شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

منظور ڪلھوڙو: سنڌ جي عاشقن جي منشور جو خالق: يوسف شاهين

علم، اَدب، ڏاهپ. دانش، شعور ساڃاھه، عرفان ۽ معرفت سنڌ جي سرزمين جي ميراث رهيا آهن. تاريخ جي هر عھد ۾ سنڌ جا جيد عالم، معلم، محقق ۽ مشاهير دُنيا اَندر سنڌ جي شعور ۽ ساڃاھہ جا سِج بڻجي چِمڪيا آهن. اَڄوڪي سنڌ جن پنھنجي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن کان بہ گهٽ عالم، اِسڪالر ۽ اَڪابر سپوتن تي عالمي ليول تي پنھنجو سينو ٺوڪي ۽ ڳاٽ اُوچو ڪري فخر ڪري ٿي، اُنھن ۾ نصرپور جي نماڻي مِٽيءَ مان جنم وٺندڙ سائين يوسف شاهين جو شمار پھرين نمبر کان ٿئي ٿو.
اَڄ جي هن جديد دُنيا ۾ جتي علم، ڄاڻ، سائنس ٽيڪنالاجي، نَواڻِ، کوجنا ۽ تخليق جو ڇيھہ نہ آهي، اُن سگهاري عالمي دُنيا اَندر پنھنجي وجود کي ثابت ڪرائڻ ۽ مڃرائڻ ئي سڀ کان ڏُکئي ۾ ڏُکيو ڪم آهي، سو بہ ڪنھن ڏورانھين ڏيھہ سنڌ جھڙي ’اُداس واديءَ‘ جي سنڌي فرد جي مڃتا ۽ مھانتا جو معاملو هجي تہ پوءِ پاڻ سمجهي سگهو ٿا تہ جتي هن ملڪ اَندر قومي، لساني، مذهبي، سياسي، نسلي عَصَبِيَت ۽ تعصب ڪري سنڌ جي مورن جھڙن ماڻھن جي ماڻھپي، فن ۽ فڪر کان ڪيئن وقت جي حاڪمن ۽ اُنھن جي نائب عملدارن دِينَا دَاسِتي مُنھنَ موڙي، لاتعلق بڻجي، نظراَنداز ڪري، نااِنصافيون ڪيون آهن. تہ اُن سَرزمين جي ڪنھن فرزند کي اَڄ جي هن بَرَڙُ باڪاسُ دُنيا اَندر عالمي ليول جي رڪگنيشن مِلڻ/وٺڻ لاءِ ڪيڏي نہ مشڪل ۽ ڪٺن مرحلن مان گذرڻو پوندو هوندو، سو بہ اُهو، جنھن اَڄ جي سگهارن آمريڪن ۽ يورپ جي ڦورو، وحشي، قاتل، درندن، قبضه گير قومن جي ڪُوڙي تاريخ جا پيرا کڻي، بَکيا اُڊيڙي، اُنھن جي بين القوامي زبان ۾ ڪتابن مٿان ڪتاب لِکي، اُنھن جي ملڪن ۾ علم جي مرڪزن ۽ مارڪيٽن ۾ پَڌرائي، اُنھن جي پت کي وائکو ڪيو هجي!!
اُهو شرف اَڄ سنڌ کي جناب يوسف شاهين جي ئي بدولت حاصل آهي. سنڌ پنھنجي اُن عالم، اَڪابر، ريسرچ اِسڪالر، پبلشر، ايڊيٽر، تاريخدان، شاعر ۽ ڏاهي يوسف شاهين تي صدين تائين ناز ڪندي رهندي. اَنگريزيءَ سميت ڪيترين ئي ٻولين تي عبور رکندڙ هن سنڌ جي مدبر، مؤرخَ، دُنيا جھان جي اَدب، شاعري، فلسفي ۽ تاريخ جي