شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

اَڪبر سومرو: يوسف شاهين: فن ۽ شخصيت

يوسف شاهين ولد عبدﷲ دائودپوٽو 3 اَپريل 1939ع تي سنڌ جي مشھور تاريخي شھر نصرپور ۾ جنم ورتو. سنڌ جي هن سٻاجهي اِنسان سان منھنجي ويجهڙائيءَ جو هڪڙو وڏو سبب اسان جي علائقي جو هڪ هجڻ آهي، ٽنڊواَلھيار ۽ نصرپور ويجها ۽ گڏيل شھر آهن ۽ هن تعليم پڻ ٽنڊي اَلھيار جي ’ايس. ايم هاءِ اِسڪول‘ مان ورتي، نصرپور جو شھر، جتي منھنجو اَچڻ وڃڻ اڪثر دوستن وٽ رهيو، جن ۾ ممتاز درس، محمد خان سمون، سائين خليل دائودپوٽو ۽ اَمان ﷲ پانڌياڻي هئا. منھنجي والد صاحب جا وري نصرپور جي ڀرسان ويٺل رندن ۽ تاجپور جي نوابن سان نينھن جا ناتا رهيا.
يوسف شاهين سان منھنجي واقفيت بہ ڪا گهڻي ڪانہ رهي آهي، پر اَسين صرف زندگيءَ ۾ هڪڙو ڀيرو PECH ڪراچيءَ ۾ ظفر اُڄڻ جي گهر تي مليا آهيون، جتي هن ٻُڌايو تہ هو، اِن کان هڪڙي رات پھرين اِسڪاٽلينڊيارڊ ۾ هو ۽ هن اُتي سنڌ تي هڪڙو آزاد نظم لکيو هو، اُن محفل ۾ هن اسان کي اُهو نظم ٻُڌايو هو ۽ مان پھريون ڀيرو سندن عالمانہ گفتگو مان محضوظ ٿيو هئس. اُن بعد 1995ع ۾ دستگير ڀٽيءَ جي چوڻ تي اِسلام آباد مان سندس اِجازت سان مون يوسف شاهين صاحب سان فون تي ڳالھايو ۽ سندس گهر اِسلام آباد ’برسات‘ اَخبار جي بيورو آفيس ۾ ڪجهہ ڏينھن ترسيس.
پاڙي ويڄ هيام، تان مون مور نہ پُڇيا،
تيلاهين پيام، موريسر اَکين ۾!

