شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

علي نواز وفائي: اِلھامِي رنگ ۾ رَڱيل شاعري!

يوسف شاهين پنھنجي اَندر جي آواز کي جنھن نموني بنا ڪنھن خوف ۽ خطري، ڊَپَ ڊاءَ ۽ ڏمر ڏهڪاءَ جي هن ڌرتيءَ تي وسندڙن جي جذبات جي جيڪا صحيح ترجماني قلم جي زبان سان، سفيد ڪاغذ جي سِيني تي ظاهر ڪئي آهي، تنھن جي اَنداز ۽ اُن جي اَدائن جو ذڪر ڪھڙي زبان، ڪھڙي قلم سان قلمبند ڪجي.
شعر و شاعريءَ جي دُنيا ۾ هن اَڌ صديءَ ۾ جن بہ شاعرن پنھنجي جوهرن جو جلوو ظاهر ڪيو آهي، اُنھن مان اسان جي هن نوجوان، قومي درد رکندڙ جو اَندازِ بيان ۽ طور طريقو نھايت ئي مختلف ۽ منفرد آهي. منھنجي خيال موجب سنڌ جي هن نوجوان شاعر جنھن جُرئت ۽ جوانمرديءَ جو اَظھار ڪيو آهي، اُن جو مثال ڪوبہ نظر نہ ٿو اَچي.
شعر و شاعريءَ جي دُنيا ۾ جيڪي بہ اسان جا ننڍا توڙي وڏا شاعر ٿي گُذريا آهن، تن اِنھيءَ صنف ۾ پنھنجون زندگيون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ڪنھن مقام ۽ منزل تي پھتا آهن، مگر يوسف شاهين نھايت ئي ٿوري عرصي ۾ شعر و شاعريءَ جي دُنيا ۾ قومي شاعرن سان ڪلھو ڪلھي ۾ وڃي مِلايو آهي. مان شاهين جي شاعريءَ کي اِلھامي رنگ ۾ رڱيل شاعري چوان تہ اُن ۾ ڪوبہ وَڌاءُ ڪونہ ٿيندو.
ڪتاب جي مختلف ۽ جُدا جُدا سُرن جي بيھڪ ۽ بناوت، لفظن جي جوڙجڪَ، مثال ۽ محاورا، تشبيھون ۽ ترتيبون، ڪلامَ جي سُونھن ۾ چار چنڊ لڳائي بِيٺيون آهن. سندس هڪ هڪ بيت ۾ جيڪا بہ گهرائي، فڪر ۽ اُن سان گڏ سوز، درد ۽ دانھن جا داستان دُهرايا ويا آهن، سي پڙهندڙن جي اَکين آڏو جيئرا جاڳندا ٿي ڪري، پنھنجي معنى ۽ مطلب ظاهر ڪندا، صحيح نقشو پيدا ڪندا، اَڳتي وَڌندا رهن ٿا. يوسف شاهين شاعريءَ جي شان ۽ مان سان اَهڙو سُھڻو سُلوڪ ڪيو آهي، جو شاعريءَ جو فن، سندس ذات تي فخر ڪرڻ کانسواءِ رهي نہ ٿو سگهي. هونءَ بہ سھي معنى ۾ فنڪار اُن کي چيو ويندو آهي، جنھن فنڪار تي خود فن فخر ڪندو رهي.