شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

سنڌ جو مُحسن مرد مجاهد: محمد عثمان ڏِيپلائي

ساريو سانبيئڙن کي، هينئڙي پون هولَ،
ٻيلي تن جا ٻولَ، مور نہ وِسرن مون.
(يوسف)
گُذرل پنج هزار سالن دؤران سموري اِنسان ذات، دُنيا جا سمورا ملڪ ۽ اُنھن ۾ رهندڙ قومون مختلف ’فاتحن‘ جون غلام رهيون آهن. ايڏي ڊِگهي عرصي تائين دُنيا جو ڪوبہ ملڪ سخت جدوجھد جي باوجود آزادي ماڻي نہ سگهيو، اِن حدَ تائين جو آزاد ملڪن جو تصور بہ ناپيد ٿي پيو. دُنيا جا سڀئي ملڪ هڪٻئي پُٺيان ’بادشاهتن‘ ۾ قيد رهيا. اُهي بادشاهتون ڪن فردن، ذاتي طور فوجي ٽولا گڏ ڪري، وڏي خونريزيءَ کانپوءِ ’فتوحات‘ جي عمل ذريعي قائم ڪيون. اُن ريت نہ فقط دُنيا جي سڀني قومن کي غلام ڪيو ويو، بلڪہ اُنھن قومن جي عزت، دولت ۽ پيداواري وسيلن تي بہ ڌاڙا هنيا ويا. شڪست کاڌل قومن کي اِن ڳالھہ تي بہ مجبور ڪيو ويو تہ هو هر سال ذري گهٽ سموري قومي آمدني ’ڏن‘ طور فاتحن/غاصبن تائين پُڄائين.
پنج هزار سالن کانپوءِ هڪ هنڌ بيٺل اُن نظام ۾ تڏهن تبديليءَ جي اِبتدا ٿي، جڏهن 1776ع ۾ دُنيا جو پھريون حقيقي آزاد ملڪ ‘آمريڪا‘ (United States of America) وجود ۾ آيو، جتي پھريون ڀيرو دُنيا مان بادشاهت ختم ڪرڻ جي اِبتدا ڪئي ويئي. هنن ملڪ جو نظام هلائڻ لاءِ بادشاھہ بدران عام ماڻھن جي ووٽ سان چُونڊجي آيل شخص کي محدود عرصي لاءِ اِقتدار ڏِيڻ جو فيصلو ڪيو. اُهو ملڪ آمريڪا، يورپ جي مھاجرن ٺاهيو، جيڪي پنھنجا اَباڻا ملڪ ڇڏي، آمريڪا جي 13 رياستن ۾ اَچي آباد ٿيا هئا. هنن مھاجرن آمريڪا جي اَصلوڪي آباديءَ کي گهڻي ڀاڱي قتل ڪري ڇڏيو. اُهي 13 رياستون اُن وقت برطانيہ جي قبضي هيٺ هيون ۽ ’جارج‘ (ٽيون) اُنھن آمريڪي رياستن جو بادشاھہ، بلڪہ شھنشاھہ هو. اُن واقعي کانپوءِ تمام تڪڙو يورپ جي مھاجرن آمريڪي کنڊ تي وڌيڪ 34 نوان ۽ آزاد ملڪ قائم ڪيا، جيڪي گهڻي ڀاڱي اِسپين ۽ فِرانس جي بادشاهن جي ذاتي ملڪيت هئا.
ايشيا ۾ چين پھريون ملڪ هو، جيڪو ٽن هزار سالن تائين مختلف بادشاهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ کانپوءِ 1912ع ۾ آزاد ملڪ طور اُڀريو. جيڪڏهن اُڻويھين ۽ ويھين صديءَ جو حِساب لڳايو وڃي تہ باقي سموري دُنيا تي مختلف بادشاهتن جا قبضا هئا، اُنھن ۾ برطانيہ، يورپ جو ’هئبس برگ‘ خاندان، چين جو ’منچو‘ خاندان، زار رُوس، سلطنتِ عثمانيه ۽ مغل سلطنت خاص طور قابلِ ذڪر آهن. اُنھن بادشاهن جو مجموعي طور باقي سڄي دُنيا تي قبضو هو، اُنھن اِنسان ذات جا مذهبَ، ٻوليون ۽ ثقافتون بدلائڻ جو اِختيار اِستعمال ڪيو. برطانيہ ۽ اِسپين جي بادشاهن جون سرحدون ايتريون تہ وسيع هيون، جو اُنھن تان ڪڏهن بہ سج نہ لَھندو هو. برطانيہ جو ڌرتيءَ جي چوٿين حِصي، لڳ ڀڳ 13 ملين چورس ڪلوميٽن تي قبضو هو. هنن 70 کان وڌيڪ موجودہ ملڪن تي قبضا ڪيا. اَهڙيءَ ريت سلطنتِ عثمانيه جا بادشاھہ ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جي موجودہ 43 ملڪن تي قابض ٿيا، ساڳئيءَ ريت مغلن بہ هڪ وسيع ترين سلطنت قائم ڪئي، فقط هندستان ۾ هنن جون سرحدون ڪابل کان بنگال تائين پکڙيل هيون.
