شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

شبنم گل جون لِکڻيون فنِ ڪمال جون درجو رکين ٿيون!

ڪڏهن شعلا، ڪڏهن شبنم، ڪڏهن گل گلزارَ،
ڪڏهن سانگ شيشي جيان، ڪڏهن پاڻائين پيارَ،
ڪڏهن ڪتابي اَکين سِين، ڪري ماران مارَ،
اَکر اَنگ اَپار، پيا پلئہ هن پارس کي.
(يوسف)
ڪارو ڪاريءَ جي هن معاشري ۾ جتي شڪ جي بُنياد تي يا ڪو فون ٻُڌڻ تي عورت جو ڪنڌ لاٿو وڃي ٿو يا ڊوڙائي ڊوڙائي ماريو ويندو آهي، اَهڙي خطرناڪ ماحول ۾ ڇا سنڌي عورت، ڪو تخليقي ۽ پروگريسو اَدب ڏيئي سگهندي! ڇا هوءَ ڪنھن وڇوڙي تي پنھنجو ڏُک يا اَندر جا اُڌما قلمبند ڪري سگهي ٿي؟ ڇا هوءَ عشق ۽ محبت جي وچ ۾ ٻَڌل پلصراط اورانگهي، ڪا شاعري ڪري سگهي ٿي؟ اِهو حق فقط مردن کي حاصل آهي. ڇا عورت ترقي پسند اَدب ڏيئي سگهي ٿي؟ ڇا هوءَ ُدنيا ۾ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ، اَخلاقي قدرن ۽ سماجي ڳانڍاپن جو ساٿ ڏيئي سگهي ٿي؟ هن مٿان هردم ڪا نہ ڪا تلوار ٽنگيل ٿئي ٿي، پوءِ ڀل تہ اُها سندس مڙس، ڀاءُ يا پيءُ جي هجي.
اَهڙي ڏُکوئيندڙ صورتحال جي باوجود ڪيتريون ئي بھادر سنڌي نياڻيون اَدب جي ميدان تي لٿيون. هنن نہ فقط ترقي پسند اَدب ڏيڻ ۾ پاڻ ملھايو، بلڪ عالمي اَدب سان بہ ڪلھو لائي بيٺيون. اُنھن ۾ محنتي هڪ اَدڙي محترمہ شبنم گل بہ شامل آهي، جنھن اَحساسات، جذبات ۽ فڪر جي هڪ نئين دُنيا قائم ڪئي. اِن جهاد ۾ سندس وَرَ جناب اِشتياق اَنصاري جو بہ حصو آهي، جيڪي پاڻ وڏا محقق، آثارِ قديمہ جا ماهر، اِسڪالر ۽ اَديب پڻ آهن.
مون ڪيئن ڀيرا لِکيو آهي تہ اَشرف المخلوقات جو درجو فقط مرد کي حاصل آهي، باقي عورت لاءِ زندگيءَ جا سمورا شعبا ذري گهٽ بند آهن. عورت کان اِهو زوريءَ مڃرايو ويو آهي تہ گهر جون چار ديوارون ۽ رڌڻو سندس ڪائنات آهي. هن کي پردو ڪرڻ گهرجي، آهستي ڳالھائي ۽ شرم، حياءَ جو مجسمو بڻجي زندگي گذاري، جڏهن عورت ماءُ جھڙو عظيم ترين درجو رکي ٿي، جڏهن عورت مرد جيان مڪمل اِنسان آهي تہ پوءِ هن کي ڇو قومي اِسيمبلي، سينيٽ، پاور ڪاريڊور ۽ ٻين شعبن ۾ آباديءَ مطابق اَڌواَڌ حِصو نہ ٿو ڏنو وڃي.
پھرين ۽ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ جڏهن يورپ جا ڪروڙين مرد مارجي ويا، يورپ ’بيواھہ عورتن جو کنڊ‘ بڻجي ويو، تڏهن عورتن کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اِجازت ڏني ويئي تہ جيئن هوءَ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري سگهي. اُن کان اَڳ يورپ ۾ بہ عورت سان اسان وانگر جيتَ جيان حيثيت حاصل هئي. يورپ ۾ بہ ڪاروڪاريءَ جي اِلزام هيٺ عورت کي ڪُٺو ويندو هو. اِنگلينڊ جي بادشاھہ هينري (اَٺين) پنھنجي ٻن زالن کي ’ڪاري‘ چئي، اُنھن جا ڪنڌ لھرائي ڇڏيا.
آمريڪا، جتي عورت جي حقن جي ڳالھہ ڪئي وڃي ٿي، جتي جمھوريت کي مذهبن جھڙو درجو حاصل آهي، اُتي اَڍائي سؤ سالن ۾ هڪ بہ عورت آمريڪا جي صدر بڻجي نہ سگهي.
آخر ۾ آءٌ هڪ ڀيرو ٻيھر محترمہ شبنم گل جو ذِڪر ڪندس، جيڪا لڳاتار اَدب تخليق ڪري رھي آهي. هن جون لِکڻيون ڪمال فن جو درجو رکن ٿيون.
اُٿي سونل سنڌ کي سنواري ڇڏ،
ڪاري رات ۾ ڪو نئون سج اُڀاري ڇڏ،
سڀ سُتل دودا جوڌا اُٿاري ڇڏ،
اَڻ ٿيڻي آڏو، ٿيڻي بيھاري ڇڏ،
گل کي گلستان، شعلي کي شبنم بنائي ڇڏ.