يوسف شاڪر اَبڙو : اٿياري اَڌ رات جو!
بيت ۽ واين ۾ ڪم آندل لفظي ذخيرو ۽ مضمون سڀ ٺيٺ سنڌي آهن. عام طرح شاعر ورهين جي مشق ۽ اُستادن جي اِصلاح ۽ تربيت کانپوءِ ڪو وڃي ٻہ چار سِٽون شعر جون لِکي سگهندا آهن، پر هن جوان اُهو سڀ ڪجهہ ڪرڻ کانسواءِ ئي هيترو سارو شعر چئي کڻي اسان جي اَڳيان رکيو آهي. آءٌ اَڃا تائين اِنھيءَ حيرت ۾ آهيان تہ هي سڀ ٿيو ڪيئن؟ چاليھن ورهين کان وڌيڪ عرصو شاگردن کي پُراڻن ۽ نون شاعرن جو شعر پڙهائيندو ۽ سمجهائيندو ٿو اَچان، پر آءٌ ڪڏهن چار سِٽون بيت جون ڪونہ لِکي سگهيس.
شاهين صاحب ’شاهين‘ لفظ پنھنجي نالي طور ورهين کان اِستعمال ڪندو اَچي، ڄڻ قدرت گهڻو اَڳ کيس هن ڪمَ لاءِ چُونڊي، اِهو تخلص اَڳي ئي کيس عطا ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن آءٌ چوان تہ هيءُ شعر بہ رب سائينءَ طرفان قدرتي ڏات وانگر عطا ٿيو اَٿس تہ مغالطو ڪونہ ٿيندو، جيئن پاڻ بہ پنھنجي شعر ۾ ڪٿي ڪٿي اَهڙي دعوى ڪئي اَٿس.
اُٿياري اَڌ رات جو، سَتُر ڪيو سَتارَ،
نيئي مون اَپارَ، سُتِي ڏِنائي سُرتِ جي.
’اُهاءُ‘، نج سنڌي لفظ آهي، جو ’روشنيءَ‘ جي معنى ۾ ڪم اِيندو آهي. جيئن هڪڙي شاعر دولھہ دريا خان جي آکاڻيءَ ۾ دريا خان ۽ همونءَ جي شاديءَ ۾ همونءَ جي مُلھي نالي سئوٽ جي حُسن جي واکاڻ ڪندي لِکيو آهي:
اُنھيءَ جي اُهاءَ تي، رات چنو روجهن،
بيشڪ خالقِ اَڪبر، شاهين صاحب کي اَندر ۾ اُهاءُ بخشيو آهي.
مون کي مون پريُنِ، نِـبوليو نينھن ۾،
ساريندي سُپريُنِ، اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو.
اِنھيءَ سبب جي ڪري هو نہ رُڳو جهٽ پَٽ هيترو سارو شعر چئي ويو آهي، پر بيت ۽ وائيءَ جي گهاڙيٽي ۽ فڪر ۾ بہ ڪيتريون نيون ڳالھيون ۽ واٽون ڏِنيون اَٿس. سُر ڪلياڻ، سُر ڪيڏارو ۽ سُر سارنگ هر سنڌيءَ جو ڄاتل سُڃاتل آهي، پر سُر سنڌ ۽ سُر بلاول (مخدوم بلاول سان منسوب ٿيل) هن صاحب جي فڪر جي اِيجاد آهي.
چوندا آهن تہ شاعر جي دل عام اِنساني دلين کان وڌيڪ حَساس ٿيندي آهي. هن زماني ۾ دُنيا جي جيڪا حالت آهي، جنھن ۾ جبر ۽ ڏاڍَ سان بيڪس ۽ بيوس اِنسان کي پيڙيو پيو وڃي، تنھن دردمند دل کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي، ڄڻ مخدوم بلاول کي هينئر گهاڻي ۾ پيڙيو ويو آهي.
ڏيھہ جا ڏُک ڏِسي بادل دانھون پيو ڪري، ڄڻ ڪه اَکين مان رتو آب پيو هاري، رعد رڙيون، ڪڙ ڪڙ ڪڙڪا پيو ڪري.
شاهين صاحب جو اَهڙين حالتن کان متاثر ٿيڻ فطري آهي. هن صاحب بہ ماحول جي عڪاسي ڪئي آهي، جيئن چوي ٿو.
دل دانھن ريءَ نہ رهي، ماٺِ مون مَ جُڳاءِ،
ڪھڙي منھن اُچاءِ، ڀائر منھنجا بُکَ ۾.
-
دانھون ڪن دوزخ ۾، سي پڻ منھنجا ڀارَ،
ڀَرم رَکُ ڀتارَ، تہ ڀائر نڪرن باهِہ مان.
خيالَ جي اُڏامَ تہ ڏِسو:
ڪوئي نہ توهجي ڪَڍَ، سڀ کي جوف جنت جو،
سچل فقير چيو هو تہ: ”دوزخ دَڙڪو، بھشت دِلاسو“ پر هي تہ فڪر ئي ٻيو آهي، صفا سچ چوڻ جي واٽَ آهي.
”آهِہ شھيدن ماڳ، نالي ۾ سنڌ سَڏجي“ سنڌ جي لاءِ سِڪَ ۽ عظمت ٻيو ڪيئن ڏيکاري ٿي سگهجي.....!؟ شاعر کي پنھنجي شعر مان ئي سُڃاڻبو آهي، چوي ٿو تہ:
پاڻ ئي آيو اَڱڻ تي ڏِٺم عجب اِسرار،
پَسي پالڻھار، ’شاهين‘ نڪتو شرڪَ مان.
پالڻھار کي پَسڻ لاءِ شرڪَ مان نڪرڻ ڪا ٿورڙي ڳالھہ آهي؟ خلقڻھار اَڳيان عرض ڪرڻ جو نمونو بہ ڏِسو:
ميان مھربان! پيٽ پار تہ پِٽَ لَـھي.
پَڇاڙيءَ جو دُنيا لاءِ سندس پيغام جا ٻہ اَکر ٻُڌائڻ بہ واجب ٿو سمجهان:
مر تہ ماڳ ماڻئين، ناتو نينھن نڀاءِ،
ڪانہي ويل ويھڻ جي، وڍي وجهہ اَنياءُ،
جيئن تو مَ جُڳاءِ، سڀ کي سَڏُ سوريءَ جو.
منھنجي دُعا آهي تہ قادر پنھنجي ڪرم سان کيس پنھنجي نيڪ تمنائن ۽ مقصد ۾ ڪامياب ڪري، گهڻي کان گهڻي ترقي ڪري ۽ ويران وير وڌ هجي. (آمين)
