شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 143
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

ماهتاب محبوب: دِلين جو ترجمان شاعر

شاعريءَ جي معراج تي راتو رات پھچڻ جو شرط حاصل ڪندڙ يوسف شاهين کي اُن رُتبي تي رَسائڻ وارو لاشڪ سندس ’شاهين‘ صفت بُلندين تي پرواز ڪندڙ ذهن آهي. شاھہ سائين چواڻيءَ:
جنھن جي چِيچَ سيد هٿَ ۾،. تنھن کي لَھر نہ لوڏو.
يوسف شاهين سان بہ ساڳئي دُعا لاڳو سمجهڻ کپي، جو پنھنجي سُھڻي سوچَ ۽ اَعلى ذهن جي وسيلي چڱن جي ماڳ تي هلڻ سان چڱايون پلئہ پيون اَٿس.
شاعريءَ جي رمزن مان گهڻو ڪونہ ڄاڻان، پوءِ بہ چيدہ چيدہ شعر ۽ ڪلامَ منھنجو ڌِيان پاڻ ڏانھن ضرور ڇِڪائين، اُن ڪري ئي مون شاهين جي شاعري ڏاڍي چاهَه ۽ ڌِيان سان پڙهي آهي، جيڪا مون کي ڪنھن اِلھامي معجزي جيان اُونھي ۽ اَثرائتي لڳي. هن سَچي قلمڪار جو ثبوت ڏيندي، لفظن مان ڄڻ ڪي مالھائون جوڙيون هجن، جن ۾ اَمرتا جا جوهر آهن تہ سون ورني ڌرتيءَ جي چندن جھڙي خوشبوءِ بہ. اَحساسن جي اُها خوشبوءِ پري پري تائين پکڙجي، وايومنڊل ۾ تبديلين جا چِٽا اُهڃاڻ پيدا ڪري، معاشري ۽ سماج کي هڪ نئين واٽَ تي لائي ٿي.
پنھنجي مجموعي ۾ هن جهڙيءَ رِيت وايون ۽ بيتَ رَچيا آهن، تن جي پيشڪش جو اَنداز اَنوکو ۽ من موهيندڙ آهي. هن پُراڻي توڙي نئين اَدبي رَوَين ۽ قدرن کي گڏ ڪري هڪ اَهڙي شئي سنڌ جي سٻاجهڙن کي ڏِني آهي، جنھن جي پڙهڻ سان خوداَعتماديءَ جو اَحساس وَڌي ٿو.
يوسف شاهين جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ پڙهي، پڪَ ٿي هئم تہ کيس پنھنجي محنت ۽ جذبن جي سَچائيءَ جي جوڳي موٽَ ضرور مِلندي.
هن ٿوري عرصي ۾ جيڪا شُھرت حاصل ڪئي، کيس هند، سنڌ ۾ بنا ڪنھن جهلي جي جيڪو زبردست دادُ ۽ مڃتا مِلي، اُن مان صاف طور تي پڌرو آهي تہ هو صحيح معنى ۾ دلين جي ترجماني ڪندڙ عوامي شاعر آهي، جنھن کي ڄڻ رُوح جي آرپار ڏِسڻ جي قدرتي ڏاتِ مِليل آهي.
مان شاهين جي ڪلام جي سڀ کان وڏي خوبيءَ جو ذڪر ڪرڻ بہ ضروري سمجنهديس تہ هو پنھنجي ڳالھہ پرولين ۾ چوندي بہ ايڏو چِٽو ۽ پَڌرو آهي، جو پڙاڏي ۾ بہ منفرد آواز سُڃاڻڻ ۾ اَچي ٿو، جيڪو حساس ذهنن ۾ لوحِ قلم جيان محفوظ آهي.
رَتُ وريو ڪينڪي، بخش ڪا بلال،
پُڇيم پاتال مان، سنڌ ڪاڻ سوال،
اَڃا اَگُهورَ ۾، آهي اِنھيءَ حال،
اُٿيو ڪونہ اَٿاھہ مان، سھسين ٿيا سالَ،
آيس تو درِ لال، دانھن ڏِيڻ ديسَ جي.

]21 جون 1980ع[