اَهڙي ماحول ۾، جڏهن دُنيا جا سمورا ملڪ غلام هجن، جن ۾ سنڌ بہ شامل هئي، اُن اِنتھائي خطرناڪ ۽ گُهٽ ٻُوسٽَ واري دؤر ۾ سنڌ جي عالمن، اَديبن ۽ شاعرن ڪيئن پنھنجو فرض نڀايو، اُهو حيرت ۾ وجهندڙ داستان آهي. مون کي اِجازت ڏِني وڃي تہ محمد عثمان ڏيپلائيءَ تي لِکڻ کان اَڳ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ ۾ ٿيل سياسي واقعن تي روشني وجهان. اُن سان تاريخ جا ڪئين نوان بابَ کولي سگهجن ٿا، اُهو سياسي سفر محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي زندگيءَ تائين جاري رهيو.
جڏهن شاھہ لطيف ڄائو، تڏهن اورنگزيب عالمگير هندستان جو شھنشاھہ هو، سنڌ بہ مغلن جي تابع هئي ۽ سنڌ ۾ ڪلھوڙا حُڪمران هئا. مغلن فارسيءَ کي هندستان جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏِنو، اُن ڪري لازمي هو تہ هند ۽ سنڌ جو عوام فارسي ٻولي سِکي ۽ ڳالھائي. سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ بہ فارسي ٻولي سِکڻ ضروري هو. سنڌ ۾ شاھہ لطيف اُن عمل کي ننديندي هن ريت تبصرو ڪيو: ”جي فارسي سِکيو، گولو توءِ غلام!“ جڏهن تہ مغلن اِهو هُلايو تہ: ”فارسي پڙهسين، گهوڙي چڙهسين.“
شاھہ لطيف جي زندگيءَ ۾ سنڌ تي مغلن کان علاوہ نادر شاھہ ۽ احمد شاھہ اَبداليءَ جو قبضو رهيو، اُهو غلاميءَ جو بدترين دؤر هو. اَهڙي ماحول ۾ آزاديءَ جي ڳالھہ ڪرڻ يا سچ چوڻ قتل کان بہ وڏو ڏوھہ هو. اُن جي باوجود شاھہ لطيف سنڌ جي ماڻھن کي غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ پنھنجي شاعريءَ کي هٿيار طور اِستعمال ڪيو. هن جون هيٺ ڏِنل سِٽون اُن وقت بغاوت جي دائري ۾ آيون ٿي:
• سِسي ڌارَ ڌري، پُڇج پوءِ پريتڻون.
• ڀڳو آءٌ نہ چُئان، ’ماريو‘ تہ وسھان.
• سوري سڏ ڪري، اُڀي عاشقن کي.
• مڙڻ، موٽڻ، ميھڻو.
• سوريءَ چڙهڻ، سيج پَسڻ، اي ڪم عاشقن.
• هيءُ تنين جو ڏيھه، ڪاتي جنين هٿ ۾.
• مُٺ مُٺ سُورن سڀ ڪنھن، مون وٽ وٿاڻا.

سڄڻ ۽ ساڻيھہ، ڪنھن اَڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.

حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺِ مروئن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻَري، اوڀڙ اُڀري ڪِينڪي.

