تاج بلوچ: شعورَ جو شاعر
بند هوندي بہ سَدائين کُليل اَکيون.
خاموش، پر اُونھيون ۽ ڳالھائيندڙ اَکيون.
شفق جي لالائيءَ جيان ڳاڙهيون اَکيون.
ٽانڊي جيان ٻَرندڙ اَکيون.
ڪنھن وارياسي تي وَڏڦڙو ٿي وسندڙ اَکيون.
ڪنھن جي درد تي اَرتو اوتيندڙ اَکيون.
ڪنھن يتيم جي مٿي تي مھرَ ٿي وسندڙ اَکيون.
ڪنھن بيواھہ لاءِ پناهگاھہ اَکيون.
ڪنھن بُکئي، ڏُکئي جي پيڙا تي تڙپي پوندڙ اَکيون.
روئيندڙ اَکيون، کِلندڙ اَکيون.
ڏاڍَ جي ڏيلَ ۾ بڙڇي بڻجي لَھي ويندڙ اَکيون.
نادان اَکيون، داناءُ اَکيون.
بي خبر اَکيون، باخبر اَکيون.
سڀني اِنھن اَکين کي اَڳ بہ ڏِٺو هو، پر ڪنھن کي گُمان بہ نہ هو تہ اِنھن ٻن اَکين جي مختصر جهولَ ايڏي ڪُشادي هوندي، جو اَنت تري تائين سمورين رنگبرنگي گهراين، رمزن ۽ اِسرارن کي ڀري وٺنديون.
ڪنھن کي پَتو بہ نہ هو تہ اُهي ٻہ اَکيون پنھنجي سموري ڄاڻ - اَڄاڻ وسيلي صدين جي لِڪل ڄاڻ کي اِيئن سَربستو بيان ڪري ڏيکارينديون.
ڪنھن کي بہ ڄاڻ ڪانہ هئي تہ اِهي اَکيون ڏُورانھين درد جي اَحساس کي ايڏو اَثر ڏيئي سگهنديون، جو ڪنھن پٿر جي بُت ۾ ساھہ وجهي، اُن جي سُونھن کي نواڻ ۽ اَبديت بخشي سگهنديون.
پر سچ پُڇو تہ مون کي خبر هئي،
مون اُنھن ٻن اَکين جي چمڪندڙ ماڻڪين ۾ سچ جا ڪِرڻا جرڪندي ڏِٺا هئا. مون اُنھن سَدائين جاڳندڙ اَکين جي گهري ڳنڀيرتا جي جادوءَ ۾ پاڻ کي جَڪڙندي محسوس ڪيو هو.
اَڄ اُنھن ٻن اَکين پنھنجي اَندر ۾ سانڍيل سموري مشاهدي، ذاتي ۽ اِجتماعي پيڙا جو اِظھار ڪيو آهي.
’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو!‘
هن جي اِظھار جو اَنداز بہ نِرالو آهي، چئي ٿو:
..... پٽين ويٺا پيٽ کي، نرتئون گُهري نانَ.
اُنھيءَ اِظھار ۾ هن ويھين صديءَ جي اُنھيءَ ڏُکوئيندڙ ڏُک - ناٽڪ جو ڪِلائميڪس ڏيکاريو آهي.
مون هن جي ٻنھي اَکين کي اَڳ بہ ڏِٺو هو:
بي خبر اَکيون، با خبر اَکيون.
مون کي هاڻ خبر پئي آهي تہ اُنھن ٻنھي اَکين پنھنجي سموري ڄاڻ - اَڄاڻ وسيلي، صدين جي لِڪل ڄاڻ کي سَربستو بيان ڪيو آهي.
’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو!
يوسف شاهين شايد هن ملڪ جو پھريون شاعر هجي، جنھن بنھہ ٿوري عرصي ۾، ٿورو ئي سھي، پر نھايت ڳنڀير، وقتائتو، اَثر اَنگيز ۽ جرئتمندانہ تخليقي عمل ڏِنو آهي، جيڪو پڙهندڙن کي اُتساھہ ڏئي ٿو.
