شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

نواز خان زئون: جيئرو جاڳندو ديوتا: يوسف شاهين

چوندا آھن تہ وقت وھامندي ويرم نہ ٿي ٿئي. اَلبت ڪڏھن ڪڏھن وقت وھامي نہ ٿو، اُڏامي ٿو. پٺتي لنئوڻو ڦيرايان ٿو تہ اُھو وقت ڄڻ تہ اَک ڇِنڀَ ۾ گذري ويو ھجي؛ ذري گهٽ چوٿ صدي اَچي پوري ٿي آھي. جنرل مشرف جي آمريت جا شروع وارا ڏينھن ھئا، جنھن جي ناظمن واري مڪاني نظام جون پھريون چُونڊون ھيون. وڏيرا ميدان ۾ لٿل ھئا ۽ اُنھن جي بلي بلي ھئي. اسان جي بہ چڙھندڙ جواني ھئي. مختلف فڪري مڪتبن ۽ سياسي ڌارائن سان لاڳاپيل ساٿين گڏجي ميرپور بٺوري ٽائون ڪميٽي جي چُونڊن ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ناتجربيڪاريءَ جي باوجود اسان ڪائونسلريون اَڪثريت سان کٽيون. ناظم ھُنن جو ۽ نائب ناظم اسان جو، ٻنھي ڌرين جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ بنان مقابلي آيا. ٻئي مرحلي ۾ تعلقي ناظميءَ جو مقابلو ھو، اُن سلسلي ۾ تڏھوڪي ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ جي اَڳواڻ، ممتاز علي ڀُٽي جي پراڻي ساٿي ۽ بابا سائينءَ جي نھايت ويجهي دوست چاچا اَعجاز علي خواجا جي گهر گڏجاڻيءَ ٿي. اُنھيءَ گڏجاڻيءَ مان جيئن واندا ئي مس ٿياسين تہ ڪراچيءَ مان ڪو دوست منھنجي ڪنھن ننڍي ڀاءُ سان گڏجي اَچي اُتي سھڙيو. چي: ”برسات اَخبار ۾ جڳھہ خالي آھي، ھل تہ گڏجي ھلي ڪراچيءَ ۾ صحافت ڪريون.“
پاڻ بٺوري کي سلام ڪري اَچي ڪراچيءَ جا وڻ وساياسين، لڏو لاٿوسين ڪلفٽن تي ننڍي ڀاءُ اَدا مدد وٽ. نوڪريءَ لاءِ حاضر ٿياسين يوسف شاھين اَڳيان ۽ سنڀاليوسين ’برسات‘ اَخبار جو ايڊيٽوريل صفحو. اَنب گوپانگ جو ڀاءَ نورالدين گوپانگ اَڳ ۾ ئي اُتي ھو، بعد ۾ شان ڏھر بہ اَچي ’برسات‘ جا وڻ وسايا.
اُتان کان يوسف شاھين سان منھنجي شخصي سُڃاڻپ جو دؤر شروع ٿئي ٿو، جيڪو ڪجهہ سالن جي رفاقت تي پکڙيل آھي. جيتوڻيڪ اُن کان اَڳ ۾ مون سندس شاعري ۽ يوناني ديوتائن تي لکيل سندس ڪتاب پڙھيا ھئا، پر ڪنھن ليکڪ کي پڙھڻ ھڪ ڳالھہ آھي ۽ اُن سان رفاقت ٻي ڳالھہ آھي. پنھنجن ڪتابن يا لِکڻين ۾ اَڪثر ليکڪ ڏاڍا آدرشي، مثالي ۽ خوبصورت نظر اِيندا آھن، پر ويجهي اَچڻ سان ”نام بڙا، ديھہ وِيران“ جھڙو ڏيک نگاھن ۾ جڳھہ والاريندو آھي. ٿورا ئي ليکڪ ھوندا آھن، جيڪي پنھنجن ڪتابن منجهہ، توڙي اُنھن ڪتابن کان ٻاھر ھڪ جھڙي يا اَصلي مثالي شخصيت رکندا آھن، جن ۾ يوسف صاحب بہ شامل آھي، جيڪو ديوتائن جي باري ۾ رُڳو ڪتاب ڪونہ ٿو لِکي، پر بذاتِ خود ھو پاڻ پڻ ھڪڙو جيئرو جاڳندو ديوتا آھي.
