شيخ اَياز جا خط
نثر ۾ پورو ڪتاب لِکي ويو آهيان پر بيحد مصروفيتن سبب اُن تي نظرِثاني نہ ڪري سگهيو آهيان. ڇھين بجي صبح کان اُٿي هاءِ ڪورٽ لاءِ تيار ٿيڻو پوي ٿو، ٻي بجي تائين عدالتن ۾ مصروفيتن، وري شام جو ٻئي ڏينھن جا ڪيسَ تيار ڪرڻ، روزانين اَخبارن، هفتيوار ۽ ماهوار اُردو ۽ اَنگريزي رسالن جو مطالعو، نون ڇپيل ڪتابن جو مطالعو، گهر ٻارَ جون ذميواريون، مطلب تہ لِکڻ لاءِ وقت ڪڍڻ ڏاڍو ڏُکيو ٿي پوي ٿو.
مٿان هي ڊاڪٽرن جا ڀَوَ ڏَرَ تہ پاڻ کي گهڻو ٿَڪائيندين تہ مير تقي مير وانگر ”اپنا کام تمام کیا“ جو خطرو آهي، پوءِ بہ دل نہ ٿي رهي ۽ لِکي رهيو آهيان. اُميد تہ ٻي پَرچي ۾ مواد موڪلي ڏيندس، في الحال مان ’پنَ ڇڻ پُڄاڻان‘ مان ڪجهہ ٽه - سِٽا موڪليان ٿو.
مان ڀانيان ٿو تہ Garcia Marquez جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اَچي ويا هوندا. گُذريل هفتي جي ’ٽائيم‘ ۽ ’نيوز ويڪ‘ ۾ هن تي لِکيل تحريرن ۾ هن جي ڪتابن جي لِسٽ آهي. مون فقط هن جي هڪ اَفساني جو ترجمو ٽي سال اَڳ اُردو رسالي ’معاصر‘ ۾ پڙهيو هو، جو ضياءُ الحق قاسميءَ ڪڍيو هو ۽ پاڻ مون وٽ کڻي آيو هو. قاسميءَ جو خيال هو تہ هن اَهڙو اَفسانو ڪِٿي بہ نہ پڙهيو آهي.
فرينچ ناول Tunnel ڏاڍو چڱو لِکيل هو، مان چاهيان ٿو تہ اُهو تون بہ پڙهي ڏس. اَڳئين ڀيري تون مون کي پنھنجي دوست جي ڪتابن جي دُڪان تي نہ وٺي هلين. مون ’ٿامس اَئنڊ ٿامس‘ وارن وٽان ڪافي ڪتاب ورتا. اُنھن مان ’پبلو نرودا‘ جي سوانح حيات ۽ ’اَئنابالاڪن‘ جو ڪتاب Surrealism: The Road to the Absolute نھايت دلچسپ آهن. فيض جو تازو ڪتاب ’مہ و سال آشنائی‘ بہ چڱو هو، چاهيان ٿو تہ فيض سان گُذاريل گهڙين جون يادگيريون لِکان.
وري دُنيا ۾ دلچسپي پيدا ٿي رهي آهي ۽ دل دماغ تان غُبار هٽي رهيو آهي.
تنھنجو
اَياز
*
پيارا يوسف!
آتم ڪھاڻيءَ جو مطالعو مون کي نھايت مرغوب رهيو آهي ۽ شايد ئي ڪوئي دُنيا جو شاعر، آرٽسٽ، اَديب يا مفڪر ٿيو آهي، جنھن جي سوانح حيات تي مون هڪ اَڌ ڪتاب نہ پڙهيو آهي. خاص ڪري سوانح نويسيءَ جا ٻہ ڪتاب مون نھايت دلچسپيءَ سان پڙهيا هئا. اُهي ڪتاب فِرانسيسي اَديبہ اينڊ اِسٽارڪيءَ جا بودليئر جي زندگي (Life of Boudlaire) ۽ رمبوءَ جي زندگي (Life of Rimbaud) تي لِکيل آهن، جن ۾ بودليئر ۽ رمبوءَ جي دؤر ۽ شخصيت جو نھايت دلڪش تجزيو ڏِنو ويو آهي. بودليئر، رمبو ۽ ورلين (Verlaine) فرانس جا ٽي چوٽيءَ جا شاعر ٿيا آهن، جن جي تخليقات جو مون غور سان مطالعو ڪيو آهي.
ڪتاب ’بودليئر جي زندگي‘ ۾ اِسٽارڪيءَ لِکيو آهي: ”اَڪثر اوقات اِها دعوى ڪئي ويندي آهي تہ ڪنھن شاعر جي زندگيءَ جو علم ۽ هن جي شخصيت جو شعور هن جي نگارشات جي پروڙ ۾ ڪائي مدد نہ ڪندو آهي. اُنھن کي صرف پنھنجي ليکي پڙهي محضوظ ٿجي. پر اِها ڳالھہ سوانح نويسيءَ جي مقصد ۽ اَهميت کي غلط فھميءَ تي مدار رکي ٿي. اِهو صحيح آهي تہ ڪنھن بہ فن پاري جي قدر و قيمت فني لحاظ کان خود فن پاري تي منحصر آهي، پر اُهي جي اُن فن پاري مان محضوظ ٿين ٿا ۽ اُن کي همدردانہ نگاھہ سان ڏِسن ٿا، هميشہ اُن شخص جي فطرت جي تفتيش دلچسپيءَ سان ڪندا، جنھن اُن فن پاري جي تخليق ڪئي آهي ۽ هن جي شخصيت سان گهرو ناتو پيدا ڪرڻ چاهيندا. سوانح نويسي، جي صحيح معنى ۾ ڄاتي وڃي تہ اُن ڏَس ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.“
مٿيان ٻئي ڪتاب فِرانس ۾ لِکيا ويا هئا ۽ بودليئر ۽ رمبوءَ جي موت کان ڪافي وقت پوءِ لِکيا ويا هئا، جڏهن اُنھن ڪتابن جو ذڪر ڪيل ڪردار سڀ فوت ٿي چُڪا هئا. منھنجي زندگيءَ ۾ آيل اَڪثر ڪردار اَڃا زندھہ آهن ۽ پاڪستان، فِرانس نہ آهي. هتي نہ رُڳو سارتري (Sartre) کي، پر ڊي گال کي بہ تھس نھس ڪري سگهندا آهن.
مان ڀانيان ٿو تہ مان پنھنجيءَ شخصيت جي پوري عڪاسي ڪنھن ’ڊاڪٽر زواگو‘ جھڙي ناول ۾ ئي ڪري سگهان ٿو.
هيءَ آتم ڪھاڻي هڪ ڦِرندڙ سئربين (Kaleidoscope) وانگر آهي، جنھن جا رنگارنگ شيشا منتشر رنگ ۽ نقش تہ بڻائي رهيا آهن، پر اُنھن ۾ ڪوئي تسلسل نہ آهي.
شاعريءَ ۾ تسلسل ’زلفِ جانان‘ جي علامت بہ ٿيندو آهي ۽ زنجير جي بہ ۽ مان اِنھيءَ عمر تي پھتو آهيان، جنھن تي ٻنھي کان پاسو ڪيان تہ بھتر.
آتم ڪھاڻيءَ جا ڪجهہ منتشر حِصا موڪليان ٿو.
شيخ اَياز
