شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 143
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

طارق عزيز شيخ: اسان جي د‌ؤر جو هڪ بھترين شاعر ۽ محقق

يوسف شاهين صاحب هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي، جنھن شاعر، اَديب، مؤرخ، صحافيءَ، بزنس مئن ۽ سياستدان طور پنھنجي سُڃاڻپَ ٺاهي، پاڻ مڃايو آهي. سندس شاعريءَ ۾ صوفي اَزم، اَمن پسندي، قومي ولولو، ۽ جذبو موجود آهي. مون کي ياد آهي تہ ضياءُ الحق جي آمريتي ڏينھن ۾ لطيف سائينءَ جو ميلو ٿيو هو، جتي موسيقيءَ جي محفل پنھنجي رمز سان هلي رهي هئي، پر راڳ جي رونق پنھنجي جوڀن تي اُن وقت پھتي، جڏهن رات جو ٻي، سوا ٻي وڳي عابدہ پروين هي ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو:
متان ڏرو ڏاڍَ کان، ڏاڍي ناهي ساھہ،
گهوري ساھہ پساھہ، گِهڙي پئون گهاڻي ۾.

اُن وقت ’ڀٽ شاھہ جو ايڪسيلينسي آڊيٽوريم هال‘ اوپن ايئر هو، آڊيٽوريم هال کان وٺي ٻاهرئين ميدان تائين هزارين ماڻھو محفل ٻُڌي رهيا هئا. اُن ڪلام دؤران سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جوشيلا نعرا هڻڻ شروع ڪيا. هونئن ئي عابدہ پروين جي ڳائڻ جو اَنداز بي اِنتھا عاليشان هوندو آهي، پر سندس ڳايل اِن ڪلام ماڻھو کي چوٽَ تي چاڙهي ڇڏيو ۽ اِهو ڪلام يوسف شاهين صاحب جو لِکيل هو، اِن ڪلام جي ڌُن غلام حُسين شيخ صاحب جي ڏِنل هئي. شاهين صاحب سنڌ جي سرتاج شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کان بيحد متاثر رهيو آهي، اِهو ئي سبب آهي، جو سندس شاعريءَ جو اَنداز بہ لطيف سائينءَ جي ڪلام جھڙو ئي آهي.
نثر نويسيءَ ۾ بہ يوسف شاهين صاحب پنھنجي هڪ اَلڳ حيثيت رکي ٿو. هن سنڌي، اَنگريزي ۽ اُردو ٻولين ۾ پنجويھن کان وڌيڪ ڪتاب لِکيا آهن، جن مان ڪي ڪتاب عالمي سطح جي مڃتا ماڻي چُڪا آهن. سندس هڪ سُڃاڻپَ تاريخ نويس واري بہ آهي. پاڻ سڄي دُنيا جي قومن، مذهبن، ۽ تھذيبن جي تاريخ جو تمام گهڻو مطالعو ڪرڻ باوجود اَڄ بہ تاريخ جي ڪتابن کي پڙهڻ ۾ رُڌل آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سندس ڪتاب ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ شايع ٿيو آهي. 152 صفحن تي ٻَڌل اُهو ڪتاب 8 بابن ۾ ورهايل ۽ 24 موضوعن تي لِکيل آهي.
اِن ڪتاب ۾ بادشاهن، حاڪمن ۽ ظالمن جو پاڻ ۾ اِهو مقابلو ڏيکاريو ويو آهي تہ ڪنھن وٽ غلام ملڪن يا رياستن جو تعداد گهڻو آهي. ڪتاب ۾ حوالن جي مدد سان ڄاڻايل آهي تہ دُنيا جي اِبتدا کان وٺي فاتحن جي حملن قومن کي غلام بڻايو، فاتح ۽ بادشاھہ پاڻ کي خدا بڻائڻ جي خيال ۾ وڏيون وڏيون سَرحدون پنھنجي قبضي ۾ ڪندا ويا، موتمار هٿيارن سان طاقت جو مظاهرو ڪري، اَمن پسند ۽ ڪمزور قومن تي حاوي ٿيا. فاتحن جي لڳاتار حملن سبب ڪروڙين ماڻھون پنھنجون زندگيون بچائڻ خاطر اَڻ ڄاتل هنڌن ڏانھن ڀڄندا، لڏَپلاڻ ڪندا رهيا. اُنھيءَ زماني ۾ طاقتور فاتحن مضبوط قلعا ۽ ڪوٽَ بہ اَڏيا. سڄيءَ دُنيا ۾ مذهبن ۽ قومن جي ويڙھہ اِنساني زندگيءَ کي ناس ڪري ڇڏيو، غلام قومن جون ٻوليون ختم ڪري، ظالمن پنھنجون ٻوليون مسلط ڪري ڇڏيون.
يوسف شاهين صاحب جي مشاهدي مطابق پنج هزار سالن ۾ ٽي هزار ٻوليون ختم ٿي چُڪيون آهن. اِهو بہ ثابت ڪيو اَٿائين تہ پنج هزار سال اَڳ دُنيا ۾ فقط هڪڙي قومَ اَهڙي هئي، جنھن بادشاھہ نظام کي رد ڪري، فلاحي نظام رائج ڪيو هو ۽ سا موهن جي دڙي جي قومَ سنڌي قومَ هئي. هتي اَمن ۽ آشتيءَ واريءَ تھذيب ۾ هٿيارن کان پاڪ معاشرو قائم ٿيل هو، جتي جنگين ۽ فاتحن جي گُنجائش نہ هئي. شاهين صاحب هڪ هنڌ آمريڪي اِسڪالر ’گريگن يوسھل‘ جي تحقيقي مقالي جو حوالو ڏيندي لِکيو آهي تہ سنڌو ماٿر جي ماڻھن اِنساني تاريخ جي سڀ کان پھرين ثقافتي ايمپائر قائم ڪئي هئي، جيڪا موجودہ اَڌ هندستان، سڄي پاڪستان، اَفغانستان ۽ اِيران کان ويندي ترڪمانستان تائين 12 لک ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل هئي ۽ اُن جي گاديءَ جو هنڌ موهن جو دڙو هو.
شاهين صاحب جيتوڻيڪ هن وقت 83 ورهين کان وڌيڪ ڄمار جو آهي، سندن صحت بہ اَڳ جھڙي ناهي رهي، کين نظر جي ڪمزوري توڙي ڪڏهن ڪڏهن سندن طبيعت بہ خراب رهي ٿي، اُن جي باوجود پاڻ عالمي تاريخ جي سلسلي وارو پھريون 3200 ق. م کان 1752 ق. م تائين ڊڪٽيشن سان لِکرايو آهي، جنھن تي هو جس لھڻي. جڏهن سندس اُهو پورهيو مڪمل ٿيندو، تڏهن سنڌي اَدب ۾ اُهو ڪنھن وڏي ڪارنامي کان گهٽ نہ هوندو.