئي، اُن ڪري سوين سالن تائين سنڌ جي اَديبن، سنڌيءَ ۾ لِکڻ بدران فارسي اَدب تي وقت وڃايو. اَڄ بہ هزارن جي تعداد ۾ فارسي نسخا سنڌ جي مختلف گهرن ۾ موجود آهن، جن کي هاڻ اسان پڙهي بہ نہ ٿا سگهون. گُذريل دؤر ۾ فقط شاھہ لطيف ۽ ڪجهہ ٻيا شاعر ۽ اَديب هئا، جن فارسي ڳالھائيندڙ حاڪمن کان بغاوت ڪري، سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي. اَڄ سنڌ ۾ فارسيءَ جي اُها جاءِ اُردو ٻوليءَ کي حاصل ٿي آهي ۽ اُردوءَ جي مقابلي ۾ سنڌيءَ ۾ نہ هئڻ جي برابر ڪم ٿي رهيو آهي، تمام ٿورا اَديب سنڌيءَ ۾ لِکي رهيا آهن. اِهو ئي سبب آهي، جو اسان هر چوٿين اَديب کي ’عظيم‘ جو لقب ڏِيون ٿا تہ جيئن اُنھن جي همت اَفزائي ٿئي ۽ هو لِکندا رهن. جيئن تہ ٻولين جو عروج ۽ زوال، قومن جي عروج ۽ زوال سان لاڳاپيل ٿئي ٿو، اُن ڪري اسان سياسي حالتن جو شڪار ٿي رهيا آهيون. سنڌيءَ ۾ فُل ٽائيم اَدب تخليق ڪرڻ وارا فقط چند اَديب آهن، باقي گهڻي ڀاڱي پارٽ ٽائيم يا بيگار طور اَدب تخليق ڪن ٿا. حالانڪہ اسان وٽ اَهڙا ڪيترائي وڏا اَديب موجود آهن، جيڪي اَگر فُل ٽائيم لِکن تہ هو بين الاقوامي اَدب ۾ پنھنجو مقام حاصل ڪري سگهن ٿا. اُنھن اَديبن ۾ شيخ اَياز، محمد اِبراهيم جويو، جمال اَبڙو، شمشيرالحيدري، سِراج الحق ميمڻ، رسول بخش پليجو، نورالدين سَرڪي، اَمرجليل، تنوير عباسي، تاج بلوچ، قمر شھباز، علي احمد بروهي، عبدالقادر جوڻيجو، نورالھدى شاھہ، حليم بروهي، ماهتاب محبوب، عبدالواحد آريسر ۽ ٻيا ڪيترائي آهن، جن جا نالا هڪدم ذهن تي نہ ٿا اَچن. اُنھن اَديبن مان فقط شيخ اَياز واحد اَديب ۽ شاعر آهي، جيڪو هينئر فُل ٽائيم لِکي رهيو آهي. هي اَڄ نہ تہ سُڀاڻي يقيني طور بين الاقوامي اَدب ۾ پنھنجي جاءِ والاريندو. شيخ اَياز زندگيءَ جي گُذريل سڄي دؤر ۾ فقط نوَ ڪتاب ڏِنا، جڏهن تہ هاڻ هو چند سالن اَندر چاليھن کان وڌيڪ ڪِتاب لِکي چُڪو آهي. سِراج، قمر شھباز، غلام نبي مغل، علي احمد بروهي ۽ عبدالقادر جوڻيجي کي زوريءَ نوڪريون يا ٻيا ڪمَ ڪار ڇڏائي، لِکڻ سان لڳايون وڃي تہ هو سنڌي اَدبَ کي اَڏي ڇڏين. اِهي اَديب اَهڙو اَدب ڏيئي سگهن ٿا، جيڪو بين الاقوامي اَدب جو درجو حاصل ڪري سگهي ٿو.