زندگيءَ ڏاڍي گوناگون آھي. اِيئن شخصيتون پڻ ڏاڍيون پيچيديون ٿينديون آھن. چون ٿا تہ ماڻھوءَ تي سندس ڄم واري ھنڌ جي مِٽيءَ جو تمام وڏو اَثر ٿيندو آھي. يوسف شاھين نصرپور جو آھي، نصرپور مان اُٿي ڪراچي جي پناري پيو آھي، اُنھن ٻنھي شھرن جو سندس شخصيت تي واضع اَثر آھي. نصرپور، جتان ڪنھن زماني ۾ سنڌوءَ گجگاٽ ڪندي وھندي ھئي، جتي ڪورين جي آڏاڻن ۽ آڱرين تي رڳو پٽ ڪونہ اُڻبو ھو، پر رنگ اُڻبا ھئا، جتي سنڌ جي ھٿ جي ھنرن جا ويس ورن شفق شفق ٿي ٻھڪندا ھئا، جتي اَجرڪ جون ڦلڙيون اُفق جي ڪنوارن ڪرڻن جي ڦوھار ٿي جرڪنديون ھيون، جتي زمينون ذرخيز ۽ واپار روان دوان رھندو ھو، اُنھيءَ نصرپور جي رنگن، سنڌو نديءَ جي پُورن ۽ ڪراچي جي جڳمڳ ۾ رڱيل آھي يوسف شاھين جي شخصيت، جيڪو اُنھيءَ سنٻنڌ جي ڪري ئي ھو تاريخ سان تمام گهڻو وچڙيو آھي. رُڳو سنڌ جي تاريخ سان ئي نہ، پر عالمي اتھاس سان پڻ ھن پنھنجا پلئہ پئي اَٽڪايا آھن. ھو ھڪ ئي وقت ديس ڀڳت پڻ آھي تہ ساڳئي وقت بين الاقواميت پسند پڻ آھي. ھن پنھنجي پاڻ کي پنھنجي ديس، اَدب ۽ تاريخ ۾ ڳولي لڌو آھي.
ٻھراڙيون نرمل، ڪومل، مڌر ۽ نفيس ٿينديون آھن ۽ اُنھن جي ڀيٽ ۾ شھر شوخ ٿيندا آھن. شھر خوداَعتماديءَ جو اِستعارو پڻ آھن تہ مطالعي ۽ علم جي آماجگاھہ پڻ! يوسف شاھين کي بہ ڪراچي مطالعي جي وسعت ڏني. ڪراچي جي مابدولت اُھو سندس وسيع مطالعو ئي آھي، جيڪو کيس عالمي تاريخ جي ڳلين جو سير ڪرائي ٿو. ھو تاريخ جو شعور رکي ٿو ۽ ماضيءَ جي ڳڙکين مان مستقبل ۾ ليئو پائي سگهندو آھي. اُن ڏس ۾ سندس ڪتاب ’شاھہ لطيف: آزاديءَ جو علمبردار‘ ھڪڙو نھايت ئي شاھڪار ۽ ڳڻڻ جھڙو ڪتاب آھي. اَصل ۾ سندس ھر ڪتاب ڳڻڻ جھڙو ئي آھي. ھن جيڪو ڪم ڪيو آھي، اُھو معيار جي بُلند سطح تي بيھي ڪيو آھي. نہ رُڳو نثر، پر سندس شاعري پڻ اَعليٰ قدرن ۽ فڪري گهرائين سان سرشار آھي. اَلبت شاعري ۾ ھن مار رُڳو لھجي ۾ کاڌي آھي. ڀٽائي جي لھجي ۾ لکيل بيت فڪري سرشاري جي باوجود اُھا روانيءَ نہ ٿا رکن، جيڪا ماڻھوءَ جي وجود کي پاڻ سان وھائي کڻندي آھي. اُن ھوندي بہ اُن ۾ جيڪو پيغام آھي، اُھو صدين جا سَڏ پاڻ ۾ سمايو رکي ٿو.
’برسات‘ اَخبار ۾ ڪم ڪرڻ دؤران مون کي سندس شخصيت کي ويجهڙائيءَ کان ڏِسڻ جو موقعو مِليو. ھي اُھي ڏينھن آھن، جڏھن ’برسات‘ اَخبار جو طمطراق ختم ٿي چڪو ھو ۽ اُھا مڙئي ساھہ کڻي رھي ھئي، جڏھن تہ يوسف شاهين پاڻ جيل ڪاٽي اَچڻ جي باوجود نؤبنو لڳو پيو ھو. ھن جي ھڪ زبردست خوبيءَ ھيءَ ھئي تہ ھو پنھنجي اَخباري عملي سان ميٽنگون پيو ڪندو ھو، ساڻن صلاح مشورا ڪندو، رٿون رايا وٺندو ۽ تجويزون پڇندو رھندو هو، جنھن بعد پنھنجا ويچار پيش ڪندو هو. ٻُڌندو ھر ھڪ کي ڌيان سان ھو ۽ ڪچھريءَ تان سندس توجھہه نہ ٿِڙندو ھو.
