شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

اِنٽرويو: قاضي آصف

شاعري اِظھار جو گهڻو سگهارو ذريعو آهي: يوسف شاهين

اِيئن شايد ئي ڪو ٿيندو هجي تہ ويٺي ويٺي هڪ ڏينھن ۾ شاعريءَ تي دسترس حاصل ڪري، وڏن شاعرن جي صف ۾ شامل ٿي وڃجي. ڪڏهن ڪڏهن واقعي اِيئن ٿي بہ ويندو آهي، سنڌي شاعريءَ ۾ ڪجهہ سال اَڳ اَهڙو واقعو ٿي چُڪو آهي. هڪ ڏينھن يوسف شاهين، شمشيرالحيدريءَ کي پنھنجا ڪجهہ شعر ڏيکاريا ۽ پوءِ ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ سڄو بياض لِکي ورتو. يوسف شاهين سُٺو نثرنويس ۽ صحافي تہ اَڳ ۾ ئي هو، پر هن اوچتو شاعري ڪئي ۽ اُها بہ اَعلى معيار جي.! ڪيترائي ماڻھو حيران ٿي ويا تہ هي رات وِچ ۾ شاعر ڪيئن ٿي ويو؟ هن هيستائين مُروج شاعريءَ جي نسرڻ کانسواءِ نوان ۽ جديد سُر تخليق ڪري وِڌا. ڪيترن ئي دوستن کيس سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اَنوکو واقعو قرار ڏِنو.
اسان يوسف شاهين سان سندس شاعريءَ جي حوالي سان ڪجهہ ڳالھيون ڪيون. يوسف شاهين سنڌيءَ کانسواءِ اَنگريزيءَ ۾ بہ سُٺا ڪتاب لِکيا آهن ۽ لِکي رهيو آهي. سندس اِيمان آهي تہ هر زبان سندس زبان آهي ۽ سڄي دُنيا سندس وطن آهي.

سوال: سنڌي شاعريءَ جي مختلف دؤرن بابت اوهان ڇا چوندؤ؟
يوسف: آءٌ هينئر شاعريءَ جي ٽن دؤرن بابت ڳالھائيندس. هڪ شاھہ جو دؤر آهي، جنھن ۾ وحدت الوجود، قومي تشخص ۽ آزاديءَ جي ڳالھہ ڪئي ويئي. ٻيو سچل ۽ ساميءَ جو دؤر هو، جنھن ۾ سچائيءَ کي ڀير تي ڏؤنڪو هڻي چوڻ جو دؤر چئي سگهجي ٿو، ٽيون دؤر شيخ اَياز جو آهي، جنھن ۾ هڪ گم ٿيل قومِ جي سُڃاڻپَ ڳولي ويئي آهي.
سوال: خليفو نبي بخش سنڌ ۾ اَوائلي دؤر جو وڏو مزاحمتي شاعر ٿي گُذريو آهي، اُن کي وساري ڇڏڻ يا نظراَنداز ڪرڻ جا ڪھڙا سبب آهن؟
يوسف: اِهو اسان جو قومي اَلميو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ اَهڙيو حالتون پيدا ڪيون ويون، جيئن اسان سڀ ڪجهہ وساري ڇڏيون، پنھنجو وجود، پنھنجو شاندار ماضي، پنھنجي ٻولي، تھذيب ۽ تمدن، سڀ نظراَنداز ڪري ڇڏيون. اوهان خليفي نبي بخش جي مزاحمتي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو آهي، آءٌ چوان ٿو تہ شاھہ لطيف سنڌي شاعريءَ جو اَڍائي سؤ سال گُذرڻ باوجود اَڄ بہ مزاحمتي شاعريءَ جو سڀَ کان وڏو علمبردار آهي، پر سندس شاعريءَ جي معنى ۽ تشريح بدلجي ويئي آهي. بھرحال منھنجي خواهش آهي تہ سنڌيءَ ۾ مزاحمتي شاعريءَ کي شاھہ لطيف جنھن مقام تي ڇڏيو، اَڄ اُن کان گهڻو اَڳتي جي ڳالھہ ٿيڻ گهرجي، اُصولي طور تي اِهو ڪم خليفي نبي بخش کي ڪرڻ گهرجي ها.