شاھہ جي زندگيءَ ۾ مغل بادشاهن سنڌ جا ٽي حاڪم مارائي ڇڏيا: ميان آدم شاھہ ڪلھوڙو، ميان شاهل محمد ڪلھوڙو ۽ ميان دِين محمد ڪلھوڙو، جيڪي سنڌ ڌرتيءَ کي مغل تسلط کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جدوجھد ڪندا رهيا. اورنگزيب سنڌ جي حاڪم ميان نصير محمد ڪلھوڙي کي گرفتار ڪري، گواليار جي قلعي ۾ قيد رکيو. ميان نصير محمد جي گرفتار ٿيڻ شرط سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ زور وٺي ويئي، سنڌ جو عوام اُڀو ٿي ويو، سنڌ ۾ سَرفروشن ۽ فقيرن جا جٿا تيار ڪيا. اُن تحريڪ جو مرڪز بکر جو چانڊڪا پرڳڻو هو. سَرفروشن کي مغل فوجن سان مھُاڏو اَٽڪائڻ لاءِ ’گوريلا جنگ‘ جي تربيت ڏِني ويئي، اُنھن کيرٿر جبلن ۾ محفوظ پناھہ گاهون جوڙيون. اُن وقت ميان نصير محمد جا فقير ’ميان وال فقير‘ سَڏجڻ لڳا، جيڪي سنڌ جي آزاديءَ جو پيغام کڻي، سنڌ جي ڳوٺن، شھرن ۽ وسندين ۾ پَکڙجي ويا. سڀ فقير پاڻ سان ’سُرندو‘ کڻندا هئا، جيڪو وڄائي ماڻھن جا ميڙ گڏ ڪندا هئا. هر فقير آزاديءَ جو پيغام ڏِيڻ کان اَڳ ماڻھن کي هن ريت مخاطب ٿيندو هو: ”اسان خدا پاڪ جي مدد جا طالب آهيون، جنھن تي اسان جو اِيمان آهي.“
سنڌ جي ماڻھن اُنھن فقيرن جي بي حساب مالي مدد ڪئي. اُنھن فقيرن ۾ هيبت فقير جمالي گهڻو مشھور ٿيو، جنھن جي مزار بدين ضلعي جي ’نندو‘ شھر لڳ آهي. اُن مزار جي سامھون لاتعداد اَهڙن سُورمن جون قبرون آهن، جيڪي سنڌ مٿان سِر ڏيئي، سَرها ٿيا. اَهڙي ئي هڪ مزار بدين جي ڪڍڻ شھر لڳ آهي، جتي لاتعداد اَهڙن جوڌن جون قبرون آهن، جيڪي سنڌ مٿان گهور ٿي ويا. اَفسوس آهي تہ اسان اَهڙن سُورمن کي وساري ڇڏيو آهي. سنڌ سان اِها بہ ويڌن ٿي، جو هتي قابض حُڪمرانن سنڌ جي ماڻھن کي، سنڌ جي تاريخ لِکڻ ۽ پڙهڻ کان بہ روڪي ڇڏيو، اُهو عمل اَڄ تائين جاري آهي. بھرحال مغلن نيٺ تنگ ٿي ميان نصير محمد ڪلھوڙي کي آزاد ڪيو ۽ هو واپس سنڌ موٽي آيو. ميان نصير محمد کانپوءِ مغلن سندس پُٽ دين محمد ڪلھوڙي کي سنڌ جو صوبيدار مقرر ڪرڻ لاءِ شاهي فرمان جاري ڪيو، مگر دين محمد ڪلھوڙي کي مغلن جي غلامي قبول نہ هئي، هن سنڌ کي آزاد ڪرڻ لاءِ جدوجھد جاري رکي ۽ ميان وال فقيرن ۽ سَرفروشن جي تحريڪ کي زور وٺايو. نتيجي طور مغل شھزادو معزالدين، جيڪو ملتان جو گورنر هو. اُهو 1699ع ۾ لاهور کان فوجن جا وڏا اَٽالا وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. ميان دين محمد آڻ مڃڻ بدران مغلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لَٿو. دادو ضلعي ۾ نئن گاج وٽ مغلن ۽ ڪلھوڙن وچ ۾ وڏي جنگ لڳي، جنھن دؤران اَٽڪل سان ميان دين محمد کي گرفتار ڪري، کيس ملتان کڻي ويا، جتي هن کي اَذيتون ڏيئي ماريو ويو، بعد ۾ سندس لاش سنڌ موڪلي ڏِنائون.
