شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

ٻہ يادگِيريون

سائين يوسف شاڪر اَبڙو

ڏاهن ڏندين آڱريون، پر ۾ پُڇائين پُورَ،
نيٺ، سنڌ جا سُور، سامائجي سيلاب ٿيا.

آءٌ ٽي درجا اَنگريزي پڙهڻ کانپوءِ گهر ۾ ويھي رهيس. اسان جي ڳوٺ نصرپور ۾ اُن کان مٿي پڙهڻ لاءِ ڪوبہ اِسڪول نہ هو، نيٺ منھنجي وڏي ماسي ۽ ماما محمد روشن سُرهيو مون کي شھدادپور وٺي ويا، جتي مون ڇھہ درجا اَنگريزيءَ ۾ پڙهيا. سَتون درجو يا مئٽرڪ ڪرڻ لاءِ مون ’ايس. ايم. هاءِ اِسڪول، ٽنڊي اَلھيار‘ ۾ داخلا ورتي، جتان 1958ع ۾ مئٽرڪ جي اِمتحان ۾ پاس ٿيس، جيڪو اُن وقت سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي. اُن عرصي دؤران جڏهن بہ نصرپور وڃڻ ٿيو تہ اُتي منھنجي ڪيترين ئي بزرگ ۽ اَهم شخصيتن سان ملاقات ضرور ٿيندي هئي. اُنھن ۾ حڪيم محمد بخش قاضي، مولوي عبدالحق رَباني، سائين محمد يوسف شاڪر اَبڙو ۽ ٻيا شامل هئا. سائين محمد بخش قاضي وڏو دانا، حَڪيم، دُوراَنديش، ٿور ڳالھائو ۽ ڪيترن ئي علمن بابت وڏي ڄاڻ رکندڙ هو. ڪڏهن ڪڏهن هو ’سِيرو ۽ پڪوان‘ تيار ڪرائي، ڪن مخصوص دوستن کي دعوت ڏيندو هو. اُنھن ۾ مولوي عبدالحق رَباني ۽ سائين محمد يوسف شاڪر اَبڙو شامل هوندا هئا، مون کي بہ سندس دوستن ۾ شامل هئڻ جو شرف حاصل هو، جڏهن تہ آءٌ اَڃا نوجوان ڇوڪرو هوس. سِيرو پڪوان تيار ٿيڻ کانپوءِ قاضي صاحب طرفان ڪو ماڻھو ڊوڙندو منھنجي گهر تي رڙيون ڪري، اِهو چوندو هو تہ: ”سِيرو پڪوان ٺري پيو، سڀ اوهان جو اِنتظار پيا ڪن.“ اُن محفل ۾ مولوي عبدالحق رَبانيءَ سان يادگار ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿيون. هي بزرگ وڏو دِيني عالم، بيباڪ ۽ بھادر شخص هو، جنھن ميرپورخاص ۾ ڪيترائي تعليمي اِدارا کوليا. هڪ ڀيري هي شخص شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان بہ اَٽڪي پيو. هن کي گرفتار ڪرڻ جو حُڪم ڏنو ويو، پر ڪن سمجهدار ماڻھن جي وچ ۾ پوڻ سبب معاملو ختم ڪيو ويو. رَباني صاحب هر جمعي ڏينھن تي نصرپور ۾ جمعي نماز جي اِمامت ڪرڻ اِيندو هو، هن جا واعظ ٻُڌڻ وٽان هئا.
آءٌ هتي نصرپور جي اِسڪول واري زماني ۾ منھنجي ڪجهہ هم ڪلاسين جو بہ ذڪر ڪندس، اُنھن کي ڏِسڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دل ڏاڍيون سَٽون کائيندي آهي. اُنھن ۾ سيد قادر شاھہ رضوي، بدرالدين دائودپوٽو، سيد نثار حُسين شاھہ، خير محمد مغل، محمد صالح گهراڻو، محمد پريل اَبڙو، مير فتح محمد، محمد سُليمان دائودپوٽو ۽ ٻيا شامل آهن،اَفسوس آهي تہ اِنھن مان گهڻا هي جھان ڇڏي ويا آهن. سائين ماستر محمد صديق دائودپوٽي سان ٿيل رهاڻيون اَڄ بہ ياد آهن، جَوانيءَ ۾ ٿيل هن جي وڇوڙي ڏاڍو ڏُکويو. سائين محمد يوسف شاڪر اَبڙو نصرپور اِسڪول ۾ اسان جو اُستاد هو، رٽائر ٿيڻ کانپوءِ آهستي آهستي هن سان منھنجي دوستي ٿي ويئي. هو مون سان مِلڻ لاءِ ڪئين ڀيرا ڪراچي بہ آيو. آخري ڏينھن ۾ هو منھنجي شاعريءَ جي هڪ سِٽ اَڪثر ورجائيندو هو: "اُٿي جهيڙو کاءُ، لاهِہ جهيڙو جيءَ تان." هي اِنتھائي قدآور، نيڪ، با اُصول ۽ باڪردار شخص لڳ ڀڳ 93 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. ﷲ پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏي!