سوال: اوهان ڪڏهن کان شاعري پيا ڪريو ۽ شاعريءَ جي ڪھڙي صنف اوهان کي وڌيڪ پسند آهي؟
يوسف: مون 1978ع کان اَڳ شاعريءَ جي باري ۾ سوچيو بہ نہ هو، بلڪہ شاعري، ڪھاڻي ۽ ناول مون کان پڙهيا نہ ٿيندا هئا. منھنجي پسند جا موضوع تاريخ، مذهب ۽ فلسفو رهيا آهن. بھرحال هڪ رات اوچتو مون کي شاعريءَ جو خيال آيو ۽ اُن ئي رات مون چار بيت لِکيا، جيڪي مون پنھنجي شاعر دوست شمشيرالحيدريءَ کي ڏيکاريا، جنھن چيو تہ وڌيڪ لِک! مون هڪ ئي هفتي ۾ شاعريءَ جو سڄو ڪتاب لِکي ورتو، جيڪو ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جي نالي سان ڇپيو. اُن کانپوءِ منھنجي شاعريءَ جا ٻہ ٻيا ڪتاب بہ ڇپيا، اُنھن ٻنھي ڪتابن لِکرائڻ ۾ عابدہ پروين جو وڏو هٿ آهي، جنھن لڳ ڀڳ منھنجون لِکيل هڙئي وايون ۽ گهڻا بيت ڳايا آهن، جيڪي ڇھن يا ستن ڪئسٽن تي مشتمل آهن. شاعريءَ ۾ مون کي بيت وڌيڪ پسند آهي.
سوال: اوهان مختلف موضوعن تي ستَ ڪتاب لِکيا آهن، ڪھڙين ڳالھين اوهان کي نثر لِکڻ تي مجبور ڪيو؟
يوسف: آءٌ شروع کان ئي نثر ۾ اِنساني مسئلن تي لِکندو پيو اَچان. غلط جاگرافيائي حدَبنديون، جيڪي فوجي ڪارواين ۽ هٿ ٺوڪين شاهي سلطنتن جي عروجَ ۽ زوال جي نتيجي ۾ ٺاهيون ويون آهن، اُهي دُرست ڪرڻ جي ضرورت آهي. اِها خوشيءَ جي ڳالھہ آهي تہ هن صديءَ جي دؤران هڪ سؤ کان بہ وڌيڪ ملڪ آزادي حاصل ڪري چُڪا آهن، اُنھن جون سرحدون نئين سِري کان طئي ٿيون آهن. ٻيو مسئلو بي گناھہ اِنسانن جي قتلِ عام جو آهي، هر صديءَ ۾ لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ ماڻھو قتل ٿين ٿا، عورتون اَغوا ٿين ٿيون، تمام گهڻا ماڻھو لڏپلاڻ تي مجبور ٿين ٿا، معصوم ٻارڙا ماريا وڃن ٿا، رُڳو هن صديءَ ۾ مختلف ڪاررواين ۾ هڪ ڪروڙ کان بہ وڌيڪ ٻارڙا مارجي ويا، اِهو اِنسانن جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، اِن صورتحال کي مُنھن ڏِيڻ جي لاءِ اِنسان کي ڪا ٺوس راهَه ڪڍڻ گهرجي. منھنجي سڀني لِکڻين جو مرڪزي نقطو اِهو ئي آهي.

سوال: سنڌي شاعريءَ ۾ مُروج سُرن کان هٽي، اوهان پھريون ڀيرو نوان سُر لِکيا آهن، اُن جو ڪھڙو سبب آهي؟
يوسف: گُذريل ٻن سؤ سالن کان سنڌي شاعريءَ ۾ مخصوص سُر هلندا پيا اَچن. آءٌ سمجهان ٿو تہ هاڻ دُنيا ۾ اُهي حالتون نہ رهيون آهن تہ سِڌي ۽ سچي ڳالھہ ڪري نہ سگهجي. شاھہ لطيف آزاديءَ جي ڳالھہ سُر مارئيءَ ۾ مارئيءَ جي آزاديءَ جي نالي تي ڪئي تہ جيئن ظالم حُڪمران جي گِرفت کان بچي سگهجي. بھرحال هاڻ حالتون بدلجي چُڪيون آهن ۽ شاعريءَ کي وڌيڪ سگهارو رُوپ ڏيئي سگهجي ٿو، جنھن ۾ مون اَڳڀرائي ڪئي آهي. اوهان ڏِسندؤ تہ اَڳوڻي گل ۽ بلبل جي شاعري پنھنجي اَهميت وِڃائي رهي آهي، جنھن ۾ رُڳو محبت جي اِظھار ڪرڻ جي لاءِ زمانا گُذري ويندا هئا.

سوال: سنڌيءَ ۾ آزاد نظم ۽ هائيڪو وڏي تعداد ۾ لِکيا پيا وڃن، اُنھن جي معيار بابت اوهان جي ڪھڙي راءِ آهي؟
يوسف: هائيڪو، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين ۽ ٻاهران آيل صنف آهي. شيخ اَياز هائيڪن جو سڄو ڪتاب ’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ جي نالي سان لِکيو آهي، ٻين شاعرن بہ اُن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. آزاد نظم جو بہ اِهو ئي حال آهي، جنھن جي معيار تي ڊِگها اِختلاف موجود آهن. بھرحال هِتي آءٌ اِها ڳالھہ چِٽي ڪندو هلان تہ شاعري اِظھار جو گهڻو سَگهارو ذريعو آهي، جنھن کي اَدب ۾ مٿانھون مقام حاصل آهي. جڏهن ظلم ۽ جبر جي خلاف ڳالھہ ڪرڻ جي مجال نہ هجي تہ شاعريءَ جي ذريعي اُن جمود کي ٽوڙي سگهجي ٿو. اوهان اِظھار جي آزاديءَ جي لاءِ شاعريءَ جو ڪوبہ فارميٽ اِستعمال ڪري سگهو ٿا. سنڌيءَ ۾ سڀني کان سُٺو ذريعو ’بيت‘ جو فارميٽ آهي، جنھن ڏانھن شاعرن کي وڌيڪ ڌِيان ڏيڻ گُهرجي.
سوال: اوهان شاعريءَ کانسواءِ صحافت بہ ڪئي آهي، اُن تجربي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏِسو؟
يوسف: صحافت هڪ مقدس پيشو آهي، جنھن جي رُوحَ کي ڪاروباري گُهرجن مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، نہ تہ پاڪستان ۾ فوج کانپوءِ سڀ کان وڏي سگهہ ’صحافت يا پريس‘ آهي. اُن کانپوءِ بيورو ڪريسي، چوٿين نمبر تي سياستدان اَچن ٿا. سنڌي صحافت شديد بدحاليءَ جو شڪار آهي. هڪ سؤ کان بہ وڌيڪ سنڌي رسالا آهن، جن مان هڪ ٻہ ئي مشڪل سان مارڪيٽ ۾ اَچڻ جي قابل ٿيا آهن. ڪراچيءَ مان نوَ سنڌي اَخبارون ڇپجنديون هيون، باقي رُڳو ٻہ وڃي بچيون آهن.

[ اُردوءَ مان ترجمو ڪيو ويو، روزاني ’جنگ‘ ]