جڏهن شاھہ لطيف جي عمر 47 سال هئي، تڏهن ميان نور محمد ڪلھوڙي کي 1736ع ۾ مغلن طرفان سڄيءَ سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو، جڏهن تہ ميان نور محمد، مغل تسلط جي سخت برخلاف هو. سنڌ جي آزاديءَ جا خواب ڏِسڻ وارو ميان نور محمد هنڌين ماڳين سرِعام چوندو هو تہ: ”سنڌ ڌرتيءَ تي اَصل حاڪميت خُدا پاڪ جي آهي، پوءِ اسان جي رسول پاڪ جي، تھان پوءِ اسان جي! مغلن جو سنڌ سان ڪو واسطو ناهي.“
جڏهن شاھہ لطيف 50 ورهين جو هو تہ نادر شاھہ اَفشار سنہ 1739ع ۾ اِيران کان هندستان تي ڪاهي آيو. هن مغلن جا 30 هزار فوجي قتل ڪري، دھل يءَ تي قبضو ڪري ورتو، جتي عام ماڻھن جو قتلام ڪرايو ويو. واپسيءَ تي نادر شاھہ مغل سلطنت جو سمورو شاهي خزانو پاڻ سان کڻي ويو. اُهو خزانو هزارين هاٿين، اُٺن ۽ گهوڙن تي کڻايو ويو، جنھن ۾ تختِ طائوس دُنيا جو سڀ کان قيمتي هِيرو ڪوهِ نور، درياءَ نور ڊائمنڊ، بي حساب سون، چاندي، هِيرا جواهر شامل هئا. ايڏي وڏي پئماني تي ڦُرلُٽ ٿيڻ سبب مغل سلطنت اِن حدَ تائين ڪنگال ٿي ويئي، جو هنن کي فوجين کي پگهار ڏِيڻ جا بہ پئسا نہ بچيا. نادر شاھہ سنڌ تي بہ ڪاھي آيو. هتي وڏي ڦُرلُٽ ۽ تباهي مچائڻ کانپوءِ هو سنڌ جي حاڪم نور محمد ڪلھوڙي جا ٽي پُٽ غلام شاھہ، عطر خان ۽ محمد مرادياب خان اِيران ڏانھن اَغوا ڪري کڻي ويو. ويندي مھل نادر شاھہ، ميان نور محمد ڪلھوڙي کي چيو تہ: ”جيستائين سنڌ ڏَن ڀريندي رهندي، تيستائين تنھنجا پُٽ اِيران ۾ جيئرا رهندا.“ هيءُ اُنھن ڏينھن جو واقعو آهي، جڏهن شاھہ لطيف جي ڄمارَ پنجاھہ سال کن هئي. نادر شاھہ جي حملي سبب سنڌ مغلن جي پنجوڙ مان نڪري اِيران جي تابع ٿي ويئي. فقط اَٺن سالن بعد نادر شاھہ 1747ع ۾ قتل ٿيو، هن جو سِر ڌڙَ کان ڌارَ ڪيو ويو.
نادر شاھہ جي قتل بعد هن جي سلطنت جي وڏي حِصي تي احمد شاھہ اَبداليءَ قبضو ڪري ورتو، جيڪو نادر شاھہ جي هڪ فوجي دَستي جو سالار هو. اِنتھائي خوبصورت هئڻ سبب هن کي نادر شاھہ بيحد ڀائيندو هو. احمد شاھہ اَبداليءَ کي جديد اَفغانستان جو باني چيو وڃي ٿو، جنھن هندستان تي اَٺ ڀيرا ڪاهون ڪيون ۽ اُتي وڏي تباهي مچائي ۽ ڦُرلُٽ ڪئي. احمد شاھہ سنڌ تي قابض ٿيو، اَهڙيءَ ريت سنڌ اِيران جي قبضي مان نڪري، ڪابل جي ماتحت ٿي ويئي. 1748ع ۾ احمد شاھہ (دُراني)، ميان نور محمد ڪلھوڙي کي سنڌ جو حاڪم تسليم ڪيو ۽ کيس ’شاھہ نواز خان‘ جو لقب ڏِنو. اُنھن ئي ڏينھن ۾ ميان نور محمد جا ٽئي پُٽ، جيڪي نادر شاھہ اَغوا ڪري ويو هو، اِيران کان ٿيندا سنڌ پھتا. بھرحال اِهي سمورا واقعا شاھہ لطيف جي زندگيءَ ۾ ٿي گُذريا.
1783ع ۾ اِقتدار ڪلھوڙن کان ٽالپرن ڏانھن منتقل ٿيو، جيڪي لڳ ڀڳ 60 سال سنڌ تي حُڪومت ڪندا رهيا. هنن کي مغلن بدران ڪابل جي حاڪمن کي ڏَن ڏِيڻو پيو. 1843ع ۾ ’اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ‘ جي اَنگريز ملازمن سنڌ تي قبضو ڪيو، هنن سنڌ جي حاڪم مير محمد نصير خان کي عيال سميت ملڪ بدر ڪري، ڪلڪتي ڏانھن رَوانو ڪيو. مير محمد نصير خان سان مير فتح علي خان، مير صوبدار خان ۽ ٻيا ڪيترائي ٽالپر ڪلڪتي ڏانھن دربدر ڪيا ويا. جن ٽالپرن اَنگريز سرڪار سان ٺاھہ ڪيو، اُنھن کي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي زمينون ڏِنيون ويون. هيءُ مغلن جو آخري دؤر هو، جڏهن اَنگريز هندستان جي وڏي حِصي تي قابض ٿي چُڪا هئا.