شاهين، ڀٽائيءَ جي گهاڙيٽي ۽ ٻوليءَ جو اَستفادو ڪندي، بنا ڪنھن نعريبازيءَ جي اُهو ڪجهہ ڏِنو آهي، جنھن جي نئين شاعر کان توقع ئي نہ هوندي آهي. اِهو هن جي فن جو ڪمال پڻ چئبو، ڇو تہ سندس پھرئين شعري پورهئي ۾ نہ تہ ڪنھن اَڻ ڏِٺي محبوب ’اَحمرين لبن‘، ’شمڪ بُو زلفن‘، ’گُداز جسم‘ ۽ ’دراز قد‘ جي واکاڻ مِلي ٿي ۽ نہ ئي ’بامَ‘ تي بِيٺل ڪنھن ’دوشيزا‘ جو قصيدو ۽ نہ ئي ڪنھن چُوپيل، چَٻاڙيل ۽ مُدي خارج بِيمار، داخلي ۽ سَطحي رومانيت جو اولڙو ۽ نہ ئي سندس ڪلامَ ۾ ڪنھن ’جديديت‘ جي ماريل ذهن جي اِنتشاري ڪيفيت جو ڪو اِشارو. هن نہ تہ ٺلھي لفظن جي جادوگري ڪئي آهي ۽ نہ ئي ڪِٿي مشاهدي جي مارَ کاڌي آهي.
شاهين پنھنجي دؤر جي اُڀرندڙ مسئلي تي قلم کنيو آهي، جيڪا هن دؤر جي وڏي ۾ وڏي گُهر آهي. سندس تخليقي عمل هڪ عام سنڌي خواندي کان وٺي ڪنھن گهڻ پڙهئي قاريءَ لاءِ سوچَ جا وڏا وڏا دائرا ڦھلائي ٿو. هن پنھنجيءَ سوچَ جي ڀالن سان ورتل سج تي حملو ڪري، کيس اُونداھہ کان آجو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو هن دؤر ۾ وڏي ۾ وڏو ۽ اَنوکو علمي ۽ اَدبي ڪارنامو آهي.
سندس فڪر کان هٽي، جيڪڏهن شاهين جي ڪلام جي گهاڙيٽي ۽ لفظن جي سِٽاءَ تي سوچبو تہ هن خيال کي رُڳو سُھڻن لفظن جي ٽياس تي لڙڪائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آهي، پر اُن جي اُبتڙ آسان، مُروج ۽ سمجهہ ۾ اِيندڙ لفظن جو سَھارو وٺي، درد جي اَنگاس تي لڙڪيل ويھين صديءَ جي اُنھيءَ اَزلي درد جو نوحو لِکيو آهي، جيڪو سُقراط کان وٺي هر دؤر ۾ زهر جو پيالو پيئندو ئي آيو آهي. هڪ ’نوآموز‘ ۽ ’مبتدي‘ شاعر هوندي بہ هو ڪيترن ئي ڪُھنہ مشق ۽ قدآور شاعرن جي قطار ۾ اَچي بيٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو اِلھامي شاعر نہ آهي، پر هن جو ڪجهہ سَرجيو آهي، اُهو سندس تخليقي ڪربَ ۽ شعوري ڪوشش جو نتيجو آهي.
شاهين جي شاعريءَ جي سڀَ کان وڏي خوبي اِها آهي تہ هو ذات جي قيد ۾ بند نہ آهي، هن جي سوچَ ۽ فڪر جو دائرو لامحدود ۽ گهڻي معنى رکندڙ آهي. شاهين جي ڪلامَ ۾ اِنسان ذات جي لڳاتار ڀوڳنا واري ڏُکوئيندڙ ڏَنج جو شايد اَحساس مِلي ٿو، جيڪو نہ رُڳو پڙهندڙ کي بيچين ڪيو ڇڏي، پر اُن بيچينيءَ کي صحيح گَسَ تي لَڳائڻ واري لاٽَ پڻ نظر اَچي ٿي. سندس اُنھيءَ فني خوبيءَ کي ڏِسي چَوڻو پوي ٿو تہ سندس پورهيو سَجايو آهي، ڇو تہ هن ڀُتي، ڀُرندڙ ۽ اُڏوهيءَ کاڌل سماج کي ڊاهڻ خاطر سماجي بيچيني ڦھلائڻ لاءِ جيڪو منصب ڪنھن قلمڪار تي عائد ٿئي ٿو شاهين اُن منصب ۽ اَدب جي سماجي ڪارج کي ڪافي حدَ تائين پورو ڪيو آهي ۽ اُن جي تڪميل لاءِ پاڻُ اَرپڻ وارن آدرشي جذبن جو عملي اِظھار پڻ ڪيو آهي ۽ لڳاتار ڀوڳنا واري فلسفي کي ردِ ڪندي، ماڻهپي جھڙي جياپي واري موتَ جو آسوند آهي.
