مولوي عبدالحق رَبانيءَ جو اِنٽرويو
سوال: سوشلزم ۽ موجودہ ’نظامِ مصطفى صہ‘ ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ مجموعي طور ٻئي پارٽيون ’اِسلام اِسلام‘ ڪري رهيون آهن، اُن ڪري ماڻھن ۾ ڪي قدر مونجهارو آهي. اوهان هڪ عالمِ دين جي حيثيت ۾ اِن معاملي جي وضاحت ڪندا؟
جواب: بابا! ’نظامِ مصطفى صہ‘ بابت تہ تون وڃي اُنھن کان پُڇ، جيڪي اِهو نعرو هڻي رهيا آهن. اسان تہ زندگيءَ ۾ اِهو لفظ ڪڏهن بہ نہ اِستعمال ڪيو. اسان سوشلزم جي ڳالھہ ڪئي هئي، اُهو سوشلزم، جيڪو اسان کي اسان جي اُستادن مولانا عبيدﷲ سنڌي، شيخ الھند محمود الحسنرح ۽ شاھہ ولي ﷲ جن سيکاريو. ڀُٽي صاحب جنھن سوشلزم جي ڳالھہ ڪئي، اُها اسان جي پنھنجي ڳالھہ هئي. سوڊان جي ’جنرل نميريءَ‘ کان پُڇيو ويو تہ تون ڪھڙي سوشلزم جي ڳالھہ ٿو ڪرين؟ تہ هن چيو: ”آءٌ ’سوڊاني سوشلزم‘ جو حامي آهيان، يعني اَهڙو سوشلزم، جيڪو سوڊان جي حالتن ۽ ضرورتن مطابق ٺھڪي اَچي.“ اسان بہ پنھنجي ملڪ جي حالتن ۽ ضرورتن مطابق سوشلزم جو نعرو هنيو هو. توهان ڏِسو تہ چِين ۽ رُوسَ سوشلزم جون جدا جدا صورتون آهن، ڇاڪاڻ تہ اُنھن ٻنھي ملڪن جون حالتون ۽ جاگرافيائي ضرورتون جدا جدا آهن. جيتري قدر مون سمجهيو آهي تہ سوشلزم جي معنى ’اِجتماعيت ۽ اِنصاف‘ آهي. اِهي اِنصاف جا بُنيادي اُصول آهن، جن کي چِين ۽ رُوسَ وارن قبول ڪيو آهي. اِها ٻي ڳالھہ آهي تہ هنن اِسلام جي فقط چند اُصولن کي قبوليو آهي. اِسلام عدل، اِنصاف ۽ حق تي بِيٺل معاشري جو مطالبو ڪري ٿو، دولت کي هڪ هنڌ جمع ڪرڻ جي اِسلام سخت مخالفت ڪري ٿو. قرآن شريف ۾ اَهڙي قِسم جون واضح هدايتون مِليل آهن. بھرحال هر ڳالھہ جي حدَ ٿيڻ گُهرجي.