اَنگريز سنڌ تي هڪ سؤ سالن تائين لڳاتار حُڪومت ڪندا رهيا. نيٺ 1940ع ۾ هي چوٻول ٿيو تہ اَنگريز، هندستان کي آزاد ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. اُن صورتحال غلام قومن ۾ نئون رُوح ڦوڪيو ۽ هر هنڌ آزاديءَ جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون. ’آل اِنڊيا مسلم ليگ‘ 1940ع ۾ هڪ قرارداد پاس ڪري، اَنگريزن کان مطالبو ڪيو تہ هندستان جي جن رياستن ۾ مسلمانن جي اَڪثريت آهي، اُنھن کي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو درجو ڏِنو وڃي. اَهڙيءَ ريت اِها اُميد پيدا ٿي تہ سنڌ بہ هڪ آزاد ملڪ طور دُنيا جي نقشي تي اُڀري اِيندي. واضح رهي تہ سنڌ دُنيا جو قديم ترين ملڪ آهي، جيڪو گُذريل پنج هزار سالن کان هڪ ملڪ طور سُڃاتو وڃي ٿو، جتي دُنيا جي عظيم ترين سنڌو تھذيب جنم ورتو.
اَفسوس اِهو آهي تہ اَڳتي هلي 1940ع واري قرارداد جي معنى ۽ مفھوم کي ڦيرائي ’رياستن‘ بدران ’هڪ رياست‘ جي آزاديءَ جي ڳالھہ ڪئي ويئي، اَهڙيءَ ريت 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. سنڌ ۾ اسان جا اَبا ڏاڏا اُڀُ ڏاريندڙ نعرا هڻندا رهيا تہ ”پاڪستان کپي! پاڪستان وٺي رهنداسين...!!“ اِهي سڀ اِن ڳالھہ کان ناواقف هئا تہ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سنڌ مان لکين هندو سنڌين کي نيڪالي ڏِني ويندي، جن سان اسان صديون گڏ گُذاريون. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ فقط سَتن سالن اَندر ’ون يونٽ‘ ٺاهي، سنڌ جو نالو، سنڌ جو وجود ختم ڪيو ويو، سنڌ جو نانءُ کڻڻ ڏوھہ قرار ڏِنو ويو. اَول هندستان مان آيل نوڪرشاهي ۽ پوءِ پاڪستان جي فوج هن ملڪ جي مالڪ بڻجي ويئي، جن مارشل لا هڻي ٻارڻ ٻاري ڏِنو. اَهڙيءَ طرح اسان اَنگريزن جي غلاميءَ مان نڪري، پنھنجي ئي فوجن جي ورِ چڙهي وياسين.
هي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو دؤر هو. اُن وقت سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لاءِ سنڌ ڏانھن وڏي پئماني تي ڪيتريون ئي هجرتون شروع ٿيون. هندستان کان علاوہ پنجاب، خيبرپختونخواه، آزاد ڪشمير ۽ بنگال کان لَکن جي تعداد ۾ پناهگير سنڌ پھچي ويا. هو اِيندي شرط سنڌ جي اِقتصادي وسيلن تي قابض ٿي ويا، هو سنڌ جي ڪارخانن ۽ ڪاروبار تي ڇانئجي ويا، لَکن جي تعداد ۾ هنن سنڌ ۾ نوڪريون ڪيون.
جڏهن اَنگريزن، ٽالپرن کان اِقتدار کسي، سنڌ ۾ پنھنجي حُڪومت قائم ڪئي، تڏهن هنن پاليسيءَ تحت سنڌي مسلمانن لاءِ تعليم ۽ فوجَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. فوج ۾ گهڻي ڀاڱي فقط پنجاب جي ماڻھن کي کنيو ويو، جن 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ کي ناڪام ڪرڻ ۾ اَنگريزن جو ڀرپور ساٿ ڏِنو. جيئن تہ هند ۽ سنڌ ۾ مسلمانن جون حُڪومتون هيون، اُن ڪري اَنگريزن، مسلمانن جي ذهن مان حُڪمرانيءَ جو خيال ڪڍڻ لاءِ کين مختلف طريقن سان جھالت ۽ غُربت جي آڙاھہ ۾ ڌِڪي ڇڏيو. سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن کي هڪ سؤ سالن دؤران اِن حدَ تائين تعليم کان محروم ڪيو ويو، جو هو ’ڄٽ‘ سَڏجڻ لڳا. جھالت هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جنھن سنڌين کي توهم پرستي، پير پرستي ۽ نام نھاد مُرشدن ڏانھن ڌِڪي ڇڏيو. جڏهن تہ سَچو پير مرشد هئڻ وڏي ڳالھہ آهي، اُهي قابلِ اَحترام آهن، مگر سنڌ ۾ جنھن پيريءَ مرشديءَ پير کوڙيا، اُها وبائي بيمارين کان بہ خطرناڪ ثابت ٿي، سنڌي قومَ ذهني طور مفلوج ٿي، غلاميءَ جون حدون ڇُھڻ لڳي، ڪنڌ جُهڪائڻ، پيرين پوڻ ۽ هر حُڪم جي ’ها‘ ڪرڻ جي سنڌ ۾ عادت وڌي ويئي. سنڌ جا پير مُرشد، برهمڻن کان بہ ٻہ قدم اَڳتي نڪري ويا، هنن حويليون قائم ڪيون، جتي سنڌي عام ماڻھوءَ کي غلام وانگر کٽ تي ويھڻ کان بہ روڪيو ويو.