مُنجهيل، ڳوڙھي ۽ پيچيدہ پيچرن تي سڄي ڄمار گامزن رهي، نُور نِچوئي، عالمي ليول تي سنڌ جي عقل ۽ عرفان جون مانُ مٿانھون ڪيو آهي. يوسف شاهين جي سنڌي، اَنگريزي ۽ اُردو ڪتابن کي جن پڙهيو هوندو، اِهو اَحساس ۽ اَدراڪ اُنھن کي ئي هوندو، جڏهن اُنھن سندس ريفرنس ورتل ڪتابن جي فھرست ۽ ضَخامَت جي تعداد کي ڏِٺو يا پڙهيو هوندو.
اِن ۾ ڪو وڌاءُ نہ آهي تہ جناب يوسف شاهين جا اَڄ سنڌ ۾ ايترا پڙهندڙ نہ هوندا، جيترا اَڄ يورپ، آمريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا اَندر پڙهندڙ آهن. هن جي ڪتابن جي هاڪ ايمازون کان ويندي نوبل پرائيز ڪميٽيءَ جي ڪاريڊورس ۾ هاڻي سالن کان گُونجندي رهي ٿي. سنڌ جي هن ڏاهي جا ڪتاب آمريڪا، هندستان ۽ سنڌ مان شايع ٿيندا رهيا آهن، اِنھن ڪتابن جي فھرست مان اوهان اَندازو ڪري سگهو ٿا تہ سنڌ جناب يوسف شاهين تي اِيئن ناز نہ پئي ڪري!
دُنيا وٽ ڀلي يوسف شاهين جي سُڃاڻپ هڪ ڏاهي، ريسرچ اِسڪالر، مؤرخ ۽ نثر نويس واري هجي، پر سنڌ جو ھي يگانو عالم پنھنجي شڪل و صورت ۾ اَٺن ڏهاڪن جي طبعي عمر گُذارڻ جي باوجود جيڏو حسين ۽ وجيھہ آهي، اوترو ئي سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر پڻ آهي. شاعريءَ ۾ جهڙيءَ ريت جناب يوسف شاهين نج، نبار، ٺيٺ ۽ ڪلاسيڪل سنڌي ٻوليءَ جو اِستعمال ڪيو آهي، اُها هر ڪنھن تہ ڇڏيو، پر سنڌ جي شاعرن، جن تي ڏات جي ديوي مھربان رهي آهي ۽ اُهي فن، فڪر جي پختگي سان سرشار رهيا آهن، پر اُهي اَهڙي نج، نبار، سُريلي ۽ مِٺاس واري ٻولي پنھنجي شاعريءَ ۾ اِستعمال نہ ڪري سگهيا آهن. شاهين صاحب نرالي اَنداز سان پنھنجي شاعريءَ ۾ تشبيھون، اِستعارا ۽ اِصلاح اِستعمال ڪرڻ ۾ ڪمال مھارت رکڻ سان گڏوگڏ هن پنھنجي شاعريءَ ۾ مختلف تجربا ڪندي نوان ’سُر ڀڳتي‘، ’سُر ڄام ٻانڀيڻو‘، ’سُر سنڌ‘، ’سُر بي مثل بينظير‘، ’سُر سنڌو‘، ’سُر اَناالسنڌ‘ (مان سنڌي آهيان) جو مؤجد آهي.
عالمي مڃتا رکندڙ اسان جي هن تاريخدان لاءِ سنڌ جي نامياري شاعر جناب شمشيرالحيدري لکي ويو آهي تہ:
”(يوسف کي) ڪو پُور پيس تہ ’شاھہ جو رسالو‘ کڻي، يڪساهيءَ ويھہ - پنجويھہ ڀيرا دؤر ڪري ويو. تنھن پُڄاڻان اَچي جو لِکڻ ۾ پيو تہ ڏينھن رات هڪ ڪري ڏنائين. ڪنھن کي ڪنِ نہ جَنِ! فقط ٽن هفتن اَندر ايترو لِکي ورتائين، جيترو 25 سالن ۾ مون بہ ڪونہ لِکيو آهي.“