يوسف شاهين سنڌ جو اُهو عالم آهي، جنھن تي جابجا سنڌ فخر ڪري ٿي. هن جي شخصيت ۾ هڪڙو شاعر، اَديب، تاريخدان، محقق، عالم ۽ صحافي موجود آهي، پر اُنھن سڀني حوالن کان جيڪو سندس وڏو حوالو آهي، سو آهي ’سنڌپرستي‘ سنڌ جو هي برجستو ڏاهو، جنھن جو نالو سندس تحقيق ۽ ڪتابن جي حوالي سان ’ايمازون‘ کان وٺي نوبل پرائيز لاءِ شارٽ لسٽ ٿيڻ جي ڪري دُنيا جي ايوانن ۾ گونجندو ٿو رهي، تنھن جي لکيل جن ڪتابن جا مون کي حوالا مِلي سگهيا آهن، سي هيٺيان آهن:
(1) اَناالحق، (2) فاتحن جي دُنيا، (3) قديم سنڌو ماٿر، (4) اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو،
(5) اَنگريز سرڪار ۽ شاھہ عبداللطيف آف ڀٽ، (6) شاھہ لطيف: آزاديءَ جو علمبردار، (7) حق موجود، (8) يوناني ڏندَڪٿائون، (9) خُدا، اِنسان ۽ جانور (10) عالمي تاريخ جو مطالعو (هن ڪتاب جا بقول پبلشرز جي ڏھہ جلد لِکجڻا آهن)
(11) world confideration of the people, (12) Rise & Fall of Languages, (13) Truth untold, (14) The world of Conquerors, (15) Tracherous role of Armies, (16) Rise and Fall of Gods, (17) Fall of Native Languages of Americans, (18) Rise and Fall of Sanskrit, (19) William the Bastard, (20) Land of Wisdom, (21) The Story of the Ancient Indus People, (22) Slave Nations under British Monarchs, (23) Artificial Borders of the World.
يوسف شاهين صاحب سنڌ جي سمورن تاريخدانن توڙي محققن مان پھريون ترقي پسند ليکڪ آهي، جيڪو بين الاقوامي حيثيت جو درجو رکي ٿو، ننڍي کنڊ کان وٺي يورپ ۽ آمريڪا جي تاريخ توڙي قديم ۽ جديد مذهبن تي ڄاڻ جو عبور رکي ٿو. اَهڙيءَ طرح هو دُنيا جي جنگين ۽ قديم سوشلسٽ توڙي جمھوري تاريخ مان پڻ مطمئن ناهي، جيڪا قومن کي پنھنجين ٻولين ۽ وسيلن جا حق نہ ٿي ڏِياري سگهي، گڏوگڏ مرد توڙي عورت کي برابري ۽ اِنسان هئڻ جا حق بہ نہ ٿي ڏياري سگهي! دُنيا ظلم ۽ اَڻ برابريءَ جي جڳھہ آهي. مختلف ٿيوريز آهن، ڪي دُنيا جي وجود جي ڳولا ’ڪُن فيڪون“ ۾ ڪن ٿا ۽ ڪي ’بگ بينگ‘ جي لفظ ۾ ۽ هاڻ وري ڪن چوڻ شروع ڪيو آهي تہ: ”دنيا چپ چپات لکين سالن جي پراسيس ۾ وجود ۾ آئي!“
دُنيا کي وجود ۾ آئي 14.8 اَرب سال ٿيا آهن ۽ ڌرتيءَ کي وجود ۾ آئي 4.6 اَرب سال ٿيا آهن ۽ ڌرتيءَ تي زندگيءَ لاءِ موافق حالتون 4.3 اَرب سال پھرين پيدا ٿيون ۽ زندگي Microscopic Organism جي صورت ۾ شروع ٿي. ڌرتيءَ تي اِنسانن کان پھرين جيت جڻيا ۽ پوءِ ڊائناسار رهندا هئا، جن کي آسمان مان ڪريل هڪڙي ‘Asteroid'’ تباھہ ڪيو، جنھنڪري ڌرتيءَ تان ڊائناسارن جو وجود ختم ٿي ويو. قصو مختصر تہ جديد اِنسان صرف ٻہ لک سال پھرين آفريقا کنڊ ۾ پيدا ٿيا. اِنسان جو تھذيبي دؤر 3000 سال يا 4000 سال B.C کان شروع ٿئي ٿو، يعني پنجن کان ڇھہ هزار سالن کان اِنسان غارن مان نڪتو ۽ گهر گهاٽ ٺاهي رهڻ لڳو. تاريخ جي شاگردن لاءِ اِنساني تھذيب ۽ اِنساني سماجي سڌاري (Development) ۾ جيڪي پنج عنصر ڳڻيا ويا، سي (1) شھرن جو اَڏجڻ، (2) اُنھن ۾ خاص ڌنڌوڙي ڪاريگر، (3) هٿ جا هنر، جھڙوڪ: ڪنڀر، لوهر، ڪوري، گڏيل اِدارا، (4) حساب ڪتاب رکڻ جا ماهر ۽ (5) جديد ٽيڪنالاجي جو اَڳتي اَچڻ شامل آهن.
مون کي هتي موضوع کان هٽي ڪجهہ وقت ڳالھائڻو آهي: رُوس جي مھان اَديب دوستو وسڪيءَ جي ناول ’ايڊيٽ‘ جو ذِڪر ڪندس، جنھن ۾ سندس ڪردار ’پرنس مشڪن‘، جيڪو بيمار آهي، چوي ٿو:
“Pain and Suffering are always inevitable for a large intelligence and a deep heart. The reality great men must. I Think, have grerat sadness on earth”
دردمند دل ۽ وڏي ذهانت رکندڙ شخص لاءِ ڏُک ۽ تڪليفون اَڻ ٽر آهن. وڏي ماڻھوءَ لاءِ ڌرتيءَ تي رُڳو گهري اُداسيءَ جھڙو ماحول آهي! مون جڏهن يوسف شاهين صاحب جا ڪتاب پڙهيا تہ محسوس ٿيم تہ هر وڏي ماڻھوءَ جيان هو پڻ اِن سوچ، تڪليف ۽ پريشانيءَ ۾ آهي تہ هيڏي ترقي ماڻڻ ۽ تھذيب يافتہ هجڻ باوجود اِنسان اَڃا اِنسانيت جي منزل کي نہ پھچي سگهيو آهي ۽ هو دوستو وسڪيءَ جي ناول ’ايڊيٽ‘ جي هيري ’پرنس مشڪن‘ جھڙو بيوقوف ئي آهي.
يوسف شاهين صاحب جي هر ڪتاب جو محور دراَصل ’سنڌ شناسي‘ آهي. سن چار هزار پنج سو قبل مسيح جي ويجهو ميسوپوٽيميا ۾ ماڻھن تھذيبي زندگي گُذارڻ شروع ڪئي ۽ چار هزار سال قبل مسيح پھرين جتي پٿر جي لوحن تي دُنيا جو پھريون ڪتاب لکيو ويو ‘Epic of GilgamesH’ ’گل گامش جو قصو‘ ۽ سنڌ ۾ رگويد آرين جي لَڏپلاڻ کانپوءِ 1500 قبل مسيح ۾ لکيو ويو، پر سنڌ ۾ تھذيب جو شعور ميسوپوٽيميا کان بہ گهڻو اَڳ آيو. سنڌ 7000 قبل مسيح ۾ اُها منزل حاصل ڪري چڪي هئي، اُن ڪري اِهو چوڻ ۾ ڪوبہ وڌاءُ ناهي تہ سنڌ ميسوپوٽيميا کان بہ ٽي هزار سال پھرين شعور جا اُهي ڏاڪا طئي ڪري چڪي هئي، تنھنڪري دُنيا جي تاريخ ۾ ‘Cradle of Civilization’ دراَصل سنڌ آهي، جنھن کي 1947ع جي ورهاڱي ڌنڌلائي ڇڏيو آهي! اسان جي اِدارن، سنڌي اَدبي بورڊ ۽
سنڌي لئنگئيج اَٿارٽي ۽ ٻين عالمن ۽ اَديبن کي اِن ڏَس ۾ سنجيدہ ڪوششون وٺي تحقيق ڪري، اَنگريزيءَ ۾ ڪتاب ڇپائي دُنيا اَڳيان سنڌ جي قدامت کي ظاهر ڪرڻ گهرجي.
يوسف شاهين اسان کي نہ رُڳو تاريخ ۽ سياست کان واقف ڪيو، بلڪہ هن سنڌ کي قديم ڪلاسيڪل اَدب، يوناني ديوتائن، مصري ديوين ديوتائن ۽ دُنيا جي قديم اَدب ۽ سنڌ شناسي سان روشناس ڪرايو آهي، جنھن لاءِ کيس جس هجي. يوسف شاهين جي هيستائين ڪيل ڪم کي خراجِ تحسين پيش ڪندي، آخر ۾ مان پنھنجي دوست شاعر سرواڻ سنڌيءَ جو هي شعر پڙهي ختم ڪندس، جيڪو موقعي جي مناسبت سان آهي، جنھن هي نظم 5 سيپٽمبر تي ’اَڪيڊمي آف ليٽرس، اِسلام آباد‘ جي ’پاکستانی زبانوں کا ملی مشاعرہ‘۾ پڙهيو هو:

سنڌ مون لئہ دُعا، سنڌ مون لئہ اَمان!

سنڌ تو لئہ وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئہ دُعا، سنڌ مون لئہ اَمان!

سنڌ مون لاءِ ڪلمه شھادت جيان،
سنڌ قرآن جي هر ڪنھن آيت جيان،
سنڌ ياسين، ڪوثر ۽ فاتح جيان،
سنڌ زيتون، اَخلاق، سوره جيان،
سنڌ مريم جي ميراث، عيسيٰ جيان،
سنڌ هارون، يحيٰ ۽ موسيٰ جيان،
سنڌ هابيل، قابيل آدم جيان،
سنڌ تو لئہ وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئہ دعا، سنڌ مون لئہ اَمان!

سنڌ ڌارين لئہ جنت جيان آ سدا،
سنڌ پنھنجن لئہ دوزخ جي آتش جيان،
سنڌ غدار لئہ ڪوڪ وانگر سدا،
سنڌ حقدار لئہ ميخ وانگر سدا،
سنڌ عاشق لئہ معشوق ماڻي جيان،
سنڌ خوابن ۾ ريشم وهاڻي جيان،
سنڌ اُجري بدن تي آ بخمل جيان،
سنڌ تو لئہ وڇاڻو هجي، ڀل هجي،
سنڌ مون لئہ دُعا، سنڌ مون لئہ اَمان!

سنڌ پيرن لئہ سَڻڀو سدائين ٽُڪر،
سنڌ ميرن لئہ باليءَ جي ٻوليءَ جيان،
سنڌ عورت لئہ شام غريبان جيان،
سنڌ مردن لئہ خيمن ۾ باهين جيان،
سنڌ مظلوم ڪارڻ آ ڪربل جيان،
سنڌ ظالم لاءِ تخت يزيدي جيان،
سنڌ ترخان لئہ ماٺ مڪليءَ جيان،
سنڌ دودن لاءِ رُوپا جي ماڙي جيان،
سنڌ تو لئہ وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئہ دُعا، سنڌ مون لئہ اَمان!

سنڌ ’سرواڻ‘ لاءِ تلاوت جيان،
سنڌ زندان راتين ۾ راحت جيان،
سنڌ هوشوءَ جي سُھڻي ڪھاوت جيان،
سنڌ مسجد جيان، سنڌ سجدن جيان،
سنڌ تسبيح جي منزل ۽ داڻن جيان،
سنڌ ڄامن لئہ نوري مھاڻيءَ جيان،
سنڌ پٿر جيان سنڌ پاڻيءَ جيان،
سنڌ مخدوم صالح لاءِ سوريءَ جيان،
سنڌ جوڌن لئہ رت جي مزدوريءَ جيان،
سنڌ تو لئہ وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئہ دُعا، سنڌ مون لئہ اَمان!