نثار: توهان ڪھڙي قومي توڙي بين الاقوامي اَديب کان متاثر آهيو ۽ ڇو؟
يوسف: جيڪڏهن چوان تہ آءٌ ڪنھن بہ اَديب کان متاثر ناهيان تہ اِها وقتي طور ڏاڍائي محسوس ٿيندي. مون کي اِن سوال جو جواب ڏِيڻ لاءِ ڪافي وقت ۽ توهان جي رسالي جا تمام گهڻا صفحا گُهرجن. هن وقت فقط ايترو چوندس تہ آءٌ ماضيءَ جي اَدب کان مطمئن ناهيان. ماضيءَ ۾ گُذريل هزارين سالن دؤران پيدا ٿيل اَدب گهڻي ڀاڱي مذهبي نظرين جي پرچار لاءِ لِکيو ويو، جنھن اَڳتي هلي ’رُجعت پرستيءَ‘ کي جنم ڏِنو. ڪجهہ اَدب ’گل و بلبل‘ جي مسئلن کان ٻاهر نڪري نہ سگهيو. فقط هڪ فيصد اَهڙو اَدب مِلي ٿو، جيڪو ’عوامَ‘ لاءِ لِکيو ويو. هن وقت پيدا ٿيندڙ اَدب بہ ماضيءَ جو تسلسل آهي يا رُجعت پرستيءَ جو شِڪار آهي يا ماضيءَ جي نظرين کان متاثر ٿي لِکيو وڃي ٿو. اُن ڪري ٻين معاملن سان گڏ دُنيا کي پنھنجي اَدب، اَدبي تخليقن جا رُخ دُرست ڪرڻ جي ضرورت آهي. اِهو ڪم تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن ’دُنيا جي تاريخ‘ نئين سِر لِکي ويندي. تاريخي واقعن کي جيئن جو تيئن پوري سَچائيءَ ۽ بي ڊَپائيءَ سان لِکڻ کانسواءِ سڄو معاملو ڦاٿل رهندو. توهان يقين ڄاڻو تہ سڄي خرابي ’تاريخ‘ ۾ ڦاٿل آهي، جنھن ۾ هن وقت اسان کي بادشاهن جي ذاتي معاملن کان وڌيڪ ڪجهہ نہ ٿو مِلي. گُذريل دؤر جي عوامَ سان ڪھڙو حشر ٿيو، اُهو تاريخدان ڄاڻي واڻي نظراَنداز ڪندا آيا آهن. تاريخدانن اِنسان ذات سان وڏو قھر ڪيو آهي، هنن ظالمن جي ظلم، جبر کي ’ڪارناما‘ سَڏيو آهي، جيڪو ڏوھہ آهي. حيرانگي اِها آهي تہ اَڄ بہ تاريخدان سچ نہ ٿا لِکن. چنگيز خان، هلاڪُو ۽ اِنھن جھڙا هزارين بادشاھہ مري کَپي ويا، پر تاريخدان اُنھن جا اَصل واقعا لِکڻ کان هينئر بہ ڊِڄن ٿا، اَڄ بہ هو اُنھن ظالم بادشاهن جا راڳ آلاپين ٿا ۽ کين ’عظيم شخصيتون‘ ڪري پيش ڪن ٿا، جڏهن تہ اُهي ’عظيم ڏوهاري‘ آهن. هن وقت يورپ ۾ تاريخ تي تمام گهڻا ڪتاب ڇپجن ٿا. جيئن تہ يورپ دُنيا جو واحد خِطو آهي، جتي هن وقت تمام گهڻيون بادشاهتون قائم آهن، اُن ڪري يورپ جا تاريخدان بادشاهن يا بادشاهت جي اِداري خلاف لِکڻ کان سِڌي يا اَڻ سِڌي طرح لنوائين ٿا. جيئن تہ يورپ جي اَديبن ۽ تاريخدانن جي دُنيا تي ڌاڪَ ويٺل آهي، هنن جي هر لِکڻي سندَ جو درجو رکي ٿي، اُن ڪري ٻين ملڪن جا تاريخدان بہ هنن جي اَندازِ تحرير جي نقالي ڪن ٿا. جيستائين دُنيا جو اَدب دُرست ٿي نہ سَگهندو، اَهڙو اَدب، جنھن کي ’عوامي اَدب‘ چئجي، تخليق ٿي نہ سگهندو. اُن ۾ ڪو شڪ ناهي تہ دُنيا ۾ ’عوامي اَدب‘ لِکڻ جون ڪوششون ٿيون آهن ۽ ڪيترو ئي اَدب لِکيو بہ ويو آهي، پر ’حقيقي عوامي اَدب‘ تڏهن پيدا ٿيندو، جڏهن اسان ۾ سچ لِکڻ ۽ سچ ٻُڌڻ جي همت پيدا ٿيندي.
نثار: توهان هڪ هنڌ محترم سائين جي. ايم. سيد کي سنڌي اَدب ۾ هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو نثر نويس ڪوٺيو آهي/قرار ڏِنو آهي. ڪھڙي حوالي سان؟ هن نثر وڌيڪ لِکيو آهي يا سندس نثر ۾ اَسلوب اَعلى معيار جو آهي يا ذهني پھچ سَگهاري هئڻ سبب سندس موضوع تي گرفت وڌيڪ آهي؟
يوسف: مون سائين جي. ايم. سيد کي ’سنڌي نثر جو بادشاھہ‘ (شاھہ لطيف) سَڏيو هو ۽ آءٌ اَڄ بہ اُن راءِ تي قائم آهيان. سنڌ ۾ سائين جي. ايم. سيد کان سُٺا نثرنويس موجود آهن، پر نثر ۾ ’مقصديت‘ اَصل مامرو آهي. نثر لِکڻ وقت ڪوبہ اَديب ايڏو وڏو مقصد، ايڏي وڏي منزل پنھنجي اَڳيان رِکي نہ سگهيو، جھڙي سائين جي. ايم. سيد رکي. ’آزادي‘ اِنسان جو پيدائشي ۽ پھريون حق آهي، اُن کانپوءِ قومن ۽ ملڪن جي آزاديءَ جي ڳالھہ ٿئي ٿي. آزاديءَ بابت جيترو سخت، صاف ۽ مدلل اَنداز ۾ سائين جي. ايم. سيد لِکيو، اُن جھڙو سنڌيءَ ۾ ٻئي ڪنھن بہ اَديب يا نثرنويس نہ لِکيو آهي. ڪِن هلڪيون لَٺيون هنيون آهن، ڪِن ڪتڪتائي ڪئي آهي تہ ڪَن سِينڍ ۾ مارئي ڳائي آهي، پر سائين جي. ايم. سيد سنڌ جو واحد نثرنويس آهي، جنھن رک رکاءُ ڪرڻ کانسواءِ آزاديءَ جي ڳالھہ ڪئي آهي. اُها تحرير، جنھن ۾ آزاديءَ بابت سمورا قلمي وسيلا ۽ سگهہ اِستعمال ڪئي ويئي هجي، اُن کان مٿي ٻي ڪابہ تحرير، ڪوبہ نثر ٿي نہ ٿو سگهي.