هڪڙي جھالت، ٻي اِنتھا درجي جي غُربت ۽ ٽين پيري مُريدي، اِنھن ٽنھي هَچائن گڏجي سنڌي قومَ کي وائڙو ۽ ويڳاڻو ڪري ڇڏيو، سنڌين لاءِ هُلايو ويو تہ هو ڏاڍا مھمان نواز آهن، صوفي آهن، هنن کي مونن ۾ مُنھن وجهي، پنھنجن خيالن ۾ گُم ٿي وڃڻ گُهرجي. اِن اِنتھائي خطرناڪ صورتحال کي ڏاڍي ڏُکَ ۽ شِدت سان جن عالمن محسوس ڪيو، اُنھن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو سَرِفھرست اَچي ٿو.
هن شخص سنڌ مان جھالت ختم ڪرڻ ۽ نام نھاد پيري مُرشديءَ جو زور ٽوڙڻ لاءِ هڪ وڏي قلمي جنگ جوٽي. هن هڪٻئي پُٺيان ڪيترائي ڪتاب لِکيا، جن سڄيءَ سنڌ ۾ ڌُم مَچائي ڏِني. سنڌي ماڻھو علم حاصل ڪن، پنھنجا پُٽ ۽ نياڻيون پڙهائين، اِن ڳالھہ کي ڏيپلائي صاحب هڪ وڏي مِشن طور کنيو. هن لڳ ڀڳ ٻہ سؤ ڪتاب لِکيا، جن مان ڪيترائي سرڪار ضبط ڪيا ۽ کيس ڪئين ڀيرا جيل موڪليو ويو.
سنڌ جو هي مرد مجاهد 1908ع ۾ پيدا ٿيو، تڏهن سنڌ تي اَنگريزن جي حُڪومت هئي. هن ننڍيءَ ڄمار ۾ لِکڻ شروع ڪيو. سنڌي قومَ کي اُٿارڻ ۽ ذهني غلاميءَ کان آجو ڪرڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب لِکڻ جون سموريون صنفون هٿيار طور اِستعمال ڪيون. هن قرآن شريف جي آيتن جو سَھارو ورتو، سِيرتِ رسولصہ ۽ حديثن جا حوالا ڏِنا، خليفن جا قولَ لِکيا، اِسلامي جنگين جا اَحوالَ ڏِنا، شاھہ لطيف جا بيت اِستعمال ڪيا. اُن کانپوءِ پنھنجا ڪتاب زوريءَ سنڌين کي پڙهائڻ لاءِ هن درويش صفت اِنسان، عشق محبت جا داستان، اَفسانا، ناول ۽ تاريخي دلچسپ قِصا لِکيا. اُنھن سڀني لِکڻين ۾ گُهمائي ڦيرائي هيءَ ڳالھہ وري وري ورجائيندو هو تہ سنڌين کي ذهني غلاميءَ مان نڪرڻ گُهرجي، جنھن جو واحد ذريعو تعليم آهي. هن جي لِکڻين مان ظاهري طور اِيئن لَڳندو هو، ڄڻ تہ هي شخص ڪو مُلا، مولوي يا اِسلام جو ڪو وڏو داعي آهي، جڏهن تہ هي مرد مجاهد اِسلام جو داعي هئڻ سان گڏ سنڌي عوامَ جي حقن جو وڏو علمبردار ۽ سنڌ جو مُحسن هو.