سوال: پي. اين. اي طرفان جنھن ’نظامِ مصطفى صہ‘ آڻڻ بابت ڳالھيون ڪيون وڃن ٿيون، اُن سلسلي ۾ آءٌ اوهان جا تاثرات معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو. عام تاثر اِهو آهي تہ پي. اين. اي حُڪومت اَچڻ کانپوءِ سَرمائيداري وڌيڪ زور وٺندي. توهان ڇاٿا سمجهو تہ هو ڪھڙي قِسم جو نظام آڻي رهيا آهن؟
جواب: اسان کي خبر نہ آهي تہ هو ڪھڙو نظام آڻڻ ٿا چاهين ۽ اِها ڪھڙي قِسم جي قوالي آهي، آءٌ ٻين لاءِ شاهدي ڇو ڏِيان؟ توهان اُنھن کان پُڇو؟ جن اِهو نئون اِصطلاح ڪڍيو آهي. باقي هو ’نظامِ مصطفى صہ‘ آڻيندا يا نہ، اِها ڳالھہ تہ توهان بہ چڱيءَ طرح سمجهو ٿا، رُڳو اَچي ذاڪر گڏ ٿيا آهن. هونئن ’نظامِ مصطفى صہ‘ جو جيڪو نعرو هنيو ٿو وڃي، اُهو مُبھم آهي، ماڻھن کي اَجايو دوکو ڏِنو پيو وڃي، هنن وٽ ڪا حقيقت ڪانھي، ڪو پروگرام ڪونھي. اوهان مون کي ٻُڌايو تہ ٺيڪيدارن ڪڏهن صحيح ڪم ڪيو آهي؟ اِهي آهن اِسلام جا ٺيڪيدار! اِسلام توهان جو بہ آهي تہ منھنجو بہ ۽ پنھنجي شئي ڪڏهن بہ ٺيڪي تي نہ ڏِبي آهي. هي وڏا فساد پيدا ڪندا. هينئر ريڊيو ۽ ٽي. وي تان ٻانگ ڏِياري وڃي ٿي، شيعا چون ٿا تہ اسان جي بہ ٻانگ ريڊيو، ٽي.وي تان اَچڻ گُهرجي. اَهڙيءَ طرح ماڻھو پنھنجن اَصل مسئلن کي ڇڏي، مذهبي اَختلافن ۾ مُنجهي پوندا، پوءِ هي ملڪ آکاڙو بڻجي پوندو. مذهب آهي عدل ۽ اِنصاف لاءِ، اِسلام سڀني مذهب وارن جي حِفاظت ۽ عبادت جي سلامتيءَ جو يقين ڏِياري ٿو. ’نظامِ مصطفى صہ‘ يا مساواتِ محمديصہ جو نعرو پي. اين. اي وارا بہ هڻن پيا تہ ڀُٽو صاحب بہ هڻي پيو. حالانڪہ مسٽر ڀُٽي جي پويان ماڻھو مذهب جي ڪري ڪونہ لڳا، ماڻھن پنھنجا اَصل مسئلا حل ڪرڻ گُهريا ٿي. اَگر ماڻھن کي اِسلام گُهربو هو تہ ڀُٽي بجاءِ مولانا مفتي محمود يا شاھہ احمد نورانيءَ پويان لڳن ها، جيڪي مذهب جي وڌيڪ ويجهو آهن. اَصل ڳالھہ اِها آهي تہ هن وقت ٻئي ڌُريون سرمائيدارن کي بَچائڻ لاءِ اِسلام جو نعرو هڻي رهيون آهن. ڀُٽي صاحب سوشلزم جو نعرو غريبن کي بَچائڻ لاءِ هنيو، پر بَچايائين سَرمائيدارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي. سَرمائيدارن ۽ وڏيرن پاڻ کي بَچائڻ لاءِ هن کان اَڳ ’اِسلامي سوشلزم‘ جو نعرو هنيو ۽ هاڻ ’نظامِ مصطفى صہ‘ جي ڳالھہ پيا ڪن ۽ چون ٿا تہ اِسلام خطري ۾ آهي. اَڙي بابا! اِسلام خطري ۾ ڪِٿان آيو؟ اِسلام دائمي مذهب آهي. اُهي مذهب، جيڪي دُنيا جي بدلجندڙ حالتن کي مُنھن نہ ڏئي سگهيا، اُهي ختم ٿي ويا، مگر اِسلام ۾ هر دؤر جي حالتن کي مُنھن ڏِيڻ جي سگهہ آهي. ڪِن دوستن مون کان پُڇيو تہ ڀُٽو صاحب جي ’سوشلزم‘ لاءِ نيت ٺيڪ نہ هئي تہ پوءِ مولوي صاحب اوهان جھڙو ماڻھو بہ دوکو کائي ويو. اُن تي مون جواب ڏِنو: بابا! اَسين سنڌي ماڻھو قَسم تي اَعتبار ڪرڻ وارا آهيون. ڀُٽي صاحب ايترا قسم کنيا، جو اسان کي يقين اَچي ويو. هن چيو تہ آءٌ غريبن جو همدرد آهيان، مسڪينن جو ساٿ ڏيندس، سرمائيدان کي لَتون هڻي، ڪڍي ڇڏيندس، ختم ڪري ڇڏيندس. مگر توهان ڏِٺو تہ هن غريبن کي پيڙهيو ۽ سرمائيدارن ۽ وڏيرن کي بَچايو، بلڪہ وڌيڪ طاقتور ڪيو.