جڏهن تہ قمر شھباز سندس شاعري پڙهڻ کان پوءِ لِکيو هو تہ:
”ڏات جي ڏائنڻ ڏاڍي ڏُکي هٿِ چڙهندي آهي. کوٽ ۽ کريب تہ کانئس ڪو سِکي، اَڻ ڄاڻ اَٻوجهن کي ناتر جيان ڪاڪ محل ۾ گهمريون ئي ٻہ کارائي، نھوڙي نيندي آهي. ڪيترائي سودائي هن هرجائيءَ جي هٿان راهن تان رُلي وڃي اوجهڙ ۾ پيا. اُهي ڀاڳن وارا چئبا، جن کي منزل مِلي. يوسف وٽ لفظن جو ڀنڊار آهي، ذاتي مشاهدي جو عميق خزانو آهي، جدوجھد ۽ ڪشمڪش جي ميراث آهي، ٻھراڙيءَ جو پسمنظر ۽ شھري پسمنظر آهي، ڏاتِ آهي، ڏانءُ آهي، لگن آهي، واٽون آهن، وسيلا آهن. هڪ ليکڪ لاءِ جو گهربل آهي، سو سڀ ڪجهہ ميسر آهي.“
علي بابا جڏھن سندس شاعري پڙهي هئي تہ هُو هِنَ لافاني جملن لِکڻ کان سواءِ رهي نہ سگهيو هو تہ:
”يوسف موهن جي دڙي جي اُها ڀٽڪندڙ آتما آهي، جيڪا روشن راهن لاءِ اَندر ۾ اُهاءُ ڀريو، اُونداهي ڌرتيءَ تي ڀٽڪندي ٿي وتي. يوسف جو شعر پڙهي اِيئن ڀاسندو آهي، ڄڻ يوسف جي نيڻن ۾ ’شاھه‘ جي پِڻي عالمي راڙو بڻجي، وايو منڊل ۾ ڦولارجي رهي آهي.“
آغا سليم جڏهن سندس شاعري پڙهي هئي تہ اُن تي لِکڻ ۾ ويرَمَ ئي نہ ورتي هئائين:
”يوسف شاهين کي مان هن دؤر جو صوفي سَڏيندو آهيان، جنھن جو سنڌ سان وحدت الوجدي عشق آهي. منصور ’اَنالحق‘ جو نعرو هنيو هو ۽ يوسف شاهين ’اَنالسنڌ‘ جو نعرو هنيو آهي.“
”شَلَ گهوٽُ ٿئين، اَڻ موٽُ ٿئين....“، ”ڳليءَ ڳليءَ ڳائي ڏيان ڏسَ هزار، اِيندي مند ملارَ......“ جھڙن لاتعداد، لازوال ۽ لافاني ٻولن جي هن عظيم سرجڻھار جي شاعري، خاص ڪري ’سُر ڪلياڻ‘، ’سُر ڀڳتي‘، ’سُر ڪيڏارو‘ ڪنھن جي اَڳيان پڙهجي ۽ شاعر جو نالو پُڇجي تہ اَڳئين جو جواب شاھہ لطيف ئي هوندو.! جيڪڏھن ڪنھن کي گُمان هجي تہ اُهو پنھنجي پڪ ڪرڻ لاءِ اِن مشق کي آزمائي، اِطمينان حاصل ڪري سگهي ٿو تہ واقعي ئي جناب يوسف شاهين شاھہ لطيف جون سِڪُون لاهيندڙ شاعر آهي. آءُ يقين سان چوان ٿو تہ جيڪڏهن يوسف شاهين ريسرچ، تاريخ، فلسفي ۽ نثر جي جاءِ تي ايترو يا اُن جي اَڌ جيترو بہ وقت پنھنجي شاعريءَ کي ڏئي ها تہ اَڄ سنڌ هڪ ٻئي بين القوامي شاعر جو اَثاثو رکندڙ ڌرتيءَ طور ڄاتي سُڃاتي وڃي ها. پر اُن جي باوجود يوسف شاهين جيڪا ۽ جيتري شاعري سَرجي آهي، اُھا پڻ سنڌ جو اَثاثو آهي. يوسف شاهين پنھنجي شاعريءَ ۾ جتي ٻين لاتعداد موضوعن کي پنھنجي فڪري ساڃاھہ تحت تخليق جي قالب مان گُذاري، اَمر بڻائي چڪو آهي، اُتي سنڌ، سنڌ جي خلقِ خدا، سنڌ جي آجپي، سنڌ جي نجات، ڇوٽڪاري ۽ سُڪارَ جي سَنيھن سان گڏوگڏ سنڌ جي سورهيہ، سَرويچن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ جديد سنڌ جو ’سُر ڪيڏارو‘، ’سُر بلال‘، ’سُر ڀڳتي‘، ’سُر بي مثل بينظير‘، ’سُر ڄام ٻانڀيڻو‘ ۾ خراج پيش ڪندو رهيو آهي، جنھن ۾ پاڻ تازو اِضافو ڪندي ’سُر سورهيہ سنڌ‘ تخليق ڪيو اَٿائون.
’سُر سورهيہ سنڌ‘ بابت هن طرح بيان ڪيو اَٿائون تہ:
”سنڌ جي سورهيہ بادشاھہ شھيد پير صِبغت ﷲ شاھہ راشدي جي ياد ۾، جنھن سنڌ کي آزادي ڏيارڻ خاطر، سنڌ تي قابض دُنيا جي خوفناڪ ۽ اِنتھائي طاقتور فوجي قوت ’اَنگريزن‘ سان مُھاڏو اَٽڪايو ۽ هن ڌرتيءَ تان گهورَ ٿي ويو.“
پير صِبغت ﷲ شاھہ راشدي سنڌ جو اُهو اَرڏو پُٽ هو، جنھن تي سنڌ سدائين نازُ ڪيو آهي. اُن کي سنڌ جي ٻئي عالم، اَديب ۽ عظيم سَپوت يوسف شاهين پنھنجي شاعريءَ ۾ ’سُر سورهيہ سنڌ‘ تخليق ڪري، اَهڙو تہ خراج ۽ مڃتا پيش ڪئي آهي، جو شايد سنڌ اَندر يوسف شاهين جھڙي پائي جي ڪنھن شاعرَ، عالمَ ۽ اِسڪالـرَ دادُ بخشيو هجي. سڀاڻي جو مؤرخ جڏهن يوسف شاهين جي عھد جي تاريخ لکندو تہ هاڻ اِهو ضرور لکندو تہ اُن وقت جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي مدِنظر رکندي ۽ پنھنجي تاريخي فرض ۽ قرض جي حق اَدائيگي ڪندي، پنھنجي عمر جي اُن حَصي ۾ يوسف شاهين سُورهيہ بادشاھہ کي داد ڏئي ’سُر سورهيہ سنڌ‘ لِکي، سنڌي قوم کي ڪھڙو پيغام ڏنو ھو؟!
’سُر سُورهيہ سنڌ‘ ورائي ورائي پڙهڻ جھڙو تہ سُر آهي ئي آهي، پر سنڌ جا عاشق اِن کي برزبان ياد ڪرڻ ۽ ور ور ڳائڻ، وڄائڻ جي تمنا کي ترجيع ڏيندا رهندا. سُر سورهيہ سنڌ، سنڌ جي عاشقن جو اُهو مينيفيسٽو آهي، جيڪو اُنھن کي وطن يا ڪفن جي نظرئي تان نثار ٿيڻ لاءِ اُتساهي، اَمرتا بخشي ٿو. بقول سائين يوسف شاهين جي تہ:
وطن يا ڪفن، هر ڪنھين وات وائي،
آسَ اَٿن اِهائي، تہ آجا ٿين اَنگڙا.