ھو رُڳو خوش گفتار ناھي، خوش پوشاڪ پڻ آھي. اَڇا ۽ صاف سٿرا ڪپڙا، مرڪندڙ چھرو، سيرب روزاني جو معمول، وار ڦڻي ڏنل ۽ سُھڻي نموني سنواريل، سڀني وصفين تازو توانو لڳندڙ. ڳالھائڻ جو لھجو دل وٺندڙ، ڳالھہ دليل ڀري، مرڪي تہ موھي ڇڏي. سندس شخصيت ۾ مون کي ھميشه ڇِڪ محسوس ٿي.
مٿان وري آفيس ۾ سندس ويھڪ وارو وڏو ڪمرو، جنھن ۾ چئني طرفن کان ڪتاب سَٿيل، جنھن مھل ڏسو ھو مطالعي ۾ مصروف. پاڻ يارھين وڳي کان پھريان آفيس پھچيو وڃي. جي ڀلجان نہ ٿو تہ ھُن جو نانءُ ’صبا‘ ھو. صبا پڻ ٻارھين ڌاري اَچي آفيس سھڙندي. ھوءَ غالباً ھڪ اَنگريزي رسالي جي سھيڙ ڪندي ھئي. يوسف شاھين جي ھن سان ھم آھنگي تمام گهڻي ھئي. ھڪ ڀيري رات جو دير تائين آفيس ۾ ڪم ڪندي يوسف صاحب جي طبيعت اوچتو تمام گهڻي خراب ٿي پئي. ھو پنھنجي جڳھہ تان شايد چُري پُري ۽ ڳالھائي بہ ڪونہ ٿي سگهيو. ھڻي ڌُڻي ھو فون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، اُھا فون صبا ڏانھن ھئي. ھوءَ تمام تيزي سان گهران نڪري آفيس پھتي، در ٽوڙي يا ڀتيون ٽپي اَندر گهڙي ۽ ساڻس گڏ آيل سندس ڀاءَ جي مدد سان يوسف صاحب کي کڻي اِسپتال پھچايائين. اُن کان پوءِ ھن جي لاءِ مون وٽ احترام تھائين وڌي ويو، جو ھن يوسف صاحب کي ڪمھليءَ اَچي بچايو ھو.
يوسف صاحب پنھنجي عملي جو تمام گهڻو خيال رکندو ھو، احترام ڪندو ھو. مون ڪڏھن بہ سندس واتان ڪو گُٿو لفظ نہ ٻُڌو. ڪنھن تي رنج ٿيو تہ بہ ٿڌي دماغ سان سمجهائيندو هو. ننڍين ننڍين ڳالھين جو خيال رکندو هو. اَڳيان ھلي مون آفيس دير سان پھچڻ شروع ڪيو. مون تن ڏينھن ۾ ھڪ اُردو اخبار جي دبئي واري صفحي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ھو، جنھن جي آفيس ’آءِ آءِ چندريگر روڊ‘ تي ھئي. جتان شاھراھہ فيصل تي نرسري اِسٽان تائين ۽ نرسري تي لھي ’برسات‘ جي آفيس تائين پڄندي ڪجهہ دير ٿيو ويندي ھئي. ھڪ ڏينھن مون کي گُهرائي دير جو ڪارڻ پڇيائين تہ مون کيس ٻيءَ نوڪري جو ٻُڌايو. ھو مرڪيو. منھنجو پگهار وڌايائين ۽ ٻيءَ نوڪري ڇڏي ڏيڻ جي ھدايت ڪيائين. چي: ”ٻہ نوڪريون ماڻھوءَ کي ٿڪايو ڇڏين، ماڻھو ھلاڪ ٿئي ٿو. ٿڪل يا بت مان بيزار ماڻھو ڪھڙو ڪم ڪندو! اُن ڪري نوڪري ھڪڙي ئي ھجي.“ ھو کوڙ ساريون سُٺيون ڳالھيون ڪندو ھو، جن سان ماڻھوءَ جي سمجهہ ۾ اِضافو ٿيندو ھو. ھڪ دفعي ٻڌايائين تہ اسان سوچيو تہ دُنيا گهمجي، پر اُن لاءِ پئسا ڪٿان آڻجن. پوءِ ھينئن ڪيوسون جو ھِتان ڪجهہ اَھڙيون شيون کڻي ٿي وياسين، جن جو دُنيا ۾ کاپو ھو. اُھي اُتي وڃي وڪرو ٿي ڪيون سين. اَھڙي نموني دُنيا گهمڻ ڪجهہ قدر آسان ٿي وئي.
