علي نواز وفائي: اِلھامِي رنگ ۾ رَڱيل شاعري!
شعر و شاعريءَ جي دُنيا ۾ هن اَڌ صديءَ ۾ جن بہ شاعرن پنھنجي جوهرن جو جلوو ظاهر ڪيو آهي، اُنھن مان اسان جي هن نوجوان، قومي درد رکندڙ جو اَندازِ بيان ۽ طور طريقو نھايت ئي مختلف ۽ منفرد آهي. منھنجي خيال موجب سنڌ جي هن نوجوان شاعر جنھن جُرئت ۽ جوانمرديءَ جو اَظھار ڪيو آهي، اُن جو مثال ڪوبہ نظر نہ ٿو اَچي.
شعر و شاعريءَ جي دُنيا ۾ جيڪي بہ اسان جا ننڍا توڙي وڏا شاعر ٿي گُذريا آهن، تن اِنھيءَ صنف ۾ پنھنجون زندگيون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ڪنھن مقام ۽ منزل تي پھتا آهن، مگر يوسف شاهين نھايت ئي ٿوري عرصي ۾ شعر و شاعريءَ جي دُنيا ۾ قومي شاعرن سان ڪلھو ڪلھي ۾ وڃي مِلايو آهي. مان شاهين جي شاعريءَ کي اِلھامي رنگ ۾ رڱيل شاعري چوان تہ اُن ۾ ڪوبہ وَڌاءُ ڪونہ ٿيندو.
ڪتاب جي مختلف ۽ جُدا جُدا سُرن جي بيھڪ ۽ بناوت، لفظن جي جوڙجڪَ، مثال ۽ محاورا، تشبيھون ۽ ترتيبون، ڪلامَ جي سُونھن ۾ چار چنڊ لڳائي بِيٺيون آهن. سندس هڪ هڪ بيت ۾ جيڪا بہ گهرائي، فڪر ۽ اُن سان گڏ سوز، درد ۽ دانھن جا داستان دُهرايا ويا آهن، سي پڙهندڙن جي اَکين آڏو جيئرا جاڳندا ٿي ڪري، پنھنجي معنى ۽ مطلب ظاهر ڪندا، صحيح نقشو پيدا ڪندا، اَڳتي وَڌندا رهن ٿا. يوسف شاهين شاعريءَ جي شان ۽ مان سان اَهڙو سُھڻو سُلوڪ ڪيو آهي، جو شاعريءَ جو فن، سندس ذات تي فخر ڪرڻ کانسواءِ رهي نہ ٿو سگهي. هونءَ بہ سھي معنى ۾ فنڪار اُن کي چيو ويندو آهي، جنھن فنڪار تي خود فن فخر ڪندو رهي.