نثار: ڪنھن بہ اَديب کي سياست کان ڪيتري قدر لاتعلق هئڻ گهرجي؟
يوسف: هڪ اَديب کي ڪنھن بہ حالت ۾ سياست کان لاتعلق نہ هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ سياسي نظريا، جيڪي اِنقلاب يا آزاديءَ ڏانھن وٺي وڃن، اُهي اِنقلابي نظريا يا آزاديءَ جا پيچرا يا واٽون هڪ اَديب ئي ٻُڌائي ٿو، اَديب ئي سياست جو سڄو ميدان ٺاهيندو آهي ۽ سياستدان پيدا ڪندو آهي ۽ سياستدانن لاءِ ميدان هموار ڪندو آهي. هو شاعريءَ، اَفساني، ناول يا ٻين اَدبي وسيلن ذريعي عام راءِ جوڙي ٿو، ماڻھن کي پنھنجا ڏُکَ، سُور ٻُڌائي اُڀاري ٿو، جنھن جي نتيجي ۾ فڪري آزاديءَ جي لاءِ راهون هموار ٿين ٿيون ۽ عوامي اِنقلاب اَچڻ جا آثار پيدا ٿين ٿا. اَديب جيڪا پوکَ پوکي ٿو، پَچائي ٿو ۽ جڏهن فصل لھي ٿو، جڏهن اِنقلاب اَچڻ جا آثار پيدا ٿين ٿا، اُن وقت اَديبن جي اُها محنت سياستدان ڪئش ڪرائين ٿا. هر سُڄاڻ اَديب کي نہ فقط ملڪ اَندر هلندڙ سياست، پر بين الاقوامي سياست بابت بہ مڪمل ڄاڻ هئڻ گهرجي. نہ رُڳو ڄاڻ، پر ڀرپور تعلق هئڻ گهرجي. جيئن تہ هن وقت اِقتصاديات، سياست کانپوءِ خوفناڪ قوت ۽ اِقتدار حاصل ڪرڻ جو وسيلو ٿي رهي آهي، اُن ڪري اسان جي اَديبن کي هن وقت اِقتصاديات ڏانھن گهڻو ڌِيان ڏيڻ گهرجي، جنھن جي تابع هن وقت سياست ٿي پئي آهي.
جيئن تہ دُنيا لاءِ هن وقت ’گلوبل وليج‘ جو اِصطلاح ڪم آندو پيو وڃي، يعني هاڻي دُنيا سوڙهي ٿي، ’عالمي ڳوٺ‘ (Global Village) جي صورت اِختيار ڪري ويئي آهي تہ اسان جي اَديب کي هن ڳوٺ جي ڀرپور ڄاڻ رکڻ گهرجي، نہ تہ هو سنڌ سان بہ صحيح نموني اِنصاف نہ ڪري سگهندو. هن وقت ايم. ڪيو. ايم ۾ شامل دانشور، اَديب ۽ سياستدان (Global Village) واري Term جو ڀرپور اِستعمال ڪري رهيا آهن. هو دُنيا جي هڪ سؤ چاليھن ملڪن سان هڪ ئي وقت تعلق ۾ آهن، رابطي ۾ آهن، جڏهن تہ اسان جو اِهو حال آهي، جو سنڌ جي هڪ ڪُنڊ جي خبر ٻي ڪُنڊ تائين ٻن ڏينھن کانپوءِ ٿي پھچي. اَڃا بہ ڪڏهن تہ اُها خبر ڪراچيءَ تائين بہ نہ ٿي پھچي. هُتي هُنن جي هاءِ گهوڙا سان دُنيا ۾ سندن فائدي ۾ راءِ عامه جُڙي ٿي. اسان جي اَديبن کي بہ اُنھن Technques جي خبر هُئڻ گهرجي.
گلوبل وليج جو سڀ کان وڏو فائدو اِهو ٿيو آهي تہ اِنٽرنيٽ (Internet) ذريعي دُنيا جو علم ۽ اَدب آسانيءَ سان گهر ويٺي پڙهي ٿو، اِنٽرنيٽ سِسٽم دُنيا کي رابطي جي لحاظ کان ڳنڍي ڇڏيو آهي، دُنيا جون سموريون وڏيون اَخبارون، ڪتاب، رِسالا ۽ لائبريريون اِنٽرنيٽ تي عام آهن، دُنيا جو سمورو علم اِنٽرنيٽ تي آهي، جنھن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان جون وڏيون اَخبارون ڊان، بزنيس رڪارڊ، دي نيشن وغيرہ اُهي سڀ اِنٽرنيٽ تي آهن. اَفسوس جھڙي ڳالھہ آهي تہ هن وقت ڪابہ سنڌي اَخبار اَنٽرنيٽ تي نہ آهي، جو نيويارڪ، سنگاپور، ٽوڪيو، دُبئي يا بمبئيءَ ۾ ويٺل سنڌي، اسان جي سنڌي اَخبار پڙهي سگهن. دُنيا جا سمورا وڏا ڪتاب، جن ۾ ڪلاسڪ بہ شامل آهن، اُهي بہ اِنٽرنيٽ تي اَچي چُڪا آهن. اسان کي شاھہ جو رِسالو ۽ شيخ اَياز جي شاعريءَ کي اِنٽرنيٽ تي آڻڻ گهرجي.
