سِراج: فاتحن جي دُنيا
اِهو اِجتماعي رَوَيو وري مختلف شڪلين ۾ عمل ۾ اَچڻ جا اِمڪان رکي ٿو. اِنسان اَڄ جنھن شَعوري سطح تي پھتو آهي، جتي ’ظلم‘ کي ’ظلم‘ سَڏڻ جي رَوايت پئي آهي، تڏهن اُن جي اِظھار جا ۽ پھچائڻ جا (communication) جا ڪيترائي ذريعا آهن. ڪو اُن کي سياسي سطح تي کڻندو آهي ۽ معاشري کي بَدلائڻ جي جذبي سان، ٻين کي پاڻ سان کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪنھن دِيني عالم جو رَوَيو وري اِهو ٿي سگهي ٿو تہ مسجد يا ديول ۾ ماڻھن کي ٻُڌائي ۽ ظالم کي پِٽَ پاراتو ڪري ۽ ﷲ پاڪ جي ڏَمر کان ماڻھن کي ڊيڄاري تہ اِيئن ٿيڻ نہ گهرجي. هڪڙي شعوري سطح اَديب جي آهي، جيڪو اُن کي فن جي ڪنھن گهاڙيٽي ۾ بيان ڪري، ٻين جي جذبن کي بہ اُن سطح تي آڻي، جنھن تي هن پاڻ محسوس ڪيو آهي. پر اَڃا ئي هڪڙي ٻي سطح آهي، جنھن کي فلسفو چئجي تہ غلط ڪونھي ۽ اُن سطح تي اُهو شخص اُن ظلم جي نوعيت، اُن جي پسمنظر، اُن واردات جا اَصل معاشرتي سبب ۽ اُن جا معاشري تي اَثر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن سُڄاڻ شخص ۾ اُهي سمورا رَوَيا بہ گڏ ٿي ويندا آهن، هو اُن تي اَحتجاج جا سمورا ذريعا گڏ ڪمِ آڻيندو آهي. سياسي، سماجي، عِلمي ۽ اَدبي، جذبا جنھن شخص ۾ وارد ٿين، اَهڙا ئي ماڻھو تاريخ ۾ نالو پيدا ڪندا آهن، هو هڪ ئي وقت عالم، مؤرخ، فيلسوف ۽ سياستدان ٿيندا آهن.
فِرانس ۾ هڪڙي يھودي ’ڊِريفس‘ کي، جيڪو فوجَ ۾ غداريءَ جي مقدمي ۾ رُڳو اُن ڪري ڦاسايو ويو، جو هو يھودي هو، هن تي ڪيس هلائي کيس ڦاسيءَ جي سَزا ڏِنائون. اُن وقت فِرانس ۾ اَڪثر ماڻھو يھودين جي خلاف هئا، اُن ڪري اُن تي ردِعمل خوشيءَ ۾ اِطمينان جو باعث هو، پر هڪڙو ماڻھو ’اِيميل زولا‘ (Email Zola) اُن تي ماٺ نہ ڪري سگهيو. هو اَديب هو، هن جي ناولن جي ڏاڍي مقبوليت هئي، هن اُن ظلم تي لِکيو. اُن جي پسمنظر ۾ ۽ مستقبل تي اُن جي اَثرن تي ڇنڊڇاڻ ڪئي، شعوري سطح تي ماڻھن کي اُنھن جذبن تي آڻي بِيھاريائين، جِتي پاڻ پھتو هو. پوءِ هڪڙي تختيءَ تي ”آءٌ اِلزام هڻان ٿو!“ (J’accuse) لِکي، اَخبارن جي دروازن تي پھتو، گهٽين ۾ گُهميو، ٿورا ٿورا ٿي ماڻھو هن جي پويان لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ: ”جيڪڏهن ’زولا‘ جھڙو مھان اَديب اُن تي اَحتجاج ڪري ٿو تہ اَسين بہ ساڻس گڏ آهيون.“ پوءِ اُهو ماڻھن جو ميڙاڪو اُتي پھتو، جِتي ’ڊِريفس‘ کي سَزا مِلڻي هئي. ٻہ ٻہ، چار چار ٿي ماڻھو اُتي پھتا ۽ پوءِ هزارن جو هجوم گڏ ٿي ويو. هنن اَحتجاج بُلند ڪيو، پھرين آهستي، پوءِ ڏاڍيان! جڏهن حاڪمن ڏِٺو تہ هتي تہ وڏو فساد ٿي پوندو، تڏهن اُهو فيصلو ردِ ٿيو. اَڄ ’زولا‘ جو اُهو فقرو (J’accuse) دُنيا ۾ اَحتجاج جي هڪڙي وڏي علامت بڻجي ويل آهي!