سوال: توهان اِن سلسلي ۾ ڀُٽي صاحب سان ڪڏهن اَحتجاج ڪيو؟
جواب: بلڪل! مون ٽنڊي اَلھيار ۽ هالا ڪنوينشن ۾ سوالَ اُٿاريا. صرف ٽن ماڻھن هالا ڪنوينشن ۾ ڳالھايو، مون، معراج محمد خان ۽ مير علي احمد ٽالپر. ڀُٽي صاحب اُن جو جواب بہ ڏِنو، مگر حالت اِها هئي، جو ڀُٽي صاحب جو رابطو فقط چاپلوس ماڻھن سان وڃي بَچيو، اسان کي تہ مِلڻ بہ نہ ڏِنو ويندو هو.
سوال: اوهان جي خيال ۾ سنڌ جا هن وقت سڀ کان اَهم مسئلا ڪھڙا آهن؟
جواب: سنڌ جو هاري ۽ غريب عوام هن وقت سڀ کان وڌيڪ مجبور ۽ بيوس آهي. وڏيرن، پيرن، مُرشدن ۽ ڪامورن، سنڌ جي غريبن ۽ هارين کي پيڙهي ڇڏيو آهي. جيستائين وڏيرن، پيرن، مرشدن ۽ ڪامورن کان سنڌ جي ماڻھن کي نجات نہ مِلندي، تيستائين غريبن جو ڪو سَھارو نہ آهي. اسان کي آسرو هو تہ ڀُٽو صاحب غريبن کي اُن مصيبت مان نجات ڏِياريندو، مگر ڀُٽو بہ غريبن کي نہ ڇڏائي سگهيو.
ٻيو مسئلو آهي تہ اسان جي سنڌين کي هنر، واپار ۽ صنعت کان پري رکيو ويو آهي. سنڌ جو نعرو تہ سڀ هڻن ٿا، مگر سنڌين کي هنر، واپار، صنعتن ۽ ٻين فني ميدانن ۾ آڻڻ لاءِ ڪنھن بہ ڪم نہ ڪيو. اُن کانسواءِ سنڌين کي مھاجرن کان جيڪو ڊيڄاريو پيو وڃي، اِهو بہ ٺيڪ نہ آهي. سنڌين کي اُهو جيڪو ’ڊيڄڙو‘ بَڇيو ويو آهي، اُهو جيستائين ختم نہ ڪيو ويندو، تيستائين سنڌ ترقي نہ ڪندي. مون کي تہ تعجب آهي، جو جنھن قومَ کي لَتاڙبو آهي تہ اُها وڌيڪ مضبوط ٿي اُڀرندي آهي، مگر اسان فقط رَڙيون ڪندا ٿا رهون. سنڌين کي ڪير سمجهائي تہ لاهَہ نڪرڻ کانپوءِ ئي پوک ٿيندي آهي ۽ اَسين سنڌي اُن مرحلي مان گُذري رهيا آهيون.
سوال: آخري سوال، اِسلام جي روشنيءَ ۾ ڪجهہ عورت جي آزاديءَ بابت پُڇڻ چاهيان ٿو؟
جواب: بابا! ٻھراڙين ۾ عورت تہ اَڄ بہ آزاد آهي. هوءَ پيٽَ لاءِ ڪم ڪري ٿي، ٻَچن لاءِ پورهيو ڪري ٿي، حلال جي روزي ڪمائي ٿي. باقي شھرن ۾ جيڪا آزادي آهي، اُها فقط هارَ سِينگارَ ۽ ميڪ اَپ ڪرڻ لاءِ آهي، اُها بہ آزادي ٿي؟ مگر اسان کي اُها آزادي نہ کپي. (کِلندي) توهان کي ڀلي منھنجي اِها ڳالھہ نہ وڻي.
( هي اِنٽرويو يوسف شاهين جو ورتل آهي، جيڪو ماهوار ’برسات‘ جي شماري 8/9، 1977ع ۾ ڇپيو)