نثار: اوهان جي نظر ۾ اَدب جا دائمي قدر ڪھڙا ٿي سگهن ٿا؟
يوسف: بُنيادي طور اَدبَ جا ڪي بہ دائمي قدر ٿيندا ئي ڪونہ آهن. اَدب معروضي ضرورتن تحت وَڌندو، ويجهندو، پروان چڙهندو آهي، پنھنجي راهَه پاڻ ٺاهيندو آهي، پنھنجا قدر پاڻ جوڙيندو آهي. اَڳي اِهو هوندو هو تہ سچ ڳالھائڻ لاءِ يا آزادي گُهرڻ لاءِ يا اِنصاف گُهرڻ لاءِ ماڻھوءَ کي صليب ڪُلھي تي کڻي گهمڻو پوندو هو يا جلاد اَڳيان ڪنڌ جُهڪائڻو ٿي پيو يا ملڪ بدر ٿي، دربدر ٿيڻو ٿي پيو. صدين کان سچ ڳالھائڻ، اِنصاف گُهرڻ يا آزاي، اِهي ٽئي ڪم دُنيا جا سڀ کان ڏُکيا ڪم رهيا آهن، موتَ سان ويڙهاند کائي، پوءِ اِها ڳالھہ ڪرڻ ممڪن هئي، پر هاڻي اُها ڳالھہ نہ رهي آهي، هاڻي اِهي قدر بدلجي چُڪا آهن. جيئن تہ ڪئناڊا ۾ هن وقت ڪيوبڪ صوبي جا ماڻھو، جيڪي فرينچ ٻولي ڳالھائين ٿا، اُهي باقاعدہ ڪئناڊا کان آئيني طور آزاديءَ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ ڪئناڊا حُڪومت تسليم ڪيو آهي ۽ کين چيو آهي تہ توهان ريفرنڊم ڪرايو، اَڪثريت چاهي ٿي تہ اسان کي ڪوبہ اَعتراض ناهي ۽ اُهو دُنيا جو پنج هزار سالا تاريخ ۾ اِيئن پھريون ڀيرو ٿيو آهي تہ قومن جي آزاديءَ کي آئيني حق تسليم ڪيو آهي، جڏهن تہ هن کان اَڳ اِيئن ڪونہ هو. اسان وٽ بہ اِهو ممڪن ٿي ويندو، دُنيا ۾ ٿئي پيو تہ هتي بہ ٿيڻ گُهرجي. مطلب تہ آزادي گُهرڻ هاڻ مسئلو نہ آهي، نقلي جاگرافيءَ ذريعي قائم ڪيل خِطي ۾ ڪا قومَ نہ ٿي رهڻ گُهري تہ آزاديءَ جو کيس آئيني حق حاصل آهي. اَهڙيءَ طرح دُنيا بدلجي پئي، دُنيا جا قدر بہ بدلجن پيا. اَدب ذريعو آهي خدمت جو، اِنقلابن جي راهَه ڏِسڻ جو، اُن ڪري اَدب ڪوبہ رستو اَختيار ڪري سگهي ٿو، ڪي مخصوص دائمي قدر آهن ئي ڪونہ.
(يوسف شاهين صاحب جو هي اِنٽرويو سندس طبيعت جي ناسازيءَ جي سبب مڪمل ٿي نہ سگهيو هو ۽ ساڻس ٻي ويھڪ ۾ اِنٽرويو مڪمل ڪرڻو هو، پر اَفسوس تہ حُڪومت پاران مٿس ڪيس مڙهي، گرفتار ڪري، لانڍي جيل ۾ رکيو ويو آهي، جنھنڪري اِنٽرويو مڪمل ٿي نہ سگهيو.)
[’پورب‘ اَپريل، مئي، جون 1997ع وارن شمارن ۾ ڇپيل]