يوسف شاهين اسان جو اَهڙو اَديب آهي، جنھن هر ڏُکَ، هر ظلم، هر بدمعاشيءَ کي ذاتي سطح بدران پنھنجي رُوحَ تي محسوس ڪيو آهي، پر اُن لاءِ ’زولا‘ جي رَوايت جو اَمين بڻجي ويو آهي. هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ بيداد کي پنھنجي رُوحَ تي وارد ڪيو آهي ۽ پوءِ ذاتي سطح بدران اَدب جي سطح تي، شاعريءَ جي ذريعي ٻين سان اُهو درد وَنڊيو، ورڇيو اَٿس. پر هن اُن کي اَڃا ئي وڏي سطح تي پھچائڻ جو سوچيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو سوچي ٿو ۽ صحيح ٿو سوچي تہ سنڌ سان ٿيندڙ بيداد ايترو اَڪيلو ۽ اِنفرادي ڪونھي، اِهو هڪ عالمگير سطح تي ٿيندڙ ّظلم ۽ فِراڊ جو هڪڙو حِصو آهي، اُن ڪري ضروري آهي تہ اُن کي عالمي سطح تي بہ کڻجي. هن تاريخ جو تجزيو ڪري اِهو نتيجو ڪڍيو تہ سَموري دُنيا ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي: فاتح طبقو ۽ مفتوح طبقو. فاتح طبقا جنگ جي ذريعي مفتوحن تي ظلم ڪري، سندن وجود، تھذيب، ٻوليءَ ۽ تمدن کي ختم ڪن ٿا، سندن واردات جا ٻہ طريقا آهن: هڪڙو سِڌو سنئون فوجي ۽ لشڪري حملو، ٻيو هجرت يا لڏَپلاڻ! اُن جو علاج بہ هن سوچيو آهي. هن 1984ع ۾ اَنگريزيءَ ۾ هڪڙو ڪتاب لِکيو (World Confedration of the Peoples)، جنھن ۾ هن نئين عالمي نظام ۽ وفاق جو ڏَس ڏِنو تہ جيئن اِنسان ذات گڏجي اُن جو اِنتظام ڪري تہ تاريخ ۾ جيڪي بدمعاشيون ٿيون آهن، تن جو اَزالو ٿئي.
هاڻ وري پھرين اُردوءَ ۾ ’فاتحین کی دنیا‘ جي نالي سان ۽ هاڻ اُهو ساڳيو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپائي رهيو آهي. اُن ۾ هن جي ٿيسز (Thesis) اِها آهي تہ ڪِن قومن جي بادشاهن ۽ فوجي آمرن لشڪري ذريعن سان ڪمزور قومن کي فتح ڪري، سندن عظيم اِدارن ۽ ورثي کي ٻولين، تھذيبن ۽ سڀيتائن کي تباھہ ڪري، پنھنجون ٻوليون ۽ تھذيبون رائج ڪيون. اُن ئي قِسم جي ٻي واردات هجرتن ۽ لڏَپلاڻ جي ذريعي ٿي آهي. اُن لاءِ هن تاريخ جي سمورن بابن کي ويھي اُٿلايو آهي. سمير، ميسوپوٽيما، اَڪاد، يونان، اِيران کان و ٺي اِسپين، برطانيہ، فرانس، چِين ۽ جپان ۾ فاتحن طرفان ڪاهن ۽ رولو قومن جي لڏَپلاڻ جا مثال جمع ڪري، هن اِهو نظريو قائم ڪيو آهي ۽ اِها سوچَ ڏِني اَٿس تہ وقت اَچي ويو آهي تہ تاريخ جو رُخ موڙجي ۽ اِهي ظلم ۽ بيداد جون وارداتون ۽ اُنھن جا اَثر روڪجن.