ڏيپلائي صاحب ٻين ڪيترن ئي ڪتابن کان علاوہ ڪمال اتاترڪ تي بہ ڪتاب لِکيو، جنھن ترڪيءَ کي آزادي ڏِياري. پھرين عالمي جنگ کانپوءِ 1922ع ۾ سلطنتِ عثمانيه جو خاتمو ٿي ويو، جن اَٺ سؤ سال ايشيا، يورپ ۽ آفريقا جي وسيع علائقن تي حاڪمت ڪئي. سلطنتِ عثمانيه ختم ٿيڻ شرط ترڪيءَ تي يورپي ملڪن جو قبضو ٿي ويو. ڪمال اَتاترڪ باقاعدہ جنگ ڪري ترڪيءَ کي آزاد ڪرايو ۽ هتان مُلائيت جو خاتمو آندو. ڏيپلائي صاحب اُهو ڪتاب ڏاڍو جذباتي اَنداز ۾ لِکيو، جنھن کي پڙهڻ سان لڱ ڪانڊارجي ٿي ويا. اِيئن محسوس ٿيندو هو تہ ڄڻ ڏيپلائي صاحب بارگاھہ خُداونديءَ ۾ اِها دُعا گُهرندو هجي تہ شال سنڌ ۾ بہ ڪو ڪمال اَتاترڪ پيدا ٿئي، جيڪو سنڌين کي مُلائيت ۽ ذهني غلاميءَ کان نِجات ڏِياري.
ڏيپلائي صاحب ’سانگهڙ‘ ناول لِکيو، جيڪو سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد جو هڪ لازوال داستان آهي. اُن جدوجھد جو مرڪزي ڪردار پير پاڳارو سيد صِبغت ﷲ شاھہ راشدي هو. ڏيپلائي صاحب اُهو ناول لِکي، سنڌ جي هڪ ’وڏي پير مرشد‘ جي عظمت کي سلام پيش ڪيو، جنھن سنڌ کي اَنگريزن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ’حُر تحريڪ‘ جو بُنياد وِڌو. اُن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ 1940ع ڌاري اَنگريز سنڌ تي ڪڙڪي پيا، نيٺ اَنگريزن ۽ سنڌين وچ ۾ خون ريز جنگ لڳي. اَنگريزن کي مارشل لا هڻڻ کان علاوہ آزاديءَ جي متوالن کي مُنھن ڏِيڻ لاءِ هندستان کان وڏيون فوجون ۽ جنگي هوائي جھاز گُهرائڻا پيا. اَنگريزن ’حُر ايڪٽ‘ پاس ڪري، سڀني حُرن کي قابلِ قتل قرار ڏيئي ڇڏيو. فوجَ ۽ پوليس کي حُڪم ڏِنو ويو تہ جتي بہ حُر مجاهد مِلي، اُتي جو اُتي هن کي قتل ڪيو وڃي. ‘آزادي يا موت‘ حُر مجاهد هنڌين ماڳين اِهو نعرو هڻندا رهيا. سانگهڙ کان خيرپور ميرس تائين سنڌ جو وسيع علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، اَنگريزن سان ويڙھہ کائيندڙ آزاديءَ جي متوالن سانگهڙ جي ’مُکي ٻيلي‘ کي پناھہ گاھہ طور اِستعمال ڪيو. اَنگريزن خيرپور ميرس ۾ پير صاحب جي درگاھہ ۽ ’گڙنگ بنگلي‘ کي بم هڻي تباھہ ڪري ڇڏيو، جواب ۾ حُر مجاهدن 1942ع ۾ ’لاهور ميل‘ ريل گاڏي ڪيرائڻ سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ٿاڻن ۽ سرڪاري عمارتن کي ڊاهي وِڌو. هنن اَنگريزن جي ٽيليگراف ۽ آبپاشي نظام کي بہ ناڪارہ ڪيو. اَنگريز، پير صاحب پاڳاري کي گرفتار ڪري هندستان ڏانھن کڻي ويا، جتي هن کي ’سيوني جيل‘ (مڌيا پرديش رياست) ۾ قيد رکيو ويو.
سنڌ ۾ اَنگريزن هزارين حُرن کي عيال سميت گرفتار ڪيو، کين سخت اَذيتون ڏِنيون ۽ بُکَ ماريو. اِن صورتحال جي باوجود سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ ڏينھون ڏينھن زور وٺندي ويئي. اُن جنگ دؤران ڪيترائي اَهڙا موقعا آيا، جڏهن سنڌ جون عورتون، جن ڪڏهن گهر کان ٻاهر قدم نہ رکيو هو، اُهي اَنگريزن خلاف هٿيار تاڻي بِيٺيون، هنن بھادريءَ جا اُهي ڪارناما سَراَنجام ڏِنا، جن جا تاريخ ۾ ڪي ورلي مثال مِلن ٿا.اُن وقت سنڌ جا ٻيا پير، مير ۽ وڏيرا اَنگريزن کان خوف کائڻ بدران جيڪڏهن اِن جنگ ۾ حِصو وٺن ها تہ نہ فقط سنڌ، بلڪہ سموري برِصغير جي تاريخ بنھہ مختلف هجي ها.