ھڪڙي ڏينھن ’اِنسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا‘ ڪڍي منھنجي اَڳيان رکيائين. چيائين: ”ڇا تہ علم آھي ۽ ھن ۾ سنڌ تي پڻ لِکيو ويو آھي.“ مون سنڌ بابت ھڪڙو مضمون اُن منجهان کوٽي ڪڍيو ۽ ترجمو ڪيم. اُن مضمون موجب ڪڻڪ دنيا ۾ سڀ کان اَول سنڌ ۾ پوکي وئي ھئي. اُنھن ڏھاڙن ۾ مون ڪجهہ سُٺا مضمون ھِتان ھُتان ترجمو ڪري ’برسات‘ اَخبار ۾ شايع ڪيا. ترجمن جو اُھو ذخيرو ڪتابي صورت ۾ اَچڻ جي لائق آھي. اُھو پڻ ھڪڙو اَملھہ ڪتاب ھوندو.
اسان ھن کي صرف مطالعي ۾ مشغول ئي ڪونہ ٿي ڏٺو، پر سندس لِکڻ جو ڪم پڻ تن ڏينھن ۾ جاري ساري ھو. جيتوڻيڪ مھڪار جھڙو ھي ماڻھو اُنھن وقتن ۾ زماني جي گردشن ھيٺ آيل ھو، پر پوءِ بہ ھن جي حوصلن ۾ ڪابہ ھيٺانھين ڪانہ ھئي. ھا، ايترو ضرور ٿيو ھو تہ ھو گهڻن ماڻھن، اَدبي سرگرمين ۽ باھرين دُنيا کان ڪافي ڪُنڊائتو ٿي ويو ھو. جيڪي ماڻھو ٽُٽي پوندا آھن تہ ڪُنڊائتا ٿي ويندا آھن. اُن طرح اُھي شايد دُنيا کان لاشعوري طور پلاند ڪندا آھن. يوسف صاحب سان پڻ نااِنصافي ڪئي وئي ھئي. ھو ماٺ ۽ پاسيرو ٿي ويو ھو، تنھن ھوندي بہ ھن جون تخليقي صلاحيتون پنھنجي جوڀن تي ھيون، قلم ھن جي ھٿ مان نہ ڪِريو. ھاري پنھنجي ھٿ مان ھَر ۽ اَديب پنھنجي ھٿ مان قلم کي ڪِرڻ نہ ڏيندو آھي. ھَر لاءِ ساري ڌرتيءَ ڪاڳر آھي ۽ قلم لاءِ ھر پنو ڌرتيءَ جي سيني وانگر آھي، ٻيئي اُنھن تي پنھنجي پنھنجي نموني جي نقش نگاري ڪن ٿا، گل ڦل، گل ڦل چٽ چٽين ٿا ۽ زندگين ۾ گل گلزاري لائين ٿا.
يوسف شاھين پنھنجي مجموعي جوھر ۾ ھڪڙو ڳردار۽ باڪردار شخص آھي، جنھن جي اَندر ۾ ھاڪاريت جو ھڪڙو گهرو درياھہ وھي ٿو. ھو پنھنجي اَدبي، تاريخي ۽ فڪري ڪم ۾ سدا حيات رھڻو آھي. پورھئي جون اَنيڪ شڪليون صورتون آھن، جن مان ڪي بنھہ وقتي نوعيت جون آھن. پر پورھئي جون ڪجهہ صورتون اَھڙيون آھن، جيڪي جٽاءَ ڪن ٿيون، جن ۾ اَدب، فڪر، فلسفو، موسيقي، آرٽ، فن، ھنر، سياست ۽ تاريخ سازيءَ جھڙيون شيون اَچي وڃن ٿيون. جيڪو ماڻھو اِنھن وٿن مان ڪن تي ڪم ڪري ٿو، سو ڄڻڪ پَئي پراڻي نہ ٿيڻ جھڙو وکر وِھائي ٿو. يوسف شاھين پڻ اَمرتا ماڻڻ جھڙو ڪاپو ڪيو آھي، ھي ڪاپو پرھہ ويل پنن تي پوندڙ ماڪ ڦُڙن وانگر اُڏامي ناھي وڃڻو، پر زندگيءَ جي ڇر تي وقت جي ڇولين سان گڏ ڇُلندو ۽ وھندو رھڻو آھي، جيڪو سنڌين جي ھر نئين پيڙھيءَ کي سندس کٿوريان وِتري شخصيت جي سار ڏياريندو رھندو.