مخدوم بلاول جي مزار
دادوءَ کان ڪجهہ ميل پري هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ تمام وڏي مسجد ٺھيل آهي، جنھن جي پاسي واري ڀت لڳ مخدوم بلاول شھيد جي مزار آهي. آءٌ شايد 1986ع ۾ پھريون ڀيرو مخدوم صاحب جي حاضري ڀرڻ لاءِ اَڪيلي سِر اُتي پھتس. مزار جي زبون حالت ڏِسي آءٌ سخت اَچرج ۾ پئجي ويس. مزار ڇا هئي، بلڪہ هڪ ننڍڙو ڪَچو ٿلھو ٺھيل هو، اُن مٿان ڇانوَ ڪرڻ لاءِ ڪجهہ ڪانا ۽ ڪاٺيون آڏيون، اُبَتيون ٻَڌل هيون، ڄڻ تہ هڪ لاوارث شخص جي قبر هئي. آءٌ اُتي پلٿي هڻي ويھي رهيس. ايتري ۾ ڪجهہ ڳوٺ جا رهواسي مِلڻ آيا، جيڪي ’پيرزادہ‘ هئا. مون کانئن پُڇيو تہ هيڏي وڏي ماڻھوءَ کي، هن عظيم شخص کي، جيڪو سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار هو، اُن کي اوهان ڇو لاوارثن وانگر رکيو آهي؟ پنج سؤ سال گُذرڻ باوجود هن جي قبر کي نہ پَڪو ڪيو ويو آهي ۽ نہ ئي هن تي ڪو مقبرو اَڏيو ويو آهي؟
جواب ۾ چيائون تہ مخدوم صاحب پاڻ وصيعت ڪري ويو هو تہ سندس قبر پڪي نہ ٺاهي وڃي. مون چيو تہ اُن وقت مخدوم صاحب اَرغونن جي گهيري هيٺ هو، جن کيس ڌوڪو ڏيئي، گهاڻي ۾ جيئرو پيڙهي ڇڏيو. اوهان کي هن ڪڏهن اَهڙي وصيعت ڪئي؟ اَهڙي پرپيگنڊه خود اَرغونن ڪئي تہ جيئن هن عظيم شخص تي ڪو مقبرو ٺھي نہ سگهي، اُن تي ميلا نہ لڳن، هتي ماڻھو گڏ نہ ٿين ۽ نہ ئي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هو ڪا جدوجھد ڪري سگهن. دراَصل اَرغونن اَهڙي تہ سياسي چال کيڏي، جو سنڌ جي ماڻھن آهستي آهستي مخدوم صاحب کي بنھہ وساري ڇڏيو.
مون اِن رَوَيي تي سخت اَحتجاج جاري رکيو، دادو توڙي سيوهڻ ۾ يا ٻين هنڌن تي جيڪي بہ دوست مِليا، مون اُنھن سان اِهو سُور ونڊيو. جڏهن 8 نومبر 1989ع تي مخدوم صاحب جو ڏينھن ملھايو ويو، تڏهن مون کي اُن تقريب جي صدارت ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. اُن موقعي تي پڻ مون ذاتي دوستن سان اَهڙي شڪايت ڪئي. ٻيھر شايد 1995ع ۾ جڏهن مخدوم صاحب جو ڏينھن ملھايو ويو، تڏهن هڪ ڀيرو وري مون کي هتي اَچڻ لاءِ سڏ ڏِنو ويو، تڏهن آءٌ پيرين پنڌ وڃڻ لاءِ بہ تيار ٿي ويس. جڏهن هتي پھتس تہ منھنجي حيرانگيءَ جي حدَ نہ رهي، جو ڏِٺم تہ مخدوم صاحب جي مزار مٿان مقبرو اَڏيو پيو آهي. پنج سؤ سالن کانپوءِ مسَ مسَ هن عظيم شخص کي سُڃاڻڻ جي اِبتدا ٿي. سنڌ جا ماڻھو جڏهن اَگهور ننڊ مان اُٿندا، تڏهن هو وڏن اَٽالن جي صورت ۾ هتي گڏ ٿيڻ شروع ڪندا، تاريخ جا سڀ کان وڏا ميڙَ هتي ئي ٿيندا، تھان پوءِ هو اُها عظمت، اوج ۽ وڃايل ماڳ ماڻي سگهندا، جو صدين کان موهن جي دڙي ۾ ڦاٿل آهي. اُن ماضيءَ کي موٽائي سگهندا، جنھن دُنيا کي پھرين عظيم ترين تھذيب ڏِني.