اِها ڳالھہ، وڏي ڳالھہ آهي ۽ اُن لاءِ يوسف شاهين ڏاڍي محنت ۽ جُرئت ڪئي آهي، پر هڪڙي ڳالھہ چوڻ کان رهي نہ ٿو سگهجي تہ سندس اُهو تجزيو نھايت ڀورائيءَ وارو (Simplistic) آهي. هن اَلائي ڇو اُن تجزئي دؤران اِنسان ذات جي تاريخ جي سفر ۾ اُنھن وارداتن جي سببن تي غور ڇو نہ ڪيو آهي. فاتح ڇو ۽ ڪيئن پيدا ٿيا؟ اُنھن حملن ۽ فتوحات جي پويان ڪھڙا جذبا، ڪھڙا جوازَ ۽ ڪھڙيون مجبوريون هيون؟ هڪڙيون قومون لشڪري طرح مضبوط ڇو ٿيون ۽ ٻيون ايتريون ڪمزور ڇو؟ تاريخ جو اُهو سفر شھنشاهيت، سُلطاني ۽ امپيريلزم ڪھڙين معاشي ۽ سماجي حالتن جي ڪري پيدا ٿيون؟ ٻوليون ڪيئن پيدا ٿيون ۽ ڪيئن موجودہ صورت کي پھتيون آهن؟ ڇا اَڄ جيڪي ٻوليون موجود آهن، سي اُن صورت ۾ وجود ۾ اَچي سگهن ها، جيڪڏهن اِنسانن جو پاڻ ۾ وهنوار ۽ سماجي لاڳاپو پيدا نہ ٿئي ها! وڏيون ٻوليون يوناني، عبراني، لاطيني ۽ سنسڪرت اَڄ اُن حيثيت ۾ موجود ڇو ڪونھن، جنھن ۾ ڪنھن وقت ۾ هيون. تھذيبن جي ڦُٽڻ، وري اُڀرڻ ۽ وري فنا ٿين جا ڪھڙا سبب ۽ جواز آهن؟ ڇا فتوحات ۽ هجرتون، فقط اِهي ٻہ وارداتون اِنساني تاريخ کي بدلائڻ جو سبب بڻيون آهن يا ٻيا بہ ڪي وهڪرا آهن، جن اِنساني تمدن کي ۽ قومن جي وجود کي بدلايو آهي؟ ۽ هڪڙو آخري سوال تہ ڇا اِنساني تاريخ جي اُن سفر کي پوئتي موٽائي سگهجي ٿو؟
اُن ڀورائيءَ ۾ يوسف آمريڪا جي جمھوريت کي ڏاڍو ساراهيو آهي. آمريڪا جو ڪردار تاريخ جي ويجهيءَ ڇڪَ ۾ ڪھڙو رهيو آهي ۽ اُن جي جمھوريت جا اَصل ڪردار ۽ پسمنظر ڪھڙا آهن، اُن جو هن اَڀياس ئي نہ ڪيو آهي. آمريڪا جي جمھوريت اِمپيريلزم جو هڪڙو ڍَڪُ ٿي ڪم آندي ٿي وڃي. ڇا اَهڙي نظام کي جمھوري ۽ اِنسان ذات لاءِ فائديمند هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي سگهجي ٿو؟
ساڳي ڳالھہ گوربا چيف جي ڪردار کي پَڏائڻ جي آهي. گوربا چيف اَڃا جيئرو آهي ۽ اَڃا تائين سياسي مفڪر ۽ ڏاها اُهو عنصرو ڳولڻ ۾ جُٽيل آهن تہ اُهي ڪھڙا مفاد هئا، جن هن کان اُهو سڀ ڪجهہ ڪرايو، جيڪو وڏا وڏا فاتح بہ نہ ڪري سگهيا. هن اِنسان ذات جي هڪڙي عظيم نظام کي، اُن ۾ آيل خرابين کي دُور ڪرڻ بدران ٽوڙي، اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مارڪس جو فلسفو ئي غلط هو ۽ سوشلزم هڪ نظرئي طور ناڪام ٿي چُڪو آهي. هن اُهو ڪجهہ ڪري ڏيکاريو، جيڪو آمريڪا چاهيو ٿي، پر پنجاھہ سالن تائين اُن ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيو. ڇا اُهو هن آمريڪا جي هُشيءَ تي ڪيو يا هن پنھنجي نئين فڪر کي ثابت ڪرڻ لاءِ اِيئن ڪيو؟
اِهي آهن اُهي چند گُمان، جيڪي يوسف جي هن ڪتاب کي پڙهڻ سان ذهن ۾ اَچن ٿا، پر هن ڀورائيءَ ۾ اِنساني تاريخ جي هڪڙي ڊيڄاڙيندڙ عنصر کي اُگهاڙو ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪو اَڃا بہ موجود آهي، پر اُن کي ختم ڪرڻ ۽ اِنسان ذات کي ڪا سُک جي گهڙي ڏِيڻ لاءِ يوسف کي ڀورائيءَ جي بدران هڪ سُڄاڻ ۽ ڏاهو اِنسان بڻجڻو پوندو. جيڪڏهن هن کي ڪا وارکائي مِلي تہ هو يقيناً اُن منزل کي ماڻيندو.
]يوسف شاهين جي ڪتاب ’فاتحن جي دُنيا‘ جو مھاڳ[