وطن يا ڪفن، هر ڪنھين وائي واتِ،
آزادي، آزادي، تَنَ مَنَ اِهائي تاتِ،
ماڻيندا نيٺ نجاتِ، ڏُکويل هن ڏيھہ جا.

’سُر سُورهيہ سنڌ‘ ۾ يوسف شاهين شاھہ لطيف جي ’سُر سسئي‘ جي طرز تحت چوي ٿو:
هڪڙو هيڪاندا هٿيار، ٻيو سُور اَٿن ساڻ،
ٽيون ٽيڳرجي، پَڏائين پاڻ،
چوٿون چارئي پَـھـرَ، مچائين مانڌاڻ،
پنجون پويان پيرا کڻي، ڪن ٿا رتو ڇاڻ،
ڇھون ڇڏائجي قبضو، سنڌ مٿان هاڻ،
سَتون سيرت ساڻيھہ جي، سڀوئي سُرهاڻ،
اَٺون ”آزادي آزادي“، اُٿي مرادون ماڻ،
نائون ناحق نامنظور، تندُ حقاڻي تاڻ،
ڏھون ڏيھہ ڏُکئي جا، سڀ عالم، عاقل آڻ،
جي جابر جرنيل جي، ڪِين ڪڍن ڪاڻ،
پوءِ پھرين سَٽَ ساڻ، آجا ڪيون اَنگڙا.

’سُر سُوره سنڌ‘ ۾ يوسف شاهين اُتي دنگ نہ ڪيو آهي، پر وڌيڪ چوي ٿو تہ:
پير ڊاھہ هن پَٽَ تان، ڪو ڏيھہ ٻيو ڏور،
هتي ڀڃي ڪن ڀور، ڏھہ مٿان ڏاڍي جا.

نئين سُوره سنڌ جو، ويھي ورد ڪيومِ،
اَول اَعلان آزاديءَ جو، پورو ئي پڙهيومِ،
اِهو حَرفُ حقاني، مٿان کان مليومِ،
ڏوري پوءِ ڏِنومِ، سَڏُ سموريءَ سنڌ کي.

نہ آهون، نہ دانھُون، نہ پويان ڪن پيرَ،
ويا هت وڃائجي، جنين ساڻ ويـرَ،
ٿي اُنھن کي اويـرَ، جن جيءُ مٺو نہ ڪيو.

جناب يوسف شاهين اَنگريز سامراج خلاف جتي ’سُر سُوره سنڌ‘ ۾ جوڌن، جوانن، مرد مجاهدن کي مھانتا بخشي آهي، اُتي سنڌ جي نارين کي بہ هنن سِٽن ۾ مانُ بخشيو آهي:
وِينگس وَرَ کڻي، کنيا هٿيار هٿن ۾،
پارسُ پدمڻي، وئي وڍيندي ويرين کي.

هن سُر جي هيءَ وائي تہ پڙهي ڏسو:
ڀَڄو هن ڀُونءِ تان، ويري! وَڳر ساڻ!
ڀَڄو هن ڀُنءِ تان!
ڪکُ نہ ڏيڻو ڪنھن کي، هر ڪو چوي هاڻ!
ڀَڄو هن ڀُنءِ تان!
موٽي وڃ ميسڻا، پيرا کڻي پاڻ!
ڀَڄو هن ڀُنءِ تان!
ويندين هِت وڃائجي، اَڙي اَڻ ڄاڻ!
ڀَڄو هن ڀُنءِ تان!
يار ’يوسف‘ جا، ڪڍن ڪين ڪاڻ!
ڀَڄو هن ڀُنءِ تان!

سنڌي بيت جي بادشاھہ ۽ باغي شاعر يوسف شاهين پاران ’سُر سُوره سنڌ‘ سرجڻ تي کيس ٻاجهاري سنڌ ٻَھہ ٻَھہ ٻَلھار پئي وڃي ۽ سنڌ جا سُورهيہ، سُورما ۽ عاشق سندس علم، عقل ۽ عرفان جي محرابن ۾ ھميشہ سجدہ ريز رهندا.