بھرحال جنوري 1943ع ۾ اَنگريز، پير صاحب پاڳاري کي هندستان کان واپس سنڌ کڻي آيا، جتي کيس ٽن مھينن بعد 20 مارچ 1943ع تي ’سينٽرل جيل، حيدرآباد‘ ۾ ڦاهي ڏيئي، لاش گُم ڪري ڇڏيائيون. ڦاهي ڏِيڻ کان اَڳ پير صاحب کي ڪيترائي ڀيرا اَنگريزن سمجهايو تہ سندس جان بخشي ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن هو آزاديءَ جي جنگ روڪڻ لاءِ حُر مجاهدن کي حُڪم جاري ڪري. اَنگريزن کي يقين هو تہ حُر مجاهد ڪڏهن بہ پير صاحب جي حُڪم جي نافرماني نہ ڪندا. مگر پير صاحب پاڻ بہ اُهو ئي نعرو هنيو: ”آزادي يا موت“ ۽ هو ڦُوھہ جوانيءَ ۾ ڦاسي چڙهي ويو. نيٺ اَهڙو نعرو ورجائڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب ’سانگهڙ‘ ناول لِکيو.
ڏيپلائي صاحب سنڌ جا سُورَ کڻي 1981ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مون کي فخر آهي تہ ڏيپلائي صاحب منھنجو دوست هو، جيتوڻيڪ اسان ۾ عمر جو وڏو تفاوت هو، اُن جي باوجود اسان ’هم خيال‘ هئاسين. مون کي سنڌ جي هن مُحسن جو مُسڪرائيندڙ ۽ شفقت ڀريو چھرو اَڄ بہ ياد آهي. مون هي مضمون سندس سُلڇڻي ۽ سَدوري پُٽ محمد علي ڏيپلائيءَ جي حُڪم تي لِکيو آهي. مون کي اَفسوس آهي تہ سنڌ جي نئين نسل هن مرد مجاهد کي وساري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ اَڄ تعليم جي حاصلات لاءِ جيڪو شعور پيدا ٿيو آهي، اُن لاءِ ڏيپلائي صاحب ’مشعلِ راھہ‘ جو ڪردار اَدا ڪيو، هن جھالت، مُلائيت ۽ غربت خلاف سڄي عمر جنگ جوٽي، سنڌين کي پاڻ سُڃاڻڻ، پاڻ ملھائڻ ۽ وڃايل عظمت، شان ۽ مان کي موٽائڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب پنھنجي قلم کي تلوار کان بہ تيز وَهايو. هو شاھہ جي اِها سِٽ بہ لڳاتار ورجائيندو رهيو تہ:
”وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺلَ ڪُوڪاري.“
ڏيپلائي صاحب اِن ڳالھہ تي سڄي عمر حيران ۽ پريشان رهيو تہ سنڌ ۾ ڇو وڍيل وايون نہ ٿي ڪري ۽ نہ ئي ڪُٺل ڪُوڪاري ٿي. سنڌين کي ڇو ماٺِ لڳي ويئي آهي. هتي سڀئي هادي، حاذق، ويڄ، طبيب اِن مامري تي مُنجهيل آهن، سنڌ مٿان اُڀرندڙ سج، چنڊ، تارا، هتي هلندڙ هوائون، برپٽ، بيابان، جبل، صحرا، سمنڊ، سنڌوءَ جون ڇَم ڇَم ڪندڙ ڇوليون، ڇرڪَ ڀري پُڇن ٿيون، ڇو سنڌ ۾ وڍيل وايون نہ ٿي ڪري، ڇو هتي ڪُٺل نہ ٿي ڪُوڪاري!

ڏاها ڏاتِ ڌڻي، ڪھڙي واٽَ ويا،

اَڄ وري اُنھن جا، پُورَ مون پيا.
ڪھڙي واٽَ ويا؟

مُور نہ گُهرجن مون، ٻيلي ڏَسَ ٻيا.
ڪھڙي واٽَ ويا؟

سَبق ڏيئي سَچَ جو، سي ٿانيڪا ٿيا.
ڪھڙي واٽَ ويا؟

اَچن شال اَڱڻ تي، ’يوسف‘ آسَ اِيا.
ڪھڙي واٽَ ويا؟

(يوسف شاهين)