شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 143
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

ڊاڪٽر آفتاب اَبڙو: عالمي تاريخ جو مطالعو

جڳ مشھور عالم، عالمي تاريخ، تھذيبن، قديم رِياستن جي عروج ۽ زوال کان باخبر، مختلف لاڙن جو باڪمال شاعر، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جان اَرپيندڙ مانواري سائين يوسف شاهين جو ڪتاب ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ منھن جي سامھون آهي ۽ اُن جا ڪافي حِصا پڙهي ورتا اَٿم. سچ پُڇو تہ بلڪل مُنجهي پيو آهيان تہ ٻہ اَکر ڪتاب تي لِکان يا ليکڪ تي! اَهڙن موضوعن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ مواد بنھہ گهٽ آهي، ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ليکڪن عالمي واقعن بابت مختصر لِکيو آهي، باقي تہ بس!
ڪتاب جو ليکڪ سائين يوسف شاهين بُنيادي طور تاريخ ۽ تھذيب جي عِلمن جو ماهر آهي. پاڻ تاريخ تي ايترو تہ پڙهيو اَٿس، جو رُڳو ڪنھن ملڪ يا حاڪم جو نالو کڻو، سائين بِنا ڪنھن ڪتاب ڏِسڻ جي سندس مڪمل تاريخ، جاگرافي ٻُڌائي ويندو تہ ڪِٿان آيو، ڪھڙي مقصد کان ڪاھہ ڪيائين، پوءِ کيس فتح ڪيئن مِلي، اُتي ڪيترو وقت رهيو، ملڪي ماڻھن جي ڀلائيءَ يا برباديءَ لاءِ هن ڇا ڪيو؟ اُن دؤر ۾ سندس پاڙيسري ملڪن ۾ ڇا ٿي وهيو واپريو؟ سڀ ڪجهہ يڪساهيءَ سان ٻُڌائي ويندو. هن ڪتاب ۾ پڻ قديم دؤر جي تھذيبن، مذهبن، رَوايتن، حملن وغيرہ بابت عالمي تاريخ جي اُٿل پُٿل کي آسان زبان ۾ بيان ڪيو اَٿس.منھنجو مشاهدو آهي تہ ڪافي عِلمن/صنفن تي سينئر دوست لِکن پيا، اُهي ڇپجن بہ پيا ۽ اُنھن جا ڪتاب وِڪامجن بہ پيا، اَدب ۾ سندن نالو آهي! پر جڏهن ساڻن اُن موضوع جي گهرائيءَ يا ٻين لاڳاپيل پاسن تي ڳالھائبو تہ فوري طور تي نَٽائڻ يا آئين بائين ڪرڻ لڳندا آهن، اُن جا بہ ڪي سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ تہ تاريخ ’اُٺَ ڪاٺيو‘ ڪم آهي، اُن جي سڀني پاسن کي سمجهڻ لاءِ وڏو تجربو گُهرجي، اِهو فن پيڙهين تائين پيو هلندو آهي. ماضيءَ ۾ تھذيبون ڀرپاسي وارن مُلڪن تي اَثراَنداز ٿينديون رهيون آهن. ٻن چئن مُلڪن جي قبضي کانپوءِ اَڪثر بادشاھہ پاڻ کي خدا جو درجو ڏيئي، رَعيت کي حُڪم ڪندا هئا تہ فلاڻي شھر تي قبضو ڪرڻو آهي، اَهو اِلاهي حُڪم آهي، خدا اوهان کي اَفضل ڪيو آهي، اوهان کي حق ٿو پھچي تہ عام ماڻھن کي غلام بڻايو يا قتلام ڪيو. کين منھنجو پيغام پھچايو تہ جيئن هو سِڌيءَ راهَه تي هلن. اَهڙي هلت سنڌو سڀيتا کان سِواءِ سُمير تھذيب ۾ گهڻو ڏِسڻ ۾ اَچي ٿي. اُتان جي شھري رِياست ’اُر‘ (Ur)، جنھن کانپوءِ ’عرق‘ ۽ ’عراق‘ بڻيو.
سُمير ۾ 5000 سال اَڳ 8 شھري حُڪومتون هيون، هر رِياست جو خدا اَلڳ هو. هو عام ماڻھن کي ٻُڌائيندا هئا، رزق ۽ روزي، توڙي زندگي ۽ تحفط ڏِيڻ سندن ڪم آهي. هو صرف اِطاعت ڪن. (تفصيل لاءِ اَصل پڙهو) فطري اُصول آهي تہ جڏهن اَلڳ ملڪ ۽ حُڪم هوندا تہ هر رِياست جو وهنوار بہ اَلڳ ۽ نرالو هوندو هو، هر بادشاھہ پاڻ کي برتر سمجهندو هو ۽ رعيت کي بہ اَهڙي سِکيا ڏيندو هو تہ هو اَفضل نسل آهن، خدا کين ٻين تي حاڪميت جو حق ٿو ڏئي. آرين، عيسائين، يھودين، پارسين، مسلمانن جو بہ اِهو عقيدو آهي، هٽلر بہ اِن اُصول کي عام ڪندي ڪيترن ئي ملڪن تي قبضو ڪري ورتو.
دراَصل اينٿروپالاجي (Anthropology) جو اِهو هڪ وڏو بحث آهي تہ حاڪم، مبلغ ڪھڙيءَ رِيت پاڻ کي ۽ پنھنجي رعيت کي ٻين قومن جي ڀيٽَ ۾ مٿانھون مقام ڏِين ٿا ۽ ٻين تي حُڪومت ڪرڻ پنھنجو حق سمجهن ٿا. سائين يوسف شاهين جھڙا عالم ئي اِن فلسفي کي سُلجهائي ۽ سمجهائي سگهن ٿا. جيڪڏهن گهرائيءَ سان ڏِسجي تہ هن ڪتاب جو مُکيه بحث بہ اِهو آهي، جنھن کي سمجهائڻ لاءِ سائين 5000 ق.م جي دؤر جي تھذيبن، مذهبن، حاڪميت جي اُصولن کي اُجاگر ڪيو آهي. هن سوين ڪتابن جو مطالعو ڪيو آهي، پوءِ ڪنھن ڪتاب مان چارِ سِٽون تہ ڪن مان چار اُصول اَخذ ڪيا آهن. ظاهر آهي تہ جڏهن ڪو ڏاهو حاڪم مختلف حالتن کي مُنھن ڏئي ٿو تہ اُن جي ردِ عمل ۾ ڪي نوان لاڙا پيش ڪري ٿو، نوان اُصول گهڙي ٿو.
گُتي قبيلن 2193 ق. م دؤران اَڪادي ايمپائر تي حملا ڪري، تقريباً سمورا وڏا شھر برباد ڪري ڇڏيا. هو جابلو لوڪَ هئا. ڪوراڄٽ، پر طاقت جي زور تي اَڪادي رياستن تي قبصو ڪري ويا.
هنن پنھنجي قبائلي سوچَ مطابق قبضي هيٺ آيل ملڪن لاءِ نوان قانون جوڙيا. اُنھن مان 1. چوري، ڌاڙي، زوريءَ زِنا ۽ قتل لاءِ موت جي سَزا مقرر ڪئي ويئي. 2. جيڪڏهن ڪو شخص ٻئي جو ڪو عضوو ڪَپيندو تہ اُن کي چانديءَ جو هڪ سِڪو ڏَنڊ طور ڏِيڻو پوندو.
اُن کانپوءِ ’اُر ٽئين سلطنت‘ (Ur - III Dynasty) جو دؤر اَچي ٿو، جنھن فتحن جو ڌَنڌو شروع ڪيو. جانٺن جوانن جا جَٿا جوڙي، واري سان شھر فتح ڪندو ويو. واضح رهي تہ اُن اِنساني نسل جا سَردار اَرغون، ترخان ۽ اَزبڪ بہ پئسن تي ماڻھو وٺندا هئا، ڪِن جون پگهارون مقرر هيون تہ ڪي وري ٻہ ويلا مانيءَ تي تڳندا هئا. اُنھن جي اَڳواڻن کي پنج هزاري، ڏھہ هزاري، ويھہ هزاري جا لقب ڏيئي، پنھنجي قبيلي جو اَڳواڻ مقرر ڪندا هئا ۽ هٿِ آيل مالِ غنيمت مان بہ اُنھن کي ڪجهہ حِصو ڏيندا هئا. اُنھن قزاق قبيلن پنھنجي وحشي صفت ۽ پئسن عيوض ڪروڙين قتلام ڪيا، وسندڙ شھر وِيران ڪيا، ٺٽي شھر ۽ بغداد کي باهيون ڪنھن ڏِنيون؟
سو سائين شاهين صاحب ور ور ڪري پيو تاڪيد ڪندو آهي تہ تاريخ پڙهو، پُرجهيو ۽ سمجهو، تاريخ جي فھم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، قومن جي زوال ۽ عروج کي سمجهو، پنھنجي سنڌ جي تاريخ کي ور ور ڪري پڙهو. اسان ڇو ڌَڪَ کاڌا؟ 5 هزار اَرغون اسان جي ڌرتيءَ تي 20 هزار مڙسن کان ڪيئن ڏاڍا ٿيا؟ نادر شاھہ ڏن وٺڻ لاءِ ڪابل مان هلي ٿو ۽ اَچي عمرڪوٽ پھچي ٿو تہ وچ تي اُن سان ڪوبہ قبيلو منھن مقابل ڇو نہ ٿيو؟ ’ميان وال‘ جا جوڌا کين راتاها هڻي ڇو نہ ڀڄائي سگهيا. هو سڀني گهٽن گهيڙن کان بہ واقف هئا.
تاريخ صرف رياستن جي تباهين، بربادين ۽ ظالم حاڪمن پاران هٿرادو اُصول جوڙي، ماڻھن کي مطيع ڪرڻ جو نالو نہ آهي، اَلبت اُنھن دؤرن جي لافاني اِيجادن، اُصولن ۽ عام ماڻھن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو بہ نالو آهي. جڏهن بغداد، بصري، اُزبڪستان، يونان، اِيران جھڙا مضبوط ملڪ مخالفن جي مزاحمت ڪري نہ سگهيا، هر ملڪ جنگجُو قبيلا گُهرائي، پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي تہ اُتي ڪھڙيءَ ريت سنڌو سلطنت هٿيارن کان پاڪ ۽ هڪ خدا جو تصور ڏِنو ۽ تمام وڏو عرصو اُن کي قائم رکيو.
اِهو بنھہ اَهم سوال آهي تہ آخر ڪھڙي حِڪمتِ عملي هئي، جو ساڄي کاٻي پاسي ڦُرلُٽ هئي. هڪ ئي رياست ۾ 16 خدا هئا، پر سنڌ دُنيا جو واحد خِطو آهي، جيڪو اُنھن کان بالاتر هو، اُن کانپوءِ جڏهن رياست جو وجود عمل ۾ آيو تہ هنن اَول پَڪي سِر ٺاهي، اُها بہ جاگرافيءَ جي اُصولن تي. جڏهن تہ دُنيا ۾ جاگرافيءَ جا اُصول 1940ع ۾ جُڙيا. سنڌين کي اُهي اُصول اَول ڪنھن سيکاريا! اُن هڪ اَهم اِيجاد، جنھن سان هنن ٻہ ماڙ عِمارتون جوڙائي گڏ رهيا، کُوهَه کوٽائي پَڪا ڪيا، اَن جا ڀانڊا ٺاهيا، اُنھن وسيلن سبب هو پاڻ کي محفوظ ۽ بي فڪر ٿي سمجهيا. جڏهن جهنگ جي جانورن جو ڪو خوف نہ هجي، اَن، پاڻي ميسر هجي تہ ذهن هزارين ڀيرا وڌيڪ ڪم ڪندو آهي. ]جنھن جي گُنديءَ ۾ داڻا، تنھن جا چريا بہ سِياڻا.[ اَهڙيءَ ريت سنڌو سلطنت 12 لک چورس ميلن تائين پکڙجي ويئي، هر هنڌ اَمن اَمان ۽ سُک سانت هئي، حيرت جي ڳالھہ آهي تہ لوٿل بندر ۽ ڍولا ويرا بندر (گُجرات، ڀارت) مان لڌل ٺڪر جي ٿانون توڙي ٻين اوزارن جي سائيز، ويڪر، موهن جي دَڙي مان لَڌل ٿانون جي برابر هئي.
موهن جي دڙي تي تاريخي حوالي سان ڪم ڪندڙ ’جان اِي مچينز‘ (Jhon Edward Michener) پنھنجي ڪتاب ’سنڌو ماٿر جي لِکت جو اَڀياس‘ ۾ لِکي ٿو تہ: ”اِهو معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌو سڀيتا جي اَثرن بحرين کي پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو هو، ڇاڪاڻ تہ بحرين ۾ تورَ جا وَٽَ سُمير جا نہ، پر سنڌ وارا ڪتب آندا ويندا هئا. توڙي جو سنڌ جي ڀيٽَ ۾ بحرين کي سُمير وڌيڪ ويجهو هو، تنھنڪري اِهو يقين سان چئي سگهجي ٿو تہ سنڌو سڀيتا جو اَثر گهڻو پري پري تائين پکڙيل هو. (صفحو 25) اِهو وڏو فھم آموز سماجي ۽ تاريخي فڪر آهي، جنھن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
تاريخ جي تسلسل، جنھن ۾ شڪست ۽ فتح شامل آهي، اُن کي دل جي حضور سان پڙهڻ جي ضرورت آهي. تاريخ هڪ اَهڙو مضمون آهي، جنھن سان نہ صرف ماضيءَ جي معلومات مِلي ٿي، پر مختلف معاملن ۾ حاصل ڪيل سوڀون سِر اُونچو ڪن ٿيون، جنھن سان قومي وقار ۽ فخرجو اَحساس ٿئي ٿو. اِهي ٻئي اَهڙا گُڻ آهن، جيڪي قومن کي توانائي بخشي، اُتم پدَ تي پھچائين ٿا! گڏ ٿي هلڻ جي سگهہ بخشين ٿا، اَوس اُنھن قومن جي سماجَ ۾ ممتاز حيثيت رهي ٿي.
جيڪو علم اَندر ۾ ولوڙ ۽ تڙپَ پيدا ڪري، اُن لاءِ صدبار اَول پاڻ کي تڙپڻو ٿو پوي، ننڊون ڦِٽائڻيون ٿيون پون. اسان جو لائق ليکڪ بہ اُنھن جانثارن ۾ اَچي ٿو، جن لاءِ شاھہ لطيف چيو آهي: ”هئي ٻَر اَڱارن، ٻڏاهين ٻرن جي.“ يعني اُنھن اَڱارن کي شابس آهي، جيڪي ٻنھي پاسن کان ٻَرن ٿا ۽ جوت جلائين ٿا.
اَهڙي ڪيفيت مون سائين شاهين صاحب جي ڪيئي ڀيرا ڏِٺي. رات جو ننڊ حرام، صبح شام رُڳو تاريخ جي تنوارَ! بلاشڪ تاريخي تاتِ پرج سائينءَ جي رُوحَ ۾ تڙپي پيو. جيستائين سائينءَ کي گهربل حوالو نہ مِلندو آهي، تيسين نيڻن ننڊ حرام، ماني نرھہ، رُڳي ڪمپيوٽر ۽ ڪتاب جي ڳولا ۽ مون تہ اِهو بہ ڏِٺو آهي تہ هڪ هڪ حوالي لاءِ سائين هفتن جا هفتا پيو تڙپيو آهي. سائينءَ کي هاڻي ٻي ڪا تات طلب ناهي، سندس دِلي خواهش آهي تہ مذهب، تعصب ۽ خوش فھمين کان هَٽي ڪري، پوري دُنيا جي خاص طور سنڌ جي حقيقت ڀري تاريخ لِکان!
ڪاش! سائينءَ کي لِکڻ تي مڪمل آزادي هجي تہ جيڪي حقيقتون سائينءَ جي سِيني ۾ آهن ، اُنھن مان ”حقيقت اُن حال جي، ظاهر ڪريان ذري....“ مولانا رُومي چئي ٿو تہ:
سر پنہاں است اندر زیر بم٬
فاش گر گویم جہاں برہم زنم۔

(منھنجي اَندر ۾ جيڪو راز لِڪل آهي، جيڪڏهن صاف بيان ڪندس تہ دُنيا درهم برهم ٿي ويندي.)
محترم سائينءَ پھرئين باب ۾ ويدن جي حوالي سان ڪجهہ اِشارا بہ ڏِنا آهن، جيڪي عقل وارا سمجهي سگهن ٿا.
اَصل رِٿا مطابق عالمي تاريخ جا ڏھہ جُلد تيار ٿيڻا آهن، هي اُن جو پھريون جُلد آهي، جنھن ۾ ساڳئي دؤر جي تھذيب، جھڙوڪ: سُميري، اَڪادي، قديم مصر، اُر، يونان، روم، چين، آمريڪا، انڪا، امپائر، مايا تھذيبن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُنھن جي فتح ۽ شڪست کان سِواءِ حُڪومتي نيتي، مکيہ حاصلات ۽ ڪِرتن جو خاص حوالي سان ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ شروعات ۾ سنڌو ماٿر جي تاريخ، تھذيب، ميٿالاجي (Mythology)، آرين جو اَچڻ، مذهبي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جو اَحوال ترتيب سان ڏِنو ويو آهي، ٻيو جلد بہ آخري مرحلن ۾ آهي.

]يوسف شاهين جي ڪتاب ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ (جلد پھريون) جو پبلشر